ٻه اکر
”بک عشق ادب“ نه رڳو موھن ڪلپنا جو بھترين ڪتاب آھي پر ھيءُ سنڌيءَ جو به بھترين ڪتاب آھي. آتم ڪٿائن ۾ بھترين ڪتاب آھي ۽ آتم ڪٿائن جا جيڪي سنڌيءَ ۾ ڪتاب آيل آھن، انھن ۾ به ان جو مٿانھون درجو آھي. ”بک عشق ادب“ ۾ موھن جي بک جي به ڪھاڻي آھي. ھُن زندگيءَ ۾ جيڪا بک ڪٽي آھي، جيڪي رولڙا ڪٽيا آھن، جيڪي پريشانيون ان کي پلئہ پيون آھن، جيڪي مشڪلاتون ان جي راھن ۾ رنڊڪون بڻيون آھن، اُھي سڀ ھن ڪتاب، ھن آتم ڪٿا جي ھر ورق ۾ موجود آھن ۽ ھن اھا آتم ڪٿا به ان ڪري لکي جو ھن کي ان ڳالھ جو ڀرپور احساس ھو.
”مون جيون سان ڀرپور پيار ڪيو آھي، ان جا دک، سک، آنڀو، خواب، آدرش ۽ اڻپوريون ٿيل خواھشن جا درد ونڊڻ چاھيان ٿو. “ ۽ انھن دردن کي ونڊڻ لاءِ ھن آتم ڪٿا کي تحرير ڪيو ۽ پنھنجو شروع ۾ ئي تعارف ڪرائيندي ٻڌائي ٿو:
” ان ڪري زندگيءَ جو گھڻو حصو فاقہ ڪشيءَ ۾ گذاريو اٿم. جيتوڻيڪ ان سوچ کان به واقف آھيان ته ماڻھو ھميشہ سچ ڳالھائي نه ٿو سگھي. “
”جيل به ڪٽيا اٿم ته گولين جي سامھون سينو به ساھيو اٿم. ادبي محفلن ۾ سر ڪٽيا اٿم ۽ ڪٽايا اٿم. زلفن جي پينگھن ۾ وڪڙ بڻجي لطف ماڻيو اٿم ۽ غلط گلاسن جو زھر پيتو اٿم. پنھنجو رت به پياريو اٿم. حاصل مطلب اھوئي ته جتي ھوس. اتي آھيان. منھنجو بئنڪ بئلنس فقط ڪي يادون آھن. ڪجھ به ته نه آھيان مان. قوم جي قسمت ٺاھي نٿو سگھان. قوم ته قوم پنھنجو مقدر به ٺاھي نه سگھيو آھيان ۽ عمر جي اڌ صديءَ ۾ فقط خوابن جي لاشن کي اکين ۾ چڀندو ڏٺو اٿم“.
ان جي عشق/عشقن جي کليل ڪھاڻي ھن آتم ڪٿا ۾ آيل آھي. ھن جي زندگيءَ ۾ جن به عورتن /محبوبائن پير رکيو يا جن به ان جو دروازو کڙڪايو يا جن جي پيار ۾ ھو بار بار وڃائجي ويو، اھو سڄو تذڪرو ھتي اسين پڙھي سگھنداسين ھو چوي ٿو:
”شايد ڪنھن ڪلاڪار جي زندگيءَ ۾ ٻه چار عورتون ھڪ خاص اثر ڇڏي ٿيون وڃن. پوء ھو کين مختلف ڪنڊن کان چٽڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. آرٽسٽ جي زندگيءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه عورتون ضرور اچڻ گھرجن. ٻن وڻن جي باھ چٽڻ ۽ تن جو اختلاف ٻڌائڻ ئي ڪلا آھي. “
ھن ڪوٽڙيءَ ۾ جنم ورتو. جنم ڀوميءَ جي حوالي سان ته ڪوٽڙي ان کي پياري ھئي. سنڌ پياري ھئي پر ڪوٽڙي ان کي نياضيءَ جي ڪري به پياري ھئي. ھن ڪيڏن نه دل کي ڇھندڙ لفظن ۾ لکيو آھي:
”ڪوٽڙيءَ جي سرزمين تي شاھ لطيف جي پيرن جا نشان به ته آھن. ڪٿي ته پير سائين لطيف جي پير جي جڳھ مٿان آيو ھوندو. منھنجو ۽ سندس تصوف جو ڪجھ حصو منھنجي من ۾. وجود ۾ گھسي ويو ھوندو. پر اتي مون گھڻو. سنڌوءَ کي نه. نياضيءَ کي ڏٺو آھي. ڪراچيءَ ۾ جوانيءَ جڏھن جسم ۾ پچڻ شروع ڪيو ته سوچيم ڪوٽڙيءَ وڃان ۽ کيس ڀڄائي اچان.
نياضيءَ لسيءَ جا گلاس موڪليندي ھئي. ڪڏھن مان نياضيءَ جي گھر. ڇاڇ پياريندي ڀاڪر به پائيندي ۽ چميون به ڏيندي ھئي. تڏھن ڏسان ته من جا گل تاج جي گلن جيان سنگمرمر جيان سخت ٿيندا وڃن“....
''جڏھن سورنھن سالن جو ٿيس ته سيني ۾ سور جي سٽ اڀريم. ھن جي ياد آئي مون ماءُ کان پنج روپيا ورتا. رپئي نوين آني ڪوٽڙيءَ جي ٽڪيٽ ورتم. اسٽيشن تي ٽانگي ۾ ويٺس. ٻه آنا ڀاڙو، ٻه ميل پنڌ. لڳم ته ھاڻي جوان ٿيو آھيان ۽ کيس ڀاڪر پائي چمي ڏئي سگھندس....
منھنجي اکين ۾ ڪلور فارم ڀريل اٿئي. مان ان وقت ھوس ھڪ پڪو ھندو ۽ آر -ايس-ايس جو ميمبر ھئس. مگر عشق ۾ فقط ھڪ انسان ھئس. رُڪ جھڙو بدن، سقراط جھڙي زبان، ماکيءَ ۽ زھر جھڙو آواز، نظر ائين ڄڻ ست ديوارون پار ڏسي. ڪپڙا ته ڪجھ نه ھئا. پر اھا اُڪنڊ ۽ اُڪير حوس مٿان حاوي ٿي وئي.... ڏسان ته گھر کي تالو جو ڄڻ منھن تي لڳل. دل ڄڻ بيھجي وئي“.
نياضيءَ سان موھن ڪيترو پيار ڪيو. اچو ته اُھو به پڙھون:
”ڏھن سالن جي عمر بعد مون کيس وري ڪونه ڏٺو. آرزو اٿم ته کيس ڏسان. ٻڍي ھوندي. شايد سڃاڻي به نه. مان به شايد نه سڃاڻانس. الائي جيئري به ھوندي يا نه. ضرور ٿورو مون کي به ياد ڪندي ھوندي. مون کان ڪو حياتيءَ جو سال کسي وٺي ۽ ھڪ منٽ نياضيءَ سان ملاقات ڪرائي ته مان وڌيڪ سال ڏيڻ لاء تيار ٿي وڃان. شايد اھو منھنجو پھريون پيار ھو. معصوم، الڙ، نادان، پر مان اھو دعويٰ سان چئي ٿو سگھان ته ھن جي پيار ۾ ڀاڪر ۽ چمين ۾ ھڪ شفقت ھئي. اھا چمي جا ماءُ، زال ۽ پريمڪا جي چميءَ کان مختلف ھئي“...
ان جي زندگيءَ ۾ رڳو نياضي ڪانه آئي ھئي. نياضي ته ان جو پھريون پيار ھئي.
'' عشق مون گھڻا ڪيا آھن ۽ مان اڪثر صادق ۽ ثابت قدم رھيو آھيان اڪثر ماڻھو پيار ڪن ۽ سمجھن ته سچو پيار ٿا ڪن ۽ پوء جڏھن اھو پيار ختم ٿي وڃي ته ان کي دوکو ڪوڙ چون ۽ ٻئي پيار کي صحيح معنيٰ ۾ سچو چون“....
سرجوءَ جڏھن پھريون دفعو مون کي چمي ڏني ته بنھ ان کن نياضي ياد آيم. پر سوچيم ته جنھن سان آھيان. ان کن ان جو خيال ڪندس. ان جي جذبن ۽ احساسن جو. ھو به اندر جو سچ آھي جو موقعي جي ساڳيائي ڏسي ياداشت جي دريءَ مان پنھنجو سيس ڪڍي ٿي. پر چمي ھڪ جي ۽ لطف ٻئي جو وٺان. مون پاڻ کي اھڙي تربيت نه ڏني“.
پيار ته مون گھڻا ڪيا. ڄڻ عشق جو ٽرئفڪ پوليس مئن ھوس. حسينائون جي موٽرون آھن. جي ھٿ جي اشاري سان بيھن ۽ ھليون وڃن“.
ھن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ نه رڳو پنھنجي بک ۽ عشق جي سچائين کي تحرير ڪيو آھي پر ادب ۽ سياست تي به کلي دل سان پنھنجي راين کي اظھاريو آھي. لکي ٿو:
مان آتم ڪٿا مان تاريخ ۾ انڪروچمينٽ نٿو ڪرڻ چاھيان. پر ڪو به شخص تاريخي طاقتن کان ٻاھر نٿو جيئي. ھڪ ساڌو مھاتما جي غلطيءَ ۽ ان جي ايڏي سزا؟ منزل گاھ ته ويو. سنڌ به ويئي. ھاڻ چمڙن جيان آسمان ۾ ابتا لٽڪيا پيا آھيون ۽ ويٺا سنڌ ڏانھن نھاريون. ڪڏھن ماٺ ۾ منزل گاھ جا آواز ڪن تي پوندا آھن. ھو ھو، دانھون ڪوڪون، مليٽريءَ جي آمد ۽ ھڪ لنبي کٽڪندڙ ماٺ. ڄڻ سڀڪجھ مري ويو آھي. گھٽيءَ، شھر، انسان ائين ھر ملڪ جي تاريخ ۾ آھي. ڳالھيون عام جام ڏسجن ٿيون. بنگال، بھار، پنجاب جا فساد. ھوڏانھن ٻي مھاڀاري جنگ مون ڏٺي آھي. وڏا ننڍا ٿيندا آھن. تنگ دل. تنگ خيال. تعصبيءَ مان ھندستان ۾ گانڌيءَ، نھروءَ ۽ سباش کي ائين نه ٿو سمجھان. جي اُھي ئي ٺھن ھا ۽ عبداللھ سنڌيءَ ۽ جناح کي پاڻ سان کڻن ھا ته قصو ڪجھ ٻيو ھجي ھا“.
”ڪاش ان وقت ڪو مون کي قوم جو وگيانڪ تصور ڏئي ھا. مان يارنھن سالن جي عمر ۾ انقلابي ٿيس. سورھن سال انڊر گرائونڊ به ويس. ارڙھن ۾ ٽي مھينا جيل ۾ بند به ٿيس. پر ان وقت مون کي خبر نه ھئي ته قوم ڇا ھئي ۽ ڪھڙيءَ قوم لاء لڙڻو ھو. منھنجي جيون جو اھو اھم دؤر ھڪ غلط آدر شواد جو شڪار ٿيو. مون ڄڻ ڪجھ پاڻ خلاف لڙائي ڪئي. پاڻ کي زخمي ڪيو. ڪنھن جڳھ تي بندوق، ڪارتوسن ۽ ڪرچين جي سنڀالڻ جي جوابداري به کنيم“.
