شخصيتون ۽ خاڪا

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.
هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
Title Cover of book سراج:  سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

اچو ته سراج صاحب جي زندگيءَ کي ملهايون : ڊاڪٽر ايوب شيخ

24 آڪٽوبر 1933ع کان 02-فيبروري 2013ع تائين جا 79 ورهيه جيڪي سنڌ جي محنتي سڄاڻ ۽ سنڌ دوست دانشور ۽ ٻوليءَ جي ماهر ۽ ايڊيٽر محترم سراج الحق ميمڻ گذاريا آهن. سي قيمتي ۽ املهه آهين. انهن ۾ ندامت ۽ پريشاني ڪانهي. انهن ۾ اورچائي ۽ مڙس ٿي بيهڻ جي ڳالهه موجود آهي. انهن ورهين ۾ سندن پاران جيڪا محنت ڪئي ويئي. جيڪي ڪتاب لکيا ويا. جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا ويا. جيئن هلال پاڪستان جي ايڊيٽري ڪئي، ڪالم لکيا، ڪيئي اديب پيدا ڪيا، ڪيترن کي سهارو ڏنو ۽ انهن ڳالهين سان گڏ وڏي ڳالهه ته روشن خيال، ترقي پسند ۽ سنڌ دوست ۽ جمهوريت پسند دانشور طور پنهنجي زندگي گذاري ۽ آخري دم تائين ايمان جي حد تائين روشن خيالي کي پُٺي نه ڏني. اهڙي املهه ماڻڪ جي حياتيءَ کان پوءِ ڏک بدران اهڙي حياتي گذارڻ تي خوشي ڪجي ۽ اهڙي سورمي جي حياتيءَ کي ملهائڻ گهرجي.
سراج صاحب ٽنڊي ڄام ۾ ڄائو ته وقت جي جوتشين ان دور جي پوليس وارن، ميرن ۽ پيرن کي خبردار ڪيو ته سندن علائقي ۾ اهڙو شخص پيدا ٿيو آهي جيڪو عورتن جي تعليم جو حامي آهي، جيڪو سندن ڪُند ذهن روايتن جو مخالف آهي. جيڪو انگريزن ۽ انهن جي آپيشاهين جي خلاف آهي. اهڙي دور ۾ جڏهن سنڌ انگريزن توڙي بمبئي وٽ گروي ٿيل هئي. ٽنڊو ڄام هڪڙو ڳوٺ هو. جناب سراج اهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيو هو جتي علم بدران جوتشين وسيلي زندگيءَ جا دڳ ڳوليا ويندا هئا. پر هن جي لاءِ وڏو سهارو سندس والد جناب محمد يقوب ميمڻ، جيڪو پاڻ تعليم جي شعبي سان راڳيل هجڻ ڪري فارسي جو ماهر هو ۽ هن پاڻ ايران جي مشهور شاعر ”حافظ شيرازي“ جي ڪُل دانش مايا ”ديوان حافظ“ جو ترجمو ڪيو هو، سراج صاحب ننڍي هوندي والد جي تربيت ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن پنهنجو تخلص رکيو ”بسمل“ (مئل) * ان تخلص يا قلمي نالي مان ئي ان زماني جي تصوير جا نقش سندس ذهن تي موجود ڏسي سگهجن ٿا. سراج صاحب 19ورهين جي ڄمار ۾ننڍي کنڊ جي مشهور اديب ڪرشن چندر جو ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“ جو ترجمو جناب محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي چوڻ تي ڪيو هو. ان ڪتاب تي پڻ سنڌيڪار جو نالو “سراج الحق بسمل“ لکيل آهي هڪ ڏينهن سراج صاحب جي تخلص تي سندس والد صاحب اعتراض واريندي چيو هو ته ”جيئرن کي مئل نه هجڻ گهرجي“.
مسٽر يعقوب ميمڻ صاحب کي ڇهه پٽ ۽ پنج نياڻيون ٿيون گهر ۾ مسئلو پٽن جو نه پر نياڻين جي تعليم جو پيدا ٿيو. مائٽن ۾ شور اٿيو. روايتن جا ”امين“ ۽ ”روايت شڪن“ اٽڪي پيا. محمد يعقوب ميمڻ سراج صاحب جي تعليم کي ڳوٺ ۾ پورو ڪرائي پنهنجي پنجن نياڻين جي تعليم ۾ جهنڊو اوچو ڪيو. چوڌاري رڙ پئجي ويئي هڪ ڏينهن سراج صاحب پنهنجين ڀينرن سان گڏجي نياڻين ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ پنهنجي جنم ڀومي، ڳوٺ ۽ لڳ لاڳاپا ٽوڙي حيدرآباد پهتو. انهن نياڻين مان ٻن کان اوهان واقف آهيو. جن ۾ هڪ ادي ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻي انيسه حسين آهي.
نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.اي (آنرس) ايم. اي ۽ ايل.ايل.بي ڪيائين. اها تعليم پڙهي هن سنڌي ادبي بورڊ ۾ پهرين نوڪري 1953ع ۾ ڪئي. اتي ئي ٻن سالن کان پوءِ 1955ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ”ون يونٽ“ جي ڪري سنڌ جو هاڪارو رسالو ”مهراڻ“ وڏي ڏچي ۾ اچي ويو. اهڙين حالتن ۾هن وڌيڪ پڙهڻ جو خيال ڪيو.
1957ع م سي ايس ايس جي امتحان ۾ سندس زباني امتحان دوران هڪ ڄڻي کانئس پڇيو هيو ته ”سرڪار ماڻهن کي ڪنهن جلوس خلاف ڇڙوڇڙ ڪري ته هو انهن تي ايڪشن کڻندو؟ ”تنهن جي جواب ۾ هن چيو هو ته ”سنڌ خلاف هو ڪو به ڪم ڪري نه سگهندو“ سي ايس ايس جو چٽا ڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جنرل يحى جي زماني ۾ هن جي ”سراسري هلت“ ون يونٽ انتظاميا جي حق ۾ نه هئي. تنهنڪري هو آفيسرن جي لاٽ ۾ جبري طور رٽائر ڪيو ويو سنڌ جا آفيسر مختلف ڪچهرين ۾ ان ايڪشن کي Three knot Three (303) جي اصطلاح سان ياد ڪندا آهن وري اچي ساڳي ڊگري سان انڪم ٽئڪس جي وڪالت شروع ڪيائين.
سراج صاحب جي زبردست زندگيءَ جو هڪ نئون باب جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاران جاري ڪيل اخبار ”هلال پاڪستان“ سان شروع ٿيو، جنهن ۾ هو پاڻ ايڊيٽر هو صحافت جي ان دور ۾ هن ”اخبار“ کي ”عوام“ سان ڳنڍي عوام جي حالتن، فتحن، شڪستن، ترقين ۽ شعور جي زبردست تصوير پيش ڪئي. هن پنهنجي ڀائٽي غفران ميمڻ جي تربيت ڪئي، جيڪو ننڍي هوندي ”غفران عاقلاڻي“ سڏائيندو هيو تنهن سنڌي ٻارڙن لاءِ شاندار رسالو ”گلن جهڙا ٻارڙا“ جاري ڪيو هو، ان رسالي جي ڪري سنڌ ۾ قومي ۽ سياسي ڪارڪنن جو هڪ وڏو لشڪر تيار ٿيو هو. ڪتابن پڙهڻ، تقريرن ڪرڻ ۽ مقابلي جو لاڙو وڌيو هيو.
1977ع ۾ جنرل ضيا پنهنجي پوري مڪروهيت سان ڪاهي آيو. جمهوريت جا تختا اونڌا ڪري هن جناب ڀٽي پاران جيڪا شعور واڌ ٿي هئي. جيڪو به درسي ۽ غير تدريسي علم وڌيو هو، تنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اخبارن، يونيورسٽين، سياست ۽ سوچڻ تي بندش وجهي ڇڏي. جنرل ضيا الحق اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي حمايت ۾ اهي جٿا تيار ڪيا جيڪي جمهوريت، يونيورسٽين، سياست ۽ سوچڻ جي خلاف هئا. ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ جي شاگرد تنظيمن جتي ”مقابلي ۽ دليل“ جو ميدان حاوي هوندو هو، اتي ”جهيڙن“ ۽ ”غنڊه گردي“ واسو ڪيو. عوام پاڻ وڙهيل هجي ته آمريت جي ان کان وڏي ٻي ڪهڙي خدمت ٿي سگهي ٿي! اهڙي حالت ۾ سراج صاحب فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏئي واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي آخري دم تائين ان سان واڳيل رهيو.
ادبي خدمتون: سراج صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1961ع ۾ ”اي درد هلي آءُ“ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ”اٺون ماڻهو“ 1985ع ۾ شايع ٿيو.
”اٺون ماڻهو“ ايم آر ڊي تحريڪ جي پس منظر ۾ هڪ شاندار لِکي ويندڙ ڪهاڻي آهي.هن جو پهريون ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ 1979ع ۾ ڇپيو. اهو ناول ضيا دور ۾ اچڻ ڪري پرڏيهي قبضن جي ڳالهه هوندي به ان جو اثر مڪاني پيو هيو. اصل ۾ ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي ناول ۾ لکڻ آهي. ٻيو ناول ”مرڻ مون سين آءُ“ 1988ع ۾ ڇپيو ان کان سواءِ ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ سندس اهم ناول آهن. ٻوليءَ جي حوالي سان سندس اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ 1964ع ۾ ڇپيو.
جديد سنڌي ادب ۾ سراج صاحب سنڌي ٻوليءَ جو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. هڪ سنڌيڪار جي حيثيت ۾ مٿي ڪرشن چندر جي ناول جي ترجمي جو ذڪر آيو آهي. ان کانسواءِ ترجمن ۾ چونڊ ”آمريڪي افسانا“، ۽ ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. هن جي ڪالمن ۾ ”رتيءَ جي رهاڻ“، ۽ ”ملان جي ڊوڙ“ ۽ جاڳو اخبار ۾ ”سياسي منظر نامو“ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. هن شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ”ڪراچي“ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ٻه ڪتاب 1. History of Sindhi Language ، 2. پنهنجي آتم ڪهاڻي Biography of an unknown Sindhi لکي مڪمل ڪيا.

[b] ڪجهه يادون:
[/b]اسان سراج صاحب کي 1980ع ۾ روبرو ڏٺو هو. جڏهن هن قنبر ۾ ”جشن لطيف“ جي پروگرام ۾ صدارت ڪئي هئي. هن شاهه لطيف تي پنهنجي عاليشان تقرير ڪئي هئي. هن عورتن جي سجاڳيءَ تي خاص ڳالهيون ڪيون هيون.
محترمه بينظير ڀٽو صاحبه (پنهنجي آخري جلاوطنيءَ کان اڳ) آخري اجلاس سراج صاحب جي گهر ۾ ڪيو هو. جنهن ۾ ناميارا ماڻهو موجود هيا. انهن ۾، جناب ايم ايڇ پنهور، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، آپا شمس، محترم محمد ابراهيم جويو، سيد نويد قمر، سراج صاحب، اعجاز قريشي، مشتاق ميراڻي ۽ ٻيا موجود هئا.
سراج صاحب پنهنجي ڄمار جي آخري شرڪت آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ 31جولاءِ 2012ع تي سنڌ جي هڪ ٻئي يگاني اديب شمشير الحيدريءَ جي مرتئي تي ”ادبي ريفرنس“ ۾صدارت طور ڪئي هئي. هن کي صدارتي خطبو ڏيڻو هو، پر شمشير جي ياد ۾ هن جو هانءُ هن سان گڏ نه هلي سگهيو. مون کي اسٽيج تي سڏيندي چيائين: ”آئون ڳالهائي نه سگهندس، ڳالهائيندس ته روئي پوندس، روئڻ نه ٿو چاهيان، آئون بس شمشير تي ماڻهن جا رايا ٻڌي رهيو آهيان.“
گذريل سال فيبروري 2012ع ۾ جاويد سومرو ۽ مان سراج صاحب جي آفيس ۾ وياسين. جاويد کين پنهنجو ناول ”فاتح مرڪ“ ڏيئي عرض ڪيو ته هو اچن ۽ پنهنجي راءِ ڏين، ان وچ ۾ ڦڦڙ جي ڪئنسر سبب سراج صاحب کي انڊيا وڃڻو پيو، جنهن ڪري هو نه اچي سگهيا.
ٻه مهينا اڳ، آئون سندن گهر ملڻ ويس. مون کي ڪرشن چندر جو اهو ساڳيو 1952ع ۾شايع ٿيل ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ جي فوٽو ڪاپي ڏنائون. ان ۾ سنڌيڪار جو نالو ”سراج الحق بسمل“ لکيل هو. ايشيا جي ڏکڻ ۾، پاڪستان جي ڏاکڻين علائقي سنڌ ۾ سراج صاحب پنهنجي سڄي زندگي ”بسمل“ جي خلاف گذاري، هن محنت، علم، تعليم ۽ جمهوريت توڙي روشن خيالي جو جهنڊو بلند ڪيو.

نوٽ: فاضل مضمون نگار ”بسمل“ جي معنى ”مئل“ لکي آهي، جڏهن ته بسمل جيڪو فارسي جو لفظ آهي ان جي معنى آهي ”ڪُٺل“ يعني ذبح ڪيل . (مرتب)