1
دنيا ۾ سڀ کان وڏو قدر آھي انسان جي پاڪ ۽ مقدس جذبن جو بچاءُ. اھو قدر ھندوستانين ۾ ورڻ سرشتي ۾ مار ٿو کائي. ڪن کي ڀڳوان منھن مان، ڪن کي ٻانھن ٽنگن مان، ڪن کي پيرن مان پيدا ڪيو. برھمڻ، کتري، وئش شودر، شودرن کي اڇوت به چون. پر اھي برھمڻ جڏھن ڀڳوان جي مورتيءَ جي پوڄا ڪن ته ڌوئن ھن جا پير ٿا. ڪيڏو ٻھروپ! کين ڀڳوان جا پير اصل نه ڌوئڻ گھرجن جو اھي اڇوت آھن. برھمڻ جو ڪم آھي وديا ڏيڻ. مگر برھمڻ وٽ ھن ديش کي مضبوط ۽ طاقتور بنائڻ لاءِ ڪو علم نه آھي. جڏھن ھنن بيلچيءَ جي ڪن اڇوت ڪٽنبن کي جيئري جلائي ڇڏيو ته ڄڻ پنھنجي ورڻ تي فتويٰ ڏني ته ھندوستان ۾ فلسفانه سطح تي اھو طبقو ختم آھي.
ھاڻي ته کتري به اھي آھن جي فوج ۾ آھن. ھر ذات آھي ان ۾ ساڳي حالت واپار جي آھي:ڪوڙ، ٺڳي، ملاوٽ، ڪارو ڌنڌو. ۽ شودر به وزير ٿيڻ لڳا آھن ۽ ھندوستان جي بچاءُ جھڙا وڏا کاتا سنڀاليا آھن.
سو جنم مان ڪير به ڪجھ نٿو ٿئي. اھو سرشتو ختم ٿي رھيو آھي. جرمن ۽ يھودي، يھودي ۽ عرب، مسلمان ۽ ھندو، انھن سڀني جا گڙ، ڪنھن سطح تي ته ھڪ ڳالھ ڪن ٿا مگر ان جي غلط پڙھائي سبب ڪي شخص ۽ سرشتا، انسان جي سوکيم عمل ۽ سريشٽ ڀاونائن جي ھنسا ڪن ٿا. انھن پوڄا لائق ڪتابن ۾، اصولن جون وڏيون وڏيون ڳالھيون آھن ۽ اھي سڀ اصول تاريخ ۾ انساني قدرن کي ڪچليندا نظر اچن ٿا. ٻن جرمنين جي وچ ۾ ديوار ڇو آھي؟ فلسطيني ملڪ وجود ۾ ڇو نٿو اچي؟ ٻه ڪوريائون ڇو آھن؟ ڪجھ ۽ ڇا ڪٿي ٿو ضربجي ۽ اھا قوميت جي ھنسا آھي.
منھنجي جيون ۾ انھن سوالن جي مناسبت آھي به ۽ نه به آھي. قدرت انسان کي اھو ستايو آھي جو ھو پنھنجي وجود جي پاڇي کان ڏڪي ٿو ۽ ان کي گولي ھڻي ٿو. ۽ جڏھن پاڇو نٿو مري تڏھن ھو سچ جي ڳولا ڪري پاڻ کي گولي ھڻي ٿو ڇڏي. مھاڀارت کان وٺي ٻي عالمگير جنگ تائين انسان ائين ڪيو آھي. مون گھڻن وڏن ماڻھن جون جيونيون پڙھيون آھن. اھي مون کي ڏاڍا ننڍا لڳندا آھن. بس پنھنجي زمين جو ٽڪر، پنھنجا ماڻھو، پنھنجو ڪلچر ۽ نظام، جنگ ۽ تباھي. ڪتاب نيپولين کي وڏو جنگي سورمو سمجھندا آھن. ھڪ غنڊو، شخصي سطح تي ھڪ خون ڪري ته اسين ان کي پڪڙي، کيس ٿڪون ۽ مڪون ھڻي، جيلن ۾ بند ڪرائيندا آھيون پر اھو ساڳيو ماڻھو قومي سطح تي خونريزي ڪري ته ان کي سورمو سڏيندا آھيون. ڪرشن ڀڳوان سچ جو طرفدار ٿيو پر ھڪ ھڪ ڪورو کي ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ سان مارايو.
چي: ھنن ڪوروَن به ته اوھان سان دولاب ڪيو. يعني جو ڪوروَن پھرين ڪيو سو پانڊوَن پوءِ ڪيو ۽ سڀ خلاص. اھي سڀ قومي سورما آھن. ھٽلر ۽ مسولني قومي غنڊا ھئا. کين انسان جي سچن دشمنن جي خبر نه ھئ ته اھي آھن بک، غريبي، بيماري، جھالت، قدرت طرفان ٻوڏ سوڪ زلزلا، ان ڪري منھنجو يقين آھي ته دنيا ۾ فقط ٻن قسمن جا وڏا ماڻھو پيدا ٿيا آھن:
ھڪڙا و گياني ۽ ٻيا ڪلاڪار.
وگيانين دنيا کي بھتر بڻايو آھي. چاھي ان ۾ اھي مفڪر اچن ٿا جن کي وگيانڪ سوچ آھي ۽ ڪلاڪار، جن جي ڪلا جيون سان پيار ڪرڻ ٿي سيکاري. باقي اھو ماڻھو، جن جيون جي بھتريءَ لاءِ جدوجھد ڪئي، مسيح کان وٺي گانڌي تائين انھن جي فھرست به وڏي آھي. انھن کان الڳ اھي درويش، صوفي جن زندگيءَ جي قدرن تي زور ڏنو، جيئن نانڪ، ڪبير، شاھ لطيف آھن.
سچا سورما اھي خسيس ماڻھو آھن جن جي ڪا نه ڪا خواھش مسيح جيان صليب تي چڙھي ٿي ۽ ڪو انسان گانڌيءَ جيان گولي کائي ٿو يا سندس ڪو خواب سقراط جيان زھر پيئي ٿو. ان ڪري مون قبول ڪري ڇڏيو آھي ته منھنجي جيون ڪٿا ھڪ اھڙي خسيس ماڻھو جو داستان آھي.
مان سکر راجا رام ھاءِ اسڪول ۾ ڪچي ٻاراڻي کان ٽئين درجي تائين پڙھيس. سامھون سنڌوءَ جو شاھي درياءَ ھو جتي مائي راجا نالي ڪو مندر به ھو. اتي ھڪ پپر جو وڻ به ھو، جتي پٿر سان ھڪ نالو لکيو ھوم: موھن، وڏو بند ھو. پاڻي اٽڪل اٺ ڏھ فوٽ ھيٺ. چاليھن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آھي، سکر نه ڏٺو اٿم. ڪڏھن ڏسندو آھيان: ھڪ ٻار آھي، پپل جي وڻ وٽ بيٺو آھي، سنڌوءَ ڏانھن نھاري رھيو آھي. چاھيندو آھيان ڪاش!ھڪ دفعو اتي پھچي وڃان. ان وڻ ھيٺان جيڪڏھن اھو اڃا به اتي آھي ۽ جي نه آھي ته ڪو تصور جو وڻ کڙو ڪريان. ائين تصور ۾ گھڻا دفعا سنڌوءَ جي ڪپ تي، پپل جي ھيٺان بيٺو آھيان. ھاڻي به ڪيترا شخص اتي بيھندا ھوندا. ڪنھن کي خبر نه ھوندي ته ان جڳھ تي ستن سالن جي عمر جو موھن ڪلپنا به بيھندو ھو:
رھندو فريئر روڊ تي ڪنھن پريس جي مٿان ھوس، جنھن جو منھن پٺئين گھٽيءَ ۾ ھوندو ھو. پريس اڪثر بند رھندي ھئي ۽ اندر ٻليون پيون گھمنديون ھيون. نم جي چاڙھيءَ وٽ شايد پوڪرداس ائنڊ سنس جو شاھي ڪتاب گھر ھو. ٿلھي تي ٽانگا اسٽينڊ ھو. رستا پڪين سرن جا ھئا، جتي ميونسپالٽيءَ جون ٽرڪون پاڻي ھاري ٿڌڪار ڪنديون ھيون يا ڪڏھن اھو ڪم پخالي ڪندا ھئا. مون کي اصل خبر نه ھئي ته انھيءَ شھر ۾ مونکان پنج ڏھ سال وڏا، شيخ اياز، سڳن آھوجا، ھيمون ڪالاڻي ۽ رشيد ڀٽي رھندا ھئا يا ان جي گھٽين مان خطرناڪ انقلابي پرچو وديارٿي لنگھندو ھو.
مان ھڪ ٻار.
اسڪول مان موٽي تير ڪمان کڻي ٻلين جا شڪار ڪندو ھوس. مون کي خبر ناھي ڪنھن جي مون ھڪ ٻلي ماري وڌي. ڪنڊ تي ھڪ گراموفون جو دڪان ھو. اتي بيھي ڪتي واري فوني جا رڪارڊ ٻڌندو ھوس، جا عادت اڳواڻن جون تقريرون ٻڌڻ ۾ تبديل ٿي. مان ان دوڪان واري کان فوني جون سيون وٺندو ھوس ۽ تيرن ۾ اڳيان، ٿلھو پاسو اندر وجھي شڪار تي نڪرندو ھوس. ھڪ دفعي پريس جي شيخن واري در مان ھڪ ٻليءَ کي پيٽ تي تير ھنيم. ٻليءَ دانھن ڪئي: ميائون... سئي اندر ھلي ويس ۽ تير سڌو ٻاھران اٽڪي پيس. ڪجھ ڪري نه سگھي. مان به کيس ڏسندو رھيس. ٻه چار دفعا اچ وڃ ڪري پوءِ اندر ھلي ويئي. ان گھٽيءَ ۾ ڪا جڳھ ٿي ٺھي. اتي ريتي، سرون ۽ چني جو منو ڀريل ٽب پيو. ھڪ ڏينھن ڏٺم ته ھڪ ڪاري ٻلي ٽب ڀرسان ويٺي آھي. اکيون بند، ڄڻ عبادت ۾ مشغول ھئي. طوفان جي تيزيءَ سان ھيٺ جھڪي مون کيس پڇ کان جھليو ۽ کيس ڇڪي چني جي ٽب ۾ وجھي ڇڏيم. ڪڏھن اندر ڪڏھن ٻاھر. ڏاڍي جدوجھد ڪيائين. ھئي ڪاري اڇي ٿي وئي. ڪافي وقت کيس ڏٺم. آخر ھوءَ ان ٽب ۾ غرق ٿي ويئي.
زندگيءَ ۾ جڏھن ڪڏھن ڪو دک ڏسندو آھيان، جڏھن بيوسيءَ جو احساس من کي سوگھو جھليندو آھي، روشنيءَ جو ڪو ترورو ڏسڻ ۾ نه ايندو آھي، من ۾ تازي ھوا جي ڪمي محسوس ٿيندي آھي، تڏھن ذھن جي ڪنھن ڪنڊ مان، من عجائب گھر مان اھا ٻلي اجاگر ٿيندي آھي ۽ ٽب مان ٻاھر نڪرڻ لاءِ ٽپا ڏيندي نظر ايندي آھي. في الحال مفڪرانه سطح تي، مون لاءِ اھو ٽب ھندوستان آھي ۽ ان ٽب کان ٻاھر فقط سنڌ آھي.
ھڪ ماڻھوءَ پاڻ کي ماري ڇڏيو. ڳچيءَ ۾ نوڙي ٻڌي. ڪافي ماڻھو جمع ٿيا. ڇت ۾ ڪمان ۾ لٽڪيو پيو ھو. اکيون ڦاٽل، زبان ٻاھر، ڳچي ڇڪيل، ٻاھر جوڻس ۽ ماءُ پيءُ روئي رھيا ھئس. منھنجي من ۾ ان وقت فقط ھڪ ويچار آيو: ائين نه ٿيڻ کپندو ھو. شايد مايوسيءَ جي مستقل لمحن ۾ ڪڏھن مان آپگھات ڪري ڇڏيان ھا، مگر مون کي زندگيءَ سيکاري ڇڏيو ھو : نه، ائين نه! ھوءَ عورت جوان، ڪيترو ھن رنو. ڇا ان سورمي کي ھن جو نه سوچڻ کپندو ھو؟ ان ڪري منھنجا ڪردار آپگھات ڪندي ڪندي ان جو خيال لاھي ڇڏيندا آھن.
وشنو ڀاٽيا، منھنجو پيارو دوست. شايد ھندستان جي سنڌي اديبن ۾ مون جيان وشنو ڀاٽيا آھي، جنھن ڪافي معاشرتي تڪليفون ڏٺيون آھن.
عشق ۾ ڦڪا ڪانا چوسيا آھن. ھن جا کيسا اڪثر خالي رھندا آھن. پنج سؤ نوڪريون ڪيون اٿائين ۽ ڇڏيون اٿائين يعني نه ڪيون اٿائين.
مائونٽ ابوءَ جي ھڪ پھاڙ تي ويٺا ھئاسين. اديب چوندا آھن، وشنو کي ڳالھائڻ نه ايندو آھي. غلط چوندا آھن. وشنو ڪچھرين ۾ نه، دوستن ۾ ڳالھائيندو آھي. ماڊرن آرٽ، ميوزڪ، لٽريچر، رليجن، فلاسافي چيائين: آمريڪا جي اخبارن ۾ چرچ طرفان ھڪ اشتھار ڇپجندو آھي: خدا واسطي، آپگھات ڪرڻ کان اڳ ھڪ دفعو اسانکي فون ڪريو.
”ڇو آمريڪا ڪوچ ڪرڻ جو خيال ڪيو اٿئي“؟
”کلي، منھنجي آمريڪا انڊيا ۾ آھي. “
”اڇا. “
”منھنجي دل ۾، جڏھن به آپگھات ڪرڻ جو خيال ايندو آھي، مان تو وٽ ھليو ايندو آھيان“.
ايشور آنچل به چوندو آھي ” آپگھات جو فلسفو غلط آھي. اسين موھن کي ڏسندا آھيون، اسان کي لڳندو آھي، آپگھات سچ پچ ڪانئرتا آھي“.