'' مون ڪٿي لکيو آھي ته ھندستان جي آزاديءَ مون کي ڪا خوشي نه ڏني آھي ۽ مون گذريل 355 سالن ۾ ھندستان جي قومي جھنڊي جي سلامي نه ڪئي آھي. اڃا آزادي لولي لنگڙي سمجھي اٿم ۽ آزاديءَ جي ڏينھن ڪڏھن به جشن ۾ شامل نه ٿيندو آھيان. اھو ڏينھن مون کي ياد ڏياريندو آھي ته اسان پنھنجي وطن کي ان ڏينھن وڃايو ھو. “
'' جھاز ھليو ۽ مان آھستي آھستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس. سڀ ته ياد اٿم.
خوش رھو اي اھل وطن ھم تو سفر ڪرتي ھين؛
در ديوار پر حسرت ڪي نظر ڪرتي ھين.
خيال آيم ته ھوا جو جھوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي زمين، مڪانن ۽ ماڻھن کي چمڻ شروع ڪريان. ڪتو ٿي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي ھلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻھاري ڏئي ان جي مٽيءَ سان سنانَ ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مھل پائبو آھي“.
موھن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ دل کولي سڀڪجھ لکيو آھي. اھوئي سبب آھي جو موھن جو نالو؛ اسان سمورن سنڌين جي دلين تي اُڪريل آھي ۽ ان کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگھي. موھن پنھنجي ٻاراڻيءَ وھي جي ھڪ ياد کي تحرير ڪندي لکيو آھي؛
”مان سکر راجا رام ھاء اسڪول ۾ ڪچي ٻاراڻي کان ٽئين درجي تائين پڙھيس. سامھون سنڌوءَ جو شاھي درياء ھو جتي مائي راجا نالي ڪو مندر ھو. اتي ھڪ پپر جو وڻ به ھو. جتي پٿر سان ھڪ نالو لکيو ھوم؛ موھن، وڏو بند ھو. پاڻي اٽڪل اٺ ڏھ فوٽ ھيٺ. چاليھن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آھي. سکر نه ڏٺو اٿم. ڪڏھن ڏسندو آھيان. ھڪ ٻار آھي. پپل جي وڻ وٽ بيٺو آھي. سنڌوءَ ڏانھن نھاري رھيو آھي. چاھيندو آھيان ڪاش! ھڪ دفعو اتي پھچي وڃان. ان وڻ ھيٺان جيڪڏھن اڃا به اتي آھي ۽ جي نه آھي ته ڪو تصور جو وڻ کڙو ڪريان. ائين تصور ۾ گھڻا دفعا سنڌوءَ جي ڪپ تي پپل جي وڻ ھيٺان بيٺو آھيان. ھاڻي به ڪيترا اتي بيھندا ھوندا. ڪنھن کي خبر نه ھوندي ته ان جڳھ تي ستن سالن جي عمر جو موھن ڪلپنا به بيھندو ھو“.
۽ ھن وقت موھن. اسان وٽ موجود ناھي. ھو سنڌ کي ھڪ ڀيرو ڏسڻ جي تمنا رکي رکي موڪلائي ويو. ڪاش ھو ھاڻي ڏسي سگھي. محسوس ڪري سگھي. تصور ڪري سگھي ته ھن ستين سالن جي عمر ۾ سنڌ ۾ جنھن وڻ تي موھن ڪلپنا جو نالو تحرير ڪيو ھو اھو وڻ سلامت آھي. اھو نالو سلامت آھي. نه رڳو اھو نالو ان وڻ تي تحرير ٿيل آھي پر ھر سٻاجھو سنڌي پنھنجي دل تي موھن جي نالي کي ايڏي ته پيار ۽ قرب مان تحرير ڪري چڪو آھي جيڏي پيار پاٻوھ مان موھن پنھنجي ھن آتم ڪٿا کي تحرير ڪيو آھي.
[b]ناز سنائي
[/b]5 ڊسمبر 2001ع
شاھ فيصل ڪالونيءَ
حيدرآباد سنڌ.