16
ھڪ دفعي سڀ کان ننڍي ڀيڻ آشا چيو ”ڀائو، تون ته وڏو ليکڪ آھين. منھنجو ھڪ ڪم ڪر. ”ھوءَ فقط سورھن سالن جي. جوان ۽ سھڻي. خط ۽ خال ڪشش ڪندڙ. ڪملا کي ڀاڀيءَ ان شخص سان شادي ڪرائي، جنھن کي اسان جي غريبيءَ جي ڏک کان وڌيڪ ان ڳالھ جي خوشي ٿي ته سندس سالا ڏاڍا سٺا ھئا ۽ ھڪ ته ليکڪ به ھو.
” ڪھڙو ڪم“.
” مون کي فلم ۾ ڪم وٺي ڏي“.
” ائڪٽنگ ڪندينءَ“؟
” ھا“.
” بيوقوف، ڪڏھن مون به ائڪٽر ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. راجن چاولا سان گڏ مون اسٽوڊين جا چڪر کاڌا. آخر اسان کي مِٽي چَٽَڻِي پَئي. ائڪٽنگ ڪرڻ ڇا چرچو آھي“؟
” نرگس جو ڪندي آھي“.
مون کيس ٻانھن کان جھلي چيو”آشا- نرگس تمام وڏي ڪلاڪار آھي. “
” ڀائو“، ھن چيو ”تون ڏسج- مان ڇا ٿي ڪريان. منھنجو سڄي ھندستان ۾ نالو نڪرندو. توکي جام پئسا ڏيندس. تون آرام سان لکج“.
ڏاڍو ڏک ٿيم. بس رڳو پئسا ڪمائڻا آھن؟ ته مان ڇو ٿو لکان؟ آھي ڇا اِن ۾. ڇڏي ڏيان لکڻ. ڪجھ وڌيڪ ڪمايان. کيس ڪجھ آرام ڏيان. چيومانس ”تون بي فڪر ٿي. مان راجڪپور سان گڏجندس“.
ڀاڀيءَ پوءِ کيس پاسي واري گھر ۾ سلائيءَ جو ڪم سکڻ ۽ ڀرڻ تي رکيو. پوءِ خبر پيم ته اِن مائي گونگي کيس ڀنگ ۽ ڌاتورو کائڻ سيکاريو ھو. اِن ڪري ڀاڀيءَ ڪنھن ھنڌ ھن جو مڱڻو ڪري ڇڏيو. شاديءَ رات ڏسون ته اڌ بوتل شراب پي اچي ويٺي آھي. گونگيءَ کيس شراب پياريو ھو. ھوءَ لڏي لمي پيئي، مڙس شاديءَ رات ته غم پي ويو، پر صبح جو ڏسان ته نئين گھر جي ٻاھران بيٺو آھي. چيائين ”اوھان جي ڀيڻ پاڳل آھي. رات جو پيرن ۾ ڇير پائي چنبا کڻي مون کي ڏڪائڻ لڳي ته ھٿ نه لڳاءُ. بئگ مان به ڌاتورو ۽ ڀنگ نڪتي اٿس. شايد کيس ڀوت آھي. اوھين کيس وٺي وڃو. ڀڳوان جو قسم مون کيس ڇھيو ڪونھي“. لڳم ته ڇاتيءَ ۾ ڇرو کپي ويو. مان ھن سان وڃي آشا کي وٺي آيس. ڀاڀي، جا پھريون گھر ڇڏي، ڀائو گلوءَ سان ٻئي ھنڌ رھڻ لڳي ھئي، اتي وٺي ويو مانس. اکين ۾ اڃا به نشو ھئس؛ سمجھائين پئي ته مڙس کيس ڇڏي ڏنو آھي. مون کيس چيو ”آشو- گھٻراءِ نه. ڪڏھن ائين ٿيندو آھي. ڏس ڏاھي ٿي. اسان جي خاندان ۾ ڪنھن به نشو نه ڪيو آھي. غريب آھيون، پر عزت مانَ وارا آھيون. تون اِھي نشا ڪرڻ ڇڏي ڏي. پوءِ مان تنھنجي ٻي شادي ڪرائيندس“.
ھن ھا ڪئي- ان سال ڀاڀيءَ کيس ھڪ ٻئي جوان سان شادي ڪرائي. جنھن کي ٻه ٻار ھئا ۽ زال جوانيءَ ۾ گذاري ويئي ھئس. کيس سڀ ٻڌايائين.
ھن چيو؛ شاديءَ بعد پھرئين ھن جو علاج ڪرائيندس ۽ پوءِ کيس گرھست ۾ آڻيندس ۽ ھن ائين ڪيو. ھاڻ آشا اُتي آھي ۽ خوش آھي.
وري انھن ئي ڏينھن ۾ باقي ھڪ ئي ڪنواريءَ ڀيڻ چيو ”ڀائو - ھڪ مدد ڪر مون لڪي شادي ڪئي آھي. منھنجو مڙس بيروزگار آھي، چوي ٿو؛ نوڪري مِلي ته شادي ڪري گھر وٺي ھلانءِ. انٽرميڊيٽ آھي“.