منھنجو شخص جيون جيئڻ جو اتساھ ڏئي ته ان مان مون کي پنھنجي شخص کي جائز فخر ٿيندو آھي. مون کي زندگيءَ سيکاريو؛ نه، ائين نه، کيس ائين نه ڪرڻ کپندو ھو، مون کي، ڪنھن کي ائين نه ڪرڻ کپي، گم ٿيل شخص جي ڳولا باقي بچيل شخص کي مارڻ ۾ نه آھي.
ھڪ ڏينھن ڏسان ته بزار بند ٿيڻ لڳي آھي. ڪي ماڻھو دڪان لٽي رھيا آھن. منزل گاھ ! منزل گاھ! چون شھر ۾ ھندن مسلمانن جو فساد ٿيو آھي. تڏھن مون کي خبر نه ھئي ماڻھو ھندو به ٿيندا آھن ۽ مسلمان به ٿيندا آھن. ساھ ھوندو ته ٻنھي کي پيارو آھي، پر ٻئي سمجھندا آھن فقط ھڪڙن کي ۽ ٻين کي پيارو نه ھوندو آھي.
دادا منھنجو پيءُ به دڪان تان نوان بوٽ کڻي آيو. پوءِ جڏھن مليٽري آئي ته دادا اھي بوٽ ھيٺ ڦٽا ڪري ڇڏيا مليٽري ايندي ھئي ته شھر ۾ راڪاس گھمي ويندو هو، ماءُ ٻارن کي ڇاتيءَ سان لڳائي ڊپ ۽ ھراس وچان آسمان ڏانھن نھاريندي ۽ مان سوچڻ لڳندس ته ھي ماڻھو پاڻ ۾ وڙھن ڇو ٿا.
گھڻو پوءِ سمجھيم ته ماڻھو وڙھندا نه آھن، ويڙھايا ويندا آھن.
ھڪ ڏينھن مون دادا کان پڇيو: ”دادا منزل گاھ ڇا آھي“؟
”توکي اھا جڳھ ڏيکاري اٿم“.
”پر آھي ڇا“؟
”مسلمان چون ٿا ته اتي ھڪ پراڻي مسجد آھي“.
”مسجد ڇا کي چئبو آھي“؟
”ھندو ڀڳوان جي مندر ۾ پوڄا ڪن ۽ مسلمان مسجد ۾ خدا جي“.
”ڀڳوان ۽ خدا ۾ ڪھڙو فرق آھي“؟
”ڪو به نه“!
”مندر ۽ مسجد ۾ ڪھڙو فرق آھي“؟
”ڪو به نه“.
”ڀلا ھندن ۽ مسمانن ۾“؟
مٿي تي ھٿ رکي پيار ڪندي چيائين” سچ پچ ته ڪو به نه “.
”جڏھن ڪنھن به ڳالھ ۾ ڪو فرق ناھي ته پوءِ ماڻھو وڙھن ڇو ٿا“؟
”اڻ پڙھيل آھن“.
”فساد ٿيو ڄڻ طوفان لڳو. چؤ طرف ويراني ۽ سنسناھٽ، ڊپ ۽ ھراس ۽ ھوءَ منھنجي ماءُ ؟ متان منھنجن ٻچڙن کي ڪجھ ٿي پئي. جي دنيا جون مائرون ٻڌي ڪن ته دنيا ۾ ڪا جنگ نه لڳي. ڪو دنگو فساد نه ٿئي. ماءُ ھڪ يونيورسٽي آھي. زبان به اھا ڏئي، تھذيب به، پيار به، موھ، ممتا، وشواس ۽ تياڳ. جمھوري ملڪن جون پارليامينٽون اھو قاعدو پاس ڪن ته ملڪ جا صدر ۽ وزيراعظم فقط عورتون ٿي سگھن ٿيون.
گھٽيءَ ۾ مليٽري پريڊ، شوٽ ائٽ سائيٽ جا آرڊر.
مان صبح جو پنجين لڳي اڪثر خالصن وارو وڏو گلاس کڻي دادا لاءِ چانھ وٺڻ وڃان. سخت اوندھ، ته واچ مئن پڇندو؛ ڪير؟
اڙي موھن آھين، وڃ وڃ.
پئسي ۾ ھي گلاس، پئسي پلو مون ورتو، پنجين پئسي سير کير، ھڪ پائيءَ ۾ نو يعني پيسي ستاويھ مرچن جا پڪوڙا. پئسي ۾ سٺ ننڍا بسڪيٽ. مون کي ياد آھي. ٿلھي تان چانھ وٺي ايندو ھوس. اھي ڏينھن ھئا، سکر ۾ ڀڳتون به ٿينديون ھيون، رام ليلائون به. مشاعرا، راڳين جون مجلسون مون ڪو نه ڏٺيون.
