شاعري

چؤواٽي تي

شيخ اياز جي لکيل مهاڳ سان نند جويري جي لکيل ڪويتائن تي مشتمل ڪتاب ”چئو واٽي تي“ ونڊ ڪجي ٿو۔
پنهنجي ابهام (Vagueness) جي باوجود نند جي شاعريءَ کي سنڌيت سان ڀرپور ڪمٽمينٽ آهي. اِنهيءَ ڪمٽمينٽ کان سواءَ سنڌي ادب هوا ۾ انهيءَ غباري (Baloon) وانگر آهي، جنهن کي ڪوئي طرف نه هجي جو اُڏامي اَنت ۾ ڦاٽي پوندو ۽ هوا سان هوا ٿي ويندو.

شيخ اياز
  • 4.5/5.0
  • 2429
  • 690
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نند جويري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چؤواٽي تي

مهاڳ

انسان هونءَ ته ازلي جلاوطن آهي، پر جڏهن پنهنجي ڌرتيءَ تان به جلاوطن ٿئي ٿو ۽ جدائي هن لاءِ وڌيڪ اَسهيه ٿي پوي ٿي، هو پنهنجون جڙون ڳولهڻ ۽ پنهنجي تشخص (Identity) لاءِ بي چئن رهي ٿو. نند جويريءَ جي هن مجموعي ۾ اُهي ٻئي ڪيفيتون ملن ٿيون. هن جي فلسفي وارو ’مان‘ پنهنجي اصليت جي تلاش ۾ آهي، جنهن کي هو ’نج‘ ڪوٺي ٿو:

”شروعات ۾ مان نه پاڪ هوس
نه ئي ناپاڪ هوس.
مان نج هوس“

اُهو نج هر ڪنهن مابعد الطبيعاني حقيقت (Metaphysical reality) وانگر ڌنڌ ۾ ويڙهيل آهي. جنهن جي پٺيان مايا سمنڊ وانگر آهي، جنهن تي ڪنهن وقت گهٽائن مان ويندڙ چنڊ جا پاڇا پون ٿا ۽ ڪجهه ڌنڌليون ٻيٽاريون نظر اچن ٿيون ۽ جڏهن چنڊ گهٽائن ۾ ڇپي وڃي ٿو ته اُهي غائب ٿي وڃن ٿيون. پنهنجي ڌرتيءَ تي رهي به اِهو سوال ته ’آءُ‘ ڇا آهيان ۽ منهنجو اَنتُ ڇا آهي؟ ماڻهوءَ جي روح کي بي چئن ڪندو رهندو ۽ ورلي به ماڻهو اِنهيءَ سوال جو جواب ساڳيو ڏيندا. پر جڏهن اِنسان پنهنجي ڌرتي تان ڌڪاڻجي وڃي ٿو ته اِن سوال جي نه رڳو معنى بدلجي وڃي ٿي پر ان جي اهميت به وڌي وڃي ٿي. نازي جرمنيءَ مان فراڊ، ٿامس مئن ۽ ٻيا ليکڪ جلاوطن ٿي، انهيءَ پوئين سوال جي جواب ۾ سرگردان رهيا هئا. روسي اديب نبوڪوف جيڪو مشهور ناول ’لوليتا‘ جو مصنف هو، اهو به پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ ان سوال کان پريشان آهي. اربندو گهوش وانگر ان سوال جي تلاش برابر ڏکي آهي پر سباش چندر بوس کي ان سوال جي جواب لاءِ جيون جي بازي لڳائڻي پئي ۽ آزاد هند فوج ٺاهيائين. پهريون سوال اِنسان جي من کي ڪنهن نه ڪنهن وقت ڏاڍو تڙڦائي ٿو، جيئن نهروءَ جي من کي تڙڦايو هئائين. جيئن هو ڪملا جون هاٺيون هوائي جهاز ۾ کڻي ٿي آيو؛ پر انسان جيڪو رت پنءَ جو پتلو آهي ان لاءِ جيءَ جي جلاوطني وڌيڪ پريشان ڪندڙ آهي. جيءَ جي جلاوطني مون پنهنجي ڌرتيءَ تي رهي به ڀوڳي آهي. پر نند ۾ ڌرتيءَ کان ڌڪجي؛ اُها مونکان به وڌي وئي آهي ۽ هو جتي ڪٿي پنهنجيءَ شڪارپور کي ڳولهي رهيو آهي:

