آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

بک عشق ادب

نامياري شاعر ۽ ليکڪ موهن ڪلپنا جي مختصر آتم ڪٿا جو ڪتاب ”بُک عشق ادب“ اوهان اڳيان پيش آهي. موھن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ دل کولي سڀڪجهھ لکيو آھي. اھوئي سبب آھي جو موھن جو نالو؛ اسان سمورن سنڌين جي دلين تي اُڪريل آھي ۽ ان کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگھي. هو لکي ٿو:
”جھاز ھليو ۽ مان آھستي آھستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس. سڀ ته ياد اٿم.
خيال آيم ته ھوا جو جھوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي زمين، مڪانن ۽ ماڻھن کي چمڻ شروع ڪريان. ڪتو ٿي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي ھلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻھاري ڏئي ان جي مٽيءَ سان سنانَ ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مھل پائبو آھي“.
  • 4.5/5.0
  • 5692
  • 1673
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بک عشق ادب

18

رام دادلاڻيءَ بھتر پگھار جي آڇ ڪئي ته لالائن جي پراڻي نوڪري ڇڏيم. ھاڻ فقط دفتر ۽ ڪمل.
منھنجي پراڻي گھر ۾ ھڪ پراڻي تصوير ٽنگيل ھئي. اتي منھنجو سنڌ جو ھڪ پراڻو فوٽو ٽنگيل ھو. اتي جھرڪين پنھنجو آکيرو ٺاھيو ھو. جنھن ڏينھن، ٺاھ موجب اِھا جڳھ ڇڏڻي پئي، ان صبح جون جھرڪيون اِھو آشيانو خالي ڪري ويون. فوٽو به ھيٺ ڪري پيو ۽ ان جو شيشو ڀڄي پيو.
ان بعد ان گھر ۾ ڪير به ٻن ڏينھن کان وڌيڪ رھي نه سگھيو آھي. چون ٿا؛ اتي جن آھي، رات جو جن ماڻھن کي ڏڪائيندو آھي ۽ ماڻھو ڀڄي ويندا آھن. ان پاڙي جي ھڪ لوڪ ڪٿا آھي. چون ٿا اتي ھڪ مھاپرش رھندو ھو. پوءِ ڪن بدمعاشن ان مھاپرش کي اتان لوڌي ڪڍيو. ان گھر ۾ ان مھاپرش جي آتما آھي.
اِھا لوڪ ڪٿا ٻڌي مان کلندو آھيان، ڇو ته اھو ”مھاپرش“ مان آھيان. ھو ڳالھ ائين ڪندا آھن. ڄڻ صديون اڳ جي آھي.
بيمار پوڻ جي ٽئين ڏينھن جڏھن ڪمل کي مون چيو؛ مون کي ڪجھ ڪونھي، پر ٽيون ڏينھن ھيڏي تڪليف ٿي ته چيائين ”تون خيال نه ڪر. مان به ساوتري آھيان. مان تولاءِ ڪال سان وڙھندس“. مون کي ھن جو اِھو وشواس ۽ اڀمان ڏاڍو وڻيو. مان ڪلاڪار ھوس. زندگيءَ ۾ ھوءَ منھنجي صلاحڪار ٿي.
موھن ڪلاڪار. ڪمل صلاحڪار. زندگيءَ جو ڄڻ ختم ھاڪار. ھن جون صلاحون منھنجي ادب لاءِ ته ھيون. ھن ڪڏھن به لکڻ ۾ دست اندازي نه ڪئي آھي. نه صلاح ڏني آھي ته ھيئن جا ھونءَ لک. کيس خبر آھي ته منھنجو لکڻ معنيٰ خاموشي ۽ چانھ. ھوءَ گھر جي ڪم ۾ مشغول رھندي يا ڪو ڪتاب رسالو پڙھندي. گيتا ننڍي ھئي ته ھٿ مان پين ڇڪي ڀڄي ويندي ھئي. ھاڻ چوڏنھن سالن جي وڏي، ڊگھي متاري آھي. ڪو ڪم ھوندس ته اچي ڪرسيءَ مٿان ويھندي ھئي. ماءُ کي چوندي؛ ”اجائي وڏائي ٿو ڏيکاري ته مان به لکڻ ڄاڻان“. کيس خبر آھي ته لکڻ وقت ٽيبل ڀرسان ان جي ڪرسيءَ تي مان ڪنھن کي ويھڻ نه ڏيندو آھيان. پوءِ ھوءَ اکين تان چشمو لاھيندي وري ڀڄندي ڀلا بنا چشمي مان ڪيئن لکان. ڪڏھن سِنانَ ڪري وار ٽيبل ڀرسان ڇنڊيندي پاڻيءَ جا ٻه چار ڦُڙا پني تي ڪرندا. دوست سمجھن مون اِھو خط کين روئي لکيو آھ. چوندي پاپا تنھنجا دوست سرڪاري پاڻيءَ کي تنھنجا ڳوڙھا سمجھندا. ڪڏھن ڏسان ته پنا غائب. ھِند سِنڌ مان روز ٻه چار جيڪي خط اچن ته ان ۾ اڪثر ھڪ سِٽ ساڳي ھوندي آھي؛ ڪمل کي سلام- گيتا کي پيار. ايلچي خانن، صوبائي مرڪزي ادارن يا ٻين ھنڌان دعوت ناما اچن ته گيتا چوندي ٻيا مڙئي گشتا پتا لکين ويٺو سڀني کي بيوقوف بڻائين. ڪير کائنس پڇي؛ تنھنجو نالو؟ چوندي؛ گيتا لال. ڪڏھن به ڪا نه چوي؛ گيتا موھن ڪلپنا. بس، پپا کي اخبارن ۾ نالو کپي. ان ڏينھن ٽِي-ويءَ تي کِلي ائين پيو ڄڻ اميتاب بچن جو چاچو آھي. نه نه. ڄڻ دليپ ڪمار آھي!
ڪمل ئي منھنجا سڀ خط کوليندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن خط سخت ھوندا آھن. ڪي شخصي ھوندا آھن. کيس لعل پشپ ۽ ماھتاب محبوب جا خط ڏاڍا وڻندا آھن. لعل پشپ لکندو تون ھتي آھين. ماٿيران آھين يا ٻئي ھنڌ آھين حرامي خبر اٿم ته ڪٿي آھين. ھڪ تون ئي آھين جو ھڪ ئي وقت ھتي، ماٿيران ۾ ۽ ڪٿي به ٿي سگھين ٿو! ھڪ دفعي لکيائين؛ موھن کي نه ملي ۽ گني سامتاڻيءَ ۽ لعل پشپ کي ساھت اڪادميءَ انعام ملي ته لعنت ڏيڻ وارن تي آھي. شاھ لطيف بعد موھن ئي سنڌين جو وڏو ليکڪ آھي. منھنجي پٽ شبوءَ چيو؛ ڊئڊي، جيستائين موھن انڪل کي انعام نه مليو آھي تيستائين سمجھندس سرڪار توھان سان چرچو ڪيو آھي. ڪجھ ان طرح ھو گھر ايندو. ڪمل سان ھٿ ملائيندي چوندو؛ ڪملا ڪيئن آھين؟ سندس ڪلھي تي ھٿ رکي چوندو؛ ھاڻ موھن ۽ مان، وسڪي ۽ گشا. اسين ٻئي ڏاڍا لچا آھيون. رامجي ۽ ٽي ٺڳ:
وڇڙي کي ڪتو ثابت ڪري ڏيکاريون. پر گنو ٺڳ نه ٿي سگھيو آھي. ماھتاب به سنڌ جي اديبن، رسالن ۽ ڪانفرنسن جا اھي تفصيل لکندي جو ڪمل پئي کلندي.
جڳھ ٺھڻ ۾ فقط ھڪ سال لڳو. پر گذرندي اھو سال لنبو ٿي ويو، وچ ۾ گنو ٻه چار دفعا اتي آيو. تمام شان سان ڪرسيءَ تي ويھندو. ٽيون چانھ جو ڪوپ پيئندي چوندو؛ مان ته چاھيندو آھيان سڄو سمنڊ چانھ ٿي وڃي. پوءِ حيدرآباد سنڌ، ھردوار، رشيڪيش ۽ گنگا جون اھي ڳالھيون ڪندو، ڄڻ مھاڪوين جا الڳ ٽڪرا مرتب ڪندو ھجي.
دروازو کليل ھوندو ته ڪلڪتي مان لکمي کلاڻي بمبئيءَ ويندي پھرين سڌو مون وٽ ايندو. سڌو اندر. ڪو راڳ جھونگاريندو ايندو. ڄڻ ھفتي کان گھر ۾ رھيل آھي ۽ ٻاھر ڪمپائونڊ ۾ ڇولا کائي اندر آيو آھي. گنو، لعل ۽ لکمي ھميشہ گيتا لاءِ بسڪيٽ، چاڪليٽ يا ڪو ڪتاب، پين ڪجھ نه ڪجھ کڻي اچن.
اُتم دروازي کان گھڙندو ته ھميشہ پنھنجو تڪيہ ڪلام پيش ڪندو؛ فلاڻو؟ ڪتي جو پٽ -پئسي جي گپ ۾ ڦاسي پيو آھي. ڪمل جي ماني کائيندي کيس پنھنجي ماءُ ياد ايندي آھي. ڪيرت اڪثر گنڀير رھندو يا وقتي ڪمل سان چرچو ڪندو؛ ھاڻ کيس پنھنجي زلفن جي پيچ و خم مان آزاد ڪر ته ڪجھ سنڌي ھلچل ۾ اڳرو ٿئي. مالھي گھٽ اچي، پر اچي ڪڏھن ڀڳونتيