17
ھوش ۾ آيس ته ڏٺم ڪن ماڻھن سس پس ٿي ڪئي. پر گاڏيءَ ۾ ڪير به نه ھو. تن ڏينھن ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪو مشڪل ئي ھوندو ھو. مون کي من ئي من ۾ پاڻ سان ڳالھائڻ جي عادت ھئي. پر موت جي منھن ۾ ويندي منھنجو وات ئي بند ٿي ويو. ڪير ٿا ڳالھائن؟ ڏٺم ته بنا منھنجي دماغي اجازت جي، ذھن اندر ڪا گفتگو جاري ھئي. مان ٿورو گھٻرائجي ويس. ڇا مان پاڳل ٿي رھيو ھوس! وري چاھيم رڙ ڪريان لڳم ته سامھون ڪو ماڻھو ويٺو آھي جنھن کي ته ضرور منھنجو ڌڪ لڳي ويندو. ڏٺم من ۽ بدن تان ضابطو ٽٽندو ٿو وڃي. مان آڪاس ۾ نھاريندو ھوس ته لڳندو ھو ته جيڪڏھن مان نظرن جو زور ھلايان ته پوري قدرت جي سرشتي کي ٽوڙي سگھان ٿو. ھينئر دريءَ کان ٻاھر نھاريان ته تارن جي روشنيءَ جو بار سھي نٿو سگھان. ڏاڍو بيوسيءَ جو احساس ٿيم. ھن پرڪرتيءَ جو مان ھڪ خسيس ساھ وارو آھيان. وري ڏسان ته چار ٽنگون ٿي ويون اٿم. پٺيان پڇ نڪري آيو اٿم بدن مينھن جيان ٿي پيو آھي. مان سانُ ٿي پيو آھيان. بدن کي ڏٺم. ٽنگون ٻانھون سلامت ھئم. ڇا مان سچ پچ پاڳل ٿي رھيو آھيان! پر مون کي شاديءَ ڪئي اڃا ڏيڍ سال به نه ٿيو آھي. مان وڏو ليکڪ به نه ٿيو آھيان. ڪيترا ليکڪ پاڳل ٿيا آھن. پر ھنن ادب ۾ نالو ڪڍيو. مان ته اڃا ادب جي پھرئين ڏاڪي تي آھيان- ادب جي ڏاڪڻ ته آسمان ڏانھن وڃي ٿي. مان پھرين ڏاڪي تان ڪري پوندس. مان ڪليان ۾ لٿس. مون کي لڳو ماڻھو مون ڏانھن نھاري رھيا آھن. ڏٺم ته ڪنھن نٿي نھاريو. سمجھيم ته ڏاڍي ڀيڙ آھي ۽ مان ھلي نٿو سگھان. مون کي ذلت جو احساس ٿو ٿئي. اڌ جواني ٻه ويلا پيٽ ڀري ماني کائي نه سگھيو ھوس. چمٽا کڻي جڳھ مان ڪڍي ڦٽو ڪيائون، ڄڻ ميونسپالٽيءَ ڪنھن ڪتي کي جھليو. من ۾ خوف آھي، مان اندروني طور ٽٽي رھيو آھيان ۽ منھنجي ھستي ختم ٿي رھي آھي. مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان؟ گھر وڃان ۽ اتي دؤرو پوي ته ؟ مندر ۾ وڃان ۽ پرڀوءَ جي مورتيءَ سامھون ڪري پوان. بخش مون کي ڀڳوان! يا ھليو وڃان شمشان ڀومي- اتي ليٽان ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيان. کيل ختم. ڇا ڪريان مان؟ ھڪ دفعو وري ڊوڙڻ شروع ڪريان. مان ڊوڙندو رھان. ڏينھن راتيون. صبح شام. اوھ ڪوٽڙي. منھنجي پياري ڪوٽڙي. ھيءَ سيوھاڻي گھٽي. ۽ ھيءُ ڪرڻ. ساھ بند ! ويھ سال ٿيا آھن وطن ڇڏي. ڇا ان کي ڏسڻ بنا مري ويندس!چنڊ جھڙي ڌيءُ کپي مون کي. ڪمل اميدن ۾ آھي. پنجن ڇھن مھينن کانپوءِ کيس ٻار ڄمندو. ڇا کيس پيءُ جي چمي به نصيب نه ٿيندي. جيڪڏھن مون کي ايترو جلدي مرڻو ھو ته شادي ڇو ڪئي. ڇا منھنجيءَ پتنيءَ کي سڄي عمر جو درد ڏيئي ڇڏيندس. مون ۾ ته ڪا طاقت ڪانھي. پوءِ ايڏي طاقت ڪٿان ايندي جو دنيا ڇڏي ھليو ويندس. مان شايد سوچيان گھڻو ٿو. شايد دماغي رڳون منھنجي سوچ جو بار کڻي نٿيون سگھن. مون گلاب جي پنکڙين تي سوچ جا ائٽم ڇو رکيا آھن. مان يوگ پچايان؟ سوچڻ ڇڏي ڏيان. پر اتي به ته مان بيوس آھيان.
مون ٽئڪسي ڪئي. ٽئڪسيءَ ۾ ننڊ کڻي ويم. ڏسان سمھيو پيو آھيان ۽ ڪا ڌاري طاقت بدن ۾ گھڙي رھي آھي. مان ھٿ پير ھلائي نٿو سگھان. آواز ڪڍي نٿو سگھان. مان نستو ٿيندو وڃان ٿو. شرير مٿان زور وڌندو وڃي ٿو. مان آتما جو پورو زور لڳائي چوان ٿو؛ او- م.... اوم! اوم نمرشوا. اوم نمو شوايہ ! آھستي آھستي ان ڌاريءَ طاقت جو اثر گھٽجي ٿو. منھنجون اکيون کلن ٿيون. ڏسان ٿو ته ٽئڪسي ڦاٽڪ ٻاھران بيٺي آھي. ٽئڪسيءَ واري سگريٽ ڌکائي آرسيءَ مان مون ڏانھن ڏٺو. مون مشڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ڏٺم ته مشڪي نٿي سگھيس. مان کاٻي ھٿ سان منھن جو ھيٺيون حصو مھٽڻ لڳس. لڳو ته ھاڻ بھتر ٿيندو ٿو وڃان. لڳم ته اِھو ڦاٽڪ ڪڏھن کلندو ۽ مان منزل تي ڪڏھن نه پھچندس. مون کي لڳو ته اِھا ٽئڪسي اتي بيٺي ھوندي ۽ ميڻ جيان رجڻ لڳندي. مان ٽئڪسيءَ جي دروازي کولڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ کولي نه سگھندس. رستو تلاءُ بڻجڻ شروع ڪندو، ۽ مان پنھنجي مرضيءَ خلاف آھستي آھستي ان ۾ ٻڏندو ويندس. اکين ۾ تارا چمڪڻ لڳندا ۽ مان ڪجھ ڏسي نه سگھندس.