”آخر ڀي
شڪارپور آهي ڪٿي؟
توهان کي خبر آ
شڪارپور ڪٿي آ
.....هر شڪارپوري
شڪارپور ۾ ڄائو هو
پر هر شڪارپوري
شڪارپور ۾ ڪونه جنميو آ
ڪهڙو فرق ٿو پوي
اگر
ڀوگول واري شڪارپور
ڀومي گرست ٿي چڪي آ
ڪهڙو فرق ٿو پوي
اگر شڪارپور جو نالو بدليو ويو هجي
ڪهڙو فرق ٿو پوي
اگر ڪنهن کي
شڪارپور اُتر اولهه جي بدران
ڏکڻ اوڀر ۾ ملي
ماڻهن کي شڪارپور گهرجي
صرف شڪارپور
ته پوءِ هو ڇو ڪونه ٿا
هٿ لکيل پُرزي تي
وشواس ڪن
ڇو ڪونه ٿا ڪنهن ويٺل ڏانهن
هٿ ڊگهيڙن
هٿ ڊگهيڙي ته ڏسن
چتَ ۾ پائيندا شڪارپور
شڪارپور ڪنهن زمين جو نالو هو
ڪنهن زمين جو نالو ناهي
ڪنهن سرير جو نالو هو
ڪنهن سرير جو نالو ناهي
شڪارپور ڪنهن روح جو نالو هو
ڪنهن روح جو نالو آهي
.......شڪارپور کي ڳولهڻ لاءِ
شڪارپوري هئڻ ضروري آ
هٿ ڊگهيري ڏسو

شڪارپور سنڌ ۾ نند لاءِ ماتا جي ٿڻ وانگر هئي. هو منهنجو ۽ سامي جو ڳوٺائي آهي ۽ ٻنهي جو ساءُ هن جي ڪويتا ۾ ملي ٿو:

سامي شير تي
اَٽي جي چؤ مکي ڏيئي جي لاٽن مان
چؤ طرف
بجليءَ جو تارون ڦهليل هيون
لٽڪيل ڏيئي جي پيٽ راري ٽنگ مان
جو چوڏهين آگسٽ تي مون ڪيو هو
تيل جو ننهن سوسڙو ڦڙو
رکي رکي اڃان به ٽپڪي رهيو هو
مون هٿ وڌائي
اُن ڦڙي کي تريءَ تي کنيو
پر هو کن ۾ ئي پار نڪري ويو
منهنجي سيتل ماس مان“

اربندو گهوش لاءِ پنهنجي ’مان‘ وڌيڪ معنى رکي ٿي ۽ هن لاءِ پانڊيچري (جيڪا ان وقت فرينچ ڪالوني هئي) جي ڪا اهميت نه هئي. نند لاءِ پنهنجي ابدي ’مان‘ کان به وڌيڪ شڪارپور جي اهميت آهي، جتي هن جي مان ’مان‘ جي اوسر ٿي هئي ۽ جنهن کان ورهاڱي کانپوءِ هو اوچتوڪٽجي ويو. هن جو ’ڌرتي‘ نظم هڪ شاهڪار نظم آهي ۽ شڪارپور سان سان ئي واڳيل آهي ۽ سئليوڊار ڊاليءَ جي سرريئليسٽڪ (Surrealistic) پينٽنگ وانگر لڳي رهيو آهي. پڙهندڙ نند جي ”جتي“ نظم ۾ شرناٿيءَ جي پيرن ڏانهن ڏسي ڄڻ ساڳيو اندر جو عذاب ڀوڳي ٿو جو هن پنهنجو ملڪ ڇڏڻ کان پوءِ ڀوڳيو آهي:

”باقي جُتي
اسان جي پيرن لاءِ هوندي به يا نه
انهيءَ ۾ شڪ آهي
وقت اُن جو مقدار گهٽائي
۽ اسان جي پيرن کي وڌائي ڇڏيو آهي
تڏهن مون هن جي پيرن ڏانهن ڏٺو
هنن کي پير هئا ئي ڪونه
هو به مون وانگر اَپنگ هئا“

