3
ڪي ماڻھو ساڳيا ساڳيا چھرا ڏسي بور ٿيندا آھن ۽ نون چھرن جي تلاش ڪندا آھن، جي لازمي طور اڳين چھرن کان بھتر نه ھوندا آھن. اھا فقط حوس نه آھي، مگر ھن جي امنگن جي ٺھراءَ خلاف بغاوت آھي ۽ ان ۾ ماڻھوءَ جي تخليقي قوت سمايل آھي. ڪي مون جيان اھڙا تخليقي ٿين جو پتنيءَ ۾ به ھميشه نئون روپ ڏسن ۽ انھيءَ تخليقيت جي موٽ زال وٽان به ملين ۽ زال کي ھميشه وڻڻ لڳن. اسان انسان جي ٻئي پيار ڪري سگھڻ جي خوبصورت قوت کي ڏسي، شخص جي مٿان بي وفا، مڪار جو الزام لڳائيندا آھيون، حالانڪ مڪاري ۽ بي وفائي دنيا ۾ گھٽ آھي، ائين به ڪونھي. پر ماڻھن جون ڪيتريون خرابيون، اسان جي غلط سماجڪ شعور موجب به آھن. اسان کي صحيح پڙھائي نه آھي. پيار آھي، ھڪ ھئڻ جو احساس، جو ٽٽڻ بعد ٽڪرا ٿي جيئندو آھي.
گھڻا پيار گھڻا ٽڪرا، يادون، من عجائب گھر ٿيو وڃن.
مون ڪوٽڙيءَ ۾ ڪافي ڪتاب پڙھيا ۽ ڪراچيءَ جون گھڻيون لئبرريون خالي ڪيم. ڪراچيءَ آيس ته ھڪ ناول به لکيم، جنھن ۾ بلئڪ جاسوس جو موت ڏيکاريم ته ھيءَ ڪھڙي چريائي آھي ته رڳو چور بدمعاش پيا مرن ۽ بلئڪ نٿو مري. سو کيس رائمر ڪيو ھٿان مارائي ڇڏيم. ڪي خاڪا به ڪڍيم. عمر اھائي ڏھ يارنھن. ڪتاب دوستن کي پڙھايم. خبر ناھي ان جو ڪھڙو حشر ٿيو.
ڪراچيءَ ۾ منھنجو گھر پرنس روڊ تي ھو. لا ڪاليج جي ساڄي، ڪراچي ٽيليگراف آفيس پٺئين گيٽ جي بلڪل سامھون. پٺيان، کاٻي آزاد پريس ھئي. منھنجو گھر ٽماڙ تي، اتر اوڀر ڏکڻ ۾ ھو. بلڊنگ جو نالو ڪرم نارائڻ ھو، جو ڦري رگھومل تولارام مئنشن ٿيو. منھنجي ڀرسان ھڪ پنجابي ڇوڪري راڻي ڀاٽيا رھندي ھئي، جا ھن وقت آل انڊيا ريڊيو بمبئي ۾ وڏي عھدي تي آھي. ھوءَ اردو شاعريءَ جا ڪتاب پڙھندي ھئي. جيئن لنڊن ۾ فرينچ. اسين پاڙي جا ڇوڪرا ھندو مسلمان سنڌي پنجابي رانديون ڪندا ھئاسين ۽ لورس برج جي درن پاسي ڪلفٽن ويندا ھئاسين. سائيڪل تي ريسون ڪندا ھئاسين. لڙائيءَ سبب ڪراچيءَ ۾ بلئڪ آئوٽ ٿي ھئي. اسين ڳائيندا ھئاسين؛
ٺڪ ٺوٺا جليبي کا
جرمن مئو- اسان جو ڇا!ڪ
انگريس جا جلوس ڏسي، رستن جا بلب به ڏسندا ھئاسين. ھڪ ھئنڊل تي، ھڪ اڳيان، ھڪ پٺيان، ھڪ بيٺل ۽ ڪڏھن ھڪ ڪلھن تي ويھاري سائيڪل ھلائندو ھوس. مون گھڻيون اسڪولي چٽا ڀيٽيون کٽيون. ڪراچي ملير ڪراچي شرط ۾ اول آيو ھوس. سنھو ھوس ۽ بعضي ٽپ به سورھان سورھان فوٽ ھئم. ھڪ کير واري جي پٽ مون کي گار ڏني، مون مٿي تي زور سان ٺونشو ھنيو مانس. ته ان وقت ڳوڙھو نڪري آيس. وڃي پيءُ کي وٺي آيو چي؛ ھن مون کي پٿر ھنيو آھي. مون ان وقت کيس مٿي تي ٻيو ٺونشو ھنيو ۽ پڻھس کي چيم؛ ڏسو ڪوڙ ٿو ڳالھائي-ٻيو ڳوڙھو ڏسوس.
صدر ۾ منھنجي ھم-عمر انگريز ڇوڪري مون سان ريس ڪئي. پنھنجو پاڻ ٿي ويئي. ريگل کان مي فيئر طرف ھو کٽي نه سگھيو ۽ ڪنھن سان ٽڪرائجي ڪري پيو. مون کي ڏک ٿيو. ان بعد آرام سان سائيڪل ھلايم. ھو ڀڳو. اڳيان پڻھس جو دوڪان ھو، سو ڏسان ته پيءُ پٽ ٻانھون کنجي بيٺا آھن. مون کي پھرين انگريزي چڱي سمجھ ۾ ايندي ھئي جو ماءُ به پڙھيل ۽ پيءُ به مئٽرڪ تائين پڙھيل ھو ۽ مامي موھن خاص شوق وٺي مون کي حيدرآباد ۾ انگريزيءَ سيکاري ھئي. مون چيو؛ سر ون باءِ ون!پڻھس چيو؛ ھي تنھنجي عمر جو آھي. تون لڙينس، سو اسان جي باڪسنگ چالو ٿي. ٽرئفڪ جام ٿي پئي. مان ڌڪ روڪڻ ۾ ماھر ۽ حملي جي خبر نه پوندي ھئي ته اھو ڪٿي ڪندس، سو جوان جي نڪ ۽ وات مان رت وھڻ لڳو ۽ پٽ تي ڪري پيو ۽ ھو انگريز پيءُ پٽس پٽ تي ڪريو پيو ھو، پر ھو مون ڏانھن وڌي آيو. ھٿ ملايائين ۽ پيشانيءَ تي چمي ڏيندي چيائين ”يو آر اي ھيرو. نيڪسٽ فائيٽ فار يوئر نيشن“. تون سورمو آھين، ھاڻ تون پنھنجي قوم لاءِ لڙ. واقعي ڪو عّظيم انگريز ھو.
ڪاش ان وقت ڪو مون کي قوم جو وگيانڪ تصور ڏئي ھا. مان يارنھن سالن جي عمر ۾ انقلابي ٿيس سورھن سالين انڊر گرائونڊ به ويس. ارڙھين ۾ ٽي مھينا جيل ۾ بند به ٿيس. پر ان وقت مون کي خبر نه ھئي ته قوم ڇا ھئي ۽ ڪھڙي قوم لاءِ لڙڻو ھو. منھنجي جيون جو اھو اھم دور ھو غلط آدرشواد جو شڪار ٿيو. مون ڄڻ پاڻ خلاف لڙائي ڪئي. پاڻ کي زخمي ڪيم. ڪنھن جڳھ تي بندوقن، ڪارتوسن ۽ ڪرچين جي سنڀالڻ جي جوابداري کنيم ۽ ان وچ ۾ ھڪ دفعو ڪوٽڙيءَ مان به ٿي آيس، جتي فقط ھُن جي ياد ھُئي، نياضي نه ھئي.
يارنھن سال ڪا وڏي عمر نه آھي. پر ان وقت مان پاڻ کي ڪافي وڏو سمجھندو ھئس. ھاڻ جڏھن ان عمر جا ٻار ڏسندو آھيان ته ھنن جا اُمنگ ۽ خواب سمجھي سگھندو آھيان. مٿي ۾ ٿوري خرابي ھئم، جو مار ڪٽ گھڻي ڪندو ھئس. دوستن به چيو مان پاڙي جو دادا ھئس، سو انگريزيءَ ۾ کاٻي ٻانھن تي اکر لکايم؛ پي-ڊي. يعني پاڙي جو دادا، جي اڃا به قائم آھن ۽ ڪن دوستن جا مختصر نالا، جن به ٻين جا ۽ منھنجو لکايو.
ماڊل ھاءِ اسڪول ۾ پڙھندو ھوس. ھڪ دفعي ڪلاس وارن رسيس ۾ ڪٻٽي راند ڪئي. مون کين چيو ته مون کي ڪرايو پر نه ڪرايائون. مان وچ ميدان ۾ بيھي رھيس. مون کي راند نه ڪرائيندا ته راند نه ٿيندي. ٻه چار ڇوڪرا اڳيان وڌيا. مون کين مار ڏني. ھو سڀ ڀڄي ويا. مون کي ماستر سڏايو ۽ چيائين ته مار ڏيڻ کان بھتر آھي ته تون ناٽڪن ۾ ڪم ڪرين سو سالياني جشن ۾ ناٽڪ ۾ ڀارت ماتا جو رول ڏنائين. ائين ھڪ ناٽڪ ڪلياڻ رفيوجي ڪئمپ جي سنڌ نئشنل ھاءِ اسڪول 1949ع ۾ ڪيم جتي مون کي حيدرآباد دکن جي خاڪسار اڳواڻ قاسم رضويءَ جو رول ڪرڻو پيو. ائين 1959ع ۾ ھڪ رول گوبند مالھيءَ جي ”گستاخي معاف“ ۾ به ڪيم، جنھن ۾ سندري اُتمچنداڻي مون سان گڏ ھئي. پر اداڪاريءَ مان زندگيءَ ۾ ڪري سگھيس، ناٽڪ ۾ ڪري نه سگھيس ۽ اھا به جيئڻ جي ادا.
ڪراچيءَ جو مئڪلوڊ روڊ اتان پرنس روڊ جو رستو ڦٽي ۽ جو پريميئر ھاءِ اسڪول بعد بندر روڊ تي ختم ٿئي، جنھن کي اڳ مھاتما گانڌي روڊ به چوندا ھئا ۽ ھاڻ اھو جناح روڊ آھي. مئڪلوڊ روڊ ھاڻ چندريگر روڊ آھي ۽ پرنس روڊ جو نالو چون ٿا، محمد بن قاسم روڊ رکيو اٿن. سو انھن ٻن رستن جي ڪنڊ تي برٽش اوورسيز ايئرويز ڪارپوريشن جو خالي پلاٽ ان بعد ھڪ بلڊنگ جتي منھنجو گھر، اوڀر طرف.
اسين ان ميدان تي ڪرڪيٽ راند ڪندا ھئاسين. ھڪ ڏينھن ڏسون ته اتي ٽيھ چاليھ پنجاھ ڇوڪرا قطارون ۽ چڪرا ٺاھي رانديون ڪري رھيا ھئا. منھنجا دوست راند ڪرڻ ويا ته کين ڇڙٻون ڏيئي واپس ڪيائون. اھا آر-ايس-ايس جي ھڪ برانچ ھئي ۽ ميدان تي ٻن ڪنڊن وارو ڪيسري جھنڊو لھرائجي رھيو ھو. ھو دوست مون وٽ آيا؛ موھن، ھي ظلم آھي، بغداد آھي، آر-ايس -ايس آھي ۽ تنھنجي ھوندي! ھڪ پنجابي، ھڪ سنڌي، ھڪ گجراتي، ھڪ مرھٽو. ڌرمپال، لعل، ڪشن ۽ بالڪشن. مون نڪر تي پٽو ٻڌو ۽ ھنن سان اُن ميدان تي آيس. ٻيا دوست بيٺا جو سنگھين اُتان لنگھڻ تي به روڪ لڳائي ھئي. مان ميدان لنگھيس ته ان جو انچارج اڳيان وڌي آيو ۽ چيائين، ”ھتان لنگھڻ جي منع آھي“!
ھو اٽڪل پنجويھ سالن جو جوان ھو.
”ھي ميدان تنھنجي پيءُ جو آھي“؟. مون جوش ۾ چيو.
”ڀڄ نه ته مار کائندين“.
مون اسپين جي ڍڳي جيان ھن تي حملو ڪيو. منھنجا ٻئي ھٿ ھن جي گلي ۾ مٿو ڇاتيءَ ۾ وجھي اھڙو ڌڪو ڏنومانس جو ڇھ فوٽ پريان وڃي ڪريو ۽ مان ھن جي مٿان ڇاتيءَ تي چڙھي منھن ۽ لوندڙيءَ تي مڪون ھڻڻ لڳوسانس. ھن رڙ ڪئي، ”ڪرو“يعني مارو! بس پوءِ ته سڀ ڇوڪرا منھنجي مٿان اچي، ٽنگن ٻانھن گلي ۽ وارن کان جھلي پٽ تي ڦٽو ڪن. منھنجا دوست ڀڄي ويا. آخر ڪافي مار ڏيڻ بعد ھنن مون کي ڀت پاسي ڦٽو ڪيو ۽ وڃي راند تي لڳا. ھڪ ڇوڪرو شايد گاڏي کاتي، ڪجھ رپورٽ ڪرڻ ويو. منھنجي وات ۽ نڪ مان رت وھي رھيو ھو. ڪپڙا ڦاٽي پيا. منھن ۽ سڄي بدن ۾ زخم ٿي پيا. مان اٿي بيٺس. ھٽيس ڪو نه ۽ رنم ڪو نه. ھڪ طرف ھو انگريز پيءُ ۽ ٻئي طرف ھي ھندو بھادر. سوچيم ته اھو انچارج به اڄ گھر نه پھچندو ۽ جي گروپ ۾ ويو ته رات جو گھر مان ڪڍي ڪٽيندوسانس.
ان وچ ۾ نيرين اکين سان ھڪ جوان اتي پھچي ويو. جنھن جو نالو پريو بٽاڻيءَ ھو. ھو ھن وقت ناگپور ۾ رھندو آھي ۽ ناگپور سميلن جي 1959ع جي مشاعري ۾ منھنجي زبردست ڪاميابي ڏسي مون وٽ آيو ھو. ھو ڳري ڪنڊا ٿي پيو ھو. کيس فخر ٿيو ته ڪڏھن ھو منھنجو راڄنيتي گرو ٿيو ھو ۽ ٻڌايائين ته ھن منھنجون ڪھاڻيون ڪافي پڙھيون ھيون. ھن اچڻ شرط ڪجھ ھن ريت چيو، ”تون وير آھين ننڍي ھوندي رام ۽ ڪرشن به ائين ھوندا ھئا. راڻا پرتاب ۽ شوا جي به“، نالو ڇا آھي؟ موھن لالا ته -موھن جي، تون ھن ميدان لاءِ لڙين ٿو. ڇو ته اھو تنھنجو آھي. اسين به ھڪ ميدان لاءِ لڙون ٿا. جو اسان سڀني جو آھي. ان ميدان جو نالو آھي ڀارت، اڄ ڀارت ماتا انگريزن وٽ غلام آھي. اسان کي پنھنجي ماءُ آزاد ڪرائڻي آھي ۽ ميدان به پنھنجي قبضي ۾ ڪرڻو آھي. اڳي ڀارت ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون ھيون. ھاڻ پاڻي به پوتر نه ٿو ملي. اڳي ڀارت سون جون جھرڪيون ٺاھيندو ھو. ھاڻي مٽيءَ جون به نه... ڀارت ھندن جو آھي جي اسين سڀ ھندو ملي ھڪ ٿيون ته انگريز ھڪ ڏينھن به ھتي رھي نه سگھندا. تون به ھندو آھين تون به روز ھتي اچ ۽ ڀارت ۾ ڪرانتي آڻ.
ھن ڪلھي تي ھٿ رکيو پيار ڪيو. ٻانھن کان جھلي اڳيان وٺي آيو. چڪرا ۽ قطارون بند ڪرائي اتي منھنجي واقفيت ڪرايائين. ھنن مون کان معافي ورتي۽ سڀني گڏجي ھڪ راڳ ڳايو؛
ڀارت مان تيري جيہ ھو وجيہ
تو شڌھ تو ٻڌھ تو پريم آڪار
تيرا وجيہ سوريہ ماتا آديہ ھو.