ڪنھن درويش جي مائٽ کي ڪن خبيث ھندن ماري ڇڏيو، ٻين خبيثن بدلي ۾ ڀڳت ڪنور جو خون ڪيو. تيرٿ بسنت ڪنور تي زبردست ڪتاب لکيو آھي سال کن ٿيو ته وري پڙھيم:
ڪنور نه ھندو _نه مسلمان ھو.
۽ اڃا سنڌ جي قومپرستن ڪنور جو ڏينھن نه ملھايو آھي.
کين رھڙڪيءَ ۾ ڪنور جي سماڌيءَ اڳيان گوڏا کوڙي پنھنجن وڏن جي گناھن جي معافي وٺڻ گھرجي.
مان ان سرگس ۾ شامل ھوس. ٻيا رنا پئي، مون نه رنو. ڪجھ سمجھيم به نه ته ڪنور کي ڇو ماريو اٿائون. مون سندس کليل شڪل ڏٺي منھن ۾ نور ھئس. ماڻھن ڳايو پئي؛ ڪجھ ھن ريت:
ھئہ ھئہ اسان جا سنت سچا ڪنور ڪسي وئين.
اڄ اوچتو ئي اوچتو...
ان سرگس ۾ مسلمان به ھئا. ھندن ۽ مسلمانن جي شڪلين ۾ فرق صرف ڏاڙھين مڇن ۽ ڪپڙن جو ھو. ساڳيا مھانڊا، خط و خال، قد بت. ڳالھائڻ جو انداز، مسلمانن جي ڇاتين ۾ ڪعبا، ھندن جي ڇاتين ۾ ڪاشيون، سنڌ ته ڄڻ ڏسڻ ۾ نٿي آئي. سنڌ فقط لطيف جي ڪلام ۾ ھئي.
مان ڪن خاص حالتن ۾ آر-ايس ايس ۾ ڀرتي ٿيس. ڪراچيءَ ۾ شايد 11 سالن جو ھئس. 1942ع کان 1951ع تائين. پر مان ھر مسلمان کان نفرت ڪري نه سگھيس؛ بلڪہ مون ھندن کان وڌيڪ مسلمانن سان محبت ڪئي. جو سنڌ ڌرتيءَ مسلمانن ۾ ڏاڍا سٺا ماڻھو، فنڪار، مفڪر درويش پيدا ڪيا آھن. پر ھاءِ پير علي محمد راشدي، جنھن مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن ۾ جي- ايم سيد ڪافي مدد ڪيس.
سو مون ھوش سنڀاليو ته مون کي ٻڌايو ويو ته مان ھندو ھئس.
منھنجو جنم ڇنڇر 22 نومبر 1930ع ڪوٽڙيءَ ۾ صبح جو ساڍي پنجين لڳي ٿيو. ڏاڏيءَ جو پھريون پوٽو، ناني ۽ نانيءَ جو پھريون ڏوھٽو ۽ ماءُ پيءُ جو پھريون پٽ ھئس. چوندا آھن؛ پئسو ھٿن جي مَير آھي. شايد جنم جي پھرين ڏينھن منھنجا ھٿ ايترا ته چميائون جو منھنجي ھٿن ۾ اڌ صديءَ جي عمر تائين ڪا مَير ڄمي نه سگھي آھي.
ديڳيون چڙھيون، شرنائي وارا گھرايا ويا. ان ڏينھن ھر رستو سيوھاڻي گھٽيءَ لنگھن جي پاڙي ڏانھن ٿي ويو. ڪنڊ ۾ گھاڻو، ان بعد اسانجو گھر، گھر وٽان سنڌوءَ طرف وڃجي ته رستو مڱڻھار جي پاڙي کان وڃي سنڌوءَ ۾ سماپت ٿئي. ان جي ابتڙ رستو عيد گاھ کان ڦرندو بند ڏانھن وڃي ماڇين جي پاڙي ۾ ڇيڙو ڪري. چوڪنڊي جو سڌو رستو، ھڪ ته ان اسڪول طرف وڃي، ٻيو مکيه بازار، مختيار ڪار جي آفيس، حيدرآباد ڏانھن ويندڙ بس اسٽئنڊ ان ئي بزار مان ھڪ رستو اسٽيشن ڏانھن جنھن جا ننڍا وڻ ۽ ڪنڊ اڃا به ياد اٿم.
