آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

بک عشق ادب

نامياري شاعر ۽ ليکڪ موهن ڪلپنا جي مختصر آتم ڪٿا جو ڪتاب ”بُک عشق ادب“ اوهان اڳيان پيش آهي. موھن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ دل کولي سڀڪجهھ لکيو آھي. اھوئي سبب آھي جو موھن جو نالو؛ اسان سمورن سنڌين جي دلين تي اُڪريل آھي ۽ ان کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگھي. هو لکي ٿو:
”جھاز ھليو ۽ مان آھستي آھستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس. سڀ ته ياد اٿم.
خيال آيم ته ھوا جو جھوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي زمين، مڪانن ۽ ماڻھن کي چمڻ شروع ڪريان. ڪتو ٿي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي ھلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻھاري ڏئي ان جي مٽيءَ سان سنانَ ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مھل پائبو آھي“.
  • 4.5/5.0
  • 5692
  • 1673
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بک عشق ادب

9

ملڪ لاءِ مان ڪجھ نه ڪري سگھيو ھوس ۽ جڏھن ڏٺم ته پورچوگيز گوئا کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه ھئا ۽ 15 آگسٽ 1955ع ۾ گوئا ستياگرھ ۾ ان جي ھر سرحد تان اٽڪل ڏھ ھزار جوان اندر گھڙڻ تيار ٿيا ته مون به اتي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
انھن ڏھن ھزارن ۾ شايد يارنھن سنڌي ھئاسين ۽ انھن ڏھن ھزارن ۾ ليکڪ صرف ھڪ ھو، جو مان ھئس.
سمجھيم ته ان گوليبازيءَ ۾ مان شايد شھيد ٿي وڃان، ان ڪري نوڪري ڇڏي ڏنم.
ادبي ڪلاس ۾ ان کان اڳ ٽئگور جي ھڪ شام ملھائي ھئائون، پر پوءِ اھا شام
”موھن ڪلپنا“ ٿي ويئي.
ھر ڪنھن جي وات ۾ اھائي وائي ھئي ته موھن ڇاتي کولي پورچوگيزن جو مقابلو ڪندو ۽ شھيد ٿيندو.
گھر ۾ دادا چيو:
ڀل وڃ ۽ سنڌين جو نالو مٿي ڪج
ڊڄي ڀڄي نه اچج،
نه ته وڃ ئي نه.
ڀاڀيءَ ڇاتيءَ سان لڳائي پيشانيءَ تي چمي ڏني :
شل وڏو ٻڍو ٿين.
جواني ماڻين ۽ شل تنھنجو وار به ونگو نه ٿئي.
ان دعا شايد سنڌين کي ڪو ٻيو ھيمو ڪالاڻي نه ڏنو ۽ مون مٿان به مشين گنون ھليون ۽ شرراٽ ڪري مٿان ۽ پاسن کان گوليون لنگھي ويون، لڳيون ڪين.
ان ھلچل بابت فقط پنج ڳالھيون لکندس.
اسان کان پوني ۾ لوڪمانيہ تلڪ جي آفيس ۾ لکائي ورتو ويو ته اسين پنھنجي آزاد اڇا سان گوئا ۾ ٿيَ وياسين. اتي مارشل لاءِ شوٽ-ائٽ - سائٽ جو به آرڊر ھو. ته اسين مرڻ لاءِ تيار ھئاسين. اسين قومي جھنڊي کي ڪڏھن به پٽ تي ڪرڻ نه ڏينداسين.
بمبئي جي چيف منسٽر مرار جي ڊيسائي حڪم ڪڍيو ته جيڪڏھن ٽرڪ وارا والنٽيرن کي گوئا جي مکيہ بارڊر باندا تي ڇڏڻ لاءِ ساونتواڙي ويندا، انھن جا ليسن رد ڪيا ويندا. ان ڪري بيل گام جي ھڪ ميڙ ۾ اھو فيصلو ٿيو ته جيڪي تمام پريان آيا آھن. انھن کي اندر وڃڻ ڏنو ويندو. ان حساب سان سنڌي اتي وڃي نٿي سگھيا: مون تقرير ڪئي ته اھو فيصلو غلط آھي. گوئا جيڪڏھن بمبئيءَ کان ٻه ھزار ميل پري ھجي ته اسين وڃون ھا. اوھين الڳ ٻولين موجب عيوضو ڏيو ۽ سنڌين کي ان انقلابي تحريڪ ۾ بھرو وٺڻ ڏنو وڃي. تاڙين جي ڦھڪن ۾ منھنجي رٿ منظور ٿي. اتي ايس- اي ڊانگي به ھو، جو پونا کان اسان سان گڏ آيو ھو.
ساونتواڙيءَ ۾ چيو ويو ته سنڌي پنجابين سان سٺ ميل پنڌ ڪري فلاڻي بارڊر کان گوئا ۾ گھڙن. اسان پنجابين کان اڳ نڪري وياسين. پنجابين پي چيو؛ آ بول پنجابيا ھلا بول. بول سنڌيا ھلا بول. پر پوءِ سندن آواز پٺيان پئجي ويا. جھيڻا پئجي ويا. روپ چيو ته اسين به واپس موٽي ھلي باندا مان اندر گھڙون. ھي چاھين ٿا. سنڌي سٺ ميل پنڌ ڪن ۽ اھو به ھڪ رات ۾ اڄ 14 آگسٽ آھي. اھو فيصلو غلط آھي. ھلو. واپس ھلو. سڀني چيو ھلو-واپس ھلو. مون چيو مان واپس نه ھلندس. اسين ھتي پڪنڪ ڪرڻ نه آيا آھيون. واپس ھلنداسين، چوندا؛ ھيءُ ڏسو سنڌي بھادر! سھوليت پسند! ڊڄڻا! مان اڪيلو اڳيان وڌندس. روپ چيو:
”پر باندا ۾ ڪي اڳ ۾ به شھيد ٿيا آھن. اسين شھيدن جي سرحد تي شھيد ٿينداسين“.
”اسين اتي شھيد ٿينداسين “. مون چيو ”جا زمين گمنام آھي“.
ھڪ ھڪ ڪري سڀ مون طرف ٿيا ۽ روپ به جھڪو. پر اسان برسات جي ان ڪاري اونڌاھي رات ۾ نديون ۽ نالا پار ڪندا فقط سورھن ميل اڳيان وڌياسين ته اتي ڪي اڳواڻ گڏيا. چيائون باقي رات مندر جي دالان ۾ رھو ۽ صبح جو ساسولي بارڊر کان اندر گھڙجو.
منھنجي من ۾ اھو خيال آيو ته ھندستان مون لاءِ ڪيو ڇا آھي. جو ان لاءِ مران. وري خيال آيم، ھي ڪو واپار سودو نه آھي. ديس لاءِ ئي ته کلندي کلندي مربو مٽبو آھي. او ديش ڏس. تنھنجي لاءِ کلندي ڪڏندي گوليون کائي ٿو وڃان. پر اندر جڏھن وڻ تي قومي جھنڊي لڳائڻ جو سوال اٿيو ته بندوقون ۽ اسٽيشن گنون مون طرف سڌيون ٿيون. مان ھڪ دڙي تي بيٺو ھوس. روپ ڀرسان بيٺو ھو. منھنجو من ٿورو ڪمزور ٿيو ته ڄاڻ مئس. روپ کي چيم؛ تون اڳواڻ آھين. جھنڊو تون چاڙھ، ڪرندو ته ان کي کڻندس. ھن چيو؛ تو به ڪلھ ليڊر بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي، پھرين تون چاڙھ، مون چيو: جئہ ھند. مون وڻ تي جھنڊو چاڙھي ڇڏيو. پورچوگيز مليٽري جا گوئاني فوجي اسان کي اندر اچڻ کان روڪي نه سگھيا پر جڏھن جھنڊو لڳو ۽ اسين اندر گھڙياسين ته شروع ٿي مشين جي ڦٽ، ڦٽ، ڦٽ، اسين زمين تي ڪرندا وياسين ليٽندا وياسين-ائين ھدايت مليل ھئي.
