2
معاملو علي محمد راشديءَ ۽ جناح ھٿ ۾ کنيو. سنڌ جا مسلمان جي ھندن جي اڳواڻن ۾ وشواس رکندا ھئا، ھندن کان ڪٽجي ويا. سنڌ ۾ مسلم ليگ زور ورتو. ھندو مسلم پاڻ کي اڳ الڳ قومون سمجھڻ لڳا. ڪنور ڀڳت ماريو ويو. ورھاڱو ٿيو، سنڌي ھندن کي ملڪ بدر ٿيڻو پيو.
ساڌ ٻيلي جي مھنت شري ھرنامداس ته ضرور ڪو وڏو مھاپرش ھوندو! مگر پاڻ شايد سنڌ جي تاريخ کان واقف نه ھو. کيس تصوف ۾ ڪو اعتقاد نه ھو.
مان آتم ڪٿا مان تاريخ ۾ انڪروچمينٽ نٿو ڪرڻ چاھيان. پر ڪو به شخص تاريخي طاقتن کان ٻاھر نٿو جيئي. ھڪ ساڌو مھاتما جي غلطي ۽ ان جي ايڏي سزا؟ منزل گاھ ته ويو، سنڌ به ويئي. ھاڻ چمڙن جيان آسمان ۾ ابتا لٽڪيا پيا آھيون ۽ ويٺا سنڌ ڏانھن نھاريون. ڪڏھن ماٺ ۾ منزل گاھ جا آواز ڪن تي پوندا آھن. ھو ھو، دانھون ڪيڪون، مليٽري جي آمد ۽ ھڪ لنبي کٽڪندڙ ماٺ. ڄڻ سڀڪجھ مري ويو آھي... گھٽي، شھر انسان ائين ھر ملڪ جي تاريخ ۾ اھي ڳالھيون عام جام ڏسجن ٿيون. بنگال، بھار، پنجاب جا فساد. ھوڏانھن ٻي مھاڀاري جنگ مون ڏٺي آھي. وڏا ننڍا ٿيندا آھن، تنگ دل، تنگ خيال، تعصبي، مان ھندوستان ۾ گانڌي، نھرو ۽ سڀاش کي ائين نٿو سمجھان. جي اھي ئي ٺھن ھا ۽ عبيداللھ سنڌي ۽ جناح کي پاڻ سان کڻن ھا ته قصو ڪجھ ٻيو ھجي ھا.
”جي، پر، ته “.... فضول لفظ آھن. اھي حقيقتن جي مٿان خوابن جو ملمعو ٿا لڳائن.
شايد نون ڏھن سالن جو ھوس، جو ڪٽنب سان لاھور ويس. اتي به اسٽيشن تي؛ ھندو چانھ، مسلم چانھ ڏٺم. مون ته ٻيئي پي ڏٺيون. مون کي ڪو فرق نظر نه آيو.
لاھور باغن جو شھر آھي. وڏيون تاريخي عمارتون ۽ مقبرا به آھن. جيئن دھلي ۽ آگري ۾ آھن. شاليمار باغ جھڙو باغ ڪو مون نه ڏٺو آھي. جيتوڻيڪ ڪشمير اڃا نه ڏٺو اٿم. نئين پراڻي انارڪلي اسٽريٽ، چڙيا گھر، وائسراءِ جو بنگلو، راوي ڪناري راجا رنجيت سنگھ جو قلعو. مان ته ڏاڍو گھمندو ھوس. گھر رام گليءَ ۾ ھو، جتي گھڻائي سنڌي ھندن جي ھئي. سنڌ ۾ چانھ جو واھپو وڌيڪ ھو. پنجاب ۾، انگريز مفت ۾ چانھ جا پڙا ورھائيندا ھئا. گھرن ۾ ڦٽا ڪري ويندا ھئا. رستن جي چوڪن تي چانھ مفت ملندي ھئي. اتي پنجابي ٻولي سکي ويس ۽ عجب سنڌي ٻولي وسري ويئي.
دادا، ڀاڀي ۽ ٻارن کي مال روڊ تي وٺي ھلندو ھو.
ان وقت ھندوستان جي سڄي سونھن اتي ئي ڏسي سگھيو ھوس. ڇوڪريون ڄڻ ڳلن تي، مکڻ لڳل چانڊوڪي مَلي گھمنديون ھيون.
جيئن اڄڪلھ بيوٽي پارلرس ۾ وڃي منھن تي چونو گاسليٽ وغيره ھڻائينديون آھن.
وڻنديون ھيون. سوچيم وڏو ٿيس ته ڪنھن پنجابي دوشيزه سان شادي ڪندس. دادا ريلوي ۾ فورمئن ھو ۽ شايد ٿيئٽر وارن سان دوستي ھئس. ان ڪري اڪثر ٽڪيٽ وٺڻي نه پوندي ھئي. سکر ۾ سڀ سئنيمائون مفت، لاھور ۾ ٻه چار. مون سکر ۽ لاھور ۾ خاص فلمون؛ خزانچي، نوڪر، اڇوت ڪنيا، ٻنڌن ۽ ڪي-ناديا جون ڏٺم. دراصل منھنجو جنم ان سال ٿيو جڏھن انڊيا ۾ فلم انڊسٽري جو پايو پيو ۽ شايد ان ڪري مڪالمہ بازي ۽ خانگي زندگيءَ ۾ اداڪاري ڪرڻ ۾ ماھر ٿيس. سھڻو ۽ ڊگھو ھئس، وار به گھاٽا ھئم. جي گذريل ڏھن پندرھن سالن کان مٿي کي خدا حافظ ڪري رھيا آھن. ھندن ۽ مسلمانن جون معمولي جھڙپون لڳنديون ھيون. ائين ڄڻ ڪنھن دوڪان تان پانَ کاڌو يا ڪيلي جي کل تان ترڪيو ۽ ابتو ڪري پيو. لاھور ۾ ان آس جنم ورتو ته جلد جوان ٿيا ڪنھن پنجاپڻيءَ سان شاديءَ ڪريان. کيس شاليمار وٺي وڃان ۽ سندس وارن ۾ ڳاڙھو، اڇو، نيرو، ڪارو يا پيلو گلاب اٽڪايان. شاليمار جا گل چنڊ جھڙا وڏا. ڇوڪريون به چندر مکي. مان سڀاءَ جو عشقي نه ھئم ۽ اھو شايد فلمن جو اثر ھو، جيئن ڄڻ ڪنھن جي لاٽري لڳي.
لاھور کان ڪالڪتا وياسين. پڙھائيءَ کي جواب. اتي جبلن جھڙا ۽ ھاٿين جي ٽنگن جھڙا وڏا ڪچالو ڏسي عجب ۾ پيس. ڪنڊ تي وڃي قدرت جي سونھن ڏسندو ھوس. چانڊوڪيءَ جو وڻ جي پنن ۾ الجھڻ، ھاريل کير جيان پٽ تي ڦھڪو کائڻ ۽ گلن جيان ڦھليو وڃڻ. سج ائين نڪري ڄڻ من ۾ ڪنھن خواب جنم ورتو. ھوا ٿڌي، اڃا به ڪالڪتي سوچيان ته سخت گرميءَ ۾ به ھڪ پل لاءِ من ۾ سياٽو گھمي وڃي.
شملو ڪلاڪ پنڌ تي. پر وڃي نه سگھيس.
اتي جا سوئر جھنگلي ھوندا ھئا، جن کي مان تيرن ڪمانن سان زخمي ڪندو ھوس،
جيتوڻيڪ تيرن ۾ سيون نه ھونديون ھئم.