منھنجو دادا بولچند منگھارام لالا، اصل سيوھاڻي ريلوي ۾ ڪلارڪ ھو ۽ ھر پنجين ستين سال سندس بدلي ٿيندي ھئي، ان ريت ڪوٽڙي بعد ڪي سال سکر، ڪي سال لاھور، ڪي سال ڪالڪا سملا، وري ڪي سال ڪوٽڙي ۽ ڪي سال ڪراچيءَ ۾ گذارياسين. ڏاڏو لالا منگھارام وڏو دھشت وارو شخص ھو ۽ ماڻھو سندس وڏي عزت ڪندا ھئا. ناناڻا حيدرآباد ۾ اولھندي ڪچي ۾ رھندا ھئا، کين بنگلو ھو مان ٻيو دفعو جڏھن ڪوٽڙيءَ آيس ته پنڌ ئي حيدرآباد ويندو ھوس ۽ ساڳئي ڏينھن واپس ورندو ھوس. منھنجو پڦڙ جيتورام ڀٽ شاھ ۾ اسٽيشن ماسٽر ھو. مان شاھ لطيف جي زمين تي پيدا ٿيس پر ياد نه اٿم ته ڪڏھن ڀٽ شاھ ويو ھوس. منھنجي پيءُ جو مامو تلسيداس به سيوھاڻي گھٽيءَ ۾ رھندو ھو، جنھن جون ٻه ڌيئرون رڪمڻي ۽ ليلان شھر جون خوبصورت ڇوڪريون ليکيون وينديون ھيون ۽ خاص طور ٻروچ سندن گھر ٻاھران ٿڌا ساھ ڀري سڄي شھر کي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪري ڇڏيندا ھئا. نانو ميٺارام بٽاڻي ڊپٽي ڪليڪٽر ھو. منھنجي ماءُ ڌمي ٻائي تعليم ڪانوينٽ ۾ ورتي ۽ مرڻ تائين ڀڳل ٽٽل انگريزي ڳالھائيندي ھئي. دک ۾ اڪثر انگريزي ڪوتائون ڳائيندي ھئي.
ڏاڏو به ريلوي ۾ ھو. رٽائر ٿيڻ بعد ھن چارلس ڊڪنس جا ناول پڙھڻ شروع ڪيا. ٻيو ھن وٽ ٽئگور جا ڪتاب ھوندا ھئا. پڇاڙيءَ جو ھو انڌو ٿي پيو. ان ھوندي به ڪڏھن بزار ويندو ھو ته ٽانگي وارا پاسو ڪندا ھئا ته لالا منگھارام ٿو اچي. نالو سندس ياد نه اٿم ؛ مگر مان جڏھن ٻيو دفعو ڪوٽڙيءَ آيس ته ھڪ ٽانگي واري ھفتي ٻئي مون کي اڳيان ويھاري شھر گھمائڻ شروع ڪيو. اھو زمينداري دور ھو، ان ڪري صدين کان ماڻھن جي زندگي ٺھر واري ھوندي ھئي. ماڻھن ۾ سادگيءَ ۽ سچائي ھوندي ھئي ۽ لڳ ڀڳ اندران ٻاھران ساڳيا ھوندا ھئا. مان شڪل مان ذھين لڳندو ھوس ۽ گھٽ پڙھڻ جي باوجود ياداشت تيز ھئڻ سبب، ڪچي ٻاراڻي کان مئٽرڪ تائين ڪلاس جو مانيٽر رھندو آيس؛ چاھي ته في نه ڀري سگھڻ ڪري مئٽرڪ ۾ اسڪول فقط ايڪويھ ڏينھن وڃي سگھيس. مان سکر ۾ ٻئي درجي جو ھئس جو ماستر رسيس ۾ سڏ ڪري ٽي صلاحون ڏنيون ته مان شڪل مان کيس ائين ٿي لڳس ته مان پنھنجي ماڳ ۽ ماڻھن لاءِ ڪجھ ڪندس، ان ڪري.
1. تون ھميشه سچ ڳالھائج.
2. ڪڏھن ڪنھن کي گار نه ڏج.
3. روز اخبار پڙھج.
منھنجا ڪوڙ به اڪثر ڪلياڻڪاري ھوندا آھن. دنيا ڀر جون اخبارون پڙھندو آھيان ۽ اڄ تائين ڪڏھن ھڪ گار نه ڪڍي اٿم. غصي جي حالت ۾ گار ۾ غصو زوردار نموني ظاھر ٿيندو آھي، پر جيئن ته مان گار نه ڏيندو ھئس ان ڪري ننڍي عمر کان زوردار اظھار جي تلاش ۾ ھوندو ھئس. سوچ جي ان وقت منھنجي زبان توڙي ادب ۾ ڪافي سختي پيدا ڪئي؛ ان ڪري ظرافت جو ھنر ٻئي ھن ڀلي اسڪول ماستر جي صلاح سان حاصل ڪري ورتم. ان ظرافت وڏن ماڻھن سان گڏجڻ ۾ مون کي ڪافي مدد ڏني آھي ۽ مان يا عمر ان گمنام ماستر جو مشڪور رھيو آھيان. مون پنھنجي شخصي مطلب يا فائدي لاءِ شايد ئي ڪوڙ ڳالھايو آھي؛ ان ڪري زندگيءَ جو گھڻو حصو فاقه ڪشيءَ ۾ گذاريو اٿم. جيتوڻيڪ ان سوچ کان به واقف آھيان ته ماڻھو ھميشه سچ ڳالھائي نٿو سگھي.