” ڀائي - ھيءُ ڦاٽڪ کلندو يا نه کلندو“؟
” ڪھڙو ڦاٽڪ سائين“؟
ڏسان ته ٽئڪسي ھلي رھي آھي. ڇا اِھو به خواب ڏٺم. ڀلا ھاڻ به ٽئڪسيءَ ۾ ويٺو آھيان يا اِھو به خواب آھي؟ مون پرارٿنا ڪئي، اِھو به خواب ھو؟ سچ ڇا آھي. جبل ڏانھن ويندڙ ھڪ شاھي رستو، اوندھ، سنسناھٽ. او ٽئڪسيءَ وارا ٽئڪسيءَ کي بيھارين نٿو. رستو به ته نٿو کٽي اوھ... جبل جي چوٽي ۽ ٽئڪسي بولاٽيون کائي ھيٺ ڪِري رھي آھي. مان ڪرندو ٿو وڃان. ختم ٿيندو ٿو وڃان.
ڄڻ سَنڌن جا اِسڪرو ڍلا ٿي رھيا آھن. ماس وَھي رھيو آھي. ھيٺ اُڀو سمنڊ آھي. ان جي چوڌاريءَ آسمان کي ڇُھندڙ گولائيءَ ۾ شاھي ديوارون آھن. سمنڊ ۾ فقط چُنو آھي. ھيءَ ڌرتيءَ چوني جو ھڪ گول ٽب آھي ۽ ھڪ ٻِلي ان جي اندر ڪِري رھي آھي. اندر پيئي وڃي- ٻاھر پيئي نڪري ۽ مان ھيسجڻ لڳان ٿو.
مان ڊاڪٽر ماکيجاڻيءَ وٽ ويس. جنھن اندر چڪاس روم ۾ وھاريو. ڀيڙ گھٽ ھئس. ھن ڪئپسٽن سگريٽ دکايو ۽ ھڪ مون کي ڏنو. ان بعد ھن وٽ جڏھن به ويس، ھن ٻه سگريٽ ڪڍيا. ھڪ پاڻ کڻي ھڪ مون کي. ٻه ٽہ سال. ٿيا ته ھو ڪار جي حادثي جو شڪار ٿيو. ڪي مھينا جيئرو رھيو ۽ ھڪ ڏينھن مري ويو.
مون کيس پنھنجي تن من جي سڄي حالت ٻڌائي، ھن چيو ”موھن، گھڻو سوچي ۽ يورپيئن مخزنون پڙھي تو پنھنجو نروس سسٽم ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي. تنھنجي دل ٺيڪ آھي. بلڊ پريشر به ٺيڪ اٿئي. وري به خاطريءَ لاءِ ريڊ ڪراس مان ڪارڊيو گرام ۽ ايڪسري ڪڍائج. تنھنجي رڳن کي ٺاھڻو پوندو. گھٻراءِ نه. تون اسان گھڻن کانپوءِ مرندين. ھن ٻه گوريون ڏنيون. ھڪ ايڪيوبرام ۽ ٻي يونيڪائيزم. چيائين ”تنھنجي دماغ جون رڳون پنھنجي سڄي تناءُ کي ائسڊ بڻائي تنھنجي آنڊي ۾ گئس ٿيون پيدا ڪن. پھرين گوري دماغي رڳن کي طاقت ڏيندي ته اِھا تناءُ کي پاڻ ۾ جذب ڪري. ٻي گوري آنڊي اندر اِن تناءُ کي اندر گھڙڻ نه ڏيندي. ڪيس سئڪو بائلاجيڪل آھي. اڄ يورپ جي ھر ڏھين ماڻھوءَ کي اِھا تڪليف آھي. گھٻراءِ نه. ٽرنڪيولائيزرس گوريون سڄي تنتي سرشتي کي انتظام ۾ آڻين ٿيون. موھن، پندرھن سال اڳ مون جڏھن تنھنجو علاج ڪيو تڏھن مون کي ڊپ ھو ته تون شايد نه بچين. تو ان وقت کليو ٿي. ۽ ھاڻ جڏھن سچ پچ توکي ڪو خطرو ڪونھي ته تون ڊڄي ويو آھين.
مان ايڪيوبرام جي ھڪ گوري وٺي گھر ويس ۽ ٻي مانيءَ بعد ورتم. ڪمل سان ڳالھ نه ڪيم. پر مون ڏٺو ته ھر خميس جي ڏينھن مون کي ان قسم جي تڪليف ٿي ٿِي. اکين ۾ اوچتو ڌنڌ وانگر سوجھرو. منھنجو نستو ۽ بي ھمٿو ٿيڻ. مون اجھل جي چوڻ تي بمبئيءَ جي نوڪري ڇڏي ڏني. تلريجا ڪاليج ۾ سينئر ڪلارڪ جي نوڪري وٺي ڏنائين. پگھار فقط ٽي سؤ ايڪٽيھ رپيا. احمد آباد مان ھيرو شيوڪاڻي به الھاس نگر آيو. اسان جي نوڪريءَ تي چڙھڻ جي ساڳي تاريخ بيٺي. پھرئين ڏينھن ئي رستي تي تڪليف ٿي ڊاڪٽر وٽ ويس. دوا ورتم. گھر ھليو ويس. ڊاڪٽر جي اسپتال ڪاليج جي سامھون ھئي. اجھل ڪاليج ۾ اڪائونٽنٽ ھو. شيوڪاڻي ليڪچرار. نارايڻ ڀارتي بي- اي جو شاگرد، جو پوءِ ايم - اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو. پي- ايڇ - ڊي ڪيائين ۽ ھاڻ ان ئي ڪاليج ۾ ليڪچرار آھي. اتي چڱيون ادبي ڪچھريون ٿينديون ھيون. مون پگھار ته گھٽ ٿي کنيو، پر ڪاليج ۾ اديب پھرين مون سان ئي گڏجڻ ايندا ھئا. ايڪسري ۽ ڪارڊيو گرام ڪا خرابي نه ڏيکاري. ڪمل سان ڳالھ ڪيم. ھونءَ ڀاڀيءَکي ھر مھيني پوڻا ٻه سؤ رپيا ڏيندو ھوس ته ڪاليج ۾ اچڻ بعد کيس فقط منو سؤ ڏيڻ لڳس. مان ڪڏھن سوچيندو ھئس ته ڪراچيءَ ۾ ھجان ھا ته ساڳئي شھر ۾ نوڪري ڪريان ھا. لوڪل ۾ چار ڪلاڪ وڃائڻا نه پون ھا. ڪاليج ۾ نوڪري ملڻ سان اِھا خوشي ٿيم ته ساڳئي شھر ۾ ڪم ھو. رام دادلاڻيءَ وٽ ٻه فون ۽ وڏي ٽيبل ھوندي ھئم. اڪثر ڪم ۾ مشغول. اڪثر چار گراھڪ سامھون ويٺا ھوندا ھئا. ڏھين کان ڇھين تائين سخت مشغول. ھڪ دفعي لعل پشپ شيوڪاڻيءَ کي وٺي آيو ۽ شڪايت ڪيائين ته تون ڪم ۾ ايترو مشغول آھين جو اڌ ڪلاڪ رڳو اسان ڏانھن نھارڻ ۾ لڳايو اٿئي. آنند کيماڻي کاڌيءَ جا ڪپڙا پھريل اتي آيو. سمجھيم ته ڪو سوشل ورڪر آھي. ان ڪري ڌيان ڪو نه ڏنو مانس. پوءِ جڏھن واقفيت ڏنائين ته مون مُشڪيو. چيومانس؛ اھو ته تون لڳين نٿو. آنند ته زبردست ذھين آھي. تون ڪجھ سادو پيو لڳين. آنند پنھنجي موجودگيءَ مان ڪنھن کي به ٺڳي سگھندو آھي. ماڻھو زياده وشواس سان ھن سان ڳالھائين ۽ پوءِ جڏھن آنند ڳالھائي ته لڳي نرسنگھ ڀڳوان ھرناڪس جا آنڊا چيري رھيو آھي. دادلاڻيءَ وٽ مون اِھو قاعدو ڪڍيو ته ھر سنڌي مخزن کي ھر مھيني ھڪ اشتھار ڏنو وڃي. جڏھن ٻيا صفحي جا پنجويھ رپيا ڏيندا ھئا ته مون پنجٽيھ ڏيڻ شروع ڪيا.
ڪاليج ۾ ته منھنجي ڪا ھستي نه ھئي. ڪڏھن چانھ سگريٽ پيئڻ تي دل ٿيندي ھئي ته اجھل کان ڳاڙھو ووچر صحيح ڪرائي پنج ڏھ رپيا ائڊوانس کڻندو ھوس. مون کي اسڪالرشپ سيڪشن ڏنو ويو. جنھن جا قاعدا قانون پڙھي ڪافي ھوشيار ٿيس. ڪاليج جي مينس ھاسٽل لاءِ ڪاليجيئٽ بورڊ ميونسپالٽيءَ کي پلانس ڏنيون ھيون، پر اِھي پاس نٿي ٿيون. سپرنٽنڊنٽ ٻالاڻيءَ جي چوڻ تي پرنسپال اي- آر ڪلڪرنيءَ مونکي پاڻ وٽ گھرايو ته تو ڏھ سال آرڪيٽيڪٽ جي آفيس ۾ مئنيجر جي عھدي تي نوڪري ڪئي آھي. تون اِھي پلانس پاس ڪرائي ڏي. اھڙي اختياري به ڏنائين. مان ان ئي ڏينھن چيف آفيسر گھنشام تلريجا وٽ ويس. ھن چانھ گھرائي. چيائين ”منھنجا وڏا ڀاڳ آھن جو تون مون وٽ آيو آھين. سنڌيءَ ۾ منھنجا ٻه فيوريٽ ليکڪ آھن. ھڪ تون ۽ ٻيو لعل پشپ“. ڪلاڪ ۾ پاس ڪري ڏنائين. ڪلڪرني حيران ته جي پلانس آرڪيٽيڪٽ ٽن سالن ۾ پاس ڪرائي نه سگھيو، مسٽر الا ھڪدم پاس ڪرائي آيو. ھن پوءِ امتحانن لاءِ مون کي اسسٽنٽ سينيئر سپروائيزر مقرر ڪيو. فقط پاڻ منھنجي مٿان شيڊولڊڪاسٽ، ٽرائيس، نوماڊ وغيره جا فارم جاچيندو ھوس. خود ڊرافٽ ٺاھيندو ھوس. ڪلڪرني مشڪي صحيح ڪندو ھو. چوندو ھو؛ تنھنجي انگريزي منھنجي ڪاليج جي ڪيترن ماسترن کان سُٺي آھي.
ھيرو شيوڪاڻيءَ جي شخصيت ڪشش ڪندڙ آھي. ذھين ۽ بيباڪ آھي، پر حساس گھٽ آھي. ھن گني جي ”اڀمان“ تي جديد نقطہ نظر کان تنقيد لکي، نئين پيڙھيءَ جي ليکڪن ۾ نالو ڪڍيو، پر جا تنقيد سخت وڌيڪ. صحيح گھٽ ھئي. گني کي ”اپراجتا“ تي جڏھن انعام مِليو، تڏھن ھن ھڪ ھنڌ لِکيو ته گني جي انعام پٺيان، گني جي سنڌي تحريڪ ۾ شرڪت آھي. اِھو الزام غلط ھو، ڇو جو گني سنڌي تحريڪ ۾ حصو نه ورتو ھو ۽ لکنوءَ سميلن ۾ تماشبين ٿي ھليو ھو. البته ليکڪن سان سُٺا ناتا ھئس، پر گنو ۽ خوشامد ڪري. اِھا ڳالھ گني جي فطرت ۾ نه ھئي. شيوڪاڻيءَ جي جديد سوچ؛ چي سڀ روايتون ختم ڪريو. زبان جون نسون ٽوڙيون، پر کيس اِھا ڄاڻ نه ھئي ته زبان جي نسن ٽوڙڻ لاءِ خود زبان جي ڄاڻ ھئڻ لازمي ھئي، نه ته نسون ملنديون ئي ڪيئن !
ھڪ دفعي ادبي ڪلاس ۾ موتي پرڪاش ھڪ سانيٽ پڙھيو، سڳن چيو؛ اِھو سانيٽ جو فارم ئي ڪونھي. موتيءَ چيو؛ مون ان جي قاعدن کي ڀڳو آھي. سڳن چيس قبلا، سانيٽ جا قاعدا ڀڃڻ لاءِ به ان جي قاعدن جي ڄاڻ ضروري آھي. مون ھيري شيوڪاڻيءَ ۾ ٻه وڏيون خوبيون ڏٺيون ته ھو پنھنجي جدت سان ايماندار ھو ۽ تنقيد ڪندي دوستيءَ مخالفت جو لحاظ نٿي رکيائين. اجھل ۽ ڀارتي سندس اِن سوچ تي چڱي نڪته چيني ڪندا ھئا. ايم -ڪمل جي گھر وڃو نه ته ڪمل چوندس؛ حضور، اوھين دروازي کان ڪيئن آيا؟ اوھان کي ڀت ٽپِي اچڻ گھرجي. پٽ کي چوندو؛ بابا، گلن جون ڪونڊيون کڻ، ڏسين نٿو، جديد نقاد آيو آھي. تن ڏينھن ۾ شيوڪاڻي ٿوري ٿوري ڳالھ تي غصو ڪندو ھو. آنچل جي ڪتاب تي سخت تنقيد ڪيائين ۽ ان جو جواب مون کيس ڏنو، جو وڌيڪ سخت ھو. مون کيس اِھو پڙھڻ لاءِ ڏنو، ھو ڏاڍو جوش ۾ اچي ويو. اسين ھيٺ ھوٽل ۾ چانھ پيئڻ وياسين. ھن چيو؛ موھن، تون مڃين ٿو ته مون ۽ ھريش واسواڻيءَ سنڌيءَ ۾ نئين تنقيد جا درسگاھ کوليا آھن“.
” مڃيان ٿو“ مون چيو ”۽ اِھا نئين تنقيد پھرين ھريش واسواڻيءَ منھنجي ڪتاب ”چانڊوڪي ۽ زھر“ تي ڪئي. ھريش پنھنجي سوچ موجب صحيح ھو، ان ڪري ان جي تعريف ۾ مون کيس لکت ۾ رايو ڏنو. مان شامل راءِ نه ھومانس، پر جواب نه ڏنو مانس جو اِھا منھنجي ڪتاب تي لکيل ھئي. آنچل جو ڪتاب جو آھي منھنجو ڪونھي“.
” تون جيڪڏھن اھا ڇپائيندين ته اسان جي دوستي ختم“!
تمام سختيءَ سان چيومانس”ان جي ڪنھن کي پرواھ آھي. ادب ۾ دوستي دشمني ڪجھ نه ٿيندو آھي. تون ٻين جي ڪتابن تي سھوليت سان نڪته چيني ڪرين ٿو، پر پاڻ تي ھڪ لفظ به برداشت ڪري نٿو سگھين“.
ھن چانھ پيئندي چتائي منھنجي منھن ۾ نھاريو. چيومانس ”مون کي غلط سمجھين ته جواب ڏج. ھلندو ھل، جيستائين ھلي سگھين“.
ھن ان ليک جو ڪو جواب نه ڏنو. بلڪہ ”ڇوليون“ رسالي ۾ ڪنھن فرضي نالي ھيٺ اعتراف ڪيائين ته ھيرو شيوڪاڻيءَ موھن ڪلپنا کي جواب ڏيڻ ۾ اسمرٿ رھجي ويو آھي. سندس ان بيان مون کي ماري ڇڏيو. ان لاءِ وڏو ڪليجو کپي ان بعد مون ھميشہ ھن جي عزت ڪئي آھي، چاھي اسان ۾ وڏا مت -ڀيد رھيا آھن. ھو پھرين فنڪار آھي. ٻوليءَ ۽ ادب سان بي پناھ محبت اٿس. ادب ۾ منصوبا ڪو نه سٽي، جو صحيح سمجھي، لکي، ڪنھن کان ڏڪي ڪو نه. تمام گھڻو اڀياس ڪيل اٿس. سندس ويچارن سان شامل راءِ نه ھوندي به مون ھن لاءِ لِکيو آھي ته سنڌي قوم ھيري شيوڪاڻيءَ جي معيار جو نقاد پئدا ڪرڻ ۾ پنجاھ سال لڳايا آھن. مان پنھنجي ان جاءِ تي اڃا به قائم آھيان. ھيل تائين ھن ٻه سٺيون ڪھاڻيون لکيون آھن ”پورٽريٽ ھڪ پيءُ جو“ ۽ ”زندگي ۽ ڪئڪٽس“. ادبي محفلن ۾ پنھنجي موجودگيءَ جو ڀرپور احساس ڪرائي سگھندو آھي.
رام ڪشن جو قرض اڃا ٿورو چڙھيل ھو، سو اِھو به ٻه پٽ وٺي مھيني ٻي ڪاليج ايندو ھو. ھن منھنجو سُٺو گھر زال جو مڻيو، اسان جو شان شوڪت ڏٺو، سو سمجھايائين ته لک اٿم، پر ھن دفعي بيھودگي نه ڪيائين. ايندو ھو ته ڄڻ تپ چڙھندو ھوم. کيس آسرا ڏيئي لنوائيندو ھوس. ۽ ٻئي سال ھڪ ڌڪ ۾ قرض لاھي ڇڏيو مانس. ٻئي سال مان بمبئيءَ ۾ ھڪ انگريزي اخبار جو سمپادڪ ڪيو ويس. پگھار ڇھ سؤ پوءِ اِھا اخبار مون کنئي ۽ مھيني ۾ سراسري طور اڍائي ھزار ڪمائڻ لڳس. اِھا ڪھاڻي 1969ع کان 1975 ع جي مارچ مھيني تائين ھلي.
بيمار ته پوءِ به پوندو ھوس. ڪاليج ۾ سپرنٽينڊنٽ سينٽرل ھاسپيٽل ۾ ڊاڪٽر وٽ موڪليو. ڊاڪٽر پڇيو؛ ڇا ٿو سمجھين. چيومانس. ڪڏھن ڪڏھن ڪرنگھي ۾ سور جي سَٽ اڀري. چيائين؛ قميص گنجي لاھي مٿي ليٽ. ھن ڪرنگھي تي اسپرنگ يا ڪا دوا ھنئي. ڌوڏن مان ٺڪ ٺڪ ڪيائين. وچ ۾ ٿورو ھيٺ ڀرو آواز ڪجھ مختلف لڳو. چيائين؛ اتي ڪرنگھو پولو آھي. اسڪرو ڊرائيور جيان ھڪ تيز اوزار کڻي آيو. نه ھم نه تم، اندر گھيڙي ڇڏيائين. مون کان رَڙ نڪري ويئي؛ اللّٰہ !
ھي شاعر ڪيئن لکندا آھن، تنھنجي نظرن جي تيرن گھايل ڪيو آھي.... ڇاتيءَ ۾ خنجر لڳا آھن. سور ناقابل برداشت ھو.
ڊاڪٽر پڇيو ”ھندو آھين، مسلمان آھين“؟
” ھندو آھيان“.
” مان سُک ۾ ھِندو، دُک ۾ مسلمان آھيان“.
دوائن تي بحث ھجي ته ڳالھائي به سگھي. ليکڪن سان ٻيون ته ڪيتريون تعديون ڪري سگھجن ٿيون، پر کين بحث ۾ ھيٺ ڪرڻ لاءِ وڏو حوصلو کپي. اتي ھنن جي سلطنت آھي. لفظن جا ڪاڪ محل آھن، جن جا محل ڪوڙ پر ڪاڪ سچا ھوندا آھن.
ڊاڪٽر چيو ”ننڍي ھوندي راند ڪندي ڪو وار ٻاھر اُسري نه سگھيو آھي ۽ اندر گھڙي ويو اٿئي. ان وار تنھنجي ڪرنگھي جي ان حصي جو ٽڪر کائي ڇڏيو آھي. تون ان جو آپريشن ڪراءِ. زخم جھونو اٿئي. ڇھ اٺ مھينا ترسي ڪرائين ته حرڪت ناھي“.
ڪمل نئشنل ھاسپيٽل مھيم جي فرسٽ ڪلاس روم ۾ ھئي. سامھون سندس ماسيءَ سندري شھاڻيءَ جو گھر ھو. جا پوپٽي ھيراننداڻيءَ سان سال ٻه گڏ پڙھي ھئي. منھنجي سالي سنڀال لاءِ اتي وڃي رھي. وسپت 12جولاءِ 1968ع تي صبح جو ساڍي پنجين گيتا جنم ورتو. مون کي ڪاليج ۾ ٽرنڪ ڪال آيو. مان ھونءَ به روز چئين لڳي ڪاليج کان ڇٽي، بمبئيءَ زال وٽ ويندو ھوس. مون ھڪ فوٽو گرافر دوست کي اڳواٽ موڪلي ڇڏيو ته منھنجي زال ۽ ڌيءَ جا ڊزن ٻه فوٽا ڪڍي، جي ڪڍيائين. مون ڌيءَ کي ھنج ۾ کڻي کيس پيار ڪيو. مٿي تي چمي ڏيئي، آھستي ”ڪن ۾ چيومانس؛ شل خوش رھين. جواني ماڻين. آڏيءَ ٻڍي ٿين. پر ڪجھ به ٿج. ليکڪا نه ٿج. ڊاڪٽر ٿج. غريبن جو مفت علاج ڪج.“
اڇا ڪپڙا کيسا خالِي، ماڻھن ليکي ملڪ جو والِي. اتي سورھن سؤ بل نڪتو، جو ساليءَ ڀريو ۽ جو ٻئي سال چڪايو مانس. ڊسمبر ۾ مون به آپريشن ڪرايو. ٽيويھ ڏينھن اسپتال ۾ ھئس، آپريشن ڊاڪٽر سرجن موٽواڻيءَ ڪيو. پھرين ڪرنگھي ۾ ھڪ وڏي سُئي ھنيائون. ڏاڍو سور ٿيو. ان بعد حاتم طائي جيان ھيٺين اڌ جسم ۾ ڄڻ ڪو ساھ نه رھيو. مون کي ليٽايو ويو. منھنجون اکيون کليل ھيون ۽ سامھون رکيل نئين ٽين مان ڏٺو ته ڊاڪٽر موٽواڻي ڇُري کڻي منھنجي ماس کي چيرڻ لڳو. ڳاڙھو ڳاڙھو ڪافي رت نڪتو. سور بنھ محسوس نه ٿيو. پر ڏسڻ سان ٿورو گھٻرايس ٿي. آپريشن چاليھ منٽ ھليو. اڌ ڪلاڪ وٺي ھلڻ ۾ لڳايائون. اڌ ڪلاڪ ھيٺ لاھڻ ڪل چوٽيھ ٽوپا لڳا. اسٽريچر تان جڏھن ھيٺ آندائون ته ڪمل انتظار مان نھاريو. مون کيس مشڪيو، جيئن سمجھي ته ڄڻ باغ مان گھمي آيو آھيان.
ان ئي دؤر ۾ جئرامداس ديوناگريءَ ۾ ڪتاب آڻڻ لاءِ وڏي رقم جي آڇ ڪئي. مون اِھا قبول نه ڪئي. اسين مري وڃون ته ڀلي پر اسين پاڻ کي بچائي ٻوليءَ کي مرڻ ڪيئن ڏينداسين. جئرامداس کي شايد اِھا خبر ھئي ته جڏھن آزاديءَ کان اڳ ڪانگريس سڀني ٻولين لاءِ ديوناگريءَ جو اصول قبول ڪيو ته اردو ڳالھائيندڙ لکين شخص ڪانگريس کان ڪٽجي ويا. جنھن سبب پڻ مسلم ليگ انڊيا ۾ زور ورتو. مان آدرشن لاءِ جي رھيو ھوس ۽ جيئن جيئس ٿي، ان ۾ پڻ آدرش شامل ھئا.
ان بعد جسم ۽ من جا گھڻائي دک ڏٺا اٿم. پر بيماريءَ جو اھو ڏيڍ سال ڏاڍو خراب گذريو. مشڪل سان اھڙو ڏينھن ھوندو جڏھن اھو خيال نه آيو ھوندو ته اڄ مان خلاص ٿيندس. سو موت ته اڻٽر آھي ئي. ان کي سھج سڀاويڪ قبول ڪجي، جيڪڏھن اھو سھج سڀاويڪ اچي. پر اڪثر ائين ٿئي نٿو. البيئر ڪاموءَ ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته اھا انساني زندگيءَ جي ڪيڏي ائبسرڊٽي آھي، جو ھو جنھن زندگيءَ کي معنيٰ بخشڻ چاھي ٿو، اھا بنا اطلاع جي اوچتو ختم ٿي وڃي.
ان بيماريءَ ۾ مون ھڪ چيز وڃائڻ شروع ڪئي. مٿي جا وار. مان نٿو سمجھان ته منھنجي انتر من ۾ ڪي خانداني عناصر ھوندا. جن منھنجو مقدر طئہ ڪيو ھوندو. دادا ۽ بابا کان ٻڌو ھوم ته لالا خاندان جو پھريون پٽ پنجٽيھن سالن ۾ پير رکڻ بعد ٽڪلو ٿيڻ شروع ٿيندو آھي. ٻي ڳالھ اھا ٿي جو ڏيڍ سال اڪثر ھر وسپت تي جو سورداس ٿيڻ جو وھم پوندو ھو ۽ اکين ۾ ڌنڌ ڦھلجندو ھو، سو نظر گھٽ ٿيم ۽ چشمو پائڻ شروع ڪيم، پرين نظر اڃا به تيز اٿم خبر ناھي وياس ۽ ڪاليداس بنا چشمن جي لکين ڪوتائون ڪيئن لکيون.
ھڪ دفعي ميران چيو: تنھنجي لاءِ ڪمل سٺي ٿيندي. مون ڪمل جي گھر طرف رخ رکيو. ھڪ دفعو ڏٺومانس. ميران کي چيم : اھا زال ملي ته پاڻ کي خوش نصيب سمجھندس. چيائين: ڏاڍي نيڪ ۽ با اخلاق آھي. ڪتابن جي شوقين ڪنھن جي وڏائي جي رعب نه چڙھيس. چيومانس؛ ٻيلي ڪو ٻوٽو ٻار. عشق ۾ منھنجون مڙيئي ناڪاميون کيس پائڻ جون تياريون آھن. ميران ڪمل سان ڳالھ ڪئي. ڪمل چيس؛ اڄڪلھ جا ڇوڪرا ھلڪٽ ٿين ٿا. ذھين ڇوڪريءَ لاءِ شادي ڪرڻ مشڪل آھي. پر مان. کيس ڏسان. ھڪ دفعي ھن مون کي سئلون ٻاھران اخبار پڙھندي ڏٺو. ميران چيس: ڏاڍي سٺي سڀاءُ جو اٿئي. ٿورو غريب آھي. ڪمل چيس: اِھو ڪو عيب ڪونھي. ھڪ دفعي نيتاجيءَ تي ڪمند جي رس ويٺي پيتم. ان ڏينھن شيڪسپيئر جو ڪمپليٽ سيٽ ورتو ھئم. خبر نه ھئم ته مسواڙ نه ڀرڻ سبب شيڪسپيئر مھانگو پوندو. ھوءَ پنھنجي. ڀيڻ سان اتي آئي. سانوري، ڪٽيل وار، سلوار ۽ ڪرتو ڪجھ گنڀير ۽ شانت. مون من ۾ چيو؛ يا خدا- بس، اھا ڏي زندگيءَ ڀر تنھنجو ٻانھو ٿي رھندس. درگاھن تي پوڄا ڪندس. مندرن ۾ جاپ ڪندس. بس، پاڻ سان ويٺو ڳالھايان. من ۾ ڏاڍا ڪومل ڀاو پئدا ٿين ٿا.
چندرو به فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪندو ھو. مون فوٽو گرافر دوست کي چيو ته چندروءَ کي تيار ڪر ته ماٿيران پڪنڪ ڪجي. ڀل فئملي سان ھلي. ماٿيران معنيٰ موھن. سٺو گائيڊ آھي. ماڻھو به ماشاءَاللّه لکن ۾ ھڪ آھي.
فوٽو گرافر منھنجي ماٿيران جي ساراھ ۾ سيٽ تان ڪري پيو. چندروءَ پڇيو؛ تون اسان کي وٺي ھلندين؟ مون چيو: ھڪ شرط تي. ڪھڙو؟ اوھين مون سان وڏا وڏا پنڌ ڪندا. اسين 13 فيبروري 1965ع تي مٿيران وياسين. 16 صبح جو موٽياسين. مان ڊارڪ ڪلر جا ڪپڙا پائي ويس. اتي وڃي ھڪ بنگلو مسواڙ تي ڪيم، جو پوءِ ڪنھن گجراتيءَ خريد ڪيو ۽ جو ھاڻ گجرات ڀون جي نالي سان سڏجي ٿو. ريگل پٺيان - مولانا آزاد روڊ تي. مان ڏاڍو خوش. شبانا وارو فيصلو خيال ۾ آيم ٽي-ايس- ايليٽ جي ڪوتا به؛ ”پل ۾ وقت آھي، بصارتون ۽ فيصلا، جو پل برعڪس ڪندو“.
نيزل کان گاڏي ننڍي. تيرنھن ميل واڪا کائي مٿي چڙھي. ڪنھن کي کپي ته ھيٺ لھي، باندر کي پاپڙي کارائي، يا پاڻ کي ان کان چڪ پارائي، ڊڪ پائي وري اچي ان ۾ چڙھي. ڪالڪا کان سملا جا ريل ويندي ھئي سان به ايڏي ننڍي.
مون کين گاڏيءَ ۾ ٻه ڪوتائون ٻڌايون. ھڪ جپاني ھائڪو.
عدن جي باغ ۾ لکيل آھي ته ھتي گل پٽڻ جي منع آھي:
پر ھوا پڙھي نٿي سگھي.
ھڪ بورس پيسٽرنڪ جي:
زندگيءَ سرءُ جيان، پنھنجن تفصيلن ۾ گھري آھي.
اتي سنان پاڻي ڪري لکنوء جو چوغو ۽ پتلون پاتم. پيرن ۾ اڇي موجري. ماٿيران جي مٽي ڳاڙھي. رستن تي ڏامر ڪو نه ٿئي. موٽرن ڪارن جي اتي اجازت نه آھي. اوچا پھاڙ، ميدان، ساوڪ، پکي، ڀولڙا، گھوڙا، گُل، خاموشي، ٿڌي ھوا.
ٽوليءَ ۾ فوٽو گرافر ۽ سندس ڪا پريمڪا، چندرو ۽ جوڻھس، جانڪي، ڪمل ۽ سندس ٻه ٻيا ڀائر گوبندر ۽ نانڪو ۽ سندن پريمڪائون. گوبند جو اھو فيصلو ھو ته جيستائين پنھنجي ڀيڻ جي ڪنھن سٺي ڇوڪري سان شادي نه ڪرائيندو، پاڻ اوستائين ڪنوارو رھندو. اسين ڪپڙا مٽائي ٻاھر ھوٽل ۾ آياسين. چانھ پيئڻ شروع ڪئيسن. ڪمل اڃا تائين ھڪ لفظ به نه ڳالھايو ھو. نه ھن مون ڏانھن گھڻو ڌيان ٿي ڏنو. پر کيس خبر ھئي ته مون کي خبر ھئي ته ڪنھن اسان ٻنھي سان اسان ٻنھي جي شاديءَ جو ذڪر ڪيو ھو.
گوبندي چيو ”اچ ته گھوڙن تي چڙھون“.
مون چيو ”نه“.
” ڇو“؟
” شينھن تي چئو ته چڙھان، ڇو ته شينھن تان ڪرندس ته ڪچو کائي ويندو، جا ڪا وڏي ڳالھ نه ٿيندي. مان نه ھوندس ته منھنجا مسئلا به ختم ٿي ويندا پر جي گھوڙي تان ڪريس ته ٽنگ، ٻانھن ڀڄي پوندي. پوءِ مون سان شادي ڪير ڪندو“؟
سڀ کليا مان به ڪافي کليس. سوچيم ته ھاڻ پراڻا طريقا ڇڏيان. سو اٿي ٻاھر ويس. اندر آيس. ڪمل کان ھڪ ڪرسي پري ويٺس. ٻي چانھ جو حڪم ڏنم. پڇيو مانس ”تو منھنجو ڪو ڪتاب پڙھيو آھي“؟
”ھڪ پڙھيو اٿم. موھي-نرموھي“.
” ڪيئن لڳئي“؟
” سٺو“.
” اوھان کي ڪتاب سٺا لڳن ٿا، ليکڪ سٺا نٿا لڳن“؟
ھن پھريون دفعو چتائي نھاريو. آھستي چيائين ”اوھين به سٺا آھيو“.
کين رات جو شاروليٽ ليڪ تي وٺي ويس. ان جڳھ تي جتي ”رڃ ۽ پاڇا“ جا وندنا ۽ ڪمار ويٺا ھئا. اتي زبردست سيءُ ھو. آڪاش ۾ چنڊ. شاروليٽ ۾ چنڊ. سامھون بينچ تي چنڊ. ھڪ وقت ٽي چنڊ. جوڙا چادرون پائي خوابن ۾ گم ٿي ويا. ڪمل ۽ مان آمھون سامھون. الڳ چپ ھن اولھ طرف منھن ڪيو جتي وادين ۾ چانڊوڪي ۽ گيت تري رھيا ھئا. مون اوڀر ڏانھن منھن ڪيو. مٿي چنڊ ھيٺ چنڊ ۽ ٻن چندرمائن وچ ۾ ڪمل جو ٻھڪندڙ مُک. اتي ايندي چانڊوڪي وڻ ۾ اُلجھي، تڙپي، ان جي وٿين مان کسڪي ھيٺ ڪري. اسين انھن چانڊوڪين جي لزرائيندڙ ٽڪرين تي پير رکندا اتي پھتاسين. نه کيس چادر، نه مون کي چادر.
مان اٿي ھلڻ لڳس. ياد آيم: رابندر ناٿ ٽئگور چيو آھي؛
ايڪلا چلو - ايڪلا چلو
اوري اوري اڀاڳا
اوھ اڀاڳا آھستي آھستي ھل. مان ان ڪوتا جي مارگ تي ھلڻ لڳس. واپس موٽي آيس. ساڳيءَ جڳھ تي ويٺس. مان ھن جي سامھون ويٺو ھوس پرکيس اِھا ڳالھ مان سمجھائي نٿي سگھيس. ھوءَ چپ. ڌرتي چپ. آسمان چپ. البت ھوا جي جھوٽي سان وڻن جي پنن مان ائين آواز ٿي آيو، ڄڻ تيز برسات ٿي پئي، پر ڪير پسيو نٿي. ان ڏينھن ھوٽل ۾ گفتگو ٿي. پر ٻئين ٽئين ڏينھن ڪا به گفتگو نه ٿي. شايد ھو پنھنجي ماٺ جي وال سان منھنجي تھذيب جي گھرائي ماپي رھي ھئي ۽ ھن جي ان ماٺ مون کي ٻڌايو ٿي ته ھوءَ من ۾ فقط مون تي سوچي رھي ھئي. ٻين سان به گھٽ ٿي ڳالھايائين. اسان اتي پتي راند ڪئي. بير پيتو. ھڪ ٻئي سان چرچا ڪيا؛ پر ھن ۽ مون بس جو ھوٽل ۾ ڳالھايو سو ڳالھايو.
آخري ڏينھن سامان ٻاھر ڪيوسين. سڀني چيو موھن گھمايو ته ڏاڍو، پر ٿڪايو به اٿائين. ڪٿي پنوراما پائنٽ، ڪٿي آلميا ۽ ون ٽري پائنٽ. ھتي ته کوکا بير جا کڻي مھينو ٻه آرام اچي ڪجي.
عادت موجب مان بنگلي اندر ويس. ڏٺم ته سنان -جاءِ ۾ ھڪ ڊريس پيئي آھي. ٻاھر کڻي آيس پڇيومانس ”ڪمل ڏس ھيءَ ڊريس تنھنجي آھي“.
ھن مون ڏانھن نھاريو. چيائين ”ھا- اوھان جي مھرباني“.
چيومانس ”منھنجو اِھو احسان ياد رکج“.
گھر وڃي ڏسان ته چادر گم آھي. ٻئي ڏينھن آفيس مان سڌو ان جي گھر ويس. غلطيءَ وچان چادر ھنن وٽ ھلي وئي. مان ويس ٿي ته ڪمل چيو ”ويھو- چانھ پي وڃو“. گھر ۾ فقط ھڪ نوڪرياڻي ھئي ڀائر اڃا ڪم تان نه موٽيا ھئس. ھن چانھ ڏني ته مون چيومانس ”تون منھنجي چادر کڻي آئي آھين يا منھنجو مستقبل “؟
” اوھان ته اھڙيون گھڻيون چادرون وڃايون ھونديون“.
” مون کي لڳي ٿو، اِھا پھرين آھي“.
ھن پھريون دفعو مون سان مشڪيو. ٻاھر نڪتس ته چندرو گڏيو، موھن تون؟ ھل ھل. اِھا ھل ھل پورو سال ھلي. روز ڪمل جي گھر. روز رات جو اتي ماني. روز رات جو ٻارھين واپس.
ان وچ ۾، ماٿيران مان موٽي ٻئي ڏينھن کيس ھڪ لنبو خط لکيم، جو پنجاھ صفحا ھو. ھفتي بعد ٻيو خط لکيم جو ستيتاليھ صفحا ھو ۽ گھڻو پوءِ ھڪ ٽيون جو فقط اٺاويھ پر لنبا صفحا ھو. اھي سڀ پڪي جلد جون ڪاپيون ھن مندر ۾ رکيون آھن ۽ ڪڏھن پڙھندي آھي. ڪڏھن مان به پڙھندو آھيان. مون کيس لکيو ته مون ماءُ کي مڃايو آھي، مان ھڪ جڳھ مسواڙ تي وٺندس ۽ پنھنجو گھر الڳ ٺاھيندس. مان غريب آھيان ۽ نه آھيان. مون وٽ آدرشن جي پونجي ۽ ڪلا جي جائداد آھي. ھن ڪنھن به خط جو ڪو جواب نه ڏنو، نه ان جو ذڪر ڪيو.
ھڪ شام جو کيس نيتا جي ٿيڻ واري ڀاڄائي ديوڪيءَ سان ڏٺومانس. چيومانس؛ تو ۾ ھڪ منٽ ڪم آھي. تون مون سان ھلندينءَ؟ ديوڪيءَ چيو؛ ھلڻ ۾ ڪجھ ڪونھي. ڀل ھلو. مان کيس ھل- لائين روڊ جي ھڪ ڪنڊ وٺي ويس. ديوڪي ٿلھي تي ويٺي. مون ھمٿ کان ڪم وٺي سندس ڪلھي تي ھٿ رکيو ”مون ڪڏھن فيصلو ڪيو ھو ته مان ڪڏھن به شادي نه ڪندس. پر توکي ڏسي فيصلو بدلايو اٿم. ھاڻ شادي ڪندس ته توسان نه ته ڪنھن سان نه ڪندس. مان تنھنجي ھا جو انتظار ڪري ٿڪجي پيو آھيان“. مون ھن جي ڪلھي تي زور ڏنو ”مون کي خبر آھي-مان توکي وڻان ٿو. ڇا تون پاڻ فيصلو ڪري نٿي سگھين؟ مون کي جواب ڏي؛ تون مون سان شادي ڪندين“؟
”ھا“، ائين چئي ھن ھٿ ھٽايو ۽ ديوڪيءَ سان ھلي ويئي.
ٻئي ڏينھن ڀاڻھس فون ڪيو ۽ پڇيو ته ڪھڙيءَ گاڏيءَ ۾ ٿو موٽين. مان ڇھين لڳي سندس واچ ايمپوريم ۾ ويس. ھن چيو ”رات اسان فيصلو ڪيو آھي. اسان کي رشتو منظور آھي. پر ھڪ شرط آھي“.
”نه -شرط ته مان ڪو منظور نه ڪندس“.
” اسان جي جڳھ جي پاسي کان وڏو پلاٽ آھي. اسان جو پنھنجي ڀيڻ ۾ ڏاڍو موھ آھي. آھي اسان کان ننڍي پر ھن اسان کي ماءُ جيان پاليو آھي. تون به ليکڪ آھين، پيو ڪانفرس وغيره ۾ وڃين. پر پٺ جو خيال نه ٿيندو. يار- ھي زمانو دوستيءَ ياريءَ جو آھي. اسين ڪا به اچ وڃ نه ڪنداسين“.
مون سگريٽ دکائي ان سوال تي غور ڪيو ۽ کيس ھا ڪيم. جڳھ ٺھڻ ۾ سال لڳي ويو. کين به گھڻو پئسو نه ھو. پر مڇيءَ مانيءَ وارا ھئا. مان ھر شام ۽ سڄو آرتوار اتي.