1941ع ۾ مان سنگھ ۾ داخل ٿيس ۽ 1952ع ۾ ان کي ڇڏيم. يارنھن سالن جي عمر ۾ داخل ٿيس ۽ ٻارنھن سال اُن ۾ رھيس1952ع ۾ مون ”آواره“ ناول لکيو. ھونءَ 1949ع کان مان سنگھ کان ٽٽي رھيو ھئس. پر صفا ڪٽجڻ ۾ ٽي سال لڳي ويا. ورھاڱو ان وچ ۾ ٿيو. جيڪڏھن مان سنگھ ۾ نه ھجان ھا ته شايد مان سنڌ ڪڏھن نه ڇڏيان ھا. مون سپنن سان پيار ڪيو ۽ سپنا ڀارت جي آزاديءَ جا ھئا. ڀارت آزاد ٿيو، پر سنڌ اُن ۾ ڪا نه ھئي. ان ڪري مون سنڌ ڇڏي. مان اھڙو ڪو بھانو نه ٿو ڏيان ته مان ننڍو ٻار ھوس ۽ مون کي ڪا سمجھ نه ھئي. پر مان غلط رستي تي ھليو ويو ھئس.
صبح اسڪول شام جو شاخا. آرتوار صبح جو شاخا ڪتاب. ان ۾ مون ايتري ترقي ڪئي جو ٽن چئن سالن ۾ ھڪ شاخا جو اسسٽنٽ انچارج ٿيس ۽ 1948ع ۾ ڪلياڻ رفيوجي ڪئمپ يعني الھاس نگر ۾ ان جو پايو وڌم ۽ ان وقت گني سامتاڻيءَ ۽ راجن چاولا کي آندم، جن به پوءِ اُن کي ڇڏي ڏنو. ھن وقت الھاس نگر جا وڏا اڳواڻ، عھديدار، آفيسر منھنجا جھونا شاگرد آھن ۽ اڃا اُن پارٽيءَ ۾ آھن ۽ منھنجي ڪافي عزت ڪندا آھن، ڇو ته فنڪار جي جتي ڪٿي عزت ٿيندي آھي ۽ چاھي ھو عمر فاقا ڪشيءَ ۾ گذاريندا ھجن پر وڪامجندا نه آھن. راڳ- رانديون- ڪرانتيءَ جا گيت. سنگھ جا آدرش ڪجھ ھن ريت ھئا؛
-ھندوستان ھندن جو ملڪ آھي.
ھندي اسان جي راشٽر ڀاشا آھي.
-ھندو ڌرم اسان جو راشٽر ڌرم آھي.
-ھندوستان ۾ سڀ رھي سگھن ٿا، پر اھي ھندوستان جي قومي سورمن کي پنھنجا قومي سورما سمجھندا ۽ ھندوستان سان وفادار رھندا.
ان لاءِ ھندن ۾ ٻڌي ھئڻ ضروري آھي. ڪٿي ڪو ھندو مار کائي ته ان تي گڏجي حملو ڪيو ۽ کين مار ڏيئي وري وچ ۾ پئي ٺاھ ڪرايو. ڪانگريس جي اھنسا ڪانئرتا آھي. ظلم جو مقابلو ھنسا سان ڪبو، جيئن روس ۾ بولوشيوڪين ڪيو. مسلمانن جي گھڻائي انھن ڪانئر ھندن جي آھي، جي اسلام جو سج اڀرندو ڏسي ان ۾ ھليا ويا ۽ انھن کان ڏڪڻ نه گھرجي. جي راجا مانَ سنگھ پرتاب جو ساٿ ڏئي ھا يا جئسنگھ ڇتر پتي شواجيءَ کي مدد ڪري ھا ته ڪڏھن جو ھندوستان ۾ ھندو راڄ ھجي ھا. ھندوستان جي غلاميءَ جو ڪارڻ ھندن جي ڦوٽ آھي. فرق وساريو ۽ ملڪ مٿان قربان ٿيو.
مان اخبارون پڙھندو ھئس ۽ ان زماني ۾ چاھيندو ھئس ته ھٽلر جنگ کٽي ۽ سباش چندر بوس، جرمنيءَ ۽ جپان جي مدد سان ھندوستان کي آزاد ڪرائي. پر جنگ انگريز ۽ سندن ساٿين کٽي. ھٽلر شايد پاڻ کي شوٽ ڪيو. ۽ سباش بابو به ھوائي حادثي جو شڪار ٿيو، جنھن جو اڃا تائين وڏو صدمو اٿم. جنگ جو سبب سامراجوادي ۽ سرمائيداري مفاد پرستي ھئي. سڀ سامراجي ملڪ روس جي انقلاب جي خلاف ھئا. پر ڪنھن حد تائين روس سبب ھنن جنگ کٽي ۽ ھن وقت سوشلسٽ روس جي وجود سبب دنيا عالمگير جنگ کان بچيل آھي ۽ ھندوستان به صحيح طور بي طرفدار ملڪن جي رھبري ڪري رھيو آھي. سنگھ ۾ مون نالو ڪڍيو. سنڌ انچارج راجپال پوريءَ سان واقفيت ٿيم. ھڪ ٻيو به پرڀداس بٽاڻي ھو، جنھن چيو ته پاڪستان ضرور ٿيندو.
اسين اوچتو سنڌ جي پوليس اسٽيشن، ايئرپورٽ، ريڊيو اسٽيشن وغيره تي قبضو ڪنداسين. ان خيال کان مان اڃا به ننڍو ھئس ۽ خبر نه ھئم ته ھٿيار ڪٿان ٿي آيا. ڪرم نارائڻ پنھنجي بلڊنگ رگھومل تولا رام کي وڪي ۽ پاڻ الائي ڪيڏانھن ويو. سندس جوان ڌيءَ پپن وري ڪا نه ڏٺي اٿم. ان فلئٽ خالي ڪيو. جنھن جي چاٻي مون کي ملي. اتي سنگھ جا ڪي انقلابي ايندا ھئا. اڪثر شري شواجي سنگھ ايندو ھو ۽ ھڪ پنجابي چرن جيت سنگھ: ھن پوءِ دھليءَ جي سينٽرل بئنڪ ۾ نوڪري ڪئي ۽ ٻه ٽي خط لکيائين. دادا مون کي خط ۾ نورچشم لکندو ھو، اکين جو نور. مان ان جو اھو مطلب ڪڍندو ھئس؛ پيارا پيارا موھن سو مون کيس لکيو؛ نورچشم چرن جيت، ھن لکيو؛ نورچشم تون منھنجو يا مان تنھنجو؟ 49-50 ۾ اديب مون کي بر خوردار سڏيندا ھئا، جو مان سڀني ۾ ننڍو اديب ھئس ۽ ھڪ ڏينھن مون ”منجري ڪولھڻ “ جي ليکڪ ليکو تلسياڻي کي چيو، ھلو بر خوردار. چئي، بر خوردار تون منھنجو يا مان تنھنجو؟ مان پوکيان ۽ تون لڻين يا تون لڻين ۽ مان پوکيان!
ھي اُھو وقت ھو، جڏھن ذھن ٺھندا آھن، من کي ريچڪ ايندا آھن ۽ خوابن لاءِ لڙي پئبو آھي. نوان پور، نوان اٺسٺا، آزادي آزادي آزادي. ڪڏھن من وياس ٿئي اندران آواز اچي، ڪرانتي، اسين رات جو مشعالون کڻي ڳائيندا ھئاسين. ھندي ۾ ڪجھ ويڌن جو اڀياس ڪيم ۽ رامائڻ، مھاڀارت ۽ ڀاڳوت پڙھيم. مھا ڀارت چرن جيت سان پڙھيم جو گورکپور جي ڪلياڻ رسالي ڇپايو ھو. اھو پورو ڪرڻ ۾ ٽي سال لڳايم. ٻه يا ٽي راتيون سڳن آھوجا، وجريشريءَ جي چشمن ۾ ھليو. مون کيس مھاڀارت جون اُھي حيرت انگيز ڳالھيون ٻڌايون جو مارڪسوادي سڳن آھوجا چيو، جيڪڏھن مان ڪڏھن به پنھنجو گھر ٺاھي سگھندس ته اتي ديوار تي فقط ٻه تصويرون ٽنگيندس، ھڪ مھاڀارت جي ليکڪ ويدوياس جي ۽ ٻي ڪارل مارڪس جي.
سنڌ ۾ ڪھڙي وزارت ٺھي يا ڊٺي ٿي، اھو ڪجھ به سمجھ ۾ نٿي آيم. بس، ھندي-ھندو-ھندوستان! مون کي جا خالي فلئٽ ملي ان ۾ مون کي ڪي ڪارتوس ۽ ڪرچون به ڏنيون ويون. ڪرچون ڄڻ ھٿ ۾ ننڍي لٺ. کولي ھڻ ته خنجر. مون کي چيو ويو ته تون شڪل مان معصوم ٿو لڳين. تنھن ڪري خفيہ وياڳ ۾ اچ ۽ جاسوسيءَ جو فن سک. آزادي ڄاڻ ملي. پر پاڪستان ضرور ٿيندو. تون فھرست ۽ پتا وٺ ۽ فلاڻن فلاڻن جو جو پيڇو ڪر ته ڪيڏانھن ٿا وڃن. ڪنھن سان ٿا ملن ۽ ڇا ٿا ڪن. اھا خبر تون فلاڻيءَ ھند راجپال پوريءَ کي پھچاءِ جنھن کي اسان شري جي چوندا ھئاسين.
رکي رکي من ڪوٽڙيءَ ڏانھن ڀڄندو ھو. پر اتي نياضي نه ڏسي پورو من سنگھ جي ڪمن ۾ لڳايم روز، حاضر، روزجاسوسي، مارا ماري خواھ رانديون ڪندي ٽنگ تي ڪافي ڌڪ لڳا. پھرين علاج نه ڪرايان، پئسا ھجن به ته. وري ٽڪو پئسو وٺي ڪرايان ته زخم مھينا ھلن. منھنجي نشاني ٽنگ تي ڪا پٽي.
ان انقلابي خيمي ۾ جتي ھٿيار ھوندا ھئا. ھندن جي ڌرم ھلندو ھو. اسين ڪلفٽن تي شو جي مندر ۾ وڃي سنسڪرت ۾ گيتا ڳائيندا ھئاسين. ڏھن اوتارن، جن مان نو ٿي چڪا آھن. انھن جو ڪٿائون ٻڌيوسين. ھن ديش ۾ ڪجھ نھايت سندر ۽ الو ڪڪ آھي. جو بچائڻو آھي. ڪجھ اَدڀت ۽ رھسيہ مئہ.
