20
اتان آگري، مٿرا ۽ برندابن وياسين. جتي به ڏھ ڏينھن ھئاسين ۽ تاج، آگري جو قلعو،
سڪندر آباد، ديال باغ، فتح پور سڪري ۽ ٻيا تاريخي آستنا ڏٺاسين. مٿرا جا دوراڪا درويش مندر به ڏاڍو وڻيو.
دھليءَ ۾ ھفتو کن ھوس. مان ته ھونءَ ودرڀ نيما ڌوتيءَ وٽ رھندو ھوس.
دھليءَ ۾ ھريڪانت ۽ راڌا ڪمل گيتا کي پنھنجي گھر وٺي ويا. راڌا جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي.
ھن ۾ تمام گھڻو پيار موھ ممتا آھي. ھريڪانت شاعر نه ھجي ھا ته راڌا سبب ٿي پوي ھا.
سيمينار مسوريءَ بدران دھليءَ ۾ ٿيو ۽ ٽي ڏينھن ھليو. شايد 11 تاريخ ھئي. ساڍي نوين لڳي شروع ٿيڻو ھو. مون اندرا گانڌيءَ کي ڪافي خط لکيا ھئا. جن مان ڪيترن جا جواب سندس سيڪريٽريءَ ۽ ٻن جا جواب پاڻ ڏنا ھئائين. مان سڀا جو جنرل سيڪريٽري، سوا نو ٿيا ھئا، مون کي خيال آيو ته پنھنجي ڀارت ماتا اندرا گانڌيءَ سان گڏجان. ان وقت ٽيليفون ڊائري ڪڍي ھن جو فون نمبر ڪڍيم ۽ لڳايم.
” اوھين ڪير“؟
” منھنجو نالو موھن ڪلپنا آھي، الھاس نگر مان آيو آھيان. سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ ليکڪ آھيان. مون کي اندرا گانڌيءَ سان گڏجڻو آھي. چيائين؛ ترس، فون تي چيائين”اندرا ڏينھن جو دھليءَ کان ٻاھر ٿي وڃي. چوي ٿي پندرھن منٽن ۾ پھچي وڃو“.
مون سڀا جي صدر ڪيرت کي چيو ”مان اندرا سان گڏجي ڪلاڪ اڌ ۾ اچان ٿو“.
” پر سڀا جي ڪاروائي توکي ھلائڻي آھي“.
” منھنجو ھڪ سپنو آھي. ڪيرت- مون کي وڃڻ ڏي“.
گني سامتاڻيءَ ڪيرت کي چيو ”موھن کي وڃڻ ڏي“.
گني سامتاڻيءَ ڪيرت کي چيو”موھن کي وڃڻ ڏي. اھڙا موقعا زندگيءَ ۾ ڪنھن کي ملن نه ملن“.
مون آٽو پڪڙيو. نو پنجويھ ونسينٽ ڪريسنٽ پھتس، جو ٽين مور تي مارڳ ڀرسان. پنج منٽ سيڪريٽريءَ سان ڳالھايم. ٻاھر ھڪ ڪنڊ ۾ پارليامينٽ جا ڪي ميمبر، ٻي ڪنڊ ۾ ھڪ فوٽو گرافر، دروازي پاسي گاھ تي ڪي ھاري اڳواڻ ويٺا ھئا. اڇو محل. ھڪ زمين تي. ھڪ مٿي ماڙو. ھوءَ ھيٺ ھال ۾ ويٺي ھئي. سيڪريٽري فائيل مان ڪي خط پڙھي رھيو ھو. کيس چشمو پيل ھو. مٿان نھروءَ جو مشڪندڙ فوٽو شيروانيءَ ۾ ڳاڙھو گلاب جو گل. مون کيس دروازي وٽان ھٿ جوڙي نمسڪار ڪيو. ھن سيڪريٽريءَ کي وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ٻاھر دروازي تي اچي بيٺي ۽ پاڻ به نمسڪار ڪيائين. گفتگو انگريزيء ۽ ھنديءَ ۾ ٿي.
” ھتي ڳالھايون يا اندر ھلي ويھون“؟ اندرا گانڌيءَ پڇيو.
مون سوچيو متان فوٽو گرافر پنھنجي ليکي، سڀاويڪ ھڪ سندر فوٽو ڪڍي، جو ڪٿي نه ڪڍيو، مون چيو،
” اندرا جي، ھتي ئي ٺيڪ آھيون“.
ھوءَ اڏول ٿي بيٺي. قد ۾ مون کان ننڍي، سنھي، اکين ۾ ڪشمير جي وادين جي گھرائي ۽ اوڄاڳن خواھ گھري سوچ جي تلخي. ساڄي پاسي کان، ڪارن وارن وچ ۾، اڇن وارن جي ڪھڪشان. منھن ايترو سندر ڄڻ مکڻ ۾ چانڊوڪيءَ سان گڏ گل به گھوٽي لڳايا ھئائين. ڇاتي ساڙھيءَ ۾ ڍڪيل پر لڳي ائين ڄڻ چاليھن جي قريب آھي. اکيون چمڪندڙ ۽ ڀرؤن سنھيون. ڇڪ ٿي کيس ڇڪي ڇاتيءَ سان لڳايان. بيلچيءَ ۾ ڪن ٺاڪرن ھريجنن کي جيئري جلائي ڇڏيو. اتي ڪنھن کي ھمٿ نه ٿئي ته وڃي سگھي. ڪو به وزير اتي نه ويو. اندرا ويئي ته رستي تي ڪار خراب ٿي پيس. اتان ھڪ ماڻھو ھاٿيءَ تي چڙھي لنگھيو. اندرا ھن کي التجا ڪئي ته مون کي بيلچيءَ پھچاءِ ۽ سڄي ھندستان ۾ ھڪ عورت، اندرا گانڌيءَ، ھڪ ماءُ، سڄي رات ھاٿيءَ تي چڙھي، جاڳي بيلچيءَ پھتي. ھاٿيءَ تي اندرا کي ڏسي لکين ماڻھوءَ اتي اچي جمع ٿيا ته ھن ملڪ ۾ غريبن جو ڪو ڌڻي سائين آھي ته اھا اندرا گانڌي ئي آھي. ۽ مون کي خيال آيو ته ڪيئن پوليس کيس زبردستي گرفتار ڪيو. ھڪ رات جيل ۾ بند ڪيائون ۽ کيس ماني ته ڇا ھڪ ڪوپ چانھ جو نه ڏنائون، جا کيس سنجيہ ۽ مينڪا پياري ويا. وري چاھيم ته سندس پيرن تي ھٿ رکان ته ماءُ ھي سر تنھنجو آھي.
” اوھان ليکڪن مٿان وڏي جوابداري آھي. ھن ديش جا ماڻھو وھمن ۽ وسوسن ۾ جيئن ٿا، سندن اھي وھم ۽ سنسا دور ڪيو. پر ماڻھن ۾ ايڪتا جو ھڪ رھسيہ آھي، اوھين خود ان کي سمجھو ۽ ماڻھن کي سمجھايو“.
مون کي اڇي پتلون ۽ چوغو، پيرن ۾ ڪولھا پوري چمپل. شايد منھن ۾ آتم وشواس. اندرا جي آواز ۾ ھلڪي گونج ھئي. ڄڻ بند ڪمري ۾ مائڪ اڳيان ڳالھائيندي ھجي ۽ ان جو ھلڪو پڙاڏو به ان جو پيڇو ڪندو ھجي.
” اندرا جي، اوھين چئو ٿا ته غريبي ھٽايو. پر جيستائين پونجيءَ جو ورھاڱو نه ٿيو آھي غريبي ڪيئن دور ٿيندي“.
” روسي انقلاب، چيني انقلاب نه ھندستاني انقلاب ۾ ھڪ وڏو فرق آھي. اسان جو پنھنجو ھڪ الڳ اتھاس ۽ قومي ھلچل آھي. بندوق سان انقلاب ته ايندو. سڄي طاقت ماڻھن جي پنھنجي اڇا شڪتي آھي. اسان زمينداري دور ختم ڪيون. ريلون، جھاز، جيون ويما، بئنڪون قومي ملڪيت بڻايون. راجائن جون پرسون کسيون. اوھين جو چاھيو ٿا اھو خود ويھ سوتري پروگرام ۾ موجود آھي. ھڪ عجيب ٽرئجڊي آھي. اسان جا ماڻھو غريبن جون حالتون ڏسي ھنن جا طرفدار ٿين ٿا، پوءِ کانئن جڏھن ووٽ وٺي مٿي اچن ٿا ته کائن اھي غريب وسري وڃن ٿا، جن کين طاقت ۾ آندو آھي“.
”مان توھان جي اندرا ڪانگريس ۾ شامل ٿيس جو اوھان ھڪ تقرير ۾ چيو ته اوھان طبقائي ڪشمڪش کي مڃو ٿا. پونجيءَ تي حق مزدورن ۽ ھارين جو ٿيڻ گھرجي“.
” مون اِھو ڪرڻ چاھيو، پر پوءِ شاھوڪارن پنھنجو ڌن جنتا پارٽيءَ جي چونڊن ۾ لڳائي، اسان جو راڄ ختم ڪيو“.
” ان حالت ۾ اِھو طبقو ختم ٿيڻ گھرجي“.
مون ان طرح مشڪيو، جيئن ھوءَ ھا ڪري.
” ان ۾ وقت لڳندو، پر ڪافي پئسو آمريڪا خرچ ڪيو“.
” ڇا اھو سچ آھي ته جنھن رات اوھان ايمرجنسي ظاھر ڪئي، ان رات صبح جو چئين لڳي، اوھان کي خون ڪرڻ جو منصوبو ھو“.
” ھا ۽ مون رات جو قدم کڻي، سڀني مخالفن ۽ ڪن فوجين کي گرفتار ڪيو“.
” اوھان وٽ اِن جو ثبوت ته ھوندو“؟
” اھي ڪم زباني ٿيندا آھن. شيخ مجيب کي خون ڪيو ويو. ان جي کيس ھڪ ڏينھن اڳ خبر پئي. مون کي به پئي. پر اسين کيس بچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿياسين. مجيب وٽ ڪو ثبوت نه ھو. جيڪڏھن ھو نه مري ھا ۽ چئي ھا ته کيس مارڻ جو منصوبو ھو، ته ٿورا ماڻھو اعتبار ڪنس ھا. چليءَ جو مثال سامھون آھي“.
” اوھان کي خاطري آھي ته اوھان جي ھار ۾ سي-آءِ-اي جو ھٿ آھي“.
” ھا ۽ ڪجھ روس جي ڪي-جي-بي جو به“.
مان سخت حيران ٿي ويس.
” پر روس ته اسان جو دوست آھي“. مون چيو.
” روس ھندستان جو ضرور دوست آھي، پر روس نه چاھيو ته ڪانگريس مظبوط ٿئي. روس چاھيو ته مون کي پارليامينٽ ۾ ايتريون گھٽ جڳھيون ملن جو مون کي راڄ ڪرڻ لاءِ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا تي ڀاڙڻو پوي، جيئن 1969ع ۾ ٿيو. ثبوت ان جو به ڪونھي ۽ ڪڏھن اِھا ڳالھ ڪٿي چئي نه اٿم. برزنيف شايد سوچي نه سگھيو ته مرڳو اسان جو راڄ ئي ختم ٿي ويندو“.
”ڪجھ مون کي چوڻ جي اجازت ڏيندا“؟
” چئو“.
” معاف ڪجو، ڪجھ شخصي ٿو چوان. مان به ماڻھن ۾ اٿان ويھان ٿو. شري سنجيہ گانڌيءَ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي سخت نڪته چيني ڪئي، جڏھن ته ان پارٽيءَ ايمرجنسيءَ کي سپورٽ ڪيو. شايد روس ان ڳالھ تي ناراض ٿيو. مون ٻڌو ته آر -ايس-ايس تي بندش پئي ته ان جا گھڻا والنٽيئر يوٿ ڪانگريس ۾ شامل ٿيا ۽ نسبنديءَ وقت ھنن ئي مسلم ڀائرن سان زيادتيون ڪرايون. ان جا مقصد ھئا. ھڪ ته اسان جا مسلمان ڀائر ڪانگريس کان ڪٽجي وڃن ۽ ٻيو ان تحت اوھان جو راڄ ختم ٿيندو. ٽي مھينا ڪنڀ جو ميلو لڳو. اتي ھندستان جا چارئي جڳت گرو گڏ ٿيا. اتي ان دؤر ۾ پنج ڇھ ڪروڙ ھندو سنگم ۾ ٽپي ڏيڻ لاءِ آيا، تن کي چيو ويو؛ اندري بچائو-اندرا ھٽايو! ثبوت مون وٽ به ڪونھي. ھندو به اوھان کان ڪٽجي ويا. ڏسو ڏکڻ ھندستان ۾ ڪانگريس کٽيو جو اتي آر-ايس-ايس لڳ ڀڳ آھي ئي ڪو نه“.
ڳالھ ٻڌي کيس ڪجھ عجيب لڳو ۽ ڪا خوشي به ٿي ته سندس ۽ ڪانگريس جي ھار ۾ انتر راشٽريہ سازش سان گڏ قومي منصوبا بندي به ھئي.
” اِھي سڀ ڳالھيون ماڻھن کي سمجھائڻيون آھن“.
” اندرا جي، اوھين خانگي ملڪيت جي خاتمي جو اصول قبول ڪريو.
اسان جو ملڪ شاھوڪار آھي، پر اسان جا ماڻھوءَ غريب آھن. ھڪ ماڻھو روز ٻه لک ٿو ڪمائي، ٻيو ٻه رپيا ٿو ڪمائي. ڪمائيءَ جي وڇوٽي فقط پنجوڻي ھجي. پئداوار ۽ ورھاست جا سڀ وسيلا سرڪار کڻي. شاھوڪارن جون شاھوڪاريون ختم. اوھين مخالفت ۾ آھيو. شاھوڪار به ڪم ڪن. کين ٿورو عيوضو ڏيو. مان ته ليکڪ آھيان ۽ ارٿ شاستر جو ماھر نه آھيان. اِھو اصول شري جواھر لعل نھروءَ قبول ڪيو، پر شري نھروءَ پھرين ھندستان ۾ قومي استقامت قائم ڪرڻ چاھي، لڳي ته حڪومت آھي ۽ اِھا ڪم ڪري ٿي“.
” اوھان ڳالھ صحيح چئي. ان قومي استقامت سبب مون ڪي به تڪڙا قدم نه کنيا. پھرين ھندستان جي سلامتي ۽ ايڪتا آھي. اھي شاھوڪار ويندا ڪيڏانھن؟ ٻاھرين طاقتن جي منصوبن کان ساوڌان رھڻو آھي.“
مون ٻئي ھٿ ٻڌي نمسڪار ڪري چيو ”اوھان تاريخ جا تمام وڏا ماڻھو آھيو. اوھان مون کي پنھنجو قيمتي وقت ڏنو. ان لاءِ اوھان جي وڏي مھرباني“.
ھن مشڪي فوٽو گرافر ڏانھن نھاريو جو شايد سمجھائين ته مون آندو ھو. فوٽو گرافر ڪنڌ ھيٺ ڪري بوٽ جا ڌاڳا ٻڌي رھيو ھو. اندرا گانڌيءَ چيو ”اوھين ڪڏھن به فون ڪري مون وٽ اچي سگھو ٿا. پر ھڪ ڳالھ سمجھو. اوھين ليکڪ آھيو. جڏھن قلم کڻو ته ياد ڪجو ھندستان جي ماڻھن کي وھمن ۽ سنسن کان بچائڻو آھي. ياد ڪجو ته ڪٿي ڪو غريب ڳوڙھو ٿو ڳاڙھي“. ھن به ھٿ جوڙيا.
مون چاھيو ته مان وڃان ته سندس پيرن کي ڇھندو وڃان. پر ائين مان ڪري نه سگھيس. اکين ۾ ٿورو پاڻي آيو ۽ مان آھستي سندس محل کان ٻاھر ھليو ويس. اھا رات، ھريڪانت جي گھر، گني، راڌا، ٻارن، گيتا ۽ ڪمل منھنجون ڳالھيون ٻڌيون. مون ۽ اندرا گانڌيءَ واچ جا پورا پندرنھن منٽ ھڪ ٻئي سان ڳالھايو.
ھڪ لنبي ياترا بعد واپس موٽي مون اندرا کي خط لکيو جنھن ۾ اسان ٻنھي جي ٿيل گفتگو جي روبڪار لکيم. جنتا سرڪار جو راڄ ختم ڪرڻ جون ڪي صلاحون ڏنيون مانس. پاڻ جواب نه ڏنائين، سندس سيڪريٽريءَ ڏنو ۽ چيائين ته شريمتيءَ اندرا گانڌيءَ فيصلو ڪيو آھي ته اوھان جو خط سوچ ھيٺ آڻڻ لاءِ آل انڊيا ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ايندڙ ميڙ ۾ رکي. سندس اھو خط مون سنڀالي رکيو آھي، ڇو ته جا اندرا ۽ منھنجي گفتگو ٿي ان ۾ د- رنگي حال جو ذڪر آھي.
مان گيتا ۽ ڪمل کي وٺي تاج ايڪسپريس ۾ آگري ويس. ٻنھي چاھيو ٿي ته کيس ھردوار ۽ رشيڪيش وٺي وڃان. اتي وسيع گنگا. شام جو ماڻھوءَ دونن ۾ گل ۽ ڏيئا رکي گنگا ۾ وجھن. ان دونن چوڌاري روشنيءَ جا گھيرا. گنگا ۾ اوندھ، ڌرتيءَ تي، آسمان ۾، ڄڻ انساني تاريخ ۽ اھي ڏيئا ائين لڳن ڄڻ اھي اتھاس جا مھاپرش آھن. جن کي پنھنجي سوچ جي روشنيءَ جا گھيرا آھن.
تاج ايڪسپريس ۾ اندرا گانڌي به ھئي. ڏاڍا ماڻھو جمع ٿيا. مان مٿرا اسٽيشن تي لھي ٻه گاڏا پاسي ۾ اندرا وٽ ويس. ھن مون کي ڏسي مشڪيو ۽ گيتا جي منھن ۾ نھاري کيس ھٿ لوڏيائين. گيتا ڏاڍي خوش ته اندرا ڏانھن نھاريو ۽ پيار مان ھٿ لوڏيو. آگري ۾ سامان اسٽيشن تي ڇڏي ڪمل کي به ھن وٽ وٺي ويس. ڪمل کيس ڀرسان لنگھندي ڏٺو. اتي ماڻھو پلئٽ فارم تي، رستن تي ڪارن، وڻن ۽ ڇتين مٿان چڙھي بيٺا.
لڳو ھو پشيمان ٿيا ته ھنن اجايو اندرا کي طاقت جي تخت تان لاٿو. ھن کي ئي راڄ ڪرڻ گھرجي. ھن وقت اِھا ئي ته آھي جنھن کي پورو ھندستان سڃاڻي ۽ دنيا به ھن جي عزت ڪري ٿي.
گاڏيون بمبئيءَ نٿي ويون. رستا اڃا بند ھئا. مون ڏھ ڏينھن دير سان دھليءَ مان بمبئيءَ رزرويشن ڪرائي ڇڏي. اھي ڏھ ڏينھن اسين تاج جي ايوان ۾ ويٺاسين. انارڪلي جتي سنان ڪندي ھئي. اتي وياسين. فتح پور سڪريءَ جي ھڪ ديوار تي ھٿ لڳائي ته فرلانگ پريان ٻي ڀت مان ان جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي. اندر جوڌا ٻائيءَ جو گھر ۽ مندر، کاٻي اڪبر محل، جتي پوءِ جھانگير رھڻ لڳو. وچ ۾ حضرت خواجہ شيخ سليم چشتيءَ جي سنگ مرمر جي تربت، چون؛ ان درويش کان جيڪو گھر، اُھو مِلي.
پاسي ۾ ٻه ننڍيون قبرون.
اڪبر بادشاھ کي ٻار کپندو ھو ۽ اھو به پٽ. ھن شيخ سليم چشتيءَ اڳيان گوڏا کوڙيا. پر شيخ کيس نھاري ئي نه. ڇو ته سندس خيال ۾ اڪبر کي پٽ ٿيڻو ئي نه ھو. شيخ سليم چشتيءَ جي پٽ اڪبر چيو؛ مان ٿو اوھان کي دعا ڏيان ته اوھان کي پٽ ٿيندو. کيس ھٿ ۾ ھڪ طوطو ھو، شيخ چشتيءَ غصي مان پٽ ڏانھن نھاريو ته ھاڻ تون ئي اڪبر جو پٽ ٿيندين جو تو دعا ڏني اٿس. پٽس امالڪ اکيون ٻوٽيون. اھو ڏسي طوطو به سندس ھٿن مان ڪري پيو ۽ اِھو به مالڪ جو صدمو برداشت نه ڪري مري ويو.
ان ياترا ۾ مون کي سنڌ جي ياد ڏاڍو ستايو. مون کي جھانگير جي ان قدم تي خوشي ٿي ته ھن ان ٻار سان گڏ طوطي جي به سماڌي ٺھرائي ھئي. آھ! اھي ئي جذبا آھن جي زندگيءَ کي معنيٰ بخشين ٿا.
مون به شيخ سليم چشتيءَ جي درگاھ ۾ گوڏا کوڙيا:
” اي درويش تنھنجي مٽِي به پوڄا لائق آھي. ان مٽِي کي به وڏي طاقت ھوندي. منھنجي ٽن جو ڪٽنب ٺيڪ آھي. ھڪ آرزو آھي منھنجي. مرڻ کان اڳ پنھنجو ملڪ ڏسان. اھو ڏيکار. ان بعد تنھنجي درگاھ ۾ اچي ڪرندس ۽ تنھنجي چائنٺ جو ھڪ ھڪ ڏاڪو چمندس“.
گوبند مالھي چوي ٿو ته ھو سنڌ واپس موٽڻ کان اڳ ڪڏھن نه مرندو. مون کي اھڙي ڪابه خوش خيالي نه آھي. مان ائين جلاوطنيءَ ۾ ئي ڳري سڙي ختم ٿي ويندس ۽ پوءِ شايد ڪي ماڻھو ڳالھ ڪندا ”ھڪ ھئي سنڌ ۽ ھڪ ھو موھن ڪلپنا، ٻنھي ھڪ ٻئي سان ڏاڍي محبت ڪئي- پر مِلي نه سگھيا !“
[b]موھن ڪلپنا
[/b]سومر 21 جون 1982ع
جوڙ ڪٽ
جمع 16جولاءِ 1982ع