شڪارپور وارا مسلسل نظم پڙهي محسوس ٿيندو ته اها ڌرتي هن جي ”مان“ جو حصو آهي جنهن کي هو ڳولي ٿو. هو ڪڏهن ٿڪجي ٿو پوي ته ڪڏهن مايوس ٿو ٿئي:

”لکي در تي گهنٽا گهر
منجهند جو ٻي بجي
شام جا پنج گهنڊ ڇو ڪونه هنيان؟
اُنهيءَ کي به بخار هو
يا لقوي جي مرض ۾
ريڙهيون پائيندي
لاچاريءَ جو اظهار ٿي ڪيائين
مون وانگر“

ڪڏهن گهاٽي جهڙ مان نڪرندڙ چنڊ جهڙي آس هن کي پنهنجي جهلڪ ڏيکاري ٿي. جيئن هن جو جنم کانپوءِ هن کي ٻي جي پڪ آهي، ائين هن کي شڪارپور ۾ پنهنجي ٻي جنم ۾ شڪ آهي. پر شڪ ۾ يقين جو هڪ عنصر هوندو آهي ۽ اِنسان انهيءَ عنصر تي ئي تڳي سگهندو آهي ۽ جڏهن اهو عنصر گم ٿي ويندو آهي. تڏهن زندگي پنهنجو اَنت آڻيندي ويرم نه ڪندي آهي. نند جي دل ۾ اهڙو يقين نظر اچي ٿو.
ترنم واري شاعري ۽ اُن جي فني خوبين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پشڪن کان فردوسي تائين، ڪاليداس کان ليوپارڊيءَ تائين، ترنم واري شاعري اِنسان جي روح ۾ خنجر وانگر کپي وئي آهي، پر جديد دؤر ۾ جا نثري شاعري ٿي رهي آهي، اُن کي پنهنجي اهميت آهي. ان جي مرڪزي خيال ۾ اها شعريت آهي جا ترنم جي محتاج نه آهي.جذبات جو ترنم نثر ۾ آڻي سگهجي ٿو. بودليئر جي ڪتاب ’Flowers of Evil‘ ۾ هن جون ’پئرس جون راتيون‘ ترنم وارا شاهڪار نظم آهن، پر ساڳي وقت هن جي مجموعي ۾ هن جا نثري نظم به اوترائي خوبصورت آهن. فرانس جي شاعر رامبوءَ کان وٺي جديد آمريڪا جي شاعر ڪارل شيپيرو تائين ڪيترن شاعرن خوبصرت نثري نظم لکيا آهن جن خيالات ۽ جذبات جي مصوري ڪئي وئي آهي ۽ جي ماڻهوءَ جي من کي ائين ٿا اُڀارن جيئن ترنم واري شاعري ڪندي آهي. نند جا ڪجهه poetic images هيٺ ڏيان ٿو:

”ڀريل گهر
بگيءَ تي کڻي
ٽيشن تي خالي ڪري
بگيءَ واري
وري ورائي نه ڏٺو
ته ڪو خالي ماڻهو
ڀريل گهر ڊوهيندو
سرحد پار هلي ويو“

ــــــــــ

”سانت
”....................“
سانت جا برهما جي
ننڊ کان پوءِ هوندي آهي
ان سانت کي چيريندو گهوڙو
جڏهن ننڊ لاءِ طبيلي تي پهتو
تنهنجي لڳايل ڏور اڃان هن جي ڏاٺن ۾ هئي
سانت
سانت جا برهما جي سجاڳيءَ کان اڳ هوندي آهي
ان سانت کي چيري
ڇا بگيءُ جو گهوڙو
وري اُٿندو
ڪو ڀريل گهر
ڪو خالي ماڻهو ڊوهڻ لاءِ ٽيشن ايندو؟
او شڪارپور!“

ــــــــ

اسان جي ٽهڪن سان
باغ ۾ گل
ڇڻي نه پون ۽ وري ڪائي
لنبي عرصي واري خزان نه اچي
اسان صرف من ئي من ۾
مسڪرايو آهي
۽ جڏهن ساهه جو احساس ٿيو
من اندر جي مشڪ وڪڻي به
اسان پراون سان
واعدا ڪرن لاءِ
بهانا ڳولهيا آهن
او شڪارپور!“