گھر جي حالت ڪجھ ھن ريت ھئي، گھر ۾ بيڊروم ۽ ھال، ٽائيلس فقط ڪوٺين ۽ بالڪنين ۾ ھيون، جي ٻه ھيون، رنڌڻي، ڪاڪوس، سنانَ جاءِ سان گڏ، اسٽور روم به ھئي، مسواڙ اوڻيھ رپيا. پاڻي نلڪن رستي. ڪوٽڙيءَ ۽ سکر جيان پخالي ڪو نه کڻي ايندا ھئا. دادا کي انگريزي مليٽري ڪئمپ ۾ گروسر جي نوڪري جي آڇ ٿي ۽ ھو وڏي پگھار سان ان ڪم تي لڳو. للت پور، بينا، ساگر ۽ چتر پور ۾ ڪم ڪيائين ۽ ورھاڱي وقت سندس شاپ ڪلياڻ مليٽري ڪئمپس ۾ ٿيو. يعني الھاس نگر ۾، جتي اسان جو ڪٽنب پھريون سنڌي ڪٽنب ھو جو آباد ٿيو.
ناني به برنس روڊ تي سيوھاڻي ڪلب مٿان وڏو گھر ورتو، جتي پنج بيڊروم ھئا. مامو موھن بٽاڻي دادا کي ڀائيندو ھو ۽ لاھور ۾ ٻه چار مھينا اچي ٽڪيو ھو. ڪراچيءَ ۾ ھر ديويءَ ھاءِ اسڪول ٻاھران ڇوڪرين کي تڪيندو ھو ۽ اڪثر ھڪ کي سائيڪل تي چاڙھي برنس گارڊن وٺي ويندو ھو. اھو به دادا وٽ ويو ۽ ڪم تي لڳو. ھڪ ڏينھن تار آئي ته ڪن ۾ سور پوڻ سبب ھو گذاري ويو ۽ دادا کي گرفتار ڪيو ويو آھي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته ھڪ انگريز جو ھن سان جھڳڙو ٿيو ته ھندوستاني ڪتا آھن. جنھن تي مامي مُڪ ھڻي ھن جا اڳيان ڏند ڀڃي ڇڏيا، کيس امالڪ شوٽ ڪيو ويو. دادا تي مقدمو ھليو ۽ کيس ٻه ٽي سال جيل جي سزا ڏني ويئي. دادا اھو ڪيس چڱي طرح ڪڏھن نه ٻڌايو. -کيس پنھنجو اھو سالو ڏاڍو پيارو ھو. ھن جي شڪل ھوبھو ڌرميندر جھڙي ھئي. سندس ان بھادري ۽ شھادت جي خبر ڪنھن اخبار ۾ نه ڇپي. ماءُ تار پڙھي بيھوش ٿي ويئي. پوءِ سندس ڪپڙا، جي امان وٽ ھئا، انھن کي ڇاتيءَ سان لڳائي ڏاڍو روئندي ھئي.
الھاس نگر ۾ حشمت ڪيوليراماڻي منھنجي ماءُ سان گڏجندو ھو ۽ چوندو ھو ته ھو ھڪ عظيم سنڌي عورت آھي. تن ڳالھين جي مون کي خبر نه آھي. ڪراچيءَ ۾ ھن مون کي ٻه اڇيون پينٽون ۽ اڇيون قميصون سبائي ڏنيون. اڇا جوراب، اڇو ٽينس شو، اڇو رومال، اُھا ڊريس پائي ڪوٽڙيءَ نياضيءَ وٽ ويو ھئس. منھن به اڇو جو اُسن ۾ رلي سانورو ڪري ڇڏيم. ھينئر به قميص لاھيان ته لڳندو شڪل ھڪ جي آھي بدن ٻئي جو آھي. بدن اڃا به ڪافي اڇو اٿم. سکر ۾ ھڪ پائي خرچي ملندي ھئي، جنھن مان اسڪول ۾ ٽي پوريون ۽ دال کائيندو ھئس. ڪراچيءَ ۾ چار آنا، ٻي آني ۾ ايترو گوشت ملندو ھو جو آرام سان ڇھ مانيون کائي وڃجن. آني ۾ چانھ، اھي به زمانا ھئا. فلمون اڃا به ڏسندو ھئس. ڀاءُ گلو دادا سان ھو ۽ ٻن ڀينرن جي شادي ٿي چڪي ھئي.
ليکڪ مون کي ماءُ ئي بڻايو. ”خزانچيءَ“ فلم ۾ گانو ھو، ڪڻڪان دي فصلان... ھوءَ سکر مان لاھور دادا کي خط لکندي ھئي، اھا نڀاڳي نڀاڳي ايڪسپريس ھئي. مان ھم عمر مامي رام کي خط لکندو ھوس، اُھا نڀاڳي نڀاڳي مڪسڊ ھئي، يعني ھلي ته ميل، بيھي ته گوڊس گاڏي. ڀاڀي چوندي ھئي، تون جڏھن منھنجي اميدن ۾ ھئين ته تڏھن مان رامايڻ پڙھندي ھيس ته تون ڏاڍو گوڙ ڪندو ھئين پر مھاڀارت وقت چپ رھندو ھئين.
ھا ماءُ، مان ضرور ان ڪري چپ ٿيندو ھوندو ھئس جو سوچيندو ھئس اھو ڪھڙو سچ ھو، جنھن جي گھوڙي تي غلط سواري ڪندي ڪرشن پوري ھڪ يُگ کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ يُگ پرش بڻيو.