سو مون ھوش سنڀاليو ته مون کي ٻڌايو ويو ته مان ھندو ھئس.
سکر جي ڪَسينِ ۾ ڪانا وجھي ان جو پيڇو ڪندو ھوس ته آخر اھي ڪيڏانھن ٿا وڃن ۽ اھي ڪٿي وڃڻ بعد خلاص ته نه ٿيندا ھوندا،
مگر روپ ضرور بدلائيندا ھوندا ۽ ڪنھن ٻئي روپ ۾ قائم رھندا ھوندا. وڏو ٿيس سوچيم ھندن جون چوراسي لک چوڻيون به ان ريت ھونديون. لاش کي باھ لڳي. رک نديءَ ۾ ويئي. ندي سمنڊ ۾ سمنڊ مان ڪڪر. ڪڪرن مان مينھن. سو دنيا جي ھر پراڻيءَ جي وجود ۾ ان جو ڪو جزو سمائجي وڃي.
سکر ۾ زندھ پير جي مقبري تي ويندو ھئس ۽ پائي ڏيئي ساڌ ٻيلي ۾ ڍوڍو چٽڻي لسي وغيره ملندا ھئا. سنڌو درياءَ ۾ اھو ٻيلو ڏاڍو وڻندو ھو. مان ننڍي عمر کان رولاڪ بڻيس ۽ دادا جي مسلسل ٻولي. مون کي وڻن تي چڙھي وڏين ٽارين تي لٽڪڻ جي عادت پئجي وئي سا اڃا به اٿم. ڪوٽڙيءَ توڙي سکر ۾ ٻٻرن ۽ کجين جي وڻن جو ڪو اوھي واھي نه ھو. کجور ڏاڍي وڻندي ھئم. ائين مون ڪعبي جي کجور به کاڌي آھي. مون ھڪ ڪھاڻيءَ به لکي”. امن حليلن لاءِ“. کجور اھڙي سٺي آھي جو ان جي حاصلات لاءِ ھندوستان، پاڪستان سان دائمي جنگنبندي جو عھدنامو ڪري سگھي ٿو. رلڻ پنڻ، ڀٽڪڻ، سوچ، سوچ مان ڪٿان آيس مان، ڪيڏانھن ويندس. زندگيءَ ۽ موت وچ ۾ ڇا غلط، ڇا صحيح آھي. ان کي ڪيئن بھتر بنائجي. پھرين ٻن، ويد وياس ۽ والميڪي ۽ آخرين ڇيد ۾ ڪارل مارڪس سگمنڊ فرائڊ ۽ رابرٽ آئنسٽائن منھنجي سوچ کي وگيانڪ ڏانءُ بخشيو آھي. چاھي ٿورو گھڻو، دنيا جي گھڻن مفڪرن کي پڙھيو اٿم.
سکر جي منزل گاھ منھنجي دل تي نھايت گھرو اثر ڇڏيو آھي. پر عمر ننڍي ھئم.
مسئلو سمجھ ۾ نٿي آيو. اسان جا ماستر ۽ پروفيسر به سنڌي تاريخ بابت اڪثر جھڙا ڄٽ. ليکڪن وٽ به خالي اڻ لکيل پٽي. ڏاھر کي شيخ اياز معرفت، محمد ابراھيم جويي مشھور ڪيو ته اھو سنڌي تاريخ جو پھريون سنڌي سورمو آھي، جو پنھنجي زمين ۽ ماڻھن لاءِ لڙيو. ان کان به وڏو درجو دودي جو آھي جو به سنڌ جي زمين ۽ ماڻھن لاءِ، سنڌي غيرت لاءِ دھليءَ جي شھنشاھ علاؤالدين خلجيءَ سان لڙيو. اڏيرو لعل کي اوتار مڃيو ٿو وڃي، مگر ھن جي زندگيءَ تي گھٽ کوجنا ٿي آھي ۽ اسين سندس سيڪيولر ڪردار اڀاري نه سگھيا آھيون، ڇو ته اھوئي مسلمانن لاءِ زندھ پير آھي، جو سکر ۾ آھي؛ ۽ سخت سياسي مت ڀيد رکندي به مان مڃان ٿو ته پير علي محمد راشديءَ ”اُھي ڏينھن اُھي شينھن“ ۾ منزل گاھ تي ڪافي سنڌ سان صحيح لکيو آھي. جيڪڏھن ڪير نارائڻداس ملڪاڻي جي آتم ڪٿا، ”نرالي زندگيءَ“ پڙھي، جا ھن پير علي محمد راشديءَ کان اڳ لکي آھي ته لڳندو ته منزل گاھ ھڪ پراڻي مسجد ئي آھي.
سومرن ۽ سمن جي وقت کان، رياستي سطح تي سنڌ ۾ مذھبي نفاق ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ترخانن جي وقت ۾ ٿوري سختي ٿي. مگر انگريزن زور ايڪڙ ٻيڪڙ واقعن تي آندو. پر مسلمانن سان وڙھن ۽ ھندو ھندن سان، اھڙا ڪيترا مثال تاريخ ۾ موجود آھن. يعني روايات جي لعنت، مگر سامراجوادين پنھنجي راڄ کي قائم رکڻ لاءِ سنڌين ۾ نفاق جو ٻج وڌو. سنڌ جي تاريخ ۽ ھندوستان جي تاريخ ۾ وڏو فرق آھي. سنڌ ۾ تصوف جو گھڻو اثر رھيو آھي. اڪبر بادشاھ 1574ع تي بکر فتح ڪيو ۽ 1591ع ۾ ٺٽو ۽ سيوھڻ. ھو پاڻ امر ڪوٽ سنڌ ۾ 15-آڪٽومبر 1542ع ۾ راڻا ويرسال جي گھر ۾ ڄائو ۽ سنڌ محض ٻن خيالن کان فتح ڪيائين ته اتي سيڪيولر راڄ برپا ڪندو ۽ سنڌ افغان ڪارواين کي روڪڻ لاءِ بفر اسٽيٽ ٿي ڪم ايندو.
سنڌ جي مغل فتح کان اڳ ھڪ صوفيءَ شيخ مبارڪ سوچيو ته سنڌ ۾ اھڙو راڄ برپا ڪجي، جتي دائما صلح ۽ شانتي ھجي، ان لاءِ دھليءَ روانو ٿيو. اڪبر کي معلوم ٿيو ته سنڌ مان ھڪ وڏو صوفي آيو آھي، سو کيس گھرايائين ۽ چيائينس؛ ”مان سنڌ لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھان؟ مون کي ته رات جو ننڊ به نٿي اچي“
”ڇو عالم پناھ“؟
”ھتي دھلي ۾ ڪا به سلطنت ڏھن ويھن سالن کان وڌيڪ نٿي ھلي. مان ھندوستان لاءِ ڪيترو سوچيان ٿو. پر ٿيندو ڇا؟ مان مري ويندس ته ماڻھو چوندا دھلي ۾ ھڪ ان بادشاھ راڄ ڪيو، جنھن جو نالو ھو ابو الفتح جلال الدين محمد اڪبر ! اھڙو ڪو رستو نظر نٿو اچي، جنھن مان ھندوستان ۾ مغل سلطنت قائم رھي“.
شيخ مبارڪ مشڪڻ لڳو. ”ان جو رستو ته منھنجا پٽ فيضي ۽ ابو الفضل ٻڌائي سگھن ٿا. اوھان مون اڳيان ڪو وڏو مسئلو رکو“.
جلالدين اڪبر کي رستو سنڌي شاعر فيضيءَ ڏيکاريو، جنھن کي اڪبر ھندوستان جي پوئٽ لاريٽ سڏيو. فيضيءَ چيو، ”شھنشاھ، ھن ملڪ جا گھڻا ماڻھو ھندو آھن، جي ان ڪري جزيو ۽ ٻيو ڍلون ڀرين ٿا جو ھو مسلمان نه آھن. کين پوري مذھبي آزادي نه آھي؛ ان ڪري اھي اوھان سان ڪا ھمدردي نٿا رکن. حڪومت کان ڪٽيا رھن ٿا. ھندن ۽ مسلمانن کي ساڳي طرح برابري سان ھلايو- اوھان جو راڄ صدين تائين ھلندو رھندو “.
اڪبر کي ڳالھ دل سان لڳي ۽ پيش پيش ھن پنھنجي نئين مذھب دين-الاھي موجب صوفي متي قبول ڪيو. ڄائو سنڌ ۾، صلاح سنڌيءَ جي ۽ صوفي مت به سنڌ جي تاريخ جي روايت.
دين-الاھي جو تاريخي دستخط به سندس سنڌي وزير صوفي شاعر فيضي ٺاھيو، جنھن جي نقش مان خود پتني ڪمل ۽ ڌيءَ گيتا سان آگري جي فتح پور سڪريءَ جي شاھي ديوار تي ڏسي آيو آھيان. 22 جون 1579ع ۾ اڪبر بادشاھ فتح پور سڪريءَ جي چبوتري تي بيٺو ۽ دين -الاھيءَ جو خطبو پڙھيو. ان ۾ ھڪ ھنڌ چيائين، ”جيڪڏھن صحيح علم سڀني مذھبن ۾ موجود آھي، ته پوءِ سچ کي فقط ھڪ مذھب تائين محدود ڇو ڪجي؟..
اي-ايل-سريواس جو ڪتاب ”دي مغل ايمپائر“صفحہ 167.
ڏسجي ته ھندوستان ۽ دنيا کي ”اڪبر -دي گريٽ“ سنڌ ڏنو. سنڌ جي صوفي روايت ڏنو ۽ ان ڌرتيءَ جي صوفي مت کي شھيد ڪيو وڃي !