19
پوڻا ٻه سال ٿيا آھن، ٺيڪ آھي، دال روٽي مِلي پيئي. ھونءَ به اسين کائڻ لاءِ ته جيئون نه ٿا. باقي پنھنجو فلئٽ اٿم. ٻيون به سھوليتون اٿم. فون آھي، فرج آھي، گرام آھي، رڪارڊر، اسپيڪر آھي، موٽر سائيڪل آھي، سون، بئنڪ بئلنس آھي. پر اِھي سڀ سُک آھن. خوشي من سان واسطو رکي ٿي. گھر جي خوشي اٿم، پر ھڪ درد ۽ ھڪ خواھش اٿم. درد اِھو ته سنڌ وڃي نٿو سگھان ۽ خواھش اِھا ته مرڻ کان اڳ، فقط ھڪ دفعو ئي سھي، سنڌ وڃان. حيدرآباد پاسي پُٺِي ڏيئِي، ڪمل ۽ گيتا سان سنڌوءَ ۾ پير وجھي ان کي پرڻام ڪريان. پٺيان ڪمل جي حيدرآباد، اڳيان موھن جي ڪوٽڙي. وچ ۾ ٻنھي جي ڌيءَ آھي، جا آھي، سنڌي، پر ھن سنڌ ڏٺِي ئي نه آھي ۽ ھڪ وصيعت ٿو ڪريان. جيڪڏھن منھنجا اديب دوست، ھِند ۾، سِنڌ ۾، ائين ڪري سگھن ته مھرباني. مرڻ بعد منھنجي رَک کي سنڌوءَ يا گنگا ۾ ڦٽو نه ڪيو وڃي. ڪوٽڙيءَ ۾ ڪٿي به ڪنھن ٽين جي دٻي ۾ وجھي زمين ۾ پوريو وڃي.
مرڻ جي ڳالھ تي ماءُ ٿي ياد اچي. ھن آڪٽومبر 1976ع ۾ ساھ ڇڏيو. اسپتال ۾ ائين مئي، جيئن ”جلاوطنيءَ “۾ ٻه سال اڳ ھڪ ماءُ جو موت بيان ڪيو ھوم. ھن ساھ ڇڏيو ۽ پوءِ گئس سئلينڊر ڏنو ويو. جو به خالي ھو. ھڪ سوشلسٽ انڊيا ۾ ٻيو ٿي به ڇا ٿو سگھي. ڪجھ ڪري نه سگھيس ۽ ماءُ جي پيرن تي ڪِري پيس. ڪمل ۽ گيتا به اتي ھيون. ان کن لڳم، ھاڻ مان يتيم ٿي ويو آھيان. ھاڻ آسيس جو ڪو ھٿ منھنجي مٿي تي نه ايندو. انھن پيرن ۾ ڪِري مون ڏاڍو رُنو. ڪڏھن به ته نه روئندو آھيان مان. چيم؛ ماءُ، تون مري وئين.
ان بعد ھڪ ٻِي ماءُ ھئي جا به مري ويئي. طارق اشرف جي امِي. منھنجي خواھش موجب، سنڌ مان سنڌ جي مِٽي ۽ اُن جو جَل کڻِي آئي. مون کي چيائين؛ تون منھنجو ٻيو وڏو پٽ آھين. ھميشہ دعائون سلام موڪليندي ھئي. طارق اشرف منھنجي ڪتاب ”جلاوطني“ سبب ڏاڍو سَٺو ھو ۽ حڪومت جي اک ۾ ھو. اِن ڪري ھن امِي جان جي موت جو اطلاع نه ڏنو. مون کي خبر پئي ته مون طارق کي ھڪ خط لِکيو، پر ھِن ان جي پھچ به نه ڏني.
مون ذوالفقار علي ڀٽي کي ھڪ خط لِکيو. ڪن ماڻھن کي چيائين ته موھن ڪلپنا خط لِکيو آھي. مون کيس چيو؛ سنڌ ۾ اچڻ لاءِ اتي ڪنھن رت جي رشتي جو مائٽ ھئڻ گھرجي مان سنڌ ڪيئن اچان؟ تون به سنڌي آھين. مان به سنڌي آھيان. سنڌ اسان ٻنھي جي ماءُ آھي، ڇا اسان جو اِھو سنٻنڌ گھٽ آھي جو مادرِ وطن سنڌ اچي نه سگھان؟ جواب نه ڏنائين البته خبر اٿم ته ”جلاوطني“ جو انگريزي ترجمو پڙھيائين ۽ وسڪيءَ جي نَشي ۾، منھنجي ھڪ دوست قربان علي شاھ کي چيائين؛ بڪواس آھي اِھا جنھن کي ڪو ڪلچر، ڪو اتھاس، ڪا پرمپرا نه آھي. پر ان غلطيءَ کي درست ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. قربان علي شاھ اِھا ڳالھ روبرو مون کي، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ۽ پرشوتم سانولاڻيءَ اڳيان چئي.
ڀُٽي منھنجو خط پڙھيو، نه پڙھيو ”جلاوطني“ ڪتاب پڙھيو نه پڙھيو، مون کي اِن جي ڪا ذاتي ڄاڻ نه آھي. پر اڳواڻ پنھنجي ٻوليءَ جي ليکڪن کي پڙھندا ضرور آھن ۽ مون کي پنھنجن دوستن تي اوشواس ڪرڻ جو حق ڪونھي.
گجرات کان الڳ مھاشٽرا لاءِ ھتي وڏي ھلچل ھئي. پوليس ڪافي ماڻھو ماريا. ڄڻ اِھا گُھر ڪري ڏوھ ڪيائون جنھن حڪومت جي پوليس ھنن کي ماريو: ان ئي حڪومت فلورا فائونٽين ۾ انھن شھيدن جو يادگار قائم ڪيو. مان نٿو سمجھان ته انگريز لنڊن ۾ ھيمو ڪالاڻيءَ جو يادگار قائم ڪندا.
ھتي حڪومت جي نظر ۾ ڌاريو.
ھڪ دفعي ديشمُک پارليامينٽ ۾ ٻوليءَ وارن فسادن تي زبردست تقرير ڪئي. نھروءَ کلي اڪبر الھ آباديءَ جو شعر چيو؛
ھم آھ ڀرين تو ھوتي ھئين بدنام،
وھ قتل ڀي ڪرين تو چرچا نھين ھوتا.
ديشمُک اٿي بيٺو. چيائين ”شايد نھروءَ جو مطلب اِھو آھي ته بمبئيءَ ۾ قتل مون ڪرايا آھن.
نھروءَ جنم ڏينھن جو جشن ٿيو. سھراب موديءَ جي زال نھروءَ کي ھار پاتو. ماھتاب چيو؛ خوش رھو ھزار برس.
نھروءَ چيو؛ اور ھر برس ڪي دن ھون پچاس برس.
سھراب مودي حيران ته ڇا غالب ايڏو وڏو شاعر آھي، جو نھروءَ حوالو ڏنو اٿس. اتي ئي ظاھر ڪيائين ته ھو مرزا غالب جي زندگيءَ تي فلم ڪڍندو ۽ فلم ڪڍيائين جنھن ۾ ثريا رت روئي راڳ ڳايا آھن. البته ھن سوال تي بحث ھليو ته جڏھن غالب ٻڍاپي ۾ ڏاڙھي رکائِي ۽ ھتي ڀارت ڀوشڻ جوانيءَ ۾ ڪيئن منھن ۾ جھنگل کڻي پيو گھمي.
غالب ته واقعي وڏو شاعر آھي. پر اڳواڻ اديبن کي، ننڍن کي ۽ وڏن کي پڙھندا آھن. جان ڪئنيڊي، آمريڪا جو جوان ۽ جارحانه صدر، خود ليکڪ ھو، پر صدر ٿيو ته خواھش ڪيائين، جشن وقت رابرڙ فرلسٽ ھڪ ڪويتا پڙھي. فراسٽ جشن ۾ آيو. پر ڪويتا گھر وسري ويس. پر ھو درٻاري شاعر نه ھو. اتي ڪا ڪويتا ضرور پڙھيائين.
يونان جي ھڪ بادشاھ ھڪ شاعر کي چيو؛ تون ھيڏو وڏو شاعر- پر جڏھن به توکي ڪنھن مدد جي ضرورت ھوندي آھي، تون منھنجن پيرن تي ڇو ڪرندو آھين؟
شاعر چيس؛ اِن ڪري جو بادشاھ سلامت جا ڪن سندس پيرن ۾ ھوندا آھن.
ٿي سگھي ٿو ڀُٽي ائين نه ڳالھايو ھجي. ھر ماڻھوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪئين ڀيرا المستائيءَ جون گھڙيون اچن ٿيون. ڪارل مارڪس جو گڏھ تي چڙھي بورجئا ڪلاس کي ستائڻ ان ۾ شامل آھي. ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي ميڙ ۾ ڪنھن کي ننڊ اچي ته نھرو طول کڻي ان مٿان ڦِٽا ڪندو.
المستائيءَ جون اِھي گھڙيون من ھيٺ دٻيل خواھش کي ظاھر ڪنديون آھن.
ڪلا جو سرجڻ گھڙيون من اندر دٻيل دنيا جا دڙا کوٽي ظاھر ڪن ٿيون.
اِھو ڪم شراب ۽ جواني به ڪري. ڪو به جذبو. اکيون بند ڪريان ته حيدرآباد جا منگھ سلامي پيا ڪن. سائين ڀلي ڪري آيا! رستن تي ٽانڊا. وطن وڃان ته ٽانڊا گل ٿين. اوچتو ڪنھن غائبانه ڀت سان ٽڪر ٿي وڃي. يا مان انڌو ٿي وڃان. ھٿوراڙي ڏيئي مٿي چڙھڻ جي ڪوشش ڪريان. اِھا ديوار منھنجي قد کان شايد وڏي آھي.
ڏسان ته موٽرون پيون وڃن. رڳو انھن جا ڦيٿا آھن. موٽرون الائي ڪٿي آھن. دروازن جا چير. اندر اوندھ ۽ دروازي جي ان مختصر وٿيءُ مان ايندڙ روشنيءِ ۾ جوان عورتن جا اگھاڙا شرير جاري تي رجھيل گلاس ۽ خالي ٿيل شراب جون بوتلون. پٽ تي رت جا داغ ۽ وساميل سگريٽون. ٻاھر مايوسين جا پردا، دلاسن جا جلسا، اميدن جا ڦاھا. ھڪ گھري ڦھليل رڃ ۽ ان ۾ ڊڪندڙ ڀڄندڙ ڦھليل پاڇا. ٽي -وي اسڪرين تي ڄڻ ست فلمون ھلن. ھڪ ٻئي ۾ سمائجِي ويل. چوڏھن چھرا. چوڏھن گفتگو. رنگ رنگن سان مِلي رنگ بدلائين. ڄڻ قوميت جا نظريا آھن. ڪلھ جتي ھوس اھو ھندستان ھو، پوءِ اھو پاڪستان ٿيو.
جڏھن مان جوان ٿيس ته مون کي ٻن ماڻھن سان گڏجڻ جي زبردست خواھش جاڳي.
آئنسٽائن ۽ جواھر لال نھرو. نھروءَ جي سامھون ٿيس. پر ڪا گفتگو ٿي نه سگھي.
آئنسٽائن تمام پري ھو. کائنس پڇان ھا ته ھن پرڪرتيءَ کي نيم سان ھلائڻ واري نظام ۽ ماڻھوءَ جي پنھنجي زبان ۽ ذھن سان ڪو واسطو آھي. نه آھي. ۽ تو ائٽم بم جي گھڙت ڪيئن ڪئي. ڇو ڪئي. پاڻ نه ڪري ھا، ڪو ٻيو ڪري ھا ته ان کان سوال پڇان ھا! ان جو استعمال ته انسانيءَ ترقيءَ سان وابسته ٿيڻ گھرجي. ڪلاڪار ۽ وگيانين کي ھڪ ٿيڻ گھرجي. وگيان دنيا کي ھڪ شھر ۾ تبديل ڪيو آھي. پر سياست ٻن ڀائرن کي ھڪ ٻئي کان الڳ ڪيو آھي. ڪلا ته ٻن دشمنن کي ھڪ ئي ٿلھي تي ويھاري ٿي. جيڪڏھن ڪلاڪار ۽ وگياني ھڪ ٿي وڃن ۽ مختلف سياسي نظامن جا تضاد ۽ لچايون ظاھر ڪن ته ماڻھن ۾ سجاڳي پيدا ٿئي ۽ پوءِ راڄ ڪاروبار جون واڳون مائرن کي ڏنيون وڃن. دنيا ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وھن، نه وھن، پر ڪٿي جيڪر جنگ نه لڳي. سرحد تي بحث ٿئي ته ھاڪي مئچ ڪن. جا ٽيم، کٽي، ان کي ٻه چار ڳوٺ ڏين. پر ھارائيندڙ ٽيم جا ماڻھو اتي وڃي سگھن. ڪرڪيٽ ڪن. ساسر ڪن. اِٽي ڏڪر راند ڪن.
مون آگري اسٽيشن تي ٺڪر جي گلاس ۾ کير پيتو، گلاس ڦِٽو ڪيم ته ھڪ ٻار ان کي کنيو ۽ ان کي چٽڻ لڳو. ڪپڙا ڦاٽل. ھڪ ٻار او ھنيري جي چترڪار ڏٺو، کيس ٻه چتر ڪڍڻا ھئا، ھڪ ان ٻار جو جنھن ۾ مسيح جي منھن جي معصوميت ھجي، جيئن ھو ان کي خدا ڪوٺي. ھڪ ان وحشيءَ مرد جو، جيڪو شڪل مان شيطان لڳي.
ھن ھڪ ٻار ڏٺو، کيس اسٽوڊيو ۾ وٺي ويو، ڏھ ٻارنھن ڏينھن محبت ڪيائين.
خدا جو چتر تيار. پوءِ پندرنھن ويھ سال ڪو ماڻھو نه مليس جو کيس تسلي ڏئي ته ھن جي شڪل شيطان جھڙي آھي. آخر ھڪ ڏينھن کيس اھڙو ماڻھو به مليو کيس ساڳئي اسٽوڊيو ۾ وٺي آيو. ساڳي ويھڻ جي جڳھ.
ماڻھوءَ پڇيس ”سائين، پندرنھن ويھ سال ٿيا، اوھان ان ئي اسٽوڊيو ۾ ھڪ ٻار جو چتر ڪڍيو، اھو ڪير ھو“؟
” اھو منھنجو خدا ھو“.
” منھنجو چتر ڪھڙي نالي ھيٺ سڏبو“؟
”شيطان“.
” سائين -مان ئي اھو ٻار آھيان“.
او ھنيري ڪجھ ان ريت اتي ڪھاڻي ختم ڪئي آھي. ھو ترقي پسند نه ھو جو لِکي ته ٻار غريب ۽ يتيم ھو. ھن کي حالتن خدا مان شيطان بنائي ڇڏيو. اسان جي لڙائي حالتن سان آھي. حالتون بدلايو. ھڪ به ڪنگال، اڻپڙھيل ۽ بيمار ٻار يا ڪو ماڻھو نه ھجي ھن دنيا ۾.
ماڻھوءَ کي پھرين پاڻ سان جدوجھد ڪرڻ گھرجي ته مان حالتن جو مقابلو ڪندس ۽ پنھنجي خدائي فرشتن جيان ھلندس. ڪا وڏي قرباني نه آھي. اوندھ دور ٿي ويندي ۽ رستا صاف ٿي ويندا. ھزار سال لڳي ويندا. مالھي ته پنھنجن ٻوٽن لاءِ به وڻ پوکيندو آھي.
جو ڌرم، مذھب، سياسي نظام، فلسفو يا وادڪا به جماعت، ڪي به شخص، انسانن، قومن، جاتين، فرقن، رنگن ۽ جنسن جا فرق ٻڌائين ته کين نه ٻڌو. اوھين اڳيان نٿا ھلي سگھو ته ان ماڻھوءَ پٺيان پئو جو ھر طرح جي برابريءَ، انساني برادريءَ، امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جو حامي آھي. جي ماڻھو فقط ٻه چور آھن ۽ اوھان کي انتخاب نه آھي ته ننڍي چور پٺيان ھلو. اھو ننڍو چور جڏھن اوھان کي ڏسندو ته کيس پاڻ بدلڻ ۾ ڪجھ وقت لڳندو.
پر جي ٻئي ماڻھو سٺا آھن ته وڌيڪ سٺي ماڻھوءَ پٺيان ھلو. گھر ۽ گھٽيون سنڀالبا ته شھر ۽ ملڪ ٺھي پوندا ۽ دنيا آرام سان ساھ کڻي رھڻ لائق ٿيندي.
سپنن ۽ حقيقتن ۾ وڏو فرق آھي. حقيقتون اڪثر سپنن کي مار ڪڍن. سڄو ادب ان مار جي شاھدي آھي. پر حقيقتون سپنن ۾ تبديل ٿي سگھن ٿيون. روس جو آڪٽومبر انقلاب مارڪس جي ھڪ خواب جو تجربو آھي ۽ تاريخ ۾ روس جي انقلاب جي وات مان اڃا ڇٺيءَ جو کير وھي رھيو آھي. اھو انقلاب خود انسان جي آزاد سوچ جو محافظ ٿيندو. جو اڃا نه ٿي سگھيو آھي. جو ان انقلابيءَ ٻار چوڌاري واڳو وات کولي بيٺا آھن. اھي واڳو ڌرم، مذھب، اڳئين جنم ڪي ڪرم، قيامت جي خوابن وغيره جا چھرا پائي اسانکي ٺڳي رھيا آھن. اھا ڳالھ. اسان کي ضرور سمجھڻ گھرجي. ھي سڄي ڌرتي خوبصورت ۽ سڀ ماڻھو ڏاڍا سٺا آھن. پر مختلف نظامن جي اثر ھيٺ اسين سڀ ھڪ ٻئي لاءِ گونگا ٻوڙا ۽ انڌا آھيون. جرمن مري ويا يا انگريز، ماڻھو ٻه ٿا مرن. قوميت، تاريخ جي بيھودگي آھي. اسين ڀت جي ڪنھن خسيس نشان تي نظر ڄمائي تاريخ تي ڪجھ غور ڪريون ته ان نشان مان ھڪ آدرش جو جنم ٿي سگھي ٿو ۽ ان آدرش لاءِ ڪيل جدوجھد اسان جي زندگيءَ کي معنيٰ بخشي سگھي ٿي.
ذاتي زندگيءَ ۾ مون ڏٺو ته دنيا نه، ته ھندستان لاءِ ھڪ اندرا گانڌي آھي.
جا ماڻھن جو ڀلو ڪري سگھي ٿي. پر جنتا سرڪار کيس جيل ۾ وجھڻ لاءِ آماده آھي.
سوچيم ته ان عورت جا ھٿ مظبوط ٿيڻ گھرجن. ڄار ۾ ڦاٿل شينھن کي ڪڏھن ڪوئا به ڪم ايندا آھن.
ڪا ته انتر راشٽريہ سازش ضرور ھئي جو شيخ مجيب جو خون ٿيو. انڊيا ۽ سريلنڪا ۾ اندرا گانڌي ۽ سريمائون بندرا نائيڪي جوراڄ ختم ٿيو ۽ اسان جي پاڙي ۾ به اھڙا واقعا ٿيا. اھو سڀ اٽڪل ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ ٿيو. انھن چئني ملڪن ۾ جمھوريت جو راڄ ھو ۽ چارئي ملڪ آمريڪا ۽ روسي بلاڪ کان ٻاھر ھئا. چئني ملڪن جا اڳواڻ عوام ۾ نھايت مقبول. ۽ مان اندرا گانڌيءَ سان گڏيس. پھرين اندرا گانڌيءَ کي الھاس نگر وٺي آيس ۽ پوءِ سندس گھر ونسينٽ ڪريسنٽ ۾ گڏيس. مارچ 1978ع ۾ مھاراشٽرا ۾ اسيمبليءَ جون چونڊون ھيون. الھاس نگر مان پرچو وديارٿي ٿي اميدوار بيٺو.. ھتي جنتا لھر... اندرا گانڌيءَ کي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ ٿي گاريون مليون... مان اندرا ڪانگريس جو سيڪريٽري. ھتي جي صدر بمبئيءَ لکي موڪليو ته جي اندرا ھتي اچي ته اسين کيس سٺ ھزار رپين جي ٿيلھي پيش ڪنداسين. اِھو، نائب صدر ۽ مان ڪار ۾ بمبئيءَ اليڪشن آفيس ۾ وياسين، جا سي سي آءِ چئمبرس ۾ ھئي. مون ٻنھي ليڊرن کي چيو ته اندرا کي الھاس نگر آڻڻ لاءِ مان ڳالھائيندس. باقي ڳوٿريءَ وغيره جي ڳالھ اوھان ڪجو. اتي صدر رام راءُ ادڪ ۽ مھاشٽر اليڪشن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري موھن پنجابي ويٺا ھئا، جن ٻنھي سان مان ڪڏھن گڏيو نه ھوس.
اوھان کي ڇا کپي“؟ رام راءُ پڇيو.
” اسين چاھيون ٿا ته شريمتيءَ اندرا گانڌي الھاس نگر اچي“. ”ھوءَ بمبئيءَ اچي ٿي. سندس گشت ۾ الھاس نگر جو پروگرام ڪونھي“. ھن خنڪيءَ مان چيو.
مون تيز ٿي پڇيو ”ڇو“؟
ھو وائڙو ٿي ويو.
” ڇو اندرا گانڌيءَ جو الھاس نگر پروگرام ڪونھي؟ ڇو ته اسين پناھگير آھيون؟ الھاس نگر سڄي انڊيا ۾ وڏي رفيوجي ڪئمپ آھي. ڇو اڄ تائين اتي ھندستان جو ڪو به وزير اعظم، منسٽر نھرو، لعل بھادر شاستري ۽ اندرا گانڌي نه آيا آھن- ڇا اسين انڊيا جا سيڪنڊ ڪلاس سٽيزن، ھڪ بي گھر قوم آھيون- ڇو اوھان کي سنڌين جي جذبات جو قدر نه آھي“؟
ھو چپ. موھن پنجابيءَ پڇيو”اوھان جو نالو“؟
”موھن ڪلپنا“.
” اوھين ته اسان جي ٻوليءَ جا وڏا ليکڪ آھيو“!
” اوھان جو نالو“؟
” موھن پنجابي “.
” اوھان به ته ڪراچيءَ ۾ ڪتاب گھر کوليو ۽ ڪافي انقلابي ڪتاب ڪڍيا“. ھو خوش ٿيو. مون کي ڀاڪر پاتائين صدر ادڪ کي چيائين ”ھِن جي دليل ۾ وزن آھي. سندس ڳالھ مڃو“.
” مون کي گھٽ ۾ گھٽ پنجاھ ھزار ماڻھو کپن. فئبروريءَ جون ٿڌيون آھن. اندرا جي رات جو ڏھين کان اڳ اچي نه سگھندي“.
” مان لک ماڻھن جو بندوبست ڪندس“.
سو ھا ڪيائين. چيائين ”اوھان وڏي چندي لاءِ لکيو ھو“.
چيومانس ”اندرا اچي ٿي، مون لاءِ ايترو ڪافي آھي. باقي ٻين ڳالھين لاءِ ھنن ٻن سان ڳالھايو.“ ھنن به جذبي ۾ سٺ ھزار ڏيڻ جو واعدو ڪيو. ٻن ڏينھن بعد اندرا الھاس نگر اچڻي ھئي. اڳواٽ ئي مون گول ميدان بوڪ ڪرائي ڇڏيو ھيو. جتي ٻن لک ماڻھن جي ويھڻ جو بندوبست ھو. تاريخ اُھائي. جنھن تاريخ تي اندرا اچڻي ھئي. جو اندرا جي گشت جا پروگرام مھينا اڳ طئہ ٿيندا آھن: مون ساڳي بمبئيءَ گشت جي تاريخ واري تاريخ لکي. پٺيان جنتا پارٽيءَ وارن پرڏيھي وزير باجپاءِ لاءِ به ساڳيو ميدان. ساڳي تاريخ، ساڳئي وقت بوڪ ڪرايو ۽ ان جي ڏاڍي پبلسٽي ڪيائون. واپس موٽي اسين ٽيئي ميونسپل ائڊمنسٽريٽر سان گڏياسين. مون کائنس وڙھي. تحريڪ ھلائي الھاس نگر ۾ شاھ لطيف جي نالي رستو ورتو ھو. چيائين ”ڪلھ اِھو گرائونڊ جنتا پارٽيءَ وارن باجپاءِ لاءِ ورتو آھي. راڄ ھنن جو آھي. مان ڇا ڪريان“؟
چيومانس ”ھي منھنجو خط ۽ پنھنجي رسيد ڏس. اسان ميدان اڳواٽ بوڪ ڪرايو آھي. اسان جو ميڙ اتي ٿيندو. ھڪ وقت ٻه ليڊر ساڳي جڳھ تي ايندا ۽ لکين ماڻھوءَ ھڪ ھنڌ جمع ٿيندا ته ڪافي دنگو فساد ۽ مار ڪٽ ٿيندي. غلطي تنھنجي ظاھر ٿيندي.
نوڪري به وڃائيندين ۽ شايد جيل به وڃين“.
صدر دينچند ڪالاڻيءَ چيس”اسين اڄ ئي توکي گھيرائو ڪنداسين ۽ اخبارن ۾ خبرون ڏينداسين“. نائب صدر ھريرام بھراڻيءَ چيس ”راج برابر جنتا پارٽيءَ جو آھي. پر اسين مقابلو ڪنداسين. ھوش کان ڪم وٺ ۽ انصاف موجب ھل“.
