جتي
پلئٽفارم تي
بيٺل ريل گاڏي
هلي نه ٿي هلي
تڏهن مون بابا کان پڇيو
”ريل ڪڏهن هلندي ؟“
بابو به بي خبر هو
پر ته به چيائين
”جڏهن ريل جي ڌٻي تي
لکيل لفظ
صحيح پڙهيا ويندا
هيءَ ريل هلندي“
مون اُهي لفظ
نه پڙهي به پڙهيا
شايد ٻين به ائين ئي پڙهيو
سڀ غلط هئاسين
سڀ غلط ٿياسين
ريل ڪونه هلي
تڏهن هڪ گهورڙيي به
اُهي لفظ پڙهيا
۽ وڏي واڪي چيائين
”هندو پاڻي.....مسلمان پاڻي“
۽ ريل هلي پيئي
جڏهن ريل هلي هئي
هنن چنڊ رات ڪئي
چنڊ ڀٽڪيل ريل گاڏيءَ مٿان
چانڊوڪيءَ جا گل
ڇڻڪائيندي ڇڻڪائيندي
پنهنجي وجود کي
ڌرتيءَ تي
ٽڪر ٽڪر ڪري
کوهي ڇڏيو
تڏهن مون چنڊ کان پڇيو
”تنهنجي هستيءَ جو ڇا ٿيو ؟“
چيائين
”ريل گاڏيءَ تي لکيل لفظ
مون به پڙهيا هئا
مان به دوکو کائي
هلندڙ گاڏيءَ ۾
چڙهي پيو هوس
پنهنجي چاندنيءَ تي
بي ڀروسي ٿي
لوهي جي چمڪندڙ پٽن تي
ڀروسو ڪيو هوم
اسيم سک ۽ ڀوڳتا
اسان جي آتما کي
پاڻ وٽ گروي رکي
پنهنجي ڇانوَ ۾
اسان کي آسرو ڏيندا آهن
مون به اُن اُپڀوڳتا ۾
پاڻ وڃائي
پنهنجو آتم
کوهيو آهي
۽ هاڻ پنهنجي آڪار کي وٽوري
ڀٽڪندو ٿو رهان
ڀٽڪندو ٿو رهان ....“
۽ ان کان پوءِ
چنڊُ
ڪڏهن به پنهنجي آتما سان
ڪونه اُڀريو
مان.....
مان اُن گاڏيءَ ۾
ڪونه چڙهيو هوس
پر چاڙهيو ويو هوس
عمر ئي اهڙي هئي
اُن وقت
بابي به جهٽ پٽ ڪئي
تڪڙ ۾ هن جي جتي
پلئٽفارم تي رهجي ويئي
اُن وقت منهنجي ننڍڙين اکين
اُن جتيءَ کي چتائي ڏٺو هو
منهنجي وک ايڏي وڏي نه هئي
جو جتي به کڻان ۽ ريل به کڻان
بابي جي جتي
منهنجي آئيندهه جي پونجي
اُتي ئي رهجي ويئي
ريل مان لٽڪندڙ
منهنجون ڄنگهون
نئين هوا جي تيز رواتن سان
گسي ..... گسي....
اڄ پنهنجو آڪار
کوهي چڪيون آهن
چوندا آهن
ننڍي هوندي جي وِڏَ
ورثو ٿي پوندو آهي
اڄ ــــــــ مان به
وارثي اپاهج آهيان
جنهن جو علاج
الاجي آهي يا نه آهي
سچ ته منهنجي مٿي ۾
اِها بيماري آهي ئي ڪونه
پر پوءِ به
منهنجي پوين کي
اها بيماري
پنهنجي مٿي تي
کڻڻي ئي پوندي
اڄ منهنجي نظر
صرف بيمار ماڻهو ئي
ڏسي رهي آهي
مون اُنهن ماڻهن کان پڇيو
”توهان بيمار ڪيئن ٿيا ؟“
چيائون
”اسان به ريل گاڏيءَ تي
لکيل لفظ
غلط پڙهيا هئا
پر ريل هلي پيئي
سواري ٿيندي
شيل ٿيندو
اِها پڪ هئي
رفتار تي سواري
سوروير ئي ڪندا آهن
اسان به رفتار تي سوار ٿياسين
پر سواريءَ لاءِ
جا سگهه گهرجي
اُها ته سوين سال اڳه
اسان وڃائي ڇڏي هئي
اسانجي جتي به
پلئٽفارم تي رهجي ويئي آهي“
”ته پوءِ زنجير ڇڪيون ؟“
” نه......نه.......
ائين هرگز نه ٿيڻ گهرجي
پلئٽفارم ته
گهڻو گهڻو پٺتي
رهجي ويو آهي
وقت به گذري چڪو آهي
باقي جتي
اسانجي پيرن لاءِ هوندي به يا نه !
(انهيءَ ۾ به شڪ آهي)
وقت اُن جو مقدار گهٽائي
۽ اسانجي پيرن کي وڌائي
ڇڏيو هوندو“
تڏهن مون
هنن جي پيرن ڏانهن ڏٺو
هنن کي پير هئائي ڪونه
هو به مون وامگر اَپنگ هئا
پر پوءِ به
الاجي ڇو
مونکي وشواس هو
بابي جي ڇڏيل جتي
مان ڪم آڻي سگهندس
مان رڙهندو رڙهندو
پلئٽفارم تي پهتس
ڏينهن جي تيز تپت ۾
ڌرتي باهه ۾ ٿي ٻري
بابي جي جتي
وچ پلئٽفارم تي پئي هئي
شايد ان کانپوءِ
اُتان ڪا ريل گاڏي
ڪونه گذري هئي
۽ هو
اُهو ئي گهورڙيو
جتيءَ جي اڳيان ويٺو هو
هو اُن جتيءَ کي
چتائي ڏسي رهيو هو
ٿر ٿر ڪنبي رهيو هو
ڀيانڪ ٿڌ
جا شايد ريل جي وڃڻ کانپوءِ
هن جي سرير کي وڪوڙي ويئي هئي
هن جي جهريل ماس تي
ٿڌ جو اڻڀو خشڪ تهه
صاف نمودار هو
هو پنهنجا پير
وري وري جتيءَ ۾
ڦهڪائي رهيو هو
تڏهن مون هن کي
هڪل ڪئي
۽ هن مونکي سڃاڻي ورتو
منهنجي بابي جي جتي
پنهنجن هٿن ۾ کڻي
هو منهنجي آڏو اچي بيٺو
سانت
سانت جا برهما جي سجاڳيءَ کان
اڳه هوندي آهي
اُن سانت کي برقرار رکي
هن پنهنجي اڌ ٻوٽيل نظرن سان
منهنجي بيمار اکين کي ڏٺو
هن جون نطرون
ڌيري ڌيري
منهنجي سرير تان سفر ڪندي
منهنجي اَپنگ پيرن تي اچي اٽڪيون
هن جي نظرن ۾
طنز هئي، قياس هو
ڌڪار هئي، پيار هو
اُهو سڀ
منهنجي لاءِ
پنهنجن اکين ۾ سمائڻ
ناممڪن هو
مون شرم کان
پنهنجون اکيون کڻي ٻوٽيون
تڏهن
ويندي ويندي چپ ئي چپ ۾
هن جون نظرون چونديون ويئون
”پورڻتا پيرن سان ٿيندي آهي“
۽ مان اَپنگ
بابي جي جتيءَ کي ڇهڻ لاءِ
رڙهندو رهيس
رڙهندو رهيس
۽ رڙهي رهيو آهيان
پورڻتا کي پائڻ لاءِ .