گاگنداس چيو؛ اسين سڀ مرون، پر تون نه مرج. تون ليکڪ آھين. تون اسان جي شھادت جي ڪھاڻي لکج. گوليبازي ھلڻ وقت ھڪ جوان جيون شھدادپوري اٿي بيٺو. چيائين : ماريو-سڌو ڇاتيءَ تي گوليون ھڻو. ۽ قميص ڦاڙي ڇاتي کولي چيائين: ڀارت ماتا زندھ باد-سالازار مردھ باد. ٻيو اٿيو گاگنداس مون کي چيائين؛ ڪلپنا، تون سمھيو ڇو پيو آھين. اٿ. مان اٿيس ته ھن جوش ۾ فوجين کي چيو؛ سالا توھان کي شرم نٿو اچي جو بي ھٿيارن تي گوليون ھلايو ٿا. اسان کي بندوقون ڏيو ۽ ڪريو مقابلو. يا بندوقون ڦٽيون ڪريو ۽ اچو ھڪ ھڪ ٿي. گوليبازي ته بند ٿي. پر گاگنداس کي پڪڙي ويا. کيس نديءَ ۾ غوطا کارايائون ۽ بيلٽون لاھي ڪٽيائونس. ھو ٻٽي ڏينھن گرفتار رھيو. اسين روپ ۽ ٻين ساٿين کي ڪلھن تي کڻي واپس آياسين.
نھرو سرڪار 1961ع ۾ مليٽري قدم کڻي گوئا کي آزاد ڪرايو. ان بعد گوئا جي آزاديءَ جا وڏا جشن ملھايا ويندا آھن، پر سنڌين کي ڪڏھن ياد نه ڪيو ويندو آھي. پوءِ به ھڪ آس پوري ٿيم ته مون به ھڪ دفعو ديش جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪيو.
اڳواڻن کي چندن وسيلي ڪافي پئسا مليا ھئا. پر پاڻ پيا مکڻ ۽ بيدا کائيندا ۽ اسان کي سکڻي چانھ به نه آڇيندا. مانيون ته ائين ماڻھو پيا کارائيندا ھئا. مان به ٻن چئن روپين جو خزانو کڻي ويس. ان سال پھرين تاريخ کان مون ۽ گني با سلسلي سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪيو ھو، سو سگريٽ جام ڇڪيم. جڳت آڏواڻيءَ ”ھندستان“ اخبار طرفان مون کي فرنٽ تي ان جو عارضي خاطو ڪري موڪليو. سو ڀڳل ٽٽل انگريزيءَ ۾ چڱيون خبرون موڪليون مان ۽ پنھنجو ذڪر رڳو ھڪ ڀيرو ڪيم ته ان طرف مون ئي جھنڊو چاڙھيو-پر ھندستان اخبار وارن کي ھڪ خسيس ماڻھوءَ کي پنھنجي خسيسپڻي جو احساس ڏيارڻ لاءِ ان اھم خبر کي نه ڇپيو ته ھڪ سنڌيءَ جان جو وڏو جوکم کڻي اھو ڪم ڪيو ھو.
ٻي ڳالھ اھا ٿي ته الھاس نگر ۾ خبر پکڙي ته موھن ڪلپنا کي گولي لڳي آھي. مان اڳي ڪٿي به ويندو ھوس ته آنچل کي خط ضرور لکندو ھوس. ان کي احوال لکيم ۽ گھر ۾ به، ته شھيد ٿيڻ کان محروم رھجي ويو آھيان.
منھنجي موت جي خبر ڪيئن پکڙي، خبر نه آھي. سئميول بيڪيٽ چيو آھي: ڪڏھن ڪڏھن، جن کي گھڻو چاھبو آھي، تن جي موت جي ڪامنا ڪبي آھي. سڳن آھوجا جڏھن سخت بيمار ھو ۽ ان بيماريءَ کان آخر بچي نه سگھيو، مان دفتر کان جڏھن اسپتال ويندو ھوس ته سمجھندو ھوس ته سڳن مري چڪو آھي، پر دوستن جا چھرا ڏسي من ۾ اڻ لکيو درد محسوس ڪندو ھوس. خبر نه آھي، اھا انسانِي زندگيءَ جي ڪھڙي بيھودگي آھي.
ميران بئگ سان ايندي ڏٺو ته ڊڪندي آئي. ھٿ ملايائين.
چيائين: موھن، يو آر ھيرو.
سو مان ڪڏھن پرنس، ڪڏھن ھيرو، من ۾ چيم: بچي ويندينءَ ڪيڏانھن. زندگي ته توکي مون سان گڏ گذارڻي آھي. دادا به گھر ھو. پيرين پيومانس ته پٺيءَ تي ڌڪ ھڻندي چيائين: ڇُٽ!
ليکڪن جي ميٽنگ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي گھر ٿي، جتي ٻار اڃا به نعرا ھڻي رھيا ھئا:
لاٺي کائين گي-ڦر ڀي گوئا جائين گي.
گلي گلي مين شور ھئي- سالازار چور ھئي.
گوبند مالھيءَ تقرير ڪندي چيو ”موھن ڪلپنا سنڌين جو عيوضي ليکڪ آھي، ھن سنڌي قوم جو ڪنڌ مٿي ڪيو آھي. موھن ڪلپنا قوم پرست آھي. موھن ڪلپنا انقلابي آھي.
وقت جي تقاضا آھي: موھن ڪلپنا سوشلسٽ ٿئي.
رپورٽاج مون لکي ۽ مھيني اندر ڇپجي ويئي. سنڌ ۾ ھڪ ڪاپي پھتي ته پئي ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ سکر جا چڪر لڳائي. ڪنھن اديب ”مھراڻ“ ۾ لکيو :موھن ڪلپنا اھو ڪتاب لکي سنڌ جي ٻچي ٻچي تي احسان ڪيو آھي. ان ڏينھن کان سنڌ جي اديبن، پروفيسرن ۽ شاگردن مون کي پيار ڏنو. ”جلاوطني“ تي بندش وقت ھڪ اديب لکيو: اسين مسلمان بت پرستيءَ جي خلاف آھيون، پر اسان جيڪڏھن ڪو بت ٺاھيو ته اھو موھن ڪلپنا جو ھوندو.
نه پنھنجي ساراھ نٿو ڪريان. مان رڳو ٻڌائڻ ٿو چاھيان ته ماڻھو قوم لاءِ ڪم ڪندو آھي، قوم ھن جو قدر ڪندي آھي ۽ اھو نه ڏسندي آھي ته ھن جو بئنڪ بئلنس ڪيترو آھي، پگھار گھڻو اٿس، اٿس به يا نه، انڪم ٽيڪس ڀريندو آھي يا نه، پر مون کي لڳي ٿو ته مان ندين جا رخ ڦيري ڇڏيندس. ذات پات جنس طبقي ۽ فرقن جا فرق مٽائيندس. مان ھن پوري يگ کي بدلائي ڇڏيندس. مون کي اھا خبر ھئي ته ادب انسان جي لطيف ۽ مقدس جذبن جي حفاظت ٿو ڪري، پر پوءِ آزمودي مان ڏٺم ته ادب محض سجاڳي پيدا ٿو ڪري سگھي ۽ اھو تاريخ جي ڏاڍين خلاف فقط ھڪ ٿڪل بي زور احتجاج آھي.
ائين سنڌين جي ھڪ ئي مزدور نيتا ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان امبرناٿ ۾ شاھي ميڙ رکيو، جتي مون ڏھن ھزار مزدورن اڳيان تقرير ڪئي ته ظلم خلاف لڙڻ گھرجي ۽ پنھنجي خانگي ملڪيت جو ڪجھ حصو قوم جي بھبوديءَ لاءِ خرچ ڪرڻ گھرجي. ھتي به جشن ڪيائون، پر حالات اھي ھا جو مان وري بيروزگار. اھي ئي اداس راتيون، اھي ئي مايوس تنھايون، گھر ۽ قرضين جا چڪر لڳڻ ته بند ٿي ويا، پر اتي اڃا بجلي، پاڻي ۽ فرنيچر نه ھو. ھند سنڌ مان خط ايندا ھئا ته جواب ڏيڻ لاءِ پئسا نه ھوندا ھئا. جيتوڻيڪ پاڪستان لاءِ لفافي تي رڳو پندرھن پيسن جون ٽڪليون لڳنديون ھيون. چانھ سان گڏ سگريٽ پيئڻ عياشي ھئي. بس ڪاپي ۽ پين لکڻ لاءِ ڪٿان مفت ۾ ڪتاب اچي ته دريءَ ۾ وڪڻي پنا وٺي اچان. ائين ھڪ دفعي ”پيار جي پڇاڙي“ جو دستخط به ڀل وچان وڪڻي آيو ھوس، جو ڪتاب وري لکڻو پيو ھوم.
ھڪ دفعي ادبي ڪلاس ۾ ھڪ برک اديب کلندي چيو: يورپ ۾ ماڻھو ھڪ ڏينھن ۾ چار ڊريسون پائين. ھتي موھن کي ڏسو: کيس چوويھ ڪلاڪ ساڳي ڊريس. ھو مون کان به غريب ۽ ڀاڻھس درزي ھو، سو پاڻ ڪپڙا سٺا پائيندو ھو، پر بھتر ادب ته ھو خلقي نه سگھيو ۽ منھنجن ڪپڙن تي طنز ڪيائين. مان اتي حاضر نه ھئس، نه ته ايڏي ھمٿ نه ٿئيس ھا.
پر چيو ھن سچ.
ڇوڪريون منھنجون چھرو ڏسي عاشق ٿينديون ھيون، پر ڪپڙا ڏسندي سندن عاشقي سرڳواس ٿي ويندي ھئي. ھڪ دفعي سڳن آھوجا چيو ”ڪميونسٽ اسين آھيون پر سچو باغي تون آھين. ھن سماج تنھنجو قدر نه ڪيو آھي ته تون به لنڊيون پينٽون پائي ان کي چئينس؛ آئي ڊونٽ ڪيئر فار يو.
)مون کي اوھان جي پرواھ نه آھي“. (
مون چيو ”نه سڳن، اھا بغاوت نه آھي جو چونڊ نه آھي. سٺيون پينٽون ھجن ۽ نه پايان ته تون صحيح آھين“
”ڪارل مارڪس پئرس ۾ گڏھ تي چڙھي بورجوا سماج کي ڇيڙيندو ھو“.
”مارڪس کي ڪار ھجي ھا سندس پروٽيسٽ کي ڪا معنيٰ ھجي ھا“.
”تون مارڪس کي به نه ڇڏيندين“!
”نه سڳن “. مون چيو ”مارڪس ھڪ سج آھي ۽ مان رستي تي ڦٽو ڪيل ٻرندڙ سگريٽ آھيان. پر اھي ڳالھيون آھن ملعما. پنھنجي اڇا سان ڪو راج، پنھنجو سڀ ڪجھ ڇڏي. ھرشچندر ڏس. رام چندر. گوتم ٻڌ. گانڌي. نھرو. سباش “.
”مارڪس چاھي ھا ته پروفيسر ٿي سگھي ھا، پر ھن اڀياس ڪرڻ ۽ سکڻ پسند ڪيو، اھو گھٽ تياڳ آھي؟ لنڊن ميوزم جي چوڪيدار کي خرچي ڏيئي پاڻ کي ڪلف سان بند ڪرائي اندر لڪي اڀياس ڪندو ھو. ھن تي ڪنھن ڪنھن ڪيس نه ڪيا. ڪاساين. مودين، کير وارن. ھن يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٿرٿلو پيدا ڪيو. سندس زال کي پڪڙي وئشيائن سان بند ڪيائون. پاڻ لکڻ ۾ مشغول. ڪنھن چيس :کيس ڇڏائي.
مارڪس چيو: مان پوري دنيا جو ٿو، سوچيان. ھوءَ ته بس ھڪ عورت آھي. “
مون سڳن جي چمڪندڙ اکين ڏانھن نھاريو ۽ ڪو بحث نه ڪيو. ھڪ قسم جي خوشي ٿيم ته سڳن منھنجي غريبيءَ جو نه فقط مذاق نه اڏايو، پر مھاپرش جي غريبيءَ جو مثال ڏيئي سمجھايائين ته جڏھن ھنن کي ٻه ويلا ماني نصيب نه ٿي ته اسين انھن اڳيان ليکي ۾ به نه آھيون -پر پنھنجو رستو ساڳيو آھي، چاھي اسين خسيس ۽ جيتامڙا آھيون. اھو رستو آدرشواد جو آھي. پر مان آدرشواد جي ڀيٽ ۾ انڀو ڏانھن وڌيڪ وفادار رھيو آھيان.
ھاڻ عالم بيروزگاريءَ جو ھو ۽ لکڻ ۽ ادبي ڪلاس جون سرگرميون زورن تي ھيون. اديبن جي وچ ۾ مون کي غريبي جو ڪڏھن احساس نه ٿيو. اديبن ۾ تڏھن ڪو به پروفيسر نه ھو، سواءِ عزيز ۽ رام پنجواڻيءَ جي. ٻيا سڀ ماستر ڪلارڪ، ننڍا وڏا ڪامورا ۽ وڪيل ھئا. انھن سان پوري زندگي گذري آھي ۽ اطمينان سان گھڻن تي لکيو اٿم. ھڪ دفعي سڳن آھوجا مون سان ايم-ڪمل به پرسرام ضيا جي گھر ھليو. ضيا گھڻو پوءِ گذاري ويو ۽ مرڻ کان اٽڪل ھڪ ھفتو اڳ ھن مون کي چيو ته منھنجي زندگي ھاڻ ڪڏھن به ختم ٿيندي، ان ڪري چاھيان ٿو، توکي پنھنجي جيون ڪٿا ٻڌايان جا تون ئي لکندين. ھو ان بعد فقط ستن ڏينھنَ ۾ گذاري ويو. مون سندس مختصر زندگي ”سھڻي“ رسالي ۾ لکي. ضيا اڪثر شام جو شراب پيئندو ھو، جا عادت پوءِ سڳن آھوجا ۾ به پيئي. اتي ڪمل ھڪ شعر پڙھيو. شايد ھيءُ؛
تون مون سان گڏ ھئين پر
نه ٿم خبر ڪڏھن ڪٿي.
ضيا نشي ۾ چيائين واھ واھ ڪمل خوش. وري چيائين: ٺيڪ آھي. ڪمل حيران. وري ضيا چيس: ڇا لکيو اٿئي؟ ڪمل جي منھن جو پنو نه، سندس سڄو چنو لھي ويو. ڪمل پوءِ ڏاڍي محنت ڪئي ۽ اڄڪلھ وڏن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
ھڪ دفعي ڪمل مون کان پڇيو ”ادب ۾ نواڻ ڇا ھي؟“
چيو مانس ”اھو دک، جو ڪنھن يورپيئن ظاھر ڪيو ھجي. “
ھڪ دفعي غصي ۾ ڪيرت چيو ”ھڪ ڏينھن ايندو، جڏھن ھر ايماندار شخص کي ڪميونسٽ ٿيڻو پوندو“.
ھڪ دفعي مالھيءَ سڳن آھوجا اڳيان چيو ”تون اھا غلطي نه ڪج جا اسان ڪئي آھي“.
”ته مان ڪميونسٽ ٿيان“، مون کليو.
”نه“ سڳن چيو ”تون شادي نه ڪج. شادي ادب جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ آھي“.
”برابر“ سڳن چيو ”ڪنوارو ماڻھو پنھنجو ڌيان ادب کي ڏيئي سگھندو آھي“.
”جيئن عزيز ۽ تيرٿ بسنت ڏنو آھي“.
”ھا “، مالھيءَ چيو.
”گھر جون تقاضائون، زال جون تقاضائون، ٻارن جي پرورش، وري نوڪري“. سڳن چيو”اسان جي اھا غلطي اسانکي وڏو ليکڪ بنجڻ نٿي ڏي“.
”۽ نوڪري به نه ڪرڻ گھرجي“؟ مون چيو.
”ھا“. سڳن چيو ”جيڪڏھن اھو ممڪن ھجي“.
”ڪامياب ليکڪ ڪامياب پتي نٿو ٿي سگھي“.
مالھيءَ چيو،
”شاھ لطيف، ٽالسٽاءِ ۽ برنارڊشا ناڪامياب مڙس ھئا“.
سڳن آھوجا چيو.
مان پيو کلان. منھنجي لاءِ وڏو سوال اھو ھو ته مان شادي ڪري سگھندس به يا نه. گھر الائي ڪڏھن ٺھي. ڪا نوڪري به ملندي يا نه. ڪجھ ملڻ بعد ته ان ڏانھن ڌيان گھٽ ئي ويندو آھي ۽ ادب ته منھنجي رڳن ۾ ڊوڙندو آھي.
ائين سڳن آھوجا سومر سومر ڏينھن گڏجندو ۽ الڳ ٿيڻ وقت ھڪ پائلي ڏيندو ھو. وقت گذريو ته مالھي کيسي ۾ ھٿ وجھي سڄي چينج ڏيندو ھو. ادب ۾ اسين وڙھندا ھئاسين پر دوستيءَ ۾ ڄڻ ڀائر ھئاسين. مالھي ڪيانيءَ ريسٽارنٽ ۾ ويھندو ھو، جتي صلاح مصلحت لاءِ ڪافي اديب، خود ڪيرت ۽ اتم به ھن وٽ ويندا ھئا ۽ ڪڏھن مالھي منجھندو ھو ته ويسٽ اينڊ جي ريسٽ ھائوس گل بھادر ۾ سڳن وٽ ويندو. سڳن گرئجوئيٽ ھو ۽ اھو به انگريزيءَ ادب ۾، اديب کيس ”واڪنگ ڊڪشنري“ چوندا ھا. نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جو گھرو دوست. ان دور ۾ بحث اڪثر ادبي ۽ نظرياتي ھئا. ايڪڙ ٻيڪڙ اديب پتلونن ۽ فونن، فرجن ۽ ٽي -وي تي ڳالھائيندا ھئا. مالھي پوءِ اپٽا ۾ ويو. رتو گھتڪ سان دوستي ٿيس. ڀڳونتي ناواڻي کي سنڌي ھلچل ۾ ڇڪي آندائين. اُتم مخالفن سان ڪڏھن به نه مشڪي. ھنن کي پاڻ کان پري رکندو. ڪيرت وڌيڪ ڊپلومئٽ. ڪڏھن به ڪنھن کي لکا پوڻ نه ڏيندو ته ھو اڳلي لاءِ ڪھڙو رايو ٿو رکي، پر پيش نھايت فضيلت سان ايندو. مالھيءَ سان ڳالھائڻ مھل ڪنھن خسيس ماڻھوءَ کي به پنھنجي ھستيءَ جو وڏو احساس ٿيندو. آنچل سٺو شاعر ته ھو، پر لڳندو به شاعر ھو. جڏھن ڪو ماڻھو نه وڻندس ته ھن ڏانھن اک نه کڻندو. سڳن کي سڀ ماڻھو وڻندا ھئا. لڳندو ڄڻ پنج سؤ سالن جو دوست آھي. ڪرشن راھي به دردمند شاعر. جيڪڏھن وڪيل ٿئي ھا ته سپريم ڪورٽ ۾ نالو ڪڍي ھا. دليل بازيءَ ۾ نھايت قابل. ماڻھو ويٺو ھوندو ته ثابت ڪري سگھندو ته ھو ان شھر ۾ ئي ڪونھي. ھر ڇنڇر ھڪ کان چار تائين ڪياني ريسٽارنٽ. پوءِ ادبي ڪلاس. مون کي لوناولا ۾ نوڪري ملي ته اتان به ڇنڇر ڏينھن ادبي ڪلاس ۾ ايندو ھوس. چانھ جا آرڊر گڏيل ھوندا ھئا، پر بل الڳ الڳ ڏيندا ھئاسين: يعني آنو يا ٻياني. ھڪ چانھ. ڪڙي ۽ مٺي، گھاٽي ۽ گرم ۽ جلدي. ھڪ پان ڏي. ڪلڪتو. مٺو. سادو، ڪچي سوپاري، خوشبو ڪمام جو ھلڪو اشارو.
” آنچل، ھي پاڻ پٽ تي ڪرندو ته آواز نه ڪندو، پر شيشي وانگر ٽٽي ڇينھون ڇينھون ٿي ويندو“.
” اِھو تنھنجن لفّظن جو جادو آھي-تڏھن ئي ڇوڪريون توتي چريون ٿيون ٿين. “
” پر منھنجي قسمت تڏھن ٺھندي جڏھن مون تي چريون نه ٿينديون، مون لاءِ سنئيون ٿينديون“.
ھڪ دفعي ميران ۽ ساون جي ڀيڻ رتنا چيو ”تون فقط پنجن منٽن لاءِ سٺو آھين. تنھنجين ڳالھين ۾ سڀ ڪجھ وسريو وڃي“.
”دنيا جون سڀ وڏيون ڳالھيون، فيصلا منٽن ۾ ٿيندا آھن“.
” پر موھن، ڏينھن ۾ چوويھ ڪلاڪ ٿين. ڪلاڪ ۾ سٺ منٽ. ان مان ڪو پنج منٽ ئي“...
” ھونءَ اھي پنج منٽ ئي اھم آھن. ماڻھو پنھنجي شخصيت جو ڪجھ حصو ڏيکاري، باقي لڪائي ڇڏين. مان ته پنھنجي پوري سچائي سان ننگو آھيان“. ھوءَ چپ رھي.
”شايد ان ڪري تون صحيح آھين“.
بيروزگاري ۽ عشق جي ناڪامي ڄڻ جاڙيون ڀينر آھن. ٻيئي ٻنھي پاسن سمھن. منھنجي ڳالھ تي کلن، مشڪن ۽ مان نقاشيءَ ۾ پورو. ڪڏھن ٿو شاديءَ ڪرين؟ ڪو پڇندو. بس ھن سال خيال اٿم. ڊسمبر ۾ ڪندس. ڊسمبر گذرندو ته وري پڇندا -شادي نه ڪئي؟ شادي ! اھا رد ٿي ويئي. وري ڪڏھن ڪندين؟ ڊسمبر ۾ خيال آھي. ڀائي مون وٽ شاديءَ جي اميد ھوندي آھي، خاطري ته فقط رد ٿيڻ جي ھوندي آھي.
1956ع ۾ ٽي مھينا جي -جي ھاسپيٽل ۾ نوڪري مليم. جنوري 1957ع ۾ ريلوي ۾ مليم جا 58 ۾ ڇڏيم. 59 ۾ لا لا آرڪيٽيڪٽس ۽ انجنيئرس ۾ مليم. 65 ۾ رام دادلاڻي وٽ ڪيم. 67 ۾ بيمار ٿيس ۽ آر -ڪي تلريجا ڪاليج ۾ ڪيم. 69 ۾ ھڪ انگريزي اخبار جو ايڊيٽر ٿيس ۽ 70 ۾ ان جو مالڪ، جا 75 تائين ھلايم ۽ ڪنسٽرڪشن لائين ۾ آيس. 78 تائين پنھنجي ڪمپنيءَ جو مالڪ ٿيس. ان سال فلم ڊسٽربيوشن ڪمپني کوليم ۽ ان ۾ اڳ ۾ ڪمايل پئسا وڃايم. سوينير ڪمپنيءَ ۾ پبلڪ رليشن آفيسر ٿيس. اتي نومبر 1979ع کان آڪٽومبر 1980ع تائين ڪم ڪيم. وري پنھنجي ڪمپني کولي اٿم ۽ ان وچ ۾ ٻه آفيسون بدلايون اٿم.
نوڪري بدلائڻ جا مکيہ طور ٽي سبب ھئا:
ڪو مون سان سٺو نه ھلي.
ساڳيو ماحول ڏسي مصنوعيت جو احساس.
بھتر آمدنيءَ جي خواھش.