ھن جنتا پارٽيءَ وارن کي لکي موڪليو ته ميدان اندرا گانڌيءَ جي ماڻھن اڳواٽ بوڪ ڪيو آھي. شھر ۾ ٿرٿلو مچي ويو. باجپاءِ کي لاچار چاندي ٻائي ڪاليج ٻاھران وڃي تقرير ڪرڻي پئي. مان پبلسٽي انچارج به ھئس. مون سنڌيءَ ۾ ھڪ پتر لکيو ۽ ان جو ھنديءَ، مراٺيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرايم. چاليھ کن آٽو رڪشائون ھڪ ڏينھن لاءِ ڀاڙي تي ڪرايم ۽ ڊومبليوي، ڀيونڊيءَ، ڪلياڻ، الھاس نگر، امبرناٿ ۽ ڳوٺن ۾ موڪليم. ان شام اتي اٽڪل ٻه لک ماڻھو جمع ٿيا. باجپاءِ جو پنھنجو جادو آھي، سو وٽس پنج ست ھزار ماڻھو ويا، جنھن لاءِ چيائون ته پندرنھن ويھ ھزار ماڻھو آيا. اسين اسٽيج تي فقط ڇھ ڄڻا. پرچو وديارٿي، دينچند، ھريرام، سٽيزن فرنٽ جو گوپ بھراڻي، جنھن وديارٿيءَ کي مدد ڪئي. والنٽير پارٽيءَ جو نارايڻ ڪالاڻيءَ ۽ مان. مھاشٽرجا ٻيا ڪافي اڳواڻ، ھاڻوڪو وزير اي-پي شرما ۽ مھاراشٽر جو سابق مکيہ وزير وسنت دادا پاٽل به آيو ۽ ڌوتين ۾ ھٿ وجھي ڏاڪڻ تان ھيٺ لٿا ۽ چڙھيا ٿي. آسمان ۾ ھڪ گونج: اندرا گانڌي زندھ باد! اندرا آگي بڙھو، ديش تمھاري ساٿ ھئہ!!
ڇھين لڳي کان ماڻھن اچڻ شروع ڪيو. اٺين لڳي ٻه لک ٿي ويا جو تخمينو به ٽائيمس آف انڊيا جي ضلعي انچارج پترڪار سھسر لڳايو. ماڻھو ماڻھن سان لڳي ويٺا ھئا. رستا ماڻھن سان ڀريل. ٿڌ ۾ ماڻھن کي ھلڪي ٿيڻ جو خيال اچي ته اٿي نه سگھن. اسان به مختصر تقريرون شروع ڪيون. ھر ڪو پنج ڏھ منٽ ڳالھائي. اٽڪل ويھن ڄڻن ڳالھايو. ڳالھائيندڙ کٽي ويا پر اندرا جو پتو نه ٺھي. اسٽيج تي ماڻھو تقرير ڪرڻ بعد اتي ويھندا وڃن. اسٽيج کي ويھ کن ماڻھن کڻڻ جي طاقت ھئي. زمين کان ويھ فوٽ مٿي. ھيٺ اُڀا ڏنڊا ۽ بينچون. جيئن ته اسٽيج ڌڏڻ لڳو، سو مون نارايڻ ڪالاڻيءَ جي انقلاب پارٽيءَ جي ڪن جوانن کي چيو ته اندرا ايندي ته ڪي ٻيا به ماڻھو مٿي چڙھندا ۽ شايد ڪي مخالف زور لڳائي اسٽيج ھيٺ ڪيرائي ڇڏين، سو اندرا اچي ته اوھين بئنچن مٿان ويھي پنھنجا مظبوط ڪلھا اسٽيج کي ڏجو. جيئن اندرا ڪري ته ڇا لڏي به نه. اندرا گانڌي رات جو ٻه لڳي ويھن منٽن تي آئي. اٽڪل ڏيڍ لک ماڻھو اِھو سوچي ته ھوءَ ڪڏھن ھتي نه آئي آھي. ھاڻ به نه ايندي، موٽي ويا. سندن گھر به پري ھئا ۽ ٿڌ سب شايد ٽائليٽ به وڃڻو ھئن. ڪٿي ھلڪو ٿيڻ جي جڳھ ئي نه بچي. ماڻھو پاڻ خراب اثر کڻي ويا ته سندن قيمتي وقت وڃايو ويو آھي. پر اِھو نه سوچيائون ته ھوءَ ھڪ عورت ٿڌ ۾ آڌيءَ رات جو آئي ته سھي. اتان چيمبور ۾ صبح جو چئين لڳي تقرير ڪيائين ۽ صبح جو جھاز ۾ چڙھي ھلي وئي.
ھوءَ آئي ته ڏاڍا نعرا ھنيائون. دينچند ڪالاڻي کيس وٺڻ لاءِ ھيٺ لھي ويو. مٿي مان کيس نمسڪار ڪري گڏيس. ھن جي ڀرسان بيٺس ۽ ويٺس. ڪافي فوٽا به نڪتا. ھوءَ جڏھن مائيڪ اڳيان بيٺي ته مون چيومانس ”اندرا جي، سڄو ديش اوھان سان گڏ آھي. اسين ڪڏھن به اوھان کي ڪرڻ نه ڏينداسين“.