ھڪ دفعي لڪ ڇپ راند ڪندي ميٺارام ھاسٽل ۾ ھليو ويو ھئس ۽ ھڪ روم ۾ وڃي لڪو ھئس، پاسي واري روم ۾ شاھ لطيف جي شاعريءَ تي بحث ٿي رھيو ھو. پوءِ راند وسري ويئي. اتي ڪجھ وقت آئون اڀياس - ڪلاس سامھون وڃي بيٺو ھئس. اڇي ڊريس ۾ ھئس مان اھو خيال به ته مان زندگيءَ ۾ ٿيندي ھڪ ليکڪ ئي، اٺ ڏھ جوان ھئا. سندن اکين ۽ چھرن ۾ اُمنگ ھئا. ڪنھن جو نالو به نه ٻڌو ھئم، پر سمجھان ٿو ته انھن ۾ شيخ اياز ضرور ھوندو. جنھن گھڻا سال پوءِ چيو، ھڪ آھين تون ۽ توسان منھنجو جنم جنم جو ناتو آھي.
مون قومي ڪھاڻين سان گڏ سنڌ ۾ ئي خاص طور موپاسان ۽ چيخوف جون ڪھاڻيون پڙھيون. او ھينريءَ کي بعد ۾ پڙھيم. ڪافي ليکڪ پڙھيم جن جا نالا ٻڌائي پنھنجي وڏائي ڪرڻ نٿو چاھيان. ھڪ سنڌي اصلوڪيءَ ڪھاڻي به پڙھيم، جا ڪجھ ھن ريت ھئي؛
طوفان لڳي رھيو ھو وڄ پئي ڪڙڪا ڪيا. ڪلاڪار محل جا در دريون بند ڪري ڏاڪڻ ۾ ستار وڄائي رھيو آھي. جنھن جو آواز ٻڌي سندس پريمڪا ساھيڙي گھر روئي رھي ھئي.
مون سوچيو طوفان، بجلي، در دريون بند، پوءِ ڪلاڪار جي ستار جو آواز ٻئي ھنڌ ڪيئن پھتو؟ مان لکندس ڪھاڻيون، ھن ملڪ ۾ انقلاب آڻيندس مان. ماڻھو چوندا آکاڻي معنيٰ موھن. ڪٿي به ويندس ته چوندا، ھن کي ڏسو ھي موھن آھي، ليکڪ آھي.
مان ھڪ شام ھيٺ پانَ وٺي رھيو ھئس جو ٽڪي ۾ اڌ ملندو ھو ته ملباري ھوٽيل ۾ رکيل ريڊيو تان پڌرائي ٿي. ڪانگريس ٻن قومن جو اصول مڃيو آھي ۽ مسلم ليگ کي پاڪستان ملي رھيو آھي. ماڻھو جمع ٿيڻ لڳا ۽ ”پاڪستان زندھ آباد“ جا نعرا ھڻن لڳا. اسان جي بلڊنگ جي سامھون، ٻه ماڙ تي ھڪ مسلم ليگي مسلمان رھندو ھو. اکيون ۽ منھن ايڏو وڏو جو ھڪ وقت سندس منھن ڏسي نه سگھجي، نالو ھوس شاھ جي. ڳاڙھو گٽڪو، ڊگھو، قداور، اڇي سلوار، اڇو ڪڙتو. مان کيس ھر ھوليءَ تي ڳاڙھي رنگ جي پچڪاري ھڻندو ھئس. سڀ ڪپڙا خراب، اصل ناراض ڪو نه ٿيندو ھو. کلندو ھو ۽ جليبيون وٺي کارائيندو ھو. سنڌي مسلمان جيترو پيار سنڌي ھندن کي ڪندا ھئا، اوترو پيار ھندوستاني ھندوستانين کي شايد ئي ڪندا ھجن.
ھن به خبر ٻڌي، اڳيان اچي چيائين، ”ھاڻ اوھان جو سنگھ ڇا ڪندو“؟
” ڇو؟“
”ھاڻ ته اوھان ھندن کي سنڌ ڇڏڻي پوندي“.
”سنڌ جا اصل مالڪ ھندو آھن“.
”ھاڻ ته سنڌ مسلمانن جي ھوم-لئنڊ ٿيندي“.
مان چپ.
”اوھين ھندوستان ويندا“.
ڪجھ ان طرح جي گفتگو، پوري ياد نه اٿم. مون کي لڳو، ته سامھون ڪا جڳھ ھئي جا وچ مان ٽٽي ويئي. بس ائين ڏسندي ڏسندي پاڪستان ٿي ويو. مان صدر ۾ جشن -جمھوريت جي سرگس ڏسڻ لاءِ صدر ويو ھئس. جناح ۽ مائونٽ بيٽن ھڪ ڪار ۾ ويٺا ھئا ۽ ھنن سان گڏ ھندوستان ۾ انگريز فوج جو آرمي-ڪمانڊر به ھو. سرگس وڏي ھئي. مون پاڻ کي نھايت خسيس سمجھيو، ملڪ جي قسمت ٺاھڻ، لڳو ڏکيو ڪم ھو، مان شطرنج جو پيادو ھئس، اعليٰ سطح تي منھنجو ڪو آواز نه ھو.
