”چؤواٽي تي“ علي بابا جي نظر ۾
الله ڪري ٻچن ۽ سنڌواسين سان سدائين جُڙيو۽ جَڙيو هجين. تون آئين، مون پيٽ ڀري ڏٺو به ڪونه، وئين هليو. مونکي شڪارپور تي حسد ته نه ٿي پيو آهي. پر چئجي ريس ٿي پئي آهي.
تنهنجو نثري نظم پڙهيم. مون ڪنهن به ڪتاب کي شايد شاهه کانپوءِ ايترا ڀيرا نه پڙهيو آهي جيترو چؤاٽي تي کي پڙهيو اٿم. هيمليٽ ۾ هڪ منظر ۾ پوليس هيمليٽ کي چوي ٿو ”واٽ آر يو ريڊنگ مائي لارڊ.“ ته هيمليٽ جواب ڏئيس ٿو ”ورڊس ....ورڊس ....... ورڊس.“ ۽ شبدن جي اِها شڪتي تنهنجي شعر پڙهڻ کانپوءِ شدت سان محسوس ٿئي ٿي. بلڪ اُٻائجي ٿي اچي.
خط لکڻ جي ڏس ۾ آئون به تو جيان آهيان. اڳي 64-65ع ڌاري موهن ڪلپنا کي هڪ خط لکيو هوم ٻيو ذاتي خط توکي لکي رهيو آهيان. تنهنجو ساهه شڪارپور ۾ آهي ۽ منهنجو ساهه وري درياهه شاهه ۾ آهي.
درياهه کانپوءِ ڇا آهي؟
اونداهي کڏ آهي.
جڏهن خط پڙهين ته سمجهجانءِ ته شڪارپور جنميل جو خط پڙهي رهيو آهين. شايد جنهن ڏيهن تو شڪارپور ڇڏي هئي آئون ڪوٽريءَ کان شڪارپور پهتو هئس. گئوسر باگڙجي سڀ گهميا هئم. انهن ئي ڏيهن ۾ موهن جو دڙو ڏسڻ کانسواءِ موهن جي دڙي تي ناول لکڻ شروع ڪيو هئم. ويهن ٻاويهن سالن جي ڄمار تائين آئون ٻئي جنم جي پيڙا جي بيماريءَ مان گذري رهيو هوس. ڪنهنکي ڪجهه ڪونه ٻڌائيندو هوس ته آئون ڇا ٿو ڏسان. سخت بيمار هوس. ڊاڪٽر يونس منهنجو علاج ڪيو هو.
اڄ تائين شڪارپور ياد ايندي رهندي آهي. اُجڙيل ئي سهي مون شڪارپور ڏٺي. منهنجو مامو رمضان بلوچ شڪارپور ريلوي اسٽيشن تي هيڊ ڪلارڪ هو. ويچارو گذاري ويو آهي. منهنجو وڏو نياڻو ۽ ٻار اوهان کي سلام چئي رهيا آهن.
تنهنجو پنهنجو
خاص تنهنجو
علي بابا
23 مارچ 2004