ــــــــ

” اهو ئي ته رواج آهي
تنهنجو منهنجو
تن کي به تن تان لاهي
موڙي تي رکي اچ
۽ اچ ته پيار ڪريون
او شڪارپور!“

ــــــــ
”شبد پنهنجا نقش
خاموشءَ جي
ڪئنواس تي
ڇٽيندي ڇٽيندي
پنهنجو پاڻ ۾ ئي
پيهي ويا ..... وقت جي ڏر کان“

”موسيقي
ڪنهن گهٽيءَ جي
ڪنهن ڪسيءَ جي
گهنگهرن جو آواز هو“

”هاڻ گرميءَ ۾ ماڻهو
سم اوڍي
سم تي سمهندا آهن ماڻهو
سائي سم
سائي لڳل پٽ
سائي رنگ جا ماڻهو
ڪيئين رنگن جا سوال کڻي
هڪ ئي رنگ
”سائي“ جو جواب پائي جيئندا آهن“

ـــــــ

”پوترتا تنهنجي آتما هئي
۽ مان
هاڻ پوتر نه رهيو آهيان
هاڻ جڏهن جڏهن
مان تو وٽ اچان ٿو
مونکي لڳي ٿو
مان پنهنجي ئي
مردهه سرير ۾
پرويش ڪري رهيو آهيان

او سنڌو پُتر ساڌ ٻيلا !
ياد ڪر
مان تو وٽ هوس
مون چيو هو گلن کي
سڀ ٽڙي پئو
۽ سڀ ٽڙي پيا هئا
بن بادلن آڪاش کي ڏسي
مون چيو هو مورن کي
نچو
مورن ناچ ڏيکاريو هو

اهڙي ئي ڪوشش
مان هر دفعي ڪريان ٿو
جڏهن جڏهن مان تو وٽ اچان ٿو
۽ مان اسڦل ٿي موٽان ٿو
اِن احساس سان
ته هڪ مردو ٻئي مردي سان
وڀچار ڪري موٽيو آهي“

ــــــــ

”ائين ته هر سڏ تي
مئا موٽندا آهن
ڪي اڌورا ته ڪي پورا
موٽڻ هڪ سمجهوتو آهي
جيئڻ جي لالسا لاءِ
تنهنجو سڏ ٿيندو
۽ مان موٽي ايندس
ڪجهه تياڳي
ڪجهه پائڻ لاءِ
تو اهو ڪيئن سمجهيو؟
تنهنجي سڏ جي هِجي
مان پڙهي سگهان ٿو
توکي به منهنجو موٽڻ
پڙهڻ گهرجي
اگر مان تنهنجي سڏ تي
موٽي اچان
مان موٽندس
جڏهن اُهو سڏ ٿيندو
جيڪو هِجي نه ٿيو هُجي
مان پنهنجو موٽڻ به بنا هِجي جي چاهيان ٿو
مان ڪونه موٽندس
ڪونه موٽندس
پر
مان هوندس
هوندس
آڪاس ۾ اهو اَنادي آواز
آڪاس به مان هوندس
اُهو سڏ به مان هوندس
اُهو سڏ جو هِجي نه ٿيندو
تون وڃي ڪائي ڪُکه ڳولهه
مون سان ملڻ لاءِ“

مٿين ڪويتا جون پويون ٻه سٽون ڪيتريون نه خوبصورت آهن !
ڄڻ اتهاس جو ماضي ۽ مستقبل انهن مان گهوري رهيو آهي.
مون مٿي ڪجهه سڄا نظم ڏنا آهن ڇو ته انهن کان سواءِ نند جو تصور مٺ ۾ نه اچي سگهي ها. پنهنجي ابهام (Vagueness) جي باوجود نند جي شاعريءَ کي سنڌيت سان ڀرپور ڪمٽمينٽ آهي. اِنهيءَ ڪمٽمينٽ کان سواءَ سنڌي ادب هوا ۾ انهيءَ غباري (Baloon) وانگر آهي، جنهن کي ڪوئي طرف نه هجي جو اُڏامي اَنت ۾ ڦاٽي پوندو ۽ هوا سان هوا ٿي ويندو.

شيخ اياز