4
“”هي گھر آھي“.
”زالون آھن“؟
”اھي ھندوستان ويون آھن، اسين به ٻن ٽن ڏينھَنَ ۾ وينداسين“.
”اسان کي سرچ ڪرڻي آھي“؟
”ڇا جي“؟
”ھٿيارنَ جي“؟..
”ھٿيار ۽ ھتي، مان اسڪولي شاگرد آھيان ۽ ھندوستان وڃي فلمي ائڪٽر ٿيڻ چاھيان ٿو“.
”دروازو کول سڄو “؟. ھو اندر گھڙيا، چرن جيت ڏڪي ويو، مون کي چيائين، ٻاھر بلڊنگ کي مليٽري گھيرو ڪيو آھي.
چيو مانس، تنھنجي شڪل خراب آھي،
چئجانءِ مان ھن جو نوڪر آھيان. مان ڪرچيون ۽ ڪارتوس بالڪنيءَ ۾ تلسين جي ڪونڊين ھيٺان لڪائي رکيا ھئا، جي اھي کين ملن ھا ته گرفتاري ۾ ڦاسي طئي ھئي. ھو ته اسان جون شڪليون ڏسي لڄي ٿيا ۽ اڇاتري سرچ ڪري، معافي وٺي واپس موٽي ويا. ڀاڀيءَ چيو؛ ھتي رھڻ ٺيڪ نه آھي. سو رتن تلاءُ تي ھڪ جڳھ مسواڙ تي ڪيائين، سنگھ جون شاخون لڳڻ بند ٿي ويون. مامن جو ھڪ دوست مسلمان ھو، جو ڪنھن ھندو ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ھندو سڏائيندو ھو ۽ پنھنجو نالو ڀڳوان رکيو ھئائين. ھن مون کي ڪراچيءَ صدر ۾ پي-ڊبليو-ڊي آفيس جي جھرڪ ڊويزن ۾ ھڪ ٽريسر جي نوڪري وٺي ڏني. پگھار ستر رپيا. ڏاڍي خوشي ٿي. اھو زمانو ڪجھ ٻيو ھو.
6 جنوري 1948ع ۾ بھار مان آيل مھاجرن فساد ڪيا ۽ اٺ ڏھ سک ماڻھو ماري ڇڏيائون. ڪي ٽولا رتن تلاءُ تي ڦرون ڪرڻ آيا ۽ ھڪ اسان جي گھر به آيو. ھڪ جوان ڪپ کولي گھر ۾ گھڙيو، ڀاڀي کين چيو، ”ڇا اسلام توھان کي سيکاري ٿو ته زالن ۽ ٻارن تي حملو ڪريو، اوھان کي ڇا ملندو؟ منھنجي ٻچن کي ھٿ نه لڳايو، ڀل مون کي ماريو“.
مان ھجان ھا ته شايد خونريزي ٿئي ھا. پر مان آفيس ۾ ھئس. ٻڌم ته ڀاڀي ڪجھ اھڙي وشواس مان ڳالھايو جو ھو واپس ھليا ويا. ۽ ھڪ پاجي ڀت تي ڪليءَ ۾ ٽنگيل منھنجي اڇي پينٽ کڻي ويو. اُن جو دک سال منھنجي من تي قائم رھيو. اُھو پائيندو ھوس ته نياضي ياد ايندي ھئي. اڃا به ڪڏھن اڇي ڊريس پائيندو آھيان ته اڪثر ھوءَ ياد ايندي آھي.
مان ٽرام ۾ چڙھي آفيس ويندو ھوس ۽ ٽرام ۾ واپس ايندو ھوس.
اتان سڌو پنھنجي اڳئين پاڙي ۾ ويندو ھوس. جنھن جي رونق بدلجي ويئي ھئي.
سنسان، ڪابه چھل پھل نه.
جمعو دادا: جو محرم ڏينھن پاڻ کي ماري رتو رت ڪندو، چوندو ھو؛ ڪيئن يار. تون به سنڌ ڇڏي ويندين؟ جمعو دادا باڪسر ھو. ماڻھن کي مارون ڏيندو ھو. پر ڪپ نه ھلائيندو ھو. اھي اسان جي پاڙي جا مئجسٽريٽ ھئا. ڪو ٻيو غنڊو ان حد ۾ گھڙيو ته جمعي دادا جا ٽڪر ۽ مڪون چالو. ائين بھار مان ھڪ جعفري دادا آيو ھو ۽ جمعي کي ڏاڍي مار ڏني ھئائين. سنڌين مارون ئي ته کاڌيون آھن. ھيٺ جمنوءَ جي ھوٽل ھئي. جمعي جو اتي پنڪج ملڪ جا راڳ ايندا ھئا ۽ سڄو ڏينھن جڳنو پڪچر جو رڪارڊ ھلندو ھو. نورجھان ۽ رفيع جو ڳاتل؛
يھان بدلا وفا ڪا بي ڪي سوا ڪيا ھئي
محبت ڪر ڀي ديکا، محبت ۾ ڀي دوکا ھئي
اھو رڪارڊ اڃا به ياد اٿم. سوچيم وڏي آھي ته ڇا ٿيو، شادي ڪندس ته نورجھان سان. مون نورجھان ۽ ھل اسٽيشن ماٿيران سان زبردست محبت ڪئي آھي. مان انڊيا ويس ۽ ھو پاڪستان ھلي آئي.
شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽيءَ کي جو ھو بيچ جي بنگلي تي ھڪ گانو ٻڌايو ھئم ؛
مجھ سي پھلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ.
ان غير سنڌين جي فساد سبب ھندن ۾ ٿرٿلو ۽ ھراس پيدا ٿيو ۽ ھڪ ڏينھن اسين به پنھنجا ٽپڙ کڻي اٺ گاڏي ۾ چڙھي ڪراچي بندر آياسين. ڪراچي عيدگاھ ٻاھران ڪافي سنڌي ڪتاب ٿي وڪاميا. ٻين ٻين آني. مون ڪافي ڪتاب خريد ڪيا. شايد اھو 16جنوري 1948ع جو ڏينھن ھو ۽ مان حياتيءَ جا سترنھن سال پورا ڪري رھيو ھوس. اُھا اٺ گاڏي پل پل مون کي منھنجي ڌرتيءَ، سنڌوءَ ماءُ کان پري ڪندي ھلي. برنس روڊ، ڪچھري روڊ، ڊي-جي سنڌ ڪاليج. گاڏي کاتو، لائيٽ ھائوس، بندر روڊ، ميونسپالٽي، بولٽن مارڪيٽ. جمعي دادا ڏسي ورتو ۽ سائيڪل تي اچي ھٿ ڏيئي ھلڻ لڳو، چيائين، ”ڀاءُ ھميشه لاءِ ٿو وڃين“؟ ”نه“مون چيو. ”مان واپس ايندس.“ ھن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ھو ھليو ويو. واپس ۽ مان ؟
۽ اھو به سنڌ.
سگريٽ جي دونھي ۾ اڃا به ڏسان پيو، پنھنجي ڪراچي اھا اٺ گاڏي ۽ جلاوطنيءَ جو سفر. ٻليءَ ٽب مان ٻاھر نڪرڻ لاءِ ڏاڍا وڏا ٽپا ڏنا. پر بت کان وڏيون ڀتيون -ڪجي ڇا-؟ ھڪ سرد آھ، ھڪ زرد ماٺ.
ختم ٿي ويو اھو سندر جيون. اھو سنڌ جي زمين تي ھلڻ ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائڻ. ھاڻ اھي منگھن جا منظر نه ڏسبا، نه اھا جوان ڇوڪرين جي جھمر پيل ڌاڳا ٻڌي انھن جو نچڻ ۽ زالن جو سنڌوءَ ۾ ڏيا مارڻ!سنڌ اسين ھن بلبلون ۽ ھوءَ اسان جو گلستان (اقبال). اھو کليل آسمان ۽ سڌي سنوت واري ڌرتي. ان جا ماڻھو به سڌا سادا. ختم ٿي وئي اھا بي فڪر سوچ ۽ آرام جي زندگيءَ. اھي کير ۽ مکڻ. پڪوان ۽ سيرا. اھي عيد تي ٻوڙ ۽ نياضيءَ جي ڇاڇ.
مان ھندي ھندوستان ٿي ويس. پر من ۾ خوشي نه ھئي، پر ھندستان ھندي ۽ ھندو نه ھو، سيڪيولر ھو. اھو پوءِ ڄاتم، سنڌ ۾ اتر پرديش ۽ بھار جا مھاجر آيا ته ھراس وچان ھندو ڀڄڻ لڳا. ھو مذھب جي نالي پنھنجي ڌرتي ڇڏي آيا. اسان خون خرابيءَ بدران ملڪ بدر ڪرڻ پسند ڪيو.
ان ۾ به سنڌين جو تصوف آھي. اسين توھان کي نه کپون؟ چڱو وڃون ٿا. ھاڻ جڏھن توھين گھرائندا، تڏھن اينداسين نه ته ڌارين زمين تي ختم ٿي وينداسين! آباد سنڌو ماٿريءَ جي ڪجھ بناوٽ اھڙي آھي. تاريخ ۾ اسان تي ڏاڍا حملا ٿيا ۽ اسان مقابلو ڪيو ۽ اڪثر مارون کاڌيوسين. پر سنڌي مسلمان ڀائر اسان کي نه چاھين ته اھو اسان کان برداشت ٿي نه سگھيو. ھڪ منزل گاھ ئي پس پيش اسان کي ملڪ بدر ڪيو. اسان اھا به غلطي ڪئي جو اسان بمبئيءَ کان سنڌ جي ڪٽجڻ جي مخالفت ڪئي، ان ڪري قوم پرست مسلم عوام اسان کان ڪٽجي ويو. اسان تنگ رستي کان ھلياسين ۽ پوءِ رستو ئي نه ھو ۽ تاريخ جون گمناميون ھيون. اوندھ ۽ لاھيون ۽ لاھيون پوءِ بس باھيون ھيون.
بندر تي ھڪ سمنڊ ماڻھن جو به ھو. اسين ھڪ رات چادرون وڇائي پٽ تي سمھياسين ۽ ٻئي ڏينھن جھاز ۽ بندر جي وچ ۾ لٽڪيل ڏاڪڻ تان ڌڪا کائيندي مٿي ڊيڪ تي چڙھي وياسين. ماڻھن ۾ ڏک ھو ته ھنن وطن ڇڏيو ٿي ۽ ھڪ اڻ لکي خوشي به ھئي ته ھو ھن ملڪ ڏانھن ٿي ويا جتي ھو آزاديءَ سان سلامتيءَ سان ساھ کڻي سگھيا ٿي. !
پٽ تي منھنجي سامھون ھڪ جوان ڇوڪري ليٽيل ھئي، منھنجا پير ھن جي منھن جي ڀرسان پئجي رھيا ھئا. ھڪ کن لاءِ خيال آيم ته ھڪ پير آھستي وڌائي ھن جي ڇاتيءَ تي رکان، وري سوچيم. ائين ٺيڪ نه ٿيندو، من ۾ ڪافي وقت جنگ ھلي، جنھن ۾ مون ھار کاڌي يعني پنھنجي خواھش پوري نه ڪيم. ڊيڪ تي ھڪ ڇوڪري وار کولي بيٺي ھئي. مان ڀرسان وڃي بيٺومانس. ھن جو آنچل ھوا ۾ ڦڙڦڙائي رھيو ھو. مان اڇي ڊريس ۾ ھن مون ڏانھن نھاريو. ڄڻ صدين کان سڃاڻي، اوھ تون! پر منھن تي ڪا به مشڪ نه، جا اھڙن موقعن تي ھلڪڙائپ لڳندي آھي. پوءِ ھوءَ ھلي، بيٺي پٺيان نھاريائين، مشڪي، شڪجي، سمھي. ڄڻ مون سان ھڪ خيالي ٽڪر کاڌائين ۽ چيلھ تي رکيل ھڪ خيالي گلن جي ٿالھي پٽ تي ڪيرائي ڇڏيائين. منھنجي اکين ۾ به خواب ھئا. ڪجھ ڌنڌلا، مبھم. عورتون عورتون آھن. جتي وڃ اتي انھن جو سنيھ آھي. ڄڻ نرسون آھن. زخمن کي مرھم ھڻن ۽ بيٺي بيٺي دونھون ٿي وڃن. مون ”رڃ ۽ پاڇا“ ۾ ھن جو ڪردار کنيو آھي. نالو وندنا رکيو مانس. ھئي الائي ڪير ۽ وري جيون ۾ نه ملي. ائين مون بمبئي ۾ ھن جي تلاش ڪئي. مرين ڊرائيو تي، ھئگنگ گارڊن تي. چوپاٽيءَ ۽ جھو ۽ گيٽ وي آف انڊيا تي. ھوءَ ھڪ زخم ڇٽائي ٻيو زخم ڪري وئي.
جھاز ھليو ۽ مان آھستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس. سڀ ته ياد اٿم. خوش رھو اي اھل وطن ھم تو سفر ڪرتي ھئي، دور ديوار پر حسرت ڪي نظر ڪرتي ھئي. خيال آيم ته ھوا جو جھوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي زمين مڪانن ۽ ماڻھن کي چمڻ شروع ڪريان. ڪتو ٿي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي ھلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻھاري ڏيئي ان جي مٽيءَ سان سنان ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مھل پائبو آھي.
گھڻا سال پوءِ مون ھڪ ڪوِتا لکي:
”جھاز جي ڊيڪ تي“
ڪي سٽون ھن ريت آھن. :
اڄ حياتي زھر ڍڪ تي پنھنجو ست آھي وڪيو
اڄ وڇن جو فلسفو ئي زندگيءَ جو فلسفو آ
موت ٿو اڄ زندگيءَ جا حج ڪري
اڄ آ ڇاتيءَ تي زيارت
چڪ ۽ چنبي ڪپ ڇريءَ جي!
ھي برابر زھر يگ آ-زھر يگ آ زھر يگ آ
ھيٺ پاڻيءَ ۽ مٿي آڪاش آھي
وچ ۾ منھنجو لاش آھي-لاش آھي (1958(
دراصل وطن جي ياد ھميشه ايندي ھئي پر رڳ گھڻو پوءِ ڇڪڻ لڳي. اڳ واپس موٽڻ جي آس ھئي جنھن آس نامعلوم ڪڏھن پنھنجو دم ٽوڙيو. ھاڻ فقط سنڌ ڏسڻ جي خواھش اٿم جا به شايد بيھوشيءَ جي عالم ۾ آھي يا مري دم ٽوڙي چڪي آھي.
سنڌ ۾ جيون جو ھڪ ڪانڊ پورو ٿيو.
بمبئي بندر کان وي-ٽي آياسين. ڏسون ته گاڏيون بنا انجڻ جي پيون ھلن. اسين به سامان کڻي چڙھي پياسين. گاڏي خالي ھئي. ھاڻ اھا خالي گاڏي به فقط خوابن ۾ ڏسي سگھبي آھي. ھينئر گاڏيءَ ۾ جڳھ ملي، ڄڻ دفتر ۾ بونس مليو. مان فئملي کي ڪلياڻ اسٽيشن ٻاھران ڇڏي مليٽري ڇانوڻيءَ ۾ ويس. جتي اڃا به انگريز فوجي ھئا. جاچ ڪندي دادا کي ڳولي ڪڍيم. ھو مون کي ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. ڀاڪر پاتائين. پٺي ٺپريائين. کيس ڪنھن ٻڌايو 6 جنوري جي فسادن ۾ سندس فئملي مارجي ويئي ھئي. گلوبه اتي ھو ۽ خوش ٿيو. دادا ھڪ جيپ جو بندوبست ڪيو ۽ سالن بعد اسان جو ڪٽنب ھڪ ھند گڏ ٿانيڪو ٿيو. اتي ھڪ ڀيڻ وديا ڄائي جا پورو کير نه ملڻ سبب گذاري ويئي. ان رات چنڊ جي شڪل ڪتي کان بدتر ڏٺي ھيم. مون ”آواره“ ۾ ان جو منظر چٽيو آھي.
ڪئمپ ۾ فقط اسان جو سنڌي ڪٽنب ھو.
ٻه سينيمائون ھيون، جتي شام جو ٻه شو انگريزي فلمون ھلنديون ھيون. آبادي اٽڪل پندرھن ھزار. پندرھن ھزار کن انگريز ھئا. جي آھستي آھستي پنھنجي وطن روانا ٿيا. جنرل ھيڊڪوارٽر ۾ ننڍو ھوائي جھاز منھن ڀر ڪريو پيو ھو. ھڪ ڀيري ان کي منھن کان جھلي زور ڏنم ته پينگھ جي گاڏي جيان ٽيھ فوٽ مٿي چڙھي ويو ۽ پڇ وڃي پٽ سان ٺڪاءُ ڪيس. ڪافي ماڻھو گڏ ٿيا. ڇوڪرو سترنھن سالن جو ۽ ھن کي ايڏي طاقت. پوءِ اھو ھوائي جھاز الائي ڪيڏانھن ويو. اھو موجودھ ڪورٽ جي سامھون جنرل ھيڊ ڪوارٽرس ۾ ڪريو پيو ھو.
دادا وٽ پراڻو ريڊيو ھو ۽ ھڪ ڏينھن خبر آئي ته ڪنھن شخص مھاتما گانڌيءَ جو خون ڪيو ھو. سنگھ ۾ ھئڻ سبب اسان کي گانڌيءَ لاءِ ڪا عزت نه ھئي ۽ نه نھروءَ لاءِ. اسان لاءِ ھڪ ئي وڏو شخص ھو، پرم پوجنيہ شري گروجي. جنھن جا ڀاشڻ سنڌ ۾ ٻڌا ھئم ۽ پوءِ ھند ۾ به. روبرو گڏيو ھوس. شايد اھو زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ھو جو اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. پنڌ ڪري ڪلياڻ شھر ويس ۽ اتان بمبئي ويس. نھروءَ ريڊيو تي چيو، روشني ھلي ويئي، ھاڻ جتي ڪٿي انڌڪار آھي.
مئي-جون ۾ ڪئمپ ۾ سنڌي اچڻ لڳا ۽ ڪئمپون کلڻ لڳيون. جيم سائيڊنگ تي ھڪ اسڪول کليو، جتي پنجين ۾ داخلا ورتم. گنو سامتاڻي ۽ راجن چاولا ساڳئي ڪلاس ۾ ھئا ۽ اتي دوست ٿيا راجن اڄڪلھ لنڊن ۾ آھي ۽ گنو، بمبئي ۽ چرچ گيٽ تي. مون ٽئين نمبر ۾ سنگھ جي شاخا کولي، پر اتي بندش سبب ڪم وڌائي نه سگھيس. سنگھ تان بندش ھٽائڻ لاءِ ھندستان ڀر تحرڪ ھليو ۽ جي شخص ان ۾ گرفتار ٿيا، مان تن مان ھوس. چيائون معافي وٺ. مون انڪار ڪيو. مون کي ٽي مھينا سزا ملي. ۽ مان ھڪ رات ڪلياڻ لاڪ-اپ ۾، ھڪ دفعو ٿاڻا جيل ۾ ۽ باقي وقت ويساپور جيل ۾ ھوس.
ويساپور جيل ۾ اسين اٺ سئو قيدي ھئاسين. جمعي جو پاڻ ڳڻپ ڪندا ھئاسين. رانديون ڪندا ھئاسين. روز رات جو راڳ ۽ تقريرون. اتي نارائڻ ڀارتي به ھو، جو ڀت تي سنگھ تي بندش خلاف پوسٽر لڳائيندي گرفتار ٿيو. ھو پنھنجي مرضي خلاف جيل ۾ آيو ھو. ٻين کان ڪٽيو ڪٽيو رھندو ھو. البته ھو منھنجون تقريرون چاھ سان ٻڌندو ھو ۽ مون سان بحث ڪندو ھو.
جيل ۾ مون سان ڪير به گڏجڻ نه آيو. ڪو دوست به نه. مان جيل جي شيخن ٻاھران آسمان ڏانھن نھاريندو ھوس. آسمان ۾ پکي ڏسي سوچيندو ھوس ته ڪڏھن آزاد ٿيندس. ميدان تي گايون ڏسندو ھوس ته پاڻ کي بدنصيب سمجھندو ھوس.
سنڌ ۾ سنگھي ھندو ھئا ۽ ھندو راڄ جون ڳالھيون ڪندا ھئا. ھو مسلمانن جا مخالف ھئا پر کانئن نفرت نه ڪندا ھئا. جيل ۾ سنڌي ڏھ ٻارنھن ھئا- باقي گھڻا مرھٽا جي سخت ڪٽر ھئا. جوش ۾ ڳائيندا ھئا:
جئچند توني ھند ڪو برباد ڪرديا؛
غيرون ڪو لاڪي، ھند ۾ آباد ڪرديا؛
ڪاشي بني بنارس، پرياگ الھ باد؛
ايوڌا پوري ڪو، فيض آباد ڪرديا؛!
مھاتما گانڌيءَ چيو ته پاڪستان منھنجي لاش تي ٺھندو. پاڪستان ٺھيو ۽ ماڻھن گانڌيءَ جو لاش ڏٺو، گانڌي مري ويو تڏھن به جيل ۾ ڳائيندا ھئا:
اب بتا گانڌي، اب وھ تيري گانءِ ڪھان؛
پھلي ھوگي ميري ٽڪري، ڦر پاڪستان يھان.
مون کي پھريون دفعو محسوس ٿيو ته ھنن ماڻھن وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪجھ ڪونھي. فقط نعرا ۽ تقريرون ۽ نفرت آھي. رڳو ماضيءَ جون وڏايون، اڄ ڇا ڪجي، ديش کي ڪيئن مظبوط ڪجي، ٿوراين وارين جاتين جا حق ڪيئن سلامت رکجن، کين ڪجھ خبر نه آھي.
ھڪ رات اتي سيمينار ٿيو؛ جيڪڏھن گانڌيءَ جو خون نه ٿئي ھا ته؟
ڪنھن چيو؛ ته اسين ھندو راڄ قائم ڪريون ھا.
ڪنھن چيو؛ ته اسين پاڪستان کي ختم ڪريون ھا.
مون چيو؛ ڪجھ نه ٿئي ھا- اسين ٿورو گھٽ راڳ ڳايون ھا.
اسان جو ھڪ نعرو ھو؛ سنگھ ڪو توڙدو، گرو جي ڪو ڇوڙدو.
ماني، گاھ، تيل ۽ سڪل مانيون. سو کاڌو نه وڻندو ھو. چانھ به نه ملندي ھئي. اسان کي آرتوار صبح جو بوھيمنگ ۽ ڳڙ ملندو ھو. چاھ سان کائيندو ھوس ۽ ڏينھن جو گوشت. اسان جو سنڌي اڳواڻ ڪوئي ڪشور واسواڻي، فرينچ ڪٽ ڏاڙھيءَ سان، جيلر سان گڏيو ۽ چانھ جي گھر ڪيائين. ھو ۽ مان ڪافي بحث ڪندا ھئاسين. ھن جو مون کي چيو، تون ”آگ“ فلم جو راجڪپور ٿو لڳين. تون نھايت ذھين ۽ تيز آھين. تنھنجي اکين ۾ نھارڻ سان بحث جو موضوع وسريو وڃي. تون آگ جو شعلو، طوفان آھين، تون بارن انقلابي ۽ آرٽسٽ آھين.
ھڪ ڏينھن چانھ آئي ته سنڌين ڊڪ پاتي. جيل جي ھڪ مراٺي اڳواڻ سنڌين بابت ھڪ خطرناڪ رايو ڏنو ”ھنن کي ڏسو، پاڪستان ۾ مسلمانن سان وڙھي نه سگھيا ۽ ھتي چانھ پٺيان چرين وانگر ڊڪي رھيا آھن“.
چندر واسواڻيءَ چيو، ”سنڌي ھڪ ماڊرن قوم آھي، مھاراشٽرا کي چانھ قبول ڪرڻ ۾ صدي لڳندي. ھنن کي سنڌين سان جيلسي آھي“.
ھڪ مرھٽي اڳواڻ چيو، ”اوھين سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ڇو ٿا ڳالھايو. يا ھندي ۾ ڳالھايو-يا مرھٽيءَ ۾“.
سو سنگھ سان مانسڪ طور ان ڏينھن ٽٽس. پر سامھون ڪو ٻيو آدرش به نه ھو ۽ ڪم ڪرڻ جو جنون سر تي سوار ھئم.
جيل ۾ ھڪ ڏينھن گني سامتاڻي جو خط آيو، ”خبر اٿئي لال چنداڻي ٽيچر ڇا چيو؟ اسان کي موھن تي ناز آھي. ھن جو فوٽو آڻيو ته ڪلاس روم ۾ ٽنگيون. موھن تون منھنجي ڪلپنا آھين“!
منھنجي پھرين ڪھاڻي ”آتم - ھتيا “موھن لالا جي نالي سان ڇپي. گني جي خط بعد مون پنھنجو نالو ڊسمبر 1948ع ۾ موھن ڪلپنا رکيو جو اڃا تائين قائم اٿم. جيتوڻيڪ گھڻا دفعا سوچيو اٿم ته نالي پٺيان تخلص جي ڪا ضرورت نه آھي ۽ ڪلپنا لفظ کي ڇڏي ڏيان!
گنو سامتاڻي مون کان چار سال ننڍو آھي. چوڏھن سالن جي عمر ۾ اھو خط لکيو ھئائين. شيرين زبان، تيز ذھن، ادب جو تمام گھڻو اڀياس، مھذب، سٺا ڪپڙا پائڻ جو شوق، سھڻو جھڙو انگريز. ھن تي ڇوڪريون عاشق ٿيون، پر ھو ڪڏھن اک کڻي نه نھاريندو. ٿورو وڏو ٿيو ته ڇوڪريون کيس ودوان سمجھي پيرين پوڻ لڳيون. گني جا پير ڏاڍا اڇا ۽ سھڻا. ھڪ دفعي چيومانس، ڇوڪرين تنھنجي ايتري چرڻ وندنا ڪئي آھي جو ان ۾ مون ڪڏھن به مٽي نه ڏٺي آھي. پاڻ انتر -مکي ڏک ھن به ڏٺا پر اُڦ نه ڪيائين. راجن چاولا ٻاھر -مکي لوھي بدن پر ٺاھوڪو، مارڪٽ ۾ ھوشيار. موھن ھن کي-؟ ھا! سندس ھڪ چماٽ ۽ ڇوڪرو واچوڙي وانگر ڦرندو وڃي. پاڻ به ھڪ مخصوص رات مون سان گڏ گرفتار ٿيڻو ھو، پر سندس والد ڀاشيمل کي سڻس پئجي وئي ۽ ھڪ ڪمري ۾ کيس بند ڪري ٻاھران ڪلف لڳائي ڇڏيائين. راجو ڇت تان ٽائيلس لاھي به مون وٽ اچڻ ۽ جيل ۾ ھلڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ ڏاڍا ٽپا ڏنائين پر ڇت تائين پھچي نه سگھيو. ادب ۾ اسان ٽنھي ڪميونسٽن جو زبردست مقابلو ڪيو ۽ اسان کي ”ٿري ائنگري ينگ مين آف سنڌي لٽريچر“ جو خطاب مليو. اسان ترقي پسندن کي قوميت جي صليب تي لٽڪائي ڇڏيو. پوءِ راجن چاولا ادب ۾ پندرھن سال گڏ رھي ڌنڌي ۾ ھليو ويو ۽ سندن ڪرسيءَ تي آرام سان اچي لعل پشپ ويٺو. جنھن جي گفتگو ۽ قلم ۾ اڪثر زھر رھيو آھي. ادب ۾ اسان جي ٽمورتيءَ تي تمام گھڻو لکيو ويو آھي. ھونءَ لعل پشپ 1954ع کان اسان جي دوستي ۾ آيو. سٺ کان چوھٺ تائين راجوءَ جي تخت تي براجمان ٿيو. راجو وري فلمن ۾ ويو پر اھو ٻيو قصو آھي.
جيل ۾ پاڻي خراب ھئڻ سبب مون کي ڦٽ ڦرڙيون ٿي پيا، سو مون کي ڦاسي گھاٽ جي ھڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيائون جا ڇھ -فوٽ ھئي. ڪاڪوس پاڻي اندر ماني شيخن مان ڏني وڃي. پاسي ۾ ھڪ ٻي ڪوٺي، جتي ھڪ چاليھن سالن جو قيدي، جنھن کي ڦاسي اچڻي ھئي. ھڪ دفعي ھن آواز ڏنو، ”ڇا تو به زال جو خون ڪيو“؟
”مان ڪنوارو آھيان“.
”عمر“؟
”ارڙھن سال“.
”توکي ڇو بند ڪيائون “؟
”مان سچ ڳالھائيندو آھيان“.
”سچ تي ڦاسي“؟
”ڦاسي نه جيل. توھان کي ڦاسي ايندي“؟
”ھا“.
”ڇو“؟
”مون زال جون خون ڪيو آھي“.
”ھوءَ بي وفا نڪتي“.
”زالون بي وفا نه ٿينديون آھن“.
”تڏھن“؟
”تو ھن کي پيار نه ڏنو ھوندو. کيس اھو ٻئي ھنڌان مليو ھوندو. ھلي ويئي ھوندي“.
”ڀلا مان مزوري ڪريان يا سڄو ڏينھن چمانس.. چٽيانس“..
”سو اوھان کي ڦاسي ايندي“؟
”ھا“.
ھو مون کي پنھنجي چانھ، ڳڙ، بوھيمگ ۽ گوشت ڏيندو ھو. جڏھن ڦاسيءَ لاءِ وٺي ويس ته سامھون ٿيو چيائين، ”مون کي خبر پئي ته اوھين ديش ڀڳت آھيو. ڀاءُ ھتي اھڙو راڄ برپا ڪريو جو مزورن کي سٺو پگھار ملي. کين آرام ملي ته جيئن ھو زالن سان پيار ڪري سگھن“. منھن ۾ وارن جو جھنگل ۽ اکين ۾ پاڻي، خبر ناھي ڪٿي وڃي ڦاسي ڏنائونس. ھو ويو ته وري اھو خيال آيم:
ائين ٿيڻ نه کپندو ھو!
مان ھر کن جيئڻ ۽ ماڻڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. پاڻ سان ٻين سان نباھڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. ان ڀرپور احساس سان ڪڏھن ڪڏھن ارد گرد کان ڪٽجي به ويندو آھيان ۽ گھڻن کي اجنبي لڳندو آھيان. مون ڪڏھن به پنھنجي سامھون مفاد پرستيءَ جو نظريو نه رکيو آھي ۽ نه ڪڏھن ڪنھن سان گڏجي منصوبا سٽيا اٿم. فلسفن جو وڍ ڪٽ ڪرڻ ۾ ماھر آھيان. سنڌوءَ ۾ ٽٻيون گھٽ ڏنم پر ٽٻين ۾ پوڻ جي عادت اٿم. مون انسانن جي تاريخ تي گھڻو سوچيو آھي ۽ انھن جا نفاق فساد ۽ جنگيون ڏسي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويندو آھيان. ته اسين ڪجھ سڌرنداسين به يا نه.
جيل ۾ کل مستي به ٿيندي ھئي. ڪو سمھيو پيو ھوندو ته ان جي قميص ۾ نوڙي ٻڌنداسين ۽ نوڙيءَ کي ٿنڀي سان. پوءِ اٿاري چونداسين ته فلاڻا تنھنجو خط! اٿي ڊڪندو ۽ ڌو، منھن ڀر وڃي ڪرندو. قميص به ڦاٽي پوندس ۽ ٿورو شرمندو ٿيندو ۽ پنھنجو نالو بيوقوفن جي فھرست ۾ ڳڻائي موٽي ايندو. ڪو کونگھرا ھڻندو ته کيس بستري سوڌو کڻي ٻاھر ڪاڪوس ٻاھران ڇڏي اينداسين. پوءِ صبح جو اٿندو ته چٻري جيان سوچ ۾ پئجي ويندو، ڄڻ تازو ماءُ پيٽان ڄمي دنيا ۾ آيو آھي. ۽ اوئان اوئان پيو ڪندو ته مان ۽ ڪاڪوس ٻاھران ڪيئن - پر ڪاڪوس اھو جو ڪڏھن مھاتما گانڌي خود صفا ڪندو ھو.
ھڪ دفعي اڳواڻ چيو وڙھڻ سکو. ھڪ ٻئي کي ڌڪ ھڻو ۽ پٽ تي ڪيرايو. سو ھڪ بھادر گھاٽي مون ڏانھن ڊڪيو. جي مٿان ڪري ھا ته شايد ڇاتيءَ جون ھڏيون ڀڄي پون ھا. ھو تيز رفتاريءَ سان ڊوڙيو ۽ پاڻ تي ڪو ظابطو نه رکيائين جيئن سندس سڄو بار مون مٿان پوي. مون ساڄي ٽنگ پٺيان ڪئي، ڪلھو کاٻي ورايم ۽ ڦڙتائي سان سندس ٻانھن ۾ ھٿ وجھي ان طرف ڌڪيومانس جتي حد ھئي ۽ ڪنڊن واريون لوھ جون تارون ھيون. ھو وڌيڪ رفتار سان انھن تارن مٿان وڃي ڪريو ۽ ضربجي ويو. اٽڪل سورھن فوٽ پريان ڪريو. اھي موجون به ختم ٿي ويون ۽ ڦاسي جي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ٿيس.
ڪڏھن سنڌ جي ياد ايندي ھئي. ڪڏھن نياضيءَ جي. ڪڏھن شيلا جي ۽ ڪڏھن ڪملا جي.