13
لالا آرڪيٽيڪٽ آفيس. روز فرسٽ ڪلاس ۾ الھاس کان بمبئي سڳن گڏ ھوندو ھوم. اتان نيوا ايمپاير ريسٽارنٽ. صنوبر جي وڻن جي وچ ۾ چانھ. ادبي سوچون.
ھڪ دفعي ادبي ڪلاس ۾ جڳت آڏواڻيءَ جي زال پتليءَ چيو ”موھن ھٿ مٿي ڪر“.
مون ھٿ مٿي ڪيو. ھوءَ ھڪ جوان ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ کي اتي وٺي آئي ھئي. شايد کيس مڙس جي تلاش ھئي ۽ مون کي زال جي. اسانکي پنھنجي گھر چانھ تي گھرايائين.
مون ھن جو نالو راجڪماري رکيو، جا اڃا به بمبئي اسٽيٽ بئنڪ آف انڊيا فورٽ ۾ نوڪري ڪندي آھي. جڳت آفيس. پتليءَ ٽيوشن تي ۽ اتي سندس سورھن سالن جي ڌيءَ شوڀا. راجڪماري ۽ مان. ھڪ دفعي راجڪماريءَ شوڀا کي ڪلاڪ ٻه ٻاھر وڃڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ در بند ڪري اچي پلنگ تي ويٺي-
”تون روپ جو پوڄاري آھين يا آتما جو“؟
” شاديءَ کان اڳ روپ جو“.
”ڇو“؟
” شادي ٿي. ڳالھ ختم. پوءِ آتما پرماتما جون ڳالھيون“.
” توکي شايد ننڊ ٿي اچي“.
” سو تنھنجي ڀرسان ليٽان اچي“.
ھن جو مُنھن شرم کان ڳاڙھو ٿي ويو.
” تنھنجي پگھار گھٽ آھي“. ھن شڪايت ڪئي.
” ٽي سؤ آھي“. مون فخر مان چيو.
” رھين به اُلھاس نگر“؟
” ته ڇا ڪريان“.
” چاچي کي چيمپور ۾ ھڪ فلئٽ آھي، ھو اُھو مون کي ڏيڻ لاءِ تيار آھي“.
” تنھنجي لاءِ گھر ڇڏيان“. ؟
” اڄ نه سڀاڻ توکي اِھو ڇڏڻو پوندو“.
مان چپ.
” تارا مير چنداڻي ڪير آھي“؟
” ھڪ ليکڪا، بنارس ۾ رھندي آھي“.
” تو ”درد ۽ سپنا“ ڪھاڻي ھن تي لکي آھي“؟
” ھا“.
” ڪھاڻيءَ ۾ تون کيس ھٿ به نٿو لڳائين“..
” ھوءَ شادي شده آھي“.
” پر تون ته روپ جو پوجاري آھين“.
” ان روپ جي اگنيءَ ۾ جلي منھنجي سڄي آتما سوني ٿي ويئي آھي. پر ھڪ شخص کي فقط بستري تائين محدود نٿو ڪري“.
” ڀائي تنھنجون ڳالھيون ته ڳوڻين ۾ ڀرڻ جھڙيون آھن“
” تون نٿي ڄاڻين راجڪماري“ مون چيو ”مون سڄي زندگي پنھنجو پيٽ ڪويتائن سان ڀريو آھي. توکي به بُک لڳي ته مون کان ڪوتائون گھرج“.
ھو کلڻ لڳي.
پتلي سندس ماسي ھئي ۽ جڳت منھنجي ڪھاڻي ”درد ۽ سپنا“ ڇپي ھئي، جنھن لاءِ مالھيءَ چيو ته عورت -مرد تي ان سنٻنڌ جي ڪا اعليٰ ڪھاڻي ڪنھن ٻوليءَ ۾ نه پڙھي آھي. آنچل اِھا ڪھاڻيءَ ھڪ ئي وقت ٽي دفعا پڙھي.
تارائون به ٻه آھن، ھڪ اجميريءَ ۾ قيصر گنج ۾ ڀيڻ ليلا جي ڀرسان رھندي ھئي. جيا ڀارتيءَ وانگر قد جي ننڍي. ھن منھنجو گوئا وارو ڪتاب پڙھيو ھو ۽ پنھنجي قد جي حصاب سان منھنجي قد جو اندازو لڳائي ھن ھڪ سوئيٽر مڙھيو ھو، جو مون کي ڏنائين. راتيون راتيون ويھي ڪھاڻيون ٻڌندي ھئي. اِھو سوئيٽر مون کي پورو نه ٿيو ۽ پوءِ اِھو ڀاڀيءَ پائڻ شروع ڪيو.
تارا مير چنداڻيءَ جھڙي مونالزا. مون سان ڪافي گھري ٿي. ادبي بيٺڪ، ڪلچرل پروگرامن ۽ مشاعري ۾ مون سان گڏ رھي. ھوءَ بمبئيءَ سميلن 1958ع ۾ آئي ھئي ۽ ھڪ شام ھن چيو ته مون ۾ نھايت گھرو درد، پر چھري ۾ گوتم ۽ ڪرائيسٽ وارو نور آھي. مشاعري جي صدارت ساحر لڌيانوي کي ڪرڻي ھئي ۽ کيس آڻڻ جي جوابداري مون مٿان. مان ٻه چار دفعا ھن جي گھر ويو ھوس. مشاعري جي شام مان کيس ڪي-سي ڪاليج جي ڪئنٽين ۾ وٺي ويس. تارا گڏ ھئي. ساحر جو مزاج ڪافي خراب ھو.
تارا لاءِ پڇيائين؛
”تنھنجي پتني آھي“؟
” نه- دوست آھي. “ مون چيو.
” دوست ئي ته پتنيون ٿينديون آھن“.
” نه ساحر“ مون چيو”ھوءَ شاديءَ شده آھي“.
ساحر پنھنجي غلطيءَ تي پشيمان ٿيو.
” اوھان جو مزاج ڪجھ خراب آھي“! مون پڇيو.
” ھا دوست - اڄ مون زندگيءَ جو ھڪ فيصلو ڪيو آھي“.
” ڪھڙو “؟ تارا پُڇيس.
” ته فلم لائين ڇڏي ڏيان“.
” ڇو“؟ وري به تارا پُڇيس.
” اديب دوست چون ٿا ته فلم ۾ اچڻ بعد مان ادبي نه رھيو آھيان. اڄ وري ٽائيمس آف انڊيا ۾ مون تي سخت نڪته چيني ٿي آھي“.
” اوھان جو فيصلو غلط آھي“، مون چيو ”اوھان جي فلم ”پياسا“ جا شعر لکين ماڻھن کي اُردو سکڻ لاءِ مجبور ڪندا. فلمون ادب ڏانھن وڃڻ جو رستو آھن. اوھان جي فلمن ۾ اچڻ سان فلمن جي گيتن جو معيار وڌيو آھي. ٽئگور چيو آھي؛ کين موقعو ڏيو، نه ڏيو. گلا ڪرڻ وارا اوھان جو ڪو ڪيس ڳولي ئي لھندا“.
تارا چيو ”موھن ٺيڪ ٿو چوي“.
ھن اسان ٻنھي ڏانھن نھاريو. اسان جا چھرا ڏسي مشڪي پيو. پوءِ اُتم به اچي ڪيفي ۾ پھتو ۽ چانھ ۽ سنبوسو کاڌائين. ساحر چيو ”اوھين صحيح آھيو. مان پنھنجو فيصلو بدلايان ٿو“. ان ئي شام ھن اٽڪل ڏھن ھزار سنڌين اڳيان پنھنجي ھڪ لنبي ڪوتا ”تصورات ڪي پرڇايان، پڙھي“:
ان ڪو يہ يقين ھم ڪڀي نه بڇڙين گي
مجھي يہ گمان ھم مل ڪر ڀي پرائي ھين
تصورات ڪي پرڇايان اڀرتي ھئين
ان بعد نه تارا گڏي ۽ نه ساحر. ٻه سال ٿيا ته ساحر مري ويو. تارا ٻه چار دفعا بمبئيءَ آئي آھي، مون سان گڏجڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين. ھڪ ٻه دفعا فون به لڳائين. مون کي به دل ٿيندي آھي ته بنارس ۾ گڏجي اچانس. اسان جون ڪيتريون ملاقاتون مون ھوبھو ”درد ۽ سپنا“ ۾ ڏنيون آھن. ائين اسان جو صبح شام گڏجڻ گھڻن کي ٺيڪ نه لڳو. منگھارام ملڪاڻيءَ پڇيو؛ ٻئي ھڪٻئي سان ٻڌجي ته نه ويا آھيو؟ مون چيو؛ فنڪار ته ھڪ ٻئي سان ھميشہ ٻڌا پيا آھن- باقي اھڙي ڪا ڳالھ نه آھي.
ان ڪو يہ يقين ھم ڪڀي نه بڇڙين گي
مجھي يہ گمان ھم مل ڪر ڀي پرائي ھين
ھن نگاھن سان خدا حافظ چيو ۽ ان بعد سندس خدا منھنجي ڪافي حفاظت ڪئي آھي.
راجڪماري ۽ مان. صبح به پنھنجا ته شامون به. ڪڏھن فلم تي، ڪڏھن آرٽ گئلريءَ، ڪڏھن عجائب گھر ۽ راڻي باغ. ڪڏھن مرين ڊرائيو جي ٿلھي تي ويھون. ھڪ دفعي ڏاڍي برسات پئي. ھوءَ منھنجي ڇٽيءَ جي ھيٺان اچي بيٺي. وڏيون اکيون کڻي چيائين ”منھنجا سائين“.
سندس اِھي لفظ ڏاڍا وڻيا. پوءِ ته عادت پئجي ويس. چاھيندي ھئي ته ڪو ڌنڌو ڪريان. ڪار وٺان.
” ڀلا آکاڻين ۾ ڇا آھي؟ ڀلا لفظن سان پيٽ ڀرجي سگھي ٿو؟ ڪا لپسٽڪ، پائوڊر ھڻي سگھجي ٿو؟ زال ڪنھن جي به ٿجي، پر ليکڪ جي نه ٿجي. پر تون سٺو آھين. تو مان ڪا ساڙھيءَ، چوڙين جي اميد رکي نٿي سگھان. لفظن جو طلسم آھي تو وٽ. بس، تنھنجو اِھو ڳالھائڻ ٿو مون کي ماري“.
” پر منھنجون ڳالھيون ته ڳوڻين ۾ ڀرڻ جھڙيون آھن“.
” ڳالھين سان ته ڳوڻيون ڀربيون، پيٽ ٿورو ئي ڀربا“.
” توکي خبر آھي، ھندستان ۾ چاليھ ڪروڙ ماڻھو آھن. جن کي ٻه ويلا ماني نصيب نه ٿيندي آھي“.
” ھو پنھنجو پيٽ رامايڻ جي ڪويتائن سان ڀريندا آھن“.
” توکي خبر آھي- وان گو ڊٻرٽيون کائي پيٽنگ ڪندو ھو“؟
” ان ڪري جوڻھس ضرور دُکي ھوندي“؟
” ته ڇا ڪلا کي ڪا اھميت نه آھي“؟
” ڪلا ھڪ بلا آھي جا ماڻھن جو سُک ڳڙڪائي ٿي“.
” اِھو ڄاڻي به منھنجي زندگيءَ ۾ آئينءَ“.
” مون کي خبر آھي، شاديءَ بعد تنھنجو لکڻ بند ٿي ويندو“.
” شاديءَ بعد ليکڪ لکڻ بند ڪندا آھن ۽ ھنن جون زالون ليکڪائون ٿي وينديون آھن“.
” اِھا فقط واندڪائيءَ جي وندر آھي“.
” ڇا “؟
” لکڻ“.
مون کي لڳو ته شايد اسين گڏ ھلي سگھنداسين، ھونءَ ھوءَ دفتر ۾ ايندي ھئي. پٽيوالي کي رپيو خرچي ڏيئي چوندو ھوس ته ٻاھران لاڪ ڪري وڃ. اسين ايئر ڪنڊيشن آفيس ۾ ھڪ ٻئي کان آزادي وٺندا ھئاسين. ھوءَ گيتاراج جي ساھيڙي بنجي ويئي ۽ ھن کي چيائين ته موھن حوص جي سوال ۾ ڏاڍو وحشي آھي. گيتا پڇيو ”پر اوھين اِھي لڳندا ته نه آھيو“؟
چيم ”ھن منھنجي وحشت اڃا ڏٺي ته نه آھي. منھنجي جسم ۾ لاوا آھن“.
منھنجي آفيس جي رسپيشنسٽ ھڪ انگريز مس بليڪ ھئي.
اسين لنچ ٽائيم ۾ ھڪٻئي سان چرچا ڪندا ھئاسين. ھڪ دفعي ھن چيو :
” تون شادي ڇو نٿو ڪرين“؟
” ڪندس“.
” ڪنھن سان “؟ ھن مشڪيو.
” توسان “! مون به مشڪيو.
” ته پوءِ ھيئن ٿا ڪريون“. مس بليڪ چيو ”اسين ڇھن مھينن لاءِ شادي ٿا ڪريون. خوب موج مزا ڪنداسين ۽ پوءِ طلاق “.
” طلاق ڇو“؟
” شاديءَ بعد زال مڙس ھڪ ٻئي کي وڌ ۾ وڌ ڇھ مھينا پيار ڪري سگھندا آھن. پوءِ پيار جون ڳالھيون ختم. سچا روپ ظاھر. ڪمليٽ يورڊم “.
” ته پوءِ شادي ئي ڇو ڪجي“!
” ڇو ڪجي“؟
ھن چيو ”اوھين انڊين ته ھر ڳالھ جو مرڪز شاديءَ بڻائيندا آھيو“.
شادي ھڪ مدي خارج رسم آھي.
بس گڏ رھجي.
گھمجي،
ڦرجي،
ڪو به ٻنڌن نه،
ڪي به واعدا نه،
شروعات ۾ پنھنجون ڪمزوريون ۽ ناپسنديون ٻڌائي ڇڏجن.
” پيار ڪجھ وڌيڪ ئي ھلندو“.
” ۽ ٻار “؟
” ٻار پنھنجي مرضيءَ سان ته پئدا ٿين نٿا طلاق بعد ھو سمجھندا ته زندگي آھي ئي ائين“.
” تون لنڊن مان ڪڏھن آئي آھين“؟
” مان -بس سال ٻه ٿيا. تون چئين ته توکي به وٺي ھلان“.
” ۽ اتي ڇڏي ڏين“.
” ٿي سگھي ٿو“.
” تون سٺي آھين. تو ۾ ڇل ڪپٽ ڪونھي. واقعي مون کي تنھنجي رٿ وڻي ٿي.
پر تون ته ڄاڻين ٿي“...
” توکي اسٽيٽ بئنڪ مان روز ھڪ فون ايندو آھي.
موھن، تون ان مينھن سان شادي ڪندين؟
”ڇا توکي ملڪ ڊائري کولڻي آھي“؟
ھوءَ ڏاڍو کلي.
” ٿوري ٿلھي آھي“.
” توکي رات جو بيڊ تي سمھڻ جي ضرورت نه پوندي “.
” ڇو“؟
” تون ھن جي ٻانھن تي ئي ليٽي پئج“!
مون چپ دٻائي ھن جو ڪن پٽيو ۽ سنڌيءَ ۾ چيومانس؛
” لچي“.
ھڪ دفعي اول پارڪ ۾ راجڪماريءَ چيو،
”گيتا ڳالھ ڪئي ته تو ڇھن مھينن جي مسواڙ نه ڀري آھي“.
” مسواڙ ايڪيويھ رپيا آھي. بونس ملندو ته ڀري ڇڏيندس“.
” ٻڌو اٿم، مڪان مالڪ توتي ڪيس به ڪيو آھي“!
” اِھو ته پيو سال ھلندو“.
” ائين ته نه ٿيندو جو ويڏيءَ تي اچي پوليس گرفتار ڪريئي“؟
” ائين ته فلمن ۾ ٿيندو آھي“.
” تنھنجي زندگي به ته فلمي آھي“.
” ته پوءِ ختم ڪري ڇڏيون “؟
” ڇا“؟
” پنھنجو سنٻنڌ“!
” ۽ اسان جو مڱڻو“؟
” اِھو به“.
” يعني تون مون کي دوکو ڏيندين.
دنيا کي خبر آھي ته توسان منھنجي شادي ٿيندي“.
مان چپ ٿي ويس...
ٻئي ڏينھن لالائن برلا منشري ۾ ڪو راڳ ناچ جو پروگرام رکيو ھو...
راجوءَ ۽ گيتا کي به نينڊ ھئي ۽ راجڪماريءَ کي مون گھرايو. اتي مس بليڪ ۽ آفيس جا ٻيا ماڻھو به اچڻا ھئا.
ان ڏينھن راجوءَ لنچ بئلرڊ پيئر جي ھڪ دي گريٽ ھوٽل ۾ رکي.
اتان ھو گھر ويندا،
وري شام جو اسٽيٽ بئنڪ ۾ راجڪماريءَ کي لفٽ ڏيندا، جتي مان اڳواٽ ايندس.
ھوٽل ۾ راجڪماريءَ چيو،
”موھن کي چئو ته اوھان وانگر بزنيس ڪري“.
” مون کي ان بزنيس ۾ آندو به موھن آھي.
پنھنجي دفتر ۾ ويھڻ ڏنائين.
مفت ۾ بلڊنگ جو پلان پاس ڪرائي ڏنائين.
پوپ جي ھڪ ڪوتا آھي:
ھڪ ھيءُ گھر به:ائنڊ آ ھائوس ٽولاج آ فرينڊ )“. ۽ ھڪ گھر، جنھن ۾ ھڪ دوست کي رھائي سگھان مون مشڪيو.
ھن چيو”:اوھان کي موھن جو ڪيترو خيال آھي.
ايترو خيال ھو پنھنجو به نه ڪندو آھي“.
” موھن منھنجو ٻيو ساھ آھي،
راجوءَ مشڪيو“.
ماني اچي تيستائين مون سلاد مان پن وارو بصر کائڻ شروع ڪيو ۽ پوپ جو شعر دھرايم”:ائنڊ آءِ ھائوس ٽو لاج آءِ فرينڊ“. گيتا اکيون چمڪائي مون ڏانھن نھارڻ لڳي. تمام ٿورا ماڻھو زال مڙس، ٻنھي کي وڻندا آھن ۽ مان انھن ٿورن مان ھئس.
ٻه چار ڪلاڪ پوءِ گيتا راج جو فون آيو.
” توھان به ڪمال ٿا ڪريو“!
” ڇو“؟ مون حيرت مان پڇيو.
” اوھان مانيءَ کان اڳ بصر ڇو کاڌو“؟
” بصر !ڇو، اِھو نه کائبو آھي“!
” نه “ گيتا چيو ”اوھان جي راجڪماري چوي ٿي موھن کي ڪو ڪلچر نه آھي“.
مان چپ.
” اوھان کان ڏاڍو ناراض آھي“.
مان چپ.
” اوھين ماٺ ڇو آھيو“؟
” شايد ھوءَ برابر آھي“.
” پروگرام تي اچو ٿا“؟
” سڌو اتي ايندس “.
” اسٽيٽ بئنڪ ڪو نه ويندا “؟
” اِھو راجڪماريءَ کان پڇج“.
آفيس ۾ فون تي خانگي گفتگو ڪرڻ مشڪل آھي. پر مان مختصر ۽ گھٽ ڳالھائيندو ھوس.
مون کي ڏاڍو صدمو پھتو. کيس پنھنجا رايا رکڻ جو حق ھو، پر ان ريت ھوءَ مون تي ڪو حملو ڪري نٿي سگھي. ھن منھنجي لکڻ جو مذاق اُڏايو. مان چپ رھيس. غريبيءَ تي ٺٺولي ڪئي. تڏھن به برداشت ڪيم. ھڪ ماءُ ھئي منھنجي. ڪيترا سال بيروزگار ھئس ۽ راتيون جاڳي سندن ننڊ ڦٽائيندو ھوس، پائي نه ڪمائيندو ھوس. ھن ڪجھ نه چيو. اوچتو ڏسان ته ٽيبل تي چانھ. واھ ماءُ -ڪيترا دوست منھنجي گھر آيا. سڀ ئي کيس سٺا لڳا ته اھڙن دوستن جو دوست ھوندي مان کيس سٺو لڳو ھوندس. جيڪڏھن ماءُ منھنجي لکڻ ۽ غريبيءَ تي ھڪ حملو ڪري ھا، مان ريل جي پٽن تي پاڻ کي ماري ڇڏيان ھا ۽ سکر جو آزمودو وساري ڇڏيان ھا. ڪراچيءَکان وٺي مون گھر کي ڏنو ڇا پھرين سنگھ ۽ گھر کان غائبي، پوءِ جيل، گوئا ۽ ادبي ڪلاس، پيءُ به ڪجھ نه چيو، پر ھوءَ چئي وڃي ۽ گار ڏئي ته موھن کي ڪلچر نه آھي.
مون اسٽيٽ بئنڪ جو فون گھمايو ۽ آپريٽر رستي کيس سڏ ڪيم.
” مون ڏاڍي غلطي ڪئي جو ھوٽل ۾ بصر کاڌم“.
” اوھان کي گيتا راج ٻڌايو ھوندو“.
” مون ۾ ڪو ڪلچر ڪونھي“.
” ھوٽل ۾ ماني کائڻ جا خاص اخلاق ٿيندا آھن-ايٽيڪيٽس“.
” اُھي مون ۾ نه آھن. تون مون وٽ ڪڏھن به سکي رھي نه سگھندينءَ مان تنھنجي لائق نه آھيان. بھتر آھي تون پنھنجي لاءِ ٻيو مڙس ڳولھين“!
” منھنجو مطلب اِھو نه ھو“.
” تون پنھنجا مطلب، آدرش ۽ سپنا پنھنجي پرس ۾ رک. آءِ ھيٽ يو“! (مون کي توکان نفرت آھي) ۽ مون فون رکي ڇڏي.
برلا منشري ھال ۾ امين ساھنيءَ جي ڪامينٽريءَ چالو ھئي. راجڪماري راجو ۽ گيتا سان گڏ ويٺي ۽ پاسي واري ڪرسي خالي رکي ھئائين.
منھنجو مزاج ڏاڍو خراب ھو. مان آيس ته ھال ٻاھران ھڪ اديب ھڪ فلمي شاعر گلشن باورا سان واقفيت ڪرائي. مون چيو؛ شاعر آھي! ھتي ڪيئن؟ پاسي ۾ گٽر ته ڪونھي! ۽ مان اندر ويس. شاعر لال پيلو ۽ سائو ٿي ويو. شايد پھريون دفعو ڪنھن اديب سان بدتميزيءَ سان پيش آيس ۽ راجڪماريءَ جو لڳايل الزام صحيح ثابت ڪيم.
مون کي ڏسي راجو اڳيان وڌيو ”ھل نه“
” ڪيڏانھن“؟
” پنھنجي راجڪماريءَ وٽ“.
” مان ھن جو مُنھن به ڏسڻ نٿو چاھيان“.
”ھوءَ روئي ويٺي“.
” ٻڌ راجو ھن ڌرتيءَ تي اِھڙو ڪو انسان پئدا ٿيو آھي جو موھن جي بيعزتيءَ ڪري سگھي ۽ پنھنجي عزت بچائي سگھي“.
” ڳالھ خسيس آھي“!
” ڳالھ تمام وڏي آھي“.
مون کي ڏسي بلئڪ اڳيان وڌي آئي ۽ اچي ھٿ ملايائين. راجو وڃي پنھنجي سيٽ تي ويٺو ۽ کيس ڪجھ چيائين. ھن مون ڏانھن نھاريو ته مون مس بلئڪ جي چيلھ ۾ ھٿ وڌو ”ھل ته ٻاھر ڪوڪ پيئون “.
ھن منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکي چيو”ھل “
ٻاھر ڪوڪا ڪولا پيئندي بليڪ پڇيو ”اڄ ڏاڍو خوش ٿو نظر اچين“.
” اڄ پھريون دفعو ائڪٽنگ ٿو ڪريان. ڳالھ ھيئن آھي“...
مون کيس سڄي ڳالھ ٻڌائيندي چيو ”تون ڪجھ مدد ڪر. مون سان گڏ ويھ“.
” جيئن تون چاھين“.
ھڪ دفعي مون راجڪماريءَ کي چيو ”منھنجي ياداشت ڏاڍي ڪمزور آھي“.
” پوءِ ته مان مري ويندس“.
” ڇو“؟
” پوءِ ته توکي تنھنجا واعدا به ياد نه پوندا“.
” واعدا وسري ويندا، پر ماڻھو ته ساڳيو آھيان. ڪو بدمعاش نه آھيان. وري به ساڳيا وعدا ڪندس“.
ھوءَ کلي. ھڪ دفعي ھن چيو ”مون کي اوندھ گھرجي“.
مون کيس چيو ”مون وٽ اوندھ ئي ته آھي. منھنجي گھر ۾، ادب ۾، ذھن ۾- منھنجين اکين ۾“.
مس بليڪ ۽ مان گڏ ويٺاسين ته راجو وري آيو. ”موھن، غلطيءَ ٿو ڪرين“. ”مون کي مڪتي کپي. مون کي شانتي کپي، مون کي ڪويتا کپي. مان ھن لاءِ اِھو سڀ ڇڏي نٿو سگھان.“
ان رات ٻين لڳي گھر پھتس. ھري موٽواڻيءَ ”آئيني اڳيان“ ڪالم لکڻ لاءِ چيو ھو. ان رات قلم ۾ زھر ڀري اھو لکيم-راجڪماريءَ سان ناتو ڪٽي ڇڏيم ۽ ڪڏھن سندس واٽ نه ورتم.
اٽڪل ڏھ سال اڳي وي-ٽي -ٽيڪسي اسٽينڊ گڏي. اسان ٻنھي جي الڳ الڳ طور شادي ٿي چڪي ھئي. گفتگو مختصر ٿي؛
” ڪيئن آھيو“؟
” ٺيڪ آھيان“!
” ڪڏھن منھنجي ياد اچيوَ“؟
” ايندي آھي“.
” پوءِ ڪڏھن مون وٽ آيا نه آھيو“؟
” ڪڏھن سوچيو نه اٿم“.
” منھنجي ھڪ خواھش آھي“.
” اڃا به“؟
” بس -زندگيءَ ۾ ھڪ دفعو اوھان چانھ پيئڻ لاءِ منھنجي آفيس ۾ اچو“.
” نه مان ديوداس آھيان، نه تون پاروتي آھين“. مون چيو”تنھنجي اِھا خواھش ڪڏھن پوري نه ٿيندي“. مون کيس ھٿ جوڙيا ۽ مان ھليو ويس.
نه، مان ڪٺور نه آھيان. پر رڳو موھي، جذباتي ۽ متوالو به نه آھيان. مون ترقي پسندن سان نھايت ڪٺور ٿي ٽڪر کاڌو. پر من منھنجو ئي ضربجندو ھو. مون اِھائي ڪوشش ڪئي ته جو صحيح سمجھان اِھو ڪريان، چاھي منھنجو اِھو صحيح سمجھڻ خود ۾ غلط ڇو نه ھجي. پيار مون گھڻا ڪيا آھن ۽ ھر پيار ۾ صادق رھيو آھيان. اِھي سڀ پيار منھنجي من جي الڳ الڳ ڪنڊن ۾ زندھ آھن. اڪثر مان عڪس انداز ٿيندو آھيان، پر ماضيءَ ۾ جيئڻ بدران حال ۾ نيون خوشيون خلقڻ جي جدوجھد ڪندو آھيان.
دک ٿيندو اٿم، پر من جا زخم ايترا گھرا اٿم جو مشڪل اک ۾ ڳوڙھو اچي. مان غم کي پي ويندو آھيان ۽ ان ۾ ڪافي مھارت حاصل ڪئي اٿم. مون ”آئيني اڳيان“ ۾ ھڪ ھنڌ لکيو؛ مان موھن جو دڙو آھيان، گريس جو اٿينس، چين جي ڊٺل ديوار آھيان. من ۾ ڄارا آھن. ڪوريئڙا آھن، مان اندران ٽڪيو پيو آھيان“.