وري واپسي ڪوٽڙي. جڳھ ڏاڏي جي گھر سامھون. رستي تي پھرين منزل. ھيٺان موديءَ جو دڪان. نور محمد اسڪول ۾ داخلا دوڪان ڀرسان نياضيءَ جو گھر. ھڪ پٺاڻ ڇوڪري، اکيون وڏيون ۽ ڪاريون، ڪڏھن به اڌ اکيون نه ٻوٽيائين. ڳل لسا ۽ اھڙا ڳاڙھا ڄڻ سڄو وقت کيس ڪنھن چميو آھي. واسينگن نانگن جيان ڪارا وار، ڊگھي ڳچي، ڪنڌ مٿي ڪري ڄڻ خوابن مان جاڳي آھي. ڇاتي شايد سخت ۽ وڏي، جنھن جي بار سبب ھلي ته سندس ڪنڌ ٿورو ھيٺ جھڪي وڃي. ڪاري سلوار، ڪارو ڪڙتو ۽ ان تي ٽٽل آرسيون. مون اڪثر کيس فقط ڪاري يا فقط اڇي ڊريس ۾ ڏٺو. مون کي ياد آھي، اھو سال 1940ع جو ھو ۽ ٻي مھاڀاري جنگ لڳي چڪي ھئي. منھنجو ڏھين سالين ۾ پير ھو ۽ ھوءَ فقط سترنھن يا ارڙھن سالن جي ھئي جنھن سان پريم يا شاديءَ نه ڪرڻ جو ڏک مان چاليھن سالن کان سيني ۾ سانڍيندو ٿو اچان. مون ھن جو ڪو نه ڪو روپ ”رڃ ۽ پاڇا“ ماءُ”، ”ڪانءُ ۽ سمنڊ“، ۾ٿورو جلاوطني ۽ ڪن ڪھاڻين ۾ چٽيو آھي.
شايد ڪنھن ڪلاڪار جي زندگيءَ ۾ ٻه چار عورتون ھڪ خاص اثر ڇڏي ٿيون وڃن. پوءِ ھو کين مختلف ڪنڊن کان چٽڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. آرٽسٽ جي زندگيءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه عورتون ضرور اچڻ گھرجن. ٻن وڻن جي باھ چٽڻ ۽ تن جو اختلاف ٻڌائڻ ئي ڪلا آھي. شرٽ چندر جي زندگيءَ ۾ فقط ٻه عورتون آيون آھن. سندس مڙني ناولن ۾ ان جا الڳ روپ ملن ٿا. ”شريڪانت“ جي راج لڪشمي آھي. اھائي ”آخرين التجا“ جي وجيا آھي جا ”سوال“ جي ڪمل آھي، اھائي ”چريترھيڻ“ جي ڪرڻمائي آھي. ھونءَ مون کي ذاتي طور ڄاڻ نه آھي ته شرٽ جي زندگيءَ ۾ گھڻيون عورتون آيون. نه ان ريت مان پنھنجي ڀيٽ شرٽ چندر سان نٿو ڪريان. ھو ته اپنياس سمراٽ آھي ۽ استري من و گيان جو ماھر.
ڏاڏيءَ چيو ته سامھون عيد گاھ آھي، اتي ڪڏھن نه وڃج. اتي ھڪ جن آھي. مٿو ڪو نه اٿس ۽ اکيون ڇاتيءَ ۾ اٿس. مان ڊپ کان غير واقف. مان روز ان جي تلاش ۾ وڃان. جتي وڃڻ ۾ خطرو آھي. موج اتي ئي آھي. ماءُ ته اڪثر رامائڻ، مھاڀارت، ڀاڳوت، الف ليليٰ، حاتم طائي، علي بابا، علاولدين ۽ شيخ چليءَ جون ڪھاڻيون ٻڌائي ڇڏيون ھيون. سو جن کي بوتل ۾ بند ڪرڻ جو ته مان تصور ڪري نه سگھيس، پر عقل سان طاقت کي وس ڪرڻ چاھيم ٿي. اتي گھاٽا وڻ ھئا. پھرين ڪنھن ھڪ وڻ پٺيان، پوءِ مٿي، کاٻي پاسي ۽ پوءِ سامھون نھاريندو ھوس. اڳيان بند ھو، بند تي مون ڪڏھن به ھڪ ماڻھو نه ڏٺو. انھن وڻن ۾ جام پکي ۽ انھن جا مٺا آواز. ڪوئل، بلبل، چانھ پکي، ڳيرا، جھرڪيون ۽ ٻيا جن جا نالا نه ٿا اچن. مون ٽيھ کن سال اڳ ادبي ڪلاس ۾ ھڪ دفعي چيو ھو ته سنڌيءَ ۾ وڻن، تارن، گلن ۽ پکين تي خاص ڪتاب ھئڻ گھرجي.
مان ٿورو اڳيان وڌي ٿو اچان. مان مڃيان ٿو، اڪثر اديب منھنجي چرچن کان ڪو کائيندا آھن؛ جيتوڻيڪ مان ڪنھن جي بيعزتي نه ڪندو آھيان. فنڪارن جي ڪئفي جڳ موھن ۾، ٽيرس تي اديبن جي گڏجاڻي وقت مون بلبل جو آواز ٻڌو پر سڃاڻي نه سگھيس. پاسي کان گنو سامتاڻي، لعل پشپ، ڪرشن راھي، موتي پرڪاش، ڪيرت، اتم، مالھي دھلي جا ڪافي اديب ويٺا ھئا: انند، پرم، ھريڪانت.
مون نارائڻ شيام کان پڇيو، ”ھي ڪھڙو پکي آھي“؟ پکي ڪنھن ڪنڊيءَ کان ٻاھر بيٺو ھو. ڪارو. ھيٺان پٺ ڳاڙھي.
”بلبل“!
”ڪيتري ڪاري“. مون چيو، ”جھڙي روايتي سنڌي شاعري“.
شيخ اياز جي معيار جو شاعر شيام به ظرافت جو استاد آھي.
منھنجو سر ڪٽيندي چيائين، ”پر آواز ڪھڙو مٺو اٿس“.
مون ھندوستان ۾ ان وقت تائين ڪا بلبل نه ڏٺي ھئي. ڀڳونتي ناواڻيءَ جو ذڪر نٿو ڪريان يا عابده پروين جو. اھو آواز مون مھابليشور ۾ ڏاڍو ٻڌو. اتي ٻن ٽن قسمن جون بلبليون ٿين. ائين نورجھان ۽ لتا کي ته مون ھر ٻن ۽ پھاڙ تي ٻڌو آھي. نورجھان جو ته مان لڙڪپن کان پرستار آھيان.
مان ڇنڇر جي ڏينھن ڄائو ھئس، ان ڪري پير ۾ ڇنڇر ھئم. بند تان گھمندي راڳ ڳايان. مٿان ھيٺ ٽپا ڏيان. پکين ڏانھن نھاريان. ميوا پٽي کاوان ۽ پاڻ کي خوش سمجھان ۽ ان حقيقت کان غير واقف ته دنيا جي سڀ کان خطرناڪ ٻي عالمگير جنگ جاري ھئي. جتي ماڻھن کان وڻن ۽ پکين جون موسيقيون وسري ويون ھيون.
ھڪ دفعي دادا ڪنھن کي چيو ھو: ”منھنجي فئملي- مون وٽ ته روس جي فوج آھي“. لاھور ۾ ڪٿي. ڪجھ ياد نٿو پويم ۽ ان جو مطلب به گھڻو پوءِ سمجھيم.
ڀائي گھڻو رليو ڀٽڪيو آھيان. اھا منھنجي دماغي خانه بدوشي به آھي. اھو ڀٽڪاءُ منھنجي ڳالھين ۾ به آھي. مون وٽ شروعات، وچ پڇاڙي ڪونھي. ڪو ماستر ناھيان جو منڍ جي ڳالھ ڪريان، آتم ڪٿا ۾ ڪٿا ته ھئڻ گھرجي.
اسان جي گھر ھر ٻين ٽين سال ڪو ڀاتي پئدا ٿيندو، پھرين ڀيڻ ليلان، جا چار سال وڏي اٿم. سندس شادي تيئن جي ھڪ زميندار سان ٿي. پاڻ ھن وقت ڏاڏي ناني آھي. ان بعد گروپ پات، پوءِ مان. جنم جو نالو منگھارام ان بعد گلاب، جو گذريل 32 سالن کان برٽش ايئر ويز ۾ ڪم ڪندو آھي. ان بعد اندرا جنھن اشوڪ ڪشوراڻيءَ سان شادي ڪئي ۽ جنھن جا ٻار سنسڪرت جا پنڊت آھن. ڪملا، مايا، موتي، آشا، آشا ورھاڱي واري سال ڄائي. وديا الھاس نگر ۾ مٽيءَ جا چاپوڙا کائي مري وئي. موتيءَ مٿان ڪراچي ٽيليگراف آفيس جو لوھي دروازو ڪري پيو. ان تي لڏيو ھو. نون سالن جو ھو. ڪنھن مدد نه ڪيس. پاڻ اھو دروازو مٿي ڪيائين. جو وري مٿان ڪريس ۽ پاڻ مري ويو.
ان جو اسان وٽ ڪو فوٽو نه ھو. تڏھن سوچيو ھئم پينٽر ٿيندس. ڀاءُ جو ھڪ امر چٽ چٽيندس. پر اھا خواھش پوري ٿي نه سگھي. پاڻ ۾ ان جي صلاحيت نه ڏٺم. چٽ ته من تي چٽيو پيو آھي. مون کي رنگ نه، لفظ مليا، سڀني ڀائرن ڀينرن جي شادي ٿيل آھي ۽ بس ھلن پيا. سو اھا ٿي روس جي فوج.
بند تان ھلندي، ان جي آخر ۾ ھيٺائين تي وارياسي زمين ھئي. اتي مون ھڪ ”مينھن -وسڪارو“ ڏٺو. ٻڌو ھوم ته ان کي مٽيءَ ۾ وجھڻ سان مينھن وسندو آھي. بخملي مون کيس مٽيءَ ۾ بند ڪيو ۽ چيم: ڀيڄ موليٰ، چاندي جا گولا. سو ٿيو ائين ته ان شام مينھن پيو ۽ وسڪارو ٿيو.
جڏھن به ڪٿي سوڪ پوندي آھي ته سوچيندو آھيان؛ ڪاش سنڌ مان ”مينھن وسڪارا“ امپورٽ ڪجن. ڪڏھن ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم ته مون کيس پوريو ڇو. جو مان ڏاڍو ھوس ۽ ھو ڪمزور ھو ؟ ھو ڪڇي نه سگھيو. مون سان وڙھي نه سگھيو. اھا ھندو رشين، چاھي چارلس ڊارون جي ٿيئري آھي. جو ڏاڍو سو گابو. وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي ڳڙڪائيندي آھي. جنگ فساد جو اصل ڪارڻ ته آرٿڪ فساد ئي ٿيندا آھن، مگر ان پٺيان انسان جي فطرت جو اھو نقص ڪم ڪندو آھي. شاعر سڳن آھوجا چوندو ھو ته اسين سوشلسٽ برابري جا حمايتي آھيون. اسان کي ڪو حق ڪونھي ته اسين گائين، مينھن، ٻڪرين، مڇين پلن کي کائون. ھڪ ڏينھن ايندو جڏھن سوشلسٽ کي ويشنو ٿيڻو پوندو. سماجواد جي انسان پرستيءَ جو پھريون سبق سنڌ جي ھڪ خسيس مينھن -وسڪاري سيکاريو، جنھن کي پنھنجي نادانيءَ سان شھيد ڪيو ھوم. ان ڪري ڪٿي ڪيولي يا ماڪوڙي پاڻيءَ ۾ ڏسان ته کيس ڪک پن سان کڻي سلامتيءَ واري جڳھ تي رکان. پير به سنڀالي کڻان. ھڪ ماڻھوءَ جون ٽنگون ڀڳل ھيون. ٽرئفڪ سبب رستو ڪراس ڪري نٿي سگھيو. سڳن آھوجا چيو : ھاڻ ٻڌاءِ سوشلسٽ جا پٽ، ان جو ڪھڙو حل آھي؟ مان ٻاويھن سالن جو جوان ۽ آواره ناول لکي چڪو ھئس. مون ان شخص کي ھنج ۾ کنيو ۽ کيس منزل تي پھچايم. سڳن چيو؛ تو جو ھن شخص لاءِ ڪيو، اھو ڪارل مارڪس پوري محنت ڪش آدم لاءِ ڪرڻ چاھي ٿو؛ ان ڪري ڪميونسٽن جو مقابلو نه ڪر، بلڪ ھنن ۾ شامل ٿي وڃ.
قصا وڏا آھن بابا، جيترو ماڻھو ننڍو، اوتريون ڳالھيون گھڻيون. مان ڪافي وقت سنڌوءَ جي ڪناري تي ويھندو ھوس. اڃا به اتي ويھندو آھيان. تصور جي ٿوري مدد وٺندو آھيان.
شاھي درياءَ -۽ آواز -۽ ھو و و و و ن- گر ر ر ر-گر. ش. آن ۾ ذر ر. ر ي گر ر ر ر. لھرون اٿن. ڪر کڻن. ماڻھو ڏسي خودڪشي ڪري ڇڏين. ان ۾ مسڪراھٽون، ھٽڪون، شرمائڻ، سمجھڻ، اڳرائي ڪرڻ جون وصفون ته اسين پنھنجي عقيدي جي مدد سان جوڙي ٿا وٺون.
ڏاڏيل: ”او موھن -تون منھنجو ساھ ڪڍندين“ چلائيندي اتي پھچي وڃي. ڏسي ته ڳلي تي ھٿ ڏيئي، شايد سنڌوءَ کي حيدرآباد کان ويٺو ڏسان. جتي ھن وقت به منھنجا ڪيترا دوست آھن: ماھتاب محبوب، مشتاق شورو، سحر امداد، طارق اشرف، شوڪت شورو ۽ گلشن ! ۽ پوءِ ھو سڀ کان وڏو: محمد ابراھيم جويو، علي بابا ته آھي ئي ڪوٽڙيءَ جو. ساڳئي اسڪول ۾ چار درجا گڏ پڙھندو ھو. کيس خبر پئي ته موھن ليکڪ ٿي ويو آھي ته ھڪدم پاڻ مون کان وڏو ليکڪ ٿي ويو. ڪوٽڙيءَ جي سر زمين تي شاھ لطيف جي پيرن جا نشان به ته آھن. ڪٿي ته پير، سائين لطيف جي پير جي جڳھ مٿان آيو ھوندو. منھنجو ۽ سندس تصوف جو ڪجھ حصو منھنجي من ۾، وجود ۾ گھسي ويو ھوندو. پر اتي مون گھڻو، سنڌوءَ کي نه نياضيءَ کي ڏٺو آھي. ڪراچيءَ ۾ جواني جڏھن جسم ۾ پچڻ شروع ڪيو ته سوچيم، ڪوٽڙيءَ وڃان ۽ کيس ڀڄائي اچان.
نياضي لسي جا گلاس موڪليندي ھئي. ڪڏھن مان نياضيءَ جي گھر ڇاڇ پياريندي. ڀاڪر به پائيندي ۽ چميون به ڏيندي. تڏھن ڏسان ته من جا گل تاج جي گلن جيان سنگ مرمر جيان سخت ٿيندا وڃن.
ڪوٽڙيءَ ۾ ڪھڙا وڏا ماڻھو رھندا ھئا، سو ته مان نٿو ڄاڻان مگر وڏيرو نصير خان ياد اٿم. مکيہ رستي تي سندس اوطاق ھئي. پل جي کاٻي طرف وڃي واگھو سيسر ماريندو ھو ۽ ان جون کلون ايوان جي ديوارن تي ٽنگي ڇڏيندو ھو. اتي بندوقون ۽ تلوارون ھونديون ھيون. ڊگھو قداور اکيون سنڌ جي شاھ نثار حسين لطيفيءَ، شاھ لطيف جي گويسر جيان ڳاڙھيون، مڇون راڻا پرتاب جيان مٿي وريل، وڏي سلوار، شاھي چوغو، بدن تي ڪارتوسن جو پٽو، کلي ته لڳي اُڀ ٿو گجي.
ھڪ دفعي سڏ ڪيائين؛
”تون لالا منگھارام جو پوٽو آھين“؟
”ھا“.
”نياضيءَ کي سڃاڻين“؟
”ھا“.
”ھڪ ڪم ڪندين“؟
”چئو“.
”ھان وٺ- ھي پنج رپيا کيس ڏج، کيس چئج؛ رات نه ايندس“
”اوھان کي لھڻي“؟
”چريا - ھوءَ منھنجي سريت آھي“
”نوڪرياڻي“؟
”منھنجي زال“.
”پر اوھان جي زال ته پٺيان حويلي ۾ رھندي آھي“
”اھا پھرين آھي. “ ھن مشڪيو، ”حق ٻڌي“.
”ته اوھان کي ٻه زالون آھن“؟
”ھاڻ بڪ نڪ نه ڪر ۽ لالا منگھارام سان ڳالھ نه ڪج“.
”چڱو“.
”پوءِ خبر پئي ته ماڻھو ھن سان ڳالھائي نه سگھندا ھئا ۽ ھن سان اکيون ملائڻ وقت اڪثر گھڻن جو ھيٺان ڪجھ وھي ويندو ھو. “
ته تون نصير خان جي زال آھين“؟
”تو کي ڪنھن چيو“؟
”پاڻ چيائين“.
خوشي وچان ٺڪ ڳلي تي چمي.
”پاڻ چيائين ته مان ھن جي زال آھيان“.
”پر حق ٻڌي نه “.
اداس ٿي”؛ مان فقط ٻڌل آھيان، منھنجا ڪھڙا حق“.
”۽ ھي پنج رپيا ڏنائين“.
ھن ورتا. چيائين”، ھڪ ڪم ڪر، ھڪ آنو وٺ. پل طرف ھڪ دوڪان اٿئي، اتان آفيم وٺي اچ. ھن ڏس پتو ڏنو.“
ان ڏينھن بعد کيس مان روز يا اڪثر آفيم آڻي ڏيندو ھوس. ھڪ ڏينھن ڏسان ته روئي پئي، پٽ ۾ لٺ پيئي ھئي.
مون کيس ٻانھن کان جھلي چيو”، تون روئين ڇو ٿي“؟
”منھنجو نصيب “.
”نه ٻڌاءِ“.
”ھن مون کي ماريو. نصير خان“!
”ڇو“؟
”مون کيس چيو ته مان ماءُ ٿيڻ چاھيان ٿي. ھميشه چوندي آھيانس“.
”پوءِ ھو تو کي ماءُ ڪيئن ڪندو“؟
”پنھنجي ماءُ نه. منھنجي ٻار جي“.
”پوءِ پَرين کي چئو نه. ڀاڀي چوندي آھي، ٻار گھري وٺبو آھي. رات جون پَريون اڇيون پوشاڪون پائي چنڊ مان ھيٺ لھنديون آھن ۽ ٻار کي ماءُ ڀرسان سمھاري وينديون آھن“.
ھن اکين ۾ چتائي نھاريو. اداس ھوندي به مرڪيائين، ڄڻ اماس رات آڪاش مان کير ڌارا وھڻ شروع ڪيو.
”تو کي ڪجھ خبر ناھي“.
”تو کي ھنيائين ڇا“؟
”ھي ڏنڊو“.
مون اھو ڏنڊو کنيو.
”ڇا ٿو ڪرين“؟
”مان سندس مٿو ڀڃندس“.
”ھو تو کي بندوق ھڻندو“.
”ڇو- مان واگھو آھيان“؟
”تون ڪجھ سمجھين نه ٿو“.
”سڀ ٿو سمجھان. ھڪ ڪم ڪر. تون مونسان شادي ڪر. مان لال پريءَ کي چوندس، ھو تو کي ھڪ ٻار ڏئي“.
ھن مشڪيو. ” تو کي خبر آھي، شادي ڇا ٿيندي آھي- تون ننڍو - مان وڏي. تون ھندو، مان مسلمان“.
”شادي معنيٰ گڏ رھڻ. باقي جلدي وڏو ٿيندس. ھندو ڇا، مسلمان ڇا. تون وڏي آھين ته مون کي چميون ٿي ڏين. مان وڏو ٿيندس ته پوءِ مان به تو کي چميون ڏيندس“.
چڱو -ھي لٺ رک. کٽ تي ليٽ. اڄ مون ٻوڙ ٺاھيو آھي“.
مون لٺ رکي. کٽ تي ليٽيس. ھوءَ به ليٽي. مان ڪافي ڊگھو ھوس، ھن مون کي ڀاڪر پاتو. مون ھن کي. ھن وقت جي ڪجھ خبر نه پيئي. وري ڏسانس ته اکين مان پاڻي پيو وھيس مان چپ چاپ اٿيس ۽ ھليو ويس.
ترت اسان کي ڪراچيءَ وڃڻو پيو. ھوءَ مون کي ڇاتيءَ سان لڳائي رني ھئي. ڪجھ ته ڏٺو ھن مون ۾. الائي ڇا چيائين، منھنجا شھزادا، ھميشه خوش رھج. ڪراچيءَ ۾ ھن جي ياد ايندي ھئي، پر ھوءَ نه آئي. جڏھن سورھن سالن جو ٿيس ته سيني ۾ سور جي سٽ اڀريم. ھن جي ياد آئي. مون ماءُ کان پنج رپيا ورتا. رپئي نوي آني ڪوٽڙيءَ جي ٽڪيٽ ورتم. اسٽيشن تي ٽانگي ۾ ويٺس ٻه آنا ڀاڙو. ٻه ميل پنڌ. لڳم ته ھاڻ جوان ٿيو آھيان ۽ کيس ڀاڪر پائي چمي ڏئي سگھندس. ان عمر ۾ اھا خبر نه ھئم ته ڇوڪرا ڇوڪريون سماگم به ڪري سگھندا آھن، بلڪہ مون تصور ۾ به ڪنھن عورت جو ننگو جسم نه ڏٺو ھو. اندر ۾ باھ جا بٺ ٿي ٻريا، ڪراچيءَ ۾ ڪشتي، مُڪي بازي، لڙڻ، انڱوري ھڻي ڪيرائڻ سکيو ھوس. ائين سائيڪل چيمپئن به ٿيو ھوس.
نصير خان ڪي ايسي ڪي تئسي. ھڪ لت رئيس جي عضوي تي، ھڪ پيٽ ۾، نڪ تي ھڪ ٽڪر ۽ ھڪ، انڱوري ۽ ھڪ ڌڪو. نصير خان پٽ تي. مان ھن جي ڇاٿيءَ تي لت رکي رڙ ڪندس؛ ھہ -آ آ آ... ھو و و و و.... پر ٽانگي مان لٿس نصير خان ياد نه آيو. سڌو نياضيءَ جي گھر ويس. بس کيس ڀاڪر پائي سمھي پوندس ۽ صبح جو ڳالھائيندو سانس، ڏس پنھنجو شھزادو موھن. ڇوڪريون ڏسن ته بيھوش ٿين. منھنجي اکين ۾ ڪلورو فارم ڀريل اٿئي. مان ان وقت ھوس ھڪ پڪو ھندو ۽ آر -ايس- جو ميمبر ھئس. مگر عشق ۾ فقط ھڪ انسان ھئس. رُڪ جھڙو بدن. سقراط جھڙي زبان، ماکيءَ ۽ زھر جھڙو آواز. نظر ائين ڄڻ ست ديوارون پار ڏسي سو ڪپڙا ته ڪجھ نه ھئا. پر اھا اُڪنڊ اڪير حوس مٿان حاوي ٿي وئي. ڄڻ زمين تي پرنس سليم ٿي ھليو، ڪٿي جنھن جي ڪا انارڪلي ھئي. ڏسان ته گھر کي تالو. جو ڄڻ منھن تي لڳل. دل ڄڻ بيھجي وئي.
”ھو نياضي ؟! سال ٿيا ته ھلي وئي، الائي ڪيڏانھن پڻھس کي شايد ڪابل ۾ سڪي ميوي جي دڪان آھي. شايد اتي ويئي ھجي“.
ڀالو ته مون نه کاڌو آھي پر ڏاڏيءَ جا لفظ ڄڻ نشترن جيان ڇاتيءَ ۾ گھسي ويا. ھن وقت نياضي دليپ ڪمار جي سس نسيم جي عمر جي ھوندي. يا شايد ھن کان پنج اٺ سال گھٽ شڪل نسيم کان به سٺي ھئس. ڏھن سالن جي عمر بعد مون کيس وري ڪو نه ڏٺو. آرزو اٿم ته کيس ڏسان. ٻڍي ھوندي، شايد سڃاڻي به نه، مان به شايد نه سڃاڻانس، الائي جيئري به ھوندي يا نه ضرور ٿورو مون کي به ياد ڪندي ھوندي. مون کان ڪو حياتيءَ جو سال کسي وٺي ۽ ھڪ منٽ نياضيءَ سان ملاقات ڪرائي ته مان وڌيڪ سال ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃان. شايد اھو منھنجو پھريون پيار ھو. معصوم، الڙ، نادان. پر مان اھا دعويٰ سان چئي ٿو سگھان ته ھن جي پيار ۾ ڀاڪر ۽ چمين ۾ ھڪ شفقت ھئي. اھا چمي جا ماءُ، زال ۽ پريمڪا جي چميءَ کان مختلف ھئي. ھينئر پنھنجو ھٿ ڳلي تي رکيو اٿم. قلم به رکان ٿو ۽ پلنگ تي ليٽان ٿو. چاھيان ٿو، ٿورو ھن جي ياد ۾ روئان. نياضي -منھنجو پيار!