مون ڏانھن نھاري چيائين ”ڏسو ھيءَ اسٽيج ڌڏي رھي آھي“. چيومانس ”اسان اسٽيج ھيٺان ٻه ماڻھو ويھاريا آھن. اسان جي ڀارت ماتا ھيٺ نه ڪرندي “. شايد ھڪ کن ھن مون ڏانھن گھور ڪري نھاريو ۽ شايد منھنجي چھري جي اُڪار ريکا پنھنجي من جي ڪنھن خالي حصي ۾ اتاري ڇڏي. جو جڏھن دھليءَ ۾ گڏيومانس ته ھن مون کي ڏسي مشڪيو ۽ مون سان بي تڪلفيءَ سان اُھي ڳالھيون ڪيون، جن مان ڪي انتر راشٽريہ اھميت رکن ٿيون ۽ اڃا تائين ڪٿي ڇاپي ھيٺ نه آيون آھن. اندرا گانڌيءَ به فقط نو منٽ تقرير ڪئي. ڪافي ٿڪل ھئي. ڪيتريون راتيون جاڳي ھئي ۽ بعد ۾ به جاڳي آھي. ماڻھو به ھن تي چريا آھن. پر سندس اوسي پاسي گھڻائي گھٽ دماغ ماڻھن جي آھي. کيس عام ماڻھن جي درد جو احساس آھي. وڏو دماغ، چٽي سوچ. جرئت. ظرافت ۽ بي ڊپائي ھن جون خاص خوبيون آھن. ھن جي شخصيت کي پنھنجو جادو آھي. من جي ڳالھ مشڪل چوي. ڪسنجر ۽ نڪسن به ھن جو من پڙھي نه سگھيا. خود برزنيف به کيس صحيح معنيٰ ۾ پرکي نه سگھيو. جيتوڻيڪ ھندستان ۽ روس ويھ سال دوستي ۽ صلح جو عھدنامو ڪيو آھي. ھندستان ۾ پٺتي سوچ واري جنتا پارٽي راڄ ۾ آئي ته ان راڄ آڻڻ ۾ ڪجھ برزنيف جو به ھٿ ھو. پر کيس پنھنجي ان غلطيءَ جي خبر تڏھن پئي ھوندي . جڏھن جنتا سرڪار جي پرڌان منتريءَ ڪانفرنس ۾ چيو،
”اسان جي پرڏيھي نيتي سچي پرڏيھي نيتي ٿيندي“.
جا اڄائي ٻٽاڪ ھنيائين ۽ پنھنجي مختصر راڄ ۾ نھروءَ گانڌيءَ واري بنھ ساڳي پرڏيھي نيتي قائم رکيائين. ڇھن مھينن جي اندرا ڪانگريس جي ميمبريءَ دوران ميونسپل اليڪشن ۾ بيٺس. گھر گھر ويس. تقريرون ڪيم. ان وقت گيتا ڏھن سالن جي ھئي. ھن به آٽو رڪشا ۾ ويھي مائيڪ تي تقريرون ڪيون-ٻين اميدوارن رات جو گتا کوليا. ووٽ خريد ڪيائون. منھنجو خرچ فقط ست سؤ چاليھ رپيا آيو. سمجھيم ته کٽندس ڪو نه ۽ ھٿ کڻڻ تي مون کي سٺن پئسن جي آڇ به ٿي. جا مون قبول نه ڪئي ۽ مون اليڪشن ھارائي.
مون کي افسوس ٿيو ته پارٽيءَ طرفان اتي ھڪ به ميڙ نه ٿيو ۽ ميمبرن جي گھڻائي چڱن ماڻھن جي نه ھئي. ان ڪري دھليءَ کان موٽي استعيفا ڏنم. انڪري جو پاڻ سان وعدو ڪندس. اھو پورو ڪيم ته اندرا سزا کائي جيل ۾ نه وڃي. اندرا شاھ ڪميشن ۾ قسم کڻڻ کان انڪار ڪيو ته ڀارت جي پرڌان منتريءَ ھوندي مون وڌان موجب ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ رازن کي ڳجھ ۾ رکڻ جو قسم کنيو آھي. ان ڪري مٿس ڪا ڪاروائي ٿي نه سگھي ۽ ھوءَ عوام کي پنھنجي پاسي ڇڪي ويئي. کيس چونڊن ۾ زبردست ڪاميابي ملي. ان بعد ھوءَ اڃا ڀارت جي پرڌان منتري آھي.