مون ڪٿي لکيو آھي ته ھندستان جي آزاديءَ مون کي ڪا خوشي نه ڏني آھي ۽ مون گذريل 35 سالن ۾ ھندوستان جي قومي جھنڊي جي ڪڏھن سلامي نه ڪئي آھي. اڃا آزادي لولي لنگڙي سمجھي اٿم ۽ آزادي جي ڏينھن ڪڏھن به جشن ۾ شامل نه ٿيندو آھيان- اھو ڏينھن مون کي ياد ڏياريندو آھي ته اسان پنھنجي وطن کي ان ڏينھن وڃايو ھو.
پاسي ۾ شيلا رھندي ھئي ۽ ھوءَ ڪئرم بورڊ راند ڪرڻ لاءِ منھنجي گھر ايندي ھئي. مون وٽ کيس لفٽ ڏيڻ ۽ عشق ڪمائڻ جو ڪو پروگرام نه ھو. ائين ڪن جوان ڇوڪرن ڇوڪرين سان ڪلفٽن به ھلي ۽ پاسي ۾ ويھي ڪافي چرچا مستي ٿي ڪيائين. سندس پيءُ ڊي-جي سنڌ ڪاليج ۾ بائلاجي جو پروفيسر ھو ۽ ڀاءُ نھال ٽينس چئمپين ھو. مون کي لڳو ته شادي ھن سان ئي ڪندس. سندس مسڪراھٽون ۽ اداس نھارون اڃا به ياد اٿم. ھڪ دفعي ھڪ ڳالھ تي مون ڪنھن ڇوڪري کي مار ڏني ته ڀيڻس ميران اکيون چمڪائي پاسي کان اچي بيٺي ۽ اتساھ مان منھن ڏانھن ٿي نھاريائين. ورھاڱو ٿيو، شيلا الائي ڪيڏانھن ويئي، کيس ڪراچيءَ بعد اڃا تائين ڪو نه ڏٺو اٿم.
جا مون پھرين ڪھاڻيءَ 1948ع ۾ لکي ان جو عنوان ھو، ”آتم ھتيا. “ ھتي ڪنھن سنڌي فلمي رسالي ۾ ڇپي. ان جي شروعات ھن ريت ھئي، ”مون کي ھن سان پيار ھو، نه ان ڪري ته ھو حسين ھئي، پر رحم دل پڻ“، آخر ۾ لکيم، ”ھوءَ ته رھي نه آھي، مان به نه رھندس، قلم رکندس ۽ ٽرين جي پٽن ڏانھن ويندس، پاٺڪ ھن ڪردار جي موت جي خبر اخبارن ۾ پڙھندا. “ ڪھاڻي ورھاڱي ۽ وڇوڙي تي ھئي. مون ڪلاس ۾ گني کي پڙھي ٻڌائي، گني پڇيو،
”ڇا اردو تان ترجمو آھي“؟
چيم،
”نه- اصلوڪي آھي“.
ھوءَ ھمدرد ھئي،
اھو مون غلط لکيو ھو.
ڪيترا لفظ ان ڪري لکندو ھئس جا ڄاڻندو ھوس پر مون کي ان جي معنيٰ نه ايندي ھئي.
حيدرآباد ۾ مامو موھن چوندو ھو، موھن يو آر ڊانڪي. منھنجو ترجمو ھيئن، يو معنيٰ تون. آر معنيٰ گڏھ. ڊانڪي معنيٰ آھين. سو مون ھڪ آمريڪي فوجي کي چيو، گڊ ڊانڪي سر. اسين ڪڏھن ڪڏھن آمريڪن ھاسٽل ۾ سنگتڙا کائڻ ويندا ھئاسين، منھنجو مطلب، تون ڏاڍو سٺو ٿو لڳين. بندوق کڻي پٺيان پيو. پر مون کي پڪڙي نه سگھيو. لفظن طرف منھنجي ناداني جو ھڪ ٻيو مثال، جيل ۾ نارائڻ ڀارتيءَ چيو، ”گوبند مالھي چوٽيءَ جو ليکڪ آھي مون سمجھيو ته شايد آريہ سماجي ھوندو. پر کيس ڏٺم ته حيران ٿي ويس. مالھي جي مٿي تي دھليءَ جو درياھ گنج ھو. مون ڀارتيءَ سان شڪايت ڪئي، مالھي کي وار ئي ڪٿي آھن جو چوٽي رکائي. ڀارتيءَ ڪي ٻَڌا ڪي ڇڙا ٽھڪ ڏنا“.
دادا وٽ ڪي انگريز فوجي ايندا ھئا. مون کي چوندا ھئا، برنگ چاڪليٽ. برنگ پيئرس. سوپ وغيره. مان چوٿون پڙھي انڊيا آيو ھئس پر مون کي برنگ يعني اڻ لفظ جي معنيٰ نه ايندي ھئي. مون سمجھيو ته برنگ ڪو خريديءَ جو اسم آھي کين چوندو ھوس، نو برنگ سر، ٻيو سڀڪجھ آھي، برنگ نه آھي.
سنڌ ۾ مسلمان ڀائرن کي ”ڀائي جان“ ۽ ”سلام مالي ڪم“چوندو ھئس جا غلطي طارق اشرف درست ڪئي.
ائين گھڻن سنسڪرت لفظن جو ست ٽوڙيو ھوندو. جيتوڻيڪ ھنديءَ ۾ ماھر ھئس ۽ اُن ۾ ھزارين ڪتاب پڙھيا ھئم پوءِ ھندوستان ۾ پڙھڻ بدران جليبيون کائڻ شروع ڪيم.