” پيٽ سان ته نه آھين نه“؟ مون پڇيو.
ھن ڪنڌ ھيٺ ڪري چيو ”ٽيون مھينو آھي“.
” ٻڏڻ ياد نه آيئہ“؟
” ڀائو - قيمتي حياتي وڃائي ڇڏيان !ھڪ غلطيءَ جي ڪري“.
” مون گھر ڏانھن ڌيان نه ڏنو ته تو شرم حياءُ ڇڏي ڏنو“.
ھن روئڻ شروع ڪيو-وري سوچيم: انسان آھي خطا ڪئي اٿائين. چيومانس ”چڱو، ڇوڪري کي سڀاڻ منھنجي آفيس ۾ موڪلج“.
ٻئي ڏينھن اُھو جوان آفيس ۾ آيو.
” ڏس - ھي ڪھڙو پريم آھي تنھنجو جو پنھنجي پريمڪا جي حياتي تباھ ڪري رھيو آھين؟ تون ستن ڏينھَنَ جي اندر ھن سان شادي ڪر، نه ته مان ھن جو آپريشن ڪرائي ڇڏيندس. مون ۾ ايڏي طاقت آھي جو ڀيڻ جي عزت بچائي ويندس“.
” غلطيءَ لاءِ معاف ڪريو-مون کي ھڪ نوڪري وٺي ڏيو“.
مون به سوچيو ھن شادي ته ڪئي آھي. رڳو بيروزگار آھي. مدد ڪيانس ته شايد زندگي ٺھي پئيس. مون اُتي ٽائيم ائڊور ٽائيزرس ڪمپني کولي ھئي. پگھار پنج سؤ ھئم ۽ الڳ اسي رپيا ان جي لکپڙھ جا ملندا ھئا. مون رام دادلاڻيءَ سان ڳالھ ڪئي. ھن ڀلي مانس ان ئي ڏينھن ٻن سؤ جي پگھار تي رکيس. ۽ ھنن ٻنھي ھفتي اندر شادي ڪئي. مون آفيس مان ٻن مھينن جو پگھار ائڊوانس ورتو ۽ ڀاڀيءَ کي ڏنم. ان ھڪ رات مون کي ڏاڍو ڪمزور ڪيو. مون ڪڏھن به قلم کڻي فھرست نه بڻائي ته شاديءَ ۾ ڇا ڪبو، وٺبو آھي. ڪل ساڍا ٽي ھزار رپيا خرچ اچي ويو. جو اجمير واري ڀيڻ ليلان کان قرض ورتم ۽ ٻه ٻه سؤ ڪري سالن بعد کيس واپس ڪري سگھيس. ھن جو مڙس رام ڪشن زميندار ھو. ٻه لک کڻي ھندستان آيو ھو. پوءِ خط مٿان خط ته پئسا واپس ڪر. ھڪ دفعي تار آئي ته ليلان مري ويئي آھي. اِھو صدمو مان برداشت ڪري نه سگھيس. تمام گھڻي ڏک سبب گاڏيءَ ۾ ننڊ اچي ويئي- اکيون کولي ڏسان ته دنيا ۾ ڪجھ ٻيو به آھي، جو دادا جيان گم ٿي ويو آھي.
وري ڏسان ته ھفتي بعد رام ڪشن آفيس ۾ ويٺو آھي.
” ليلان کي ڇا ٿيو“؟
” سال ٿيو آھي تو قرض واپس نه ڪيو آھي“.
” مان اوھان کي ھن مھيني کان ٻه سؤ ھر مھيني موڪليندس. ڏياريءَ تي سڄو بونس موڪليندس. وشواس ڪجو“.
” مالڪ کان لکائي ڏيندين“؟
” عزت ويندي“.
” مان چوانس“.
” ڇا اوھين رشتي ناتي جو لحاظ نه ڪندا “؟
” ڇا جو رشتو، تون ته ڀيڻ جي موت جو ٻڌي به اتي نه آئين“.
” ھوءَ ته رھي ڪانه. اتي ڇا اچي ڪريان ھا“!
” مون ليلان کي چيو؛ تار پڙھي به موھن نه ايندو“.
” ليلان کي چيو؟ ڇا ليلان جيئري آھي“!
” ھا- مون کيس ڏيکارڻ ٿي چاھيو ته موھن ڪيترو خود غرض آھي“.
” توھان کي خبر آھي ته ڀاڀيءَ ڪيڏو رنو آھي“.
ھو چپ.
” ۽ گلوءَ ۽ راجوءَ“.
” سڀني رنو- پر تو ڪو نه رنو“.
” ڏاڍا ڪريل ماڻھو آھيو اوھان. زميندار آھيو. اوھان ئي صدين کان سنڌي مسلمانن کي لٽيو ۽ آخر اسان کان سنڌ ڇڏائي. مان توھان کي اوھان جي پئسن جي گئرنٽي دادلاڻيءَ کان وٺي ٿو ڏيان. لکت ۾ کپيوَ.“
ھو روز گرو گُڙ جو پاٺ ڪندو ھو ۽ شاستر واڻيون بر زبان ياد ھئس. چيائين ”زبانيءَ به ڪم ھلي ويندو.“
دادلاڻيءَ مون ڏانھن نھاريو. پر ھن جون نگاھون پھاڙ نه بڻيون، جتان مان ڪري سگھان. چيائين ته سڀ پئسا ڏيانس“.
” نه “، مون چيو ”فقط خاطري ڏيو“.
” ھن کيسي مان ھزار رپيا ڏيندي چيو ”موھن، تون آھين منھنجو مئنيجر، پر تون منھنجو آدرش آھين. توکي خبر ڪانھي ته مان به ساڳي اسڪول ۾ پڙھندو ھئس، جتي تون تقريرون ڪندو ھئين. تو لکڻ پسند ڪيو ۽ مون ڌنڌو. مان تنھنجي حالت سمجھي سگھان ٿو“. مشڪي چيائين ”ھمت نه ھار، ھزار رپيا بونس وقت ائڊجسٽ ڪندوسانءِ“.
رام ڪشن کي ھزار رپيا ڏنم. ھو دادلاڻيءَ جي الڳ روم ۾ اندر نه ھليو. ان بعد قسطون ڏيڻ شروع ڪيون مانس. ڪڏھن گسان ته لکندو؛ مان تنھنجي گھر ٻاھران بک ھڙتال ڪندس. ماڻھو جمع ڪندس. ھن جي شڪل ڏسندو ھوس، سمجھندو ھوس، ھفتو بستري تان نه اٿندس- ۽ ٿيندو به ائين ھو. ھن جو قرض لٿو ته تندرستي بھتر ٿي. ھڪ سبق سکيس ته غريبيءَ ۾ فاقا ڪڍجن، ڳرجي، مرجي، پر قرض نه وٺجي.
دھلي ايشيائي سميلن ۾ سندريءَ ڏٺو ته موھن ڪجھ کائي نٿو، سگريٽ نٿو ڇڪي ۽ چانھ به نٿو پيئي، پاسي کان اچي بيٺي ۽ منھنجي پينٽ جي پٺئين کيسي ۾ ھڪ نوٽ وڌائين. چيائين؛ ڪامريڊ، اسان جي الڳ برادري آھي! پوءِ نارايڻ ڀارتيءَ ڪٿي لکيو آھي ته ڪنھن ننڍڙي ميڙ ۾ اِھو ذڪر نڪتو ته موھن ڪھاڻيون ته سٺيون لکي ٿو وڃي، پر ھن اڃا سندريءَ کي ڏھ رپيا ڪو نه موٽايا آھن. اتي ڏاڍي کِل ٿي. ڀارتيءَ لکيو؛ پر جڏھن رات بستري تي ليٽيس ته مون کي ڏاڍو روئڻ اچي ويو. موھن ھن کان پئسا ورتا ڇو-؟ اسان موھن تي کِليو- شايد ان ڪري جو موھن اسان کان سٺو ٿو لکي.
منھنجو پراڻو گھر ۽ ان جو پتو ھند سنڌ جي سنڌي اديبن ۾ مشھور ھو. ھڪ دفعي موتي جوتواڻيءَ چيو؛ ھيءُ ھڪ سرشٽا جو گھر آھي. ھيءُ ھڪ مندر آھي. مان ھن کي نمسڪار ٿو ڪريان. ھتي ھڪ ڪلاڪار، ھڪ رَشي ٿو رھي.
مڪان مالڪ سنڌ جو ھڪ سنڌ وَرقي ھو، جنھن جو اڪبر عليءَ ڀرسان شاليمار نالي ھڪ وڏو دڪان ھو. ان جو ھڪ ملازم سڳن آھوجا جي پاسي کان رھندو ھو ۽ مون کي خبر نه ھئي ته منھنجي گھر ۾ اک ھئس. مون کي وڪيل جو نوٽيس آيو. ڌيان ڪو نه ڏنم. ڪورٽ جو سمن به نه مليو ۽ ايس ڊڪري پاس ٿي ڪڙڪي گھر ۾ آئي. سڄو سامان ٻاھر ڦٽو ڪيائون - پوليس گھر کي پنھنجو قلف لڳايو. ڊسمبر جون ٿڌيون راتيون. اڃا آشا ۽ مايا جي شادي نه ٿي ھئي. گلو آفيس ۾ ڪڏھن به نه آيو ھو. ھن نون ورھين جي عمر کان نوڪري ڪئي ۽ گھر ھلايو ھئائين. مسواڙ فقط ايڪيھ رپيا ھئي. پر ٻه چار مھينا ڀري نه سگھيو ھوس. ٻڌو ھوم ته قاعدي موجب مسواڙيءَ کي اُٿاري نٿو سگھجي. ان ڪري اينڪائونٽر وغيره مخزون وٺي پنھنجي دنيا ۾ گم سم رھندو ھوس.
گلوءَ ڳالھ ٻڌائي. وايون بتال ٿي ويون. چيومانس ”تون گھر وڃ- مان مالڪ سان گڏجي اچان ٿو“.
گلو ويو ته مون آفيس مان موڪل ورتي. لفٽ تان ھيٺ لٿس ۽ ميڊوز اسٽريٽ مان ھلڻ لڳس. مون کي لڳو ته منھنجي سڄي زندگي بي معنيٰ ھئي. مون ڪو به ڪم سوچي سمجھي نٿي ڪيو. مون پنھنجي حيثيت نه سڃاتي آھي. ڏک ئي نه ڏٺو آھي. بُک، بيروزگاري، ڇا سوچيندي ڀاڀي ! منھنجو پٽ ايشيا جو وڏو ليکڪ آھي ۽ عزت اِھا جو گھر جا ٽپڙ کڻي ٻاھر ڦٽا ڪيا اٿائون. اڄ ھن پار يار ھن پار، لکاپتيءَ جو پٽ، پاڻ کي سمجھي ڇاٿو. چوندومانس؛
پڙا پالا فلڪ والون ڪا دل جلون سي نھين
جلاڪي خاڪ نه ڪردون ته داغ نام نھين.
وري لڳم، ائين ھلندي، ھلندي پٽ تي ڪري پوندس. ختم ٿي ويو موھن ڪلپنا. پوري دنيا کي ستايو اٿم. ۽ ٿيندو ائين:
ذوق ڪي مرني ڪي سن ڪر پھلي تو سڀ رڪ گئي
ڦر ڪھا تو يون ڪھا منھن ڦير ڪر اڇا ھئا!..
پوءِ پنھنجي سوچ تي غالب پيس. ٽاءِ ٺيڪ ڪيم. قميص پينٽ ۾ ٺاھي وڌم. ھڪ سگريٽ دکايم. ڇڪي پورو ڪيم. پوءِ دڪان ۾ اندر گھڙيس. عاليشان دڪان جي مالڪ جي سامھون بيھي انگريزيءَ ۾ چيم ”مون کي مسٽر ڊئش سان گڏجڻو آھي“.
” مان آھيان- ويھو“.
مون ويھي چيو ”اوھان کي ڪا ماءُ ڪا ڀيڻ، ڪو ڀاءُ آھي“؟
” سڀ آھن“. ھن عجب مان پڇيو ”ڇو“؟
” وڏو ڪاروبار آھي اوھان جو. ھزار ٻن جي ته اوھان کي پرواھ نه ھوندي “.
” برابر - پر ڇو“؟
” پوءِ اوھان کي ڪھڙو حق آھي ته اوھان منھنجي گھر پوليس موڪلي سڄو سامان ٻاھر ڦٽو ڪرايو؟ گھر کي تالو لڳرايو؟ ڊسمبر جي ٿڌين ۾ اسين ڪيڏانھن وينداسين“؟
ھن ھاڻ مشڪيو ”ته تون ئي ليکڪ موھن ڪلپنا آھين“؟
” اوھان ليکڪن جي ڪھڙي عزت ٿا ڪريو، اِھا ته اڄ خبر پئي“.
” تو منھنجي ماڻھوءَ کي ڪپ ڇو ڏيکاريو“؟
” ڪپ- مون ! ڪنھن کي“؟
ھن سڳن آھوجا جي پاڙيسريءَ کي سڏ ڪيو. ھڪ دفعي ٻارن جي ڳالھ تي ھن سڳن آھوجا کي بجو ڏنو ھو. سڳن مون کي چيو؛ موھن، تو ھن کان منھنجو بدلو ضرور وٺج. ھڪ ڏينھن ھو مون کان مسواڙ وٺڻ آيو، چيومانس؛ تون ڪير آھين- مان توکي ڪو نه سڃاڻان. چيائين؛ پينٽ پائين ٿو، پر مسواڙ نٿو ڀرين. مون کي سڳن جي ڳالھ ياد آئي. ٿلھي تان ھيٺ لھي چيومانس؛ ڪتي جا پٽ -بيھ اتي بيھ ته اِھا پينٽ ھٿ ۾ ڏيان. ھو وٺي ڀڳو. پٺيان به ڪو نه نھاريائين ۽ ضرور ڪٿي منھن ڀر ڪريو به ھوندو.
مون ڏانھس نظر ڪئي ۽ مالڪ کي چيو ”ھي شڪل جو به ڪارو آھي ۽ من جو به. اوھان کي ڪوڙ ٻڌايائين. ڪپ ته مون ڪڏھن ھٿ ۾ نه کنيو آھي. ھن کي ھڪ چماٽ ھڻان ته ھڪدم پري پھچي ويندو“.
” تون بدتميز آھين. توکي ھٿ ٻڌي معافي وٺڻ گھرجي“.
” اوھين وڏا لارڊ جا پٽ آھيو“. مان اٿي بيٺس. مون پنھنجو پير مٿي ڪيو ۽ سندس منھن ڏانھن جوتو ڪري چيم ”توھانکي ڏيکاريندس ته توھان جي شان ۽ شوڪت کان، اوھان جي دڪان ۽ دولت کان منھنجي جوتي جي مٽيءَ جي وڏي اھميت آھي“. مان ھليو ويس.
حق تي وڏن چيو آھي؛ سُڃو ماڻھوءَ اللّٰہ کان ڏاڍو. مون نه ڳالھايو ڄڻ منھنجي سچائيءَ ڳالھايو. يا شايد منھنجي غيرت ڳالھايو ۽ مان ڊپلومئٽ نه ٿيس ۽ ھيٺائين نه ورتم. مون سندس سُٺن جذبن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گفتگو ھڪ بيھودو پلٽو کاڌو. مٿان ڪمل سان شادي بيٺي آھي. ھوءَ ڇا سوچيندي؟ پاڙي ۾ بدنامي ٿيندي. شايد ھيءَ شادي رد ٿيندي. منھنجي شادي ٿيندي ڪٿي آھي! رد ئي ته ٿيندي آھي. ٺيڪ آھي. مان غلط آھيان. ڀليل آھيان. ڪمزور آھيان. معزور آھيان. پر ڪڏھن ڪنھن کي نقصان ڪو نه پھچايو آھي مون. مون ته ماڻھن کي زندگيءَ سان پيار ڪرڻ سيکاريو آھي. راجڪماريءَ ٺيڪ چيو ھو. ائين نه ٿئي ته تون ويڏيءَ تي ويٺو ھجين ۽ پوليس اچي گرفتار ڪريئي. مون ته سوچيو ھو؛ سُٺو لکندس ته ماڻھو ڪلھن تي کڻندا: موھن ڪلپنا زندھ باد. موھن ڪلپنا زندھ باد. موھن ڪلپنا... دادا بعد سڄي جوابداري منھنجي ھئي.
ڪويتائن سان مسواڙ نٿي ڀري سگھجي. ڪويتائن سان پوليس کان بچي نٿو سگھجي.
مونجھ جي احساس سان گھر پھتس. مون ڀاڀيءَ کي ھٿ جوڙيا ”ماءُ، تون مون کي معاف ڪر“.
ھن جي اکين ۾ پاڻي آيو. چيائين ”پٽ، مون کي ته ڪو ڏک ڪونھي. پڻھين بعد مون کي ڪجھ سٺو نه لڳندو آھي. مونکي ته تنھنجو خيال ھو. چنتا نه ڪر. مون ٻي جڳھ مسواڙ تي ڪئي آھي. ساڳي ايڏي وڏي آھي. مسواڙ به چاليھ رپيا“.
” سڄي عزت مٽيءَ ۾ ملي ويئي“.
” عزت شرافت ساڻ جيئڻ ۾ آھي“. ماءُ چيو.
” نه ڀاڀي - زمانو شرافت جو ڪونھي. مون به تنھنجو کير پيتو آھي. ائين بيعزتو ٿي ھتان نه نڪرنداسين“.
وي- ٽيءَ کان سوائين ستين لڳي ڪلڪتا ميل پڪڙي ھئي ته جيئن گھر جلدي پھچان-پر رستي تي گاڏي ڪلاڪ ڏيڍ بيھي رھي. مان يارھين لڳي گھر، يعني ان ٻاھران پھتو ھوس. گلوءَ ڪجھ نه ڳالھايو. رت جي، رشتن جي مضبوط اندروني ايڪتا ٿيندي آھي.
مان سڌو اديب گوبند ڀاٽيا وٽ ويس، جو ھاءِ ڪورٽ جو وڏو وڪيل ھو. شراب ڪو نه پيئندو ھو. پر رات جو بيوس جي ڪويتا پڙھي سُٺي ننڊ ڪندو ھو. اٿاريومانس تڏھن به ننڊ جي نشي ۾ ھو. مون چيو ”پوليس منھنجي گھر کي تالو ھنيو آھي“.
” ڇو“؟
” مون مسواڙ نه ڀري. سيٺ مون تي ڪيس ڪيو. ڪيس کٽيائين، اڄ ڪورٽ اٽئچمينٽ آرڊر ڪيو آھي“.
” تون ڪيس لڙئين“؟
” نه “!
” ڇو“؟
” مون کي ڪيس جي خبر ئي نه ھئي“.
” مون سمجھيو. تون ڪلف ڀڃي وڃي گھر ويھ. سڀاڻ مان پاڻھي منھن ڏيندس“.
” اوھانجي فيءَ“؟
” يارن کان ڪھڙيون فيون“. ھن مُشڪي چيو ”تون گوئا ۾ وئين - ڪتاب لکئي، ڪنھن تنھنجا ھٿ چميا؟ مون.
” ڏک اٿم جو تون بيوس کي سُٺو شاعر نٿو سمجھين “.
سندس شريمتي گفتگو ته نه ٻڌي، پر چانھ رکيائين. ساڍا يارنھن ٿي ويا ھئا. مان چانھ پي نٿو سگھان. کيس اِھو سمجھائڻ ۾ منٽ کن لڳي ويو ۽ ”ورق“ انعامي ڪتاب جي ليکڪ ڀاٽيا صاحب کي ننڊ کڻي ويئي. ٻاھر نڪري مون وڏو پٿر کنيو ۽ ڊڪ پاتم. گھر پھچي ڪلف ڀڳم. سڄو سامان اندر رکايم. سوچيم، گوبند ڀاٽيا سپريم ڪورٽ ۾ به ڪيس لڙندو آھي. مان ان سوئر جي پٽ سان پڄي رھندس. منھنجو ھڪ سالو گوئا ۾ ھو، باقي ٽي اتي پھچي ويا جو کين ڪنھن ڳالھ ڪئي.
ھنن به چيو ته ڪيس لڙبو.
ٻئي ڏينھن آفيس ڪو نه ويس پر نياپو موڪلي ڇڏيم. صبح جو گوبند ڀاٽيا وٽ ويس. چي ”اچ موھن - ڪيئن آيو آھين“؟
” مون ڪلف ڀڃي ڇڏيو “!
” ڇا جو “
” پنھنجي گھر جو“.
” پنھنجي گھر جو - چريو ٿيو آھين ڇا“؟
” سائين، رات جو اوھان وٽ آيو ھئس“!
” خواب ٿو لھين“.
” ڀاڀيءَ کان پڇو“.
ڀاڀيءَ چيس ”رات اوھان ”شيرين شعر“ پڙھي سمھيا ته موھن آيو“.
ھن پنھنجي ياداشت تي ڏک ظاھر ڪيو ۽ سڄي ڳالھ نئين سر ٻڌايائين چيائين، ”ڳالھ ڏاڍي خراب ٿي. توکي تالو نه ڀڃڻ کپندو ھو. ڪيس ته مان کڻندس پر کٽڻ جي پڪ نٿو ڏيان،..
” پرواھ ناھي سائين. ھاڻ جڏھن اُکرين ۾ منھن وڌو آھي ته مھرين کان ٿوروئي ڏڪندس“.
مون ٻاھر اچي ھڪ سگريٽ دکايو. ھڪ ڏينھن ۾ ڇا ٿي ويو.
ليکڪ مليو ليکڪ سان ٻيڙي غرق! منھنجي گھر جا ڀاتي بي گھر ۽ شاعر صاحب بيوس تي پيو ڳالھائي ۽ صبح ياد ئي نه پيس ته رات گڏيو ھومانس. پر جو ھن رات چيو، اھو صحيح آھي. مون ڪلف پنھنجي گھر جو نه، پر پنھنجي گھر تان ھڪ سيٺ جو ڪلف ڀڳو آھي. گوبند مالھي ٺيڪ چوندو آھي ته بورجئا خواھ نيم بورجئا طبقي جو ڪردار نه ٿيندو آھي. ھنن وٽ ڪا انسانيت نه ٿيندي آھي.
شام جو چار پوليس وارا گھر آيا. ٽي ٻاھر بيٺا ۽ ھڪ اندر آيو. مون کيس ڪرسيءَ تي ويھاريو ۽ مايا کي چانھ ٺاھڻ لاءِ چيم.
” حڪم ڪريو - ڪيئن آيا آھيو“؟
” اوھان کي گرفتار ڪرڻ آيا آھيون“.
” منھنجو ڏوھ“؟
” اوھان پرائي گھر جي حد دخلي ڪئي آھي. ۽ اوھان ھتان سامان چورايو آھي“.
” سامان ته سڀ اسان جو آھي. ان ۾ چورائڻ جھڙو ڪجھ ڪونھي ۽ پنھنجو سامان ته ڪير به چوري نه ڪندو. گھر اسان جو آھي، فقط مالڪي ڪنھن ٻئي جي آھي“.
” اوھان شاليمار دڪان جي مالڪ کي خون جي ڌمڪي به ڏني آھي. اسان کي بمبئيءَ جي پوليس ڪمشنر جو اھڙو ليٽر آيو آھي“.
” ڇا توھانکي منھنجي شڪل مان لڳي ٿو ته مان چور يا خوني آھيان يا ٿي سگھان ٿو“.
” اوھين بلڪل شريف ٿا لڳو، شريفن تي ئي اھڙا الزام لڳندا آھن. پر اسين ڇا ڪريون“.
” اوھين مون کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجھندا “؟
” ڪير اوھان جو ضامن پوندو“؟
” ڇا جو“؟
” پنجن ھزارن جو“.
” يعني اوھان وٽ پنج ھزار جمع ڪرائڻا پوندا“.
” نه ڪو به ماڻھو، جنھن کي پنھنجي جائداد ھجي، لکي ڏئي ته اوھان جي ڀڄي وڃڻ جي حالت ۾ ھو پنج ھزار ڀري ڏيندو“.
” مان ڀڄي ڇو ويندس“؟
” مون اوھان کي قاعدو ٻڌايو“.
” ھڪ مصيبت مان نڪري ٻئي ۾ ڦاٿو آھيان. بچڻ جو اوھان ئي اُپاءُ ٻڌايو“.
” چڱو - اسين اوھان کي گرفتار نٿا ڪريون. تون ڪلاڪ اندر ضامن جو بندوبست ڪري ھل- لائين پوليس اسٽيشن تي اچ. اسين اوھان کي لاڪپ ۾ به نه رکنداسين. سڄي زندگي چورن ڊاڪن کي پڪڙن ۾ گذاري اٿائون - اوھان اھڙا نه آھيو“.
ھو ۽ ٽي پوليس وارا ھليا ويا. رات وانگر ٻاھر ڪي ماڻھو گڏ ٿيا ۽ کين خوشي ٿي ته پوليس ھٿين خالي موٽي وئي. ٿوري وقت بعد منھنجو چترڪار سالو چندو آيو. ان سان ڳالھ ڪيم. چيائين”، اسان جي جڳھ ڪمل جي نالي سان آھي. تون اتي ھل- اسين پھچي ٿا وڃون. ڪمل ڀائرن سان پوليس ٿاڻي تي آئي. ھن منھنجي ضمانت ڏني. چندرو پنھنجي دوست فوجداري وڪيل روچي ۽ روپي کي ڪيس کڻڻ لاءِ چيو. روچيراڻيءَ شاليمار جي مالڪ کي لکيو ته اوھين جيڪڏھن موھن تي لڳايل ڪوڙا الزام واپس نه وٺندا ته اوھان جا فرشتا به اوھان کي بچائي نه سگھندا. سيٺ ضد ۾ ويو. بمبئيءَ جو وڏو وڪيل ڪيائين. ان مون تي الھاس نگر ۾ ڪيس ڪرڻ لاءِ ھتي ٻه مڪاني وڪيل ڪيا. اھي به پوليس اسٽيشن تي ھئا ۽ کلي کلي چيائون ته توکي ست سال جيل ۾ نه وجھايوسين ته وڪالت ڇڏي ڏينداسين. مون چيو مان ”اوھان ڪوڙا ڪيس کڻو ٿا. وڪالت ڇڏيندا ته شريف ماڻھن جي عزت رھجي ايندي. اوھان منھنجي مجبوري ته ڏسي ڇڏي آھي. ھاڻي طاقت ڏسجو. خود ئي گھر معافي وٺڻ ايندا“.
ڪمل کي چيم ”تو ضمانت ڏني، ڏاڍي خوشي ٿيم. ان کي ئي ته رفيق- حيات چئبو آھي. مون ته سمجھيو ته تون شايد منھنجون مجبوريون سمجھي نه سگھين ۽ مون کي ڇڏي ڏين“.
” مجبورين کي منھن ڏئي سگھبو آھي ۽ انھن کان بچي سگھبو آھي“.
” ڪيئن“؟
” اِھو اوھان کي شاديءَ بعد سيکاريندس“.
” ڇا لکڻ بند ڪرائيندينءَ“؟
” نه- اوھان جو لکڻ مون کي وڻندو آھي“.
” سگريٽ ڇڪڻ ڇڏائيندينءَ“؟
” نه - اوھين سگريٽ ڇڪڻ وقت مون کي ڏاڍا وڻندا آھيو“.
” ته ڇا سيکارينديءَ“؟
” ڪجھ دنيا داري“.
مان اتان ٿي ڪمل جي گھر ويس. اتي ان پھريون ڪاميابيءَ تي وِسڪي جي بوتل کوليائون. مون به پيگ پيتو. مون کي لڳو ته مصيبتون ختم ٿيڻ کان اڳ واڳوءَ وانگر پڇ جو ٺڪاءُ ڪري رھيون آھن.
ٻئي ڏينھن مون جئرامداس دولترام کي دھليءَ جي پتي تي خط لکيو. مڪان مالڪ جو پتو به لکيومانس. ھن جي سياسي نظرئي، ڪارج ۽ سندس ديوناگريءَ لپي خلاف ته مون تمام گھڻو سخت لکيو ھو. مون کيس پنھنجو سڄو مقدمو لکيو ۽ کيس چيم ته اميد ته ان سماجڪ ڪم لاءِ اوھين سياسي مت ڀيدن کي خيال ۾ نه آڻيندا.
شري جئرامداس ٻه تارون ڪيون. ھڪ مڪان مالڪ کي. ان جو نقل رام پنجواڻيءَ ۽ مون کي. ٻي رام پنجواڻيءَ کي ۽ ان جو نقل مون کي. پھرين تار ۾ لکيائين؛ موھن ڪلپنا خلاف ڪو به قدم نه کڻو. وڌيڪ اوھان کي پروفيسر رام پنجواڻي سمجھائيندو. رام پنجواڻيءَ کي لکيائين؛ رام ڏسج، جيئن موھن جيل ۾ نه وڃي ۽ مٿس ڪو ڪيس نه ٿئي. ھو اسان جو بيحد پيارو ليکڪ آھي.
پھريون دفعو مون کي جئرامداس لاءِ شرڌا جاڳي، چاھي سندس مرڻ تائين. مان سندس نظريہ سياست شامل ٿي نه سگھيس. گنو وري عزيز سان گڏيو. حيدرآبادي سنڌ ورقيءَ، عزيز کي گرو ڪري مڃيندا ھئا. عزيز گني کي چيو ”موھن آھي بي خيالو. ان ڏينھن ميٽرو ٻاھران ھلندڙ بس مان لھي پيو. پر چئينس، عزيز جي ھوندي تنھنجو وار وِنگو نه ٿيندو. چرين پنج اٺ سؤ رپين لاءِ ايڏو ھنگامو مچايو آھي“. گني منھنجي شڪل ڏسي چيو ”مون زندگيءَ ۾ ڪڏھن به توکي نروس ٿيندي نه ڏٺو آھي. گھٻراءِ نه. سڀ ٺيڪ ٿيندو“.
رام پنجواڻي مڪان مالڪ جي دڪان تي ويو. مان مالڪ جي وڪيل وٽ. ھن جي آفيس به ميڊوز اسٽريٽ ۾ ھئي. پنھنجي واقفيت ڏيڻ بعد چيومانس، اوھان وڪيلن وٽ ڇا دل نه ٿيندي آھي“!
ڪافي پڙھيل ھو چيائين ”جي دل جو سوچيان ھا ته ”آرٽس“ کڻان ھا”-لا“ نه کڻان ھا“.
” جيڪڏھن آرٽس کڻو ھا ته پنھنجي ڪلائينٽ کي غلط صلاحون نه ڏيو ھا“.
” مون ڪيترن ليکڪن جون جيونيون پڙھيون آھن. سڀ ائين ھوندا آھن. گولڊ سمٿ کي مڪان مالڪ جيل ۾ وجھايو ته کيس بچائڻ لاءِ جانسن ھڪ گني موڪلي. مگر ضمامت ڏيڻ بدران گولڊ سمٿ گني پڙ تي رکي. جڏھن جانسن جيل ۾ گڏجڻ ويو ته ڏٺائين ھن جيلر سان جُوا ويٺي ڪئي“.
”اوھان انھن جيونين مان ڪجھ سکيا به آھيو“؟
” اوھان جھڙن ماڻھن کي سھوليت سان جيل موڪلڻ جي ڄاڻ ملندي آھي“.
” اوھان ۽ وئشيائن ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ وئشيائون جسم وڪڻڻ ۾، وڪيل پنھنجو وويڪ“.
” ڳالھاءِ ٻچا- آخر تنھنجي جنازي جي سرگس ۾ مان ئي شامل ٿيندس“.
” ڏسجو“ ڪٿي مون بدران اوھانکي ڪلھو نه ملي وڃي“-
ٻئي ڏينھن رام پنجواڻيءَ جئہ ھند ڪاليج ۾ پنھنجي روم ۾ گھرايو ۽ ارجن شاد اڳيان چيائين ”مون کي ڏسي ڀائي حيران ٿي ويو. ڳالھ ڪئي مانس. چي؛
” ليکراج عزيز به ٿي ويو آھي. آخر اِھو آھي ڪَھڙِي بَلا جو جئرامداس جھڙي بزرگ نيتا ھن لاءِ تار ڪئٖي آھي. ۽ اوھين منھنجي دڪان تي چڙھٖي آيا آھيو؟ مون چيو مانس؛ موھن ڪلپنا اسان جو پيارو ليکڪ آھي. خوددار آھي. ذھين آھي. بيباڪ آھي. ٿورو گستاخ به آھي، پر ڏنگو ماڻھو اصل ڪونٖھي. چي؛ منھنجٖي عزت جو سوال آھي. ھن مون کي جوتو ڏيکاريو. پنجواڻيءَ صاحب، بيئرر چيڪ کڻو. جيترا پئسا کپن، ان تي لکو. پنج ھزار، پنجاھ ھزار. اسانکي توھان لاءِ عزت آھي. پر اسين ھڪ غريب، ليکڪ ھٿان ھار کائڻ لاءِ تيار ناھيون. چئو ته سڄو دڪان لکي ڏيانوَ. مون چيو مانس؛ منھنجي ڳالھ نه مڃيو ته باقي منھنجي ڪھڙي عزت ڪيئي. آخر ھو جھڪيو - ان شرط تي ته ٻي جڳھ ملڻ تي تون اِھا خالي ڪندين. ھو سڀ ڪيس واپس وٺندو“.
ھي اُھوئي رام پنجواڻي ھو، جنھن کي مون دنيا اسٽيج تان ڀڄايو ھو. چاھي ھا ته ٿورو وڌيڪ مصيبت ۾ آڻي سگھي ھا. سنڌي ماڻھو ته کيس پوڄيندا آھن. مون لاءِ ھن ڪيتري تڪليف ورتي. ھاڻ مان جيل نه ويندس. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. سندس مھرباني مڃيم. پر اِن احسان جو الائونس کيس مون ادب ۾ اڃا تائين نه ڏنو آھي. نه يا عمر ڏيڻ وارو آھيان. ساڳئي وقت سندس اِن احسان لاءِ ذاتي طور سندس زندگيءَ ڀر شڪر گذار رھندس. ھڪ فراخدل دوست چيو ”موھن، مان جيل ۾ وڃڻ پسند ڪريان ھا. پر جئرامداس جو احسان نه کڻان ھا“.
چيومانس ”واھ، ڇا شان آھي! تون جيل ۾ به ڪو نه وئين ۽ اِھو به ثابت ڪيئي ته تون مون کان وڌيڪ خوددار آھين“.