سنڌي لسانيت جي ماهر سراج کي سلام : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
لنگئسٽڪس جي معنيٰ آهي ”لسانيت 1: ٻوليءَ جو علم يا سائنس 2: ڪنهن خاص ٻوليءَ جو اڀياس (سنڌيڪا ڊڪشنري) سنڌي ٻولي تمام گهڻي شاهوڪار آهي. ٻوليءَ جي ماهرن ۾ به شاهوڪار آهي. پر لسانيت جي ماهرن ۾ ڏاڍي غريب آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا لسانيت جا ماهر آهن. انهن ماهرن جي جيڪڏهن تاريخ ڏسنداسين ته گهڻي ڀاڱي انگريزن کان شروع ٿيندي. انگريزن کان جيڪڏهن ڳڻپ ڪجي ٿي ته انگريزن عالمن کان سواءِ مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، آفتاب ابڙو ۽ شايد ڪجهه ٻيا شامل آهن. انهن سڀني ۾ رڳو ٽي عالم اهڙا آهن. جن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پنهنجا نظريا ڏنا آهن. انهن عالمن ۾ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سراج الحق ميمڻ اچي وڃن ٿا.
سراج الحق ميمڻ کان اڳ ۾ جيڪي نظريا آيا اهي هئا.
سنڌي ٻولي سنسڪرت جي لهجي وراچد، اپـڀرنش مان ڦٽي نڪتي، ٻين لفظن ۾ سنسڪرت مان ڄائي آهي. (ڀيرو مل چند آڏاواڻي).
سنڌي ٻولي سامي سٿ جي ٻولين مان ڦٽي نڪتي، ٻين لفظن ۾ سنڌي ٻولي، عربي، عبراني ۽ ٻين لفظن مان ڄائي (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ).
انهن ٻنهي نظرين جي حق ۾ مختلف عالمن جا رايا دليل ۽ حوالا ڏنا ويا آهن. سراج صاحب اهو پهريون ماڻهو هو. جنهن انهن ٻنهي نظرين سان اختلاف ڪندي پنهنجي تحقيق وسيلي ثابت ڪيو ته سنڌي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي ڄائي ناهي. اها پاڻ هڪ مڪمل ٻولي آهي. ان تي سامي سٿ جي ٻولين سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين جا گهرا اثرآهن. هنن ٻولين هڪ ٻئي کي لـفـظ ڏنــا ۽ ورتا آهن. ان حوالي سان هن وڏي کوجنا ڪري مختلف مثال ڏنا آهن.
سراج صاحب جي ان نظريي کي تمام گهڻي پذيرائي ۽ مڃتا ملي. خاص طور تي جڏهن اسان دعوا ڪندا آهيون ته هزارين سال قديم تهذيب جا وارث آهيون. ماضيءَ ۾ سنڌي قوم تمام گهڻي قابل، مهذب، ترقي يافته ۽ عظيم هئي وغيره وغيره ثابتيءَ لاءِ موهن جي دڙي جو مثال ڏيندا آهيون. موهن جي دڙي جي آثارن مان اسان کي جديد نظام جون اهي سموريون سهولتون ۽ رٿابنديون مليون آهن. جڪي اسريل ملڪن ۾ هن وقت رائج آهن. ڊرينج سسٽم، آبهوا مطابق اڏاوت، مارڪيٽ، تعليمي ادارا، عبادتگاهون، ڦيٿو (گاڏي) وغيره وغيره پنج ڇهه هزار سال پهريان سنڌ جي دنيا ۾ اها حيثيت هئي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪيڏو عروج هوندو ؟ ان لاءِ تاريخون خاموش آهن. موهن جي دڙي مان مليل نشانيون. مهرون ٺپا وغيره پنڊ پهڻ لڳا پيا آهن. انهن کي دنيا وارا پڙهي نه پيا سگهن. سرجان مارشل موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪري اسان جي تهذيب کي مڃتا ڏياري. جڏهن سراج ميمڻ ٻوليءَ جي پڻ بنياد بابت پنهنجو نظريو ڏئي. سنڌي ٻوليءَ کي اها مڃتا بخشي ته جيئن سنڌو تهذيب ڪنهن ٻيءَ تهذيب مان ڦٽي نه نڪتي آهي. تيئن سنڌي ٻولي به ڪنهن ٻيءَ ٻولي جي ڪک مان نه نڪتي آهي.
هن موهن جي دڙي مان مليل مهرن کي پڙهڻ جي به وڏي ڪوشش ڪئي، لڌل نشانين جون پڙهڻيون به مقرر ڪيون. هو سڄي زندگي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو. هڪ طرف ته هو تحقيقي ڪم ڪندو رهيو. جيڪو مختلف ڪتابن ۽ مقالن جي صورت ۾عوام تائين پهچندو رهيو. سندس اهو پورهيو ادب جي مختلف صنفن جهڙوڪ: تحقيق، ناول، ڪهاڻي، مضمون، مقالي ۽ شاعريءَ جي صورت ۾ آهي.
ٻئي طرف هو نوجوانن کي خاص طور تي لسانيات جي شعبي ۾ تحقيق لاءِ همٿائيندو رهيو. مون کي ياد آهي ته سراج صاحب هڪ ڪچهريءَ ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو نوجوان سنڌي لسانيات ۽ موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهڻ لاءِ تحقيق جو ڪم شروع ڪندو ته آءُ ان کي اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. پر بدقسمتيءَ سان نوجوان انهن موضوعن کان پري ڀڄن ٿا. اسان جي تعليمي ادارن جھڙوڪ: سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾سنڌي لسانيات ۾ ايم اي نه ڪرائي ويندي آهي. لسانيات هڪ سائنسي علم آهي. جنهن لاءِ ليباريٽري به ضروري آهي. يونيورسٽين جي سنڌي شعبن وٽ ان قسم جي ڪا به سهولت ناهي، نيتجي ۾ لسانيات تي جيڪو ٿورو ڪم ٿئي به ٿو ته اهو گهڻي ڀاڱي غير سائنسي بنيادن تي ٿئي ٿو. تنهن کان سواءِ يونيورسٽين ۾ لسانيات جي ماهرن جي به کوٽ آهي.
سراج صاحب جي ڪيل ڪم مان سکڻ ۽ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ سڀني ادارن کي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. سراج صاحب جو وڇوڙو سنڌي لسانيات لاءِ ڪاپاري ڌڪ آهي. خدا ڪري ته اسان سراج صاحب کي خراج پيش ڪرڻ ۽ افسوس ڪرڻ کان سواءِ سنڌي لسانيات لاءِ به ڪجهه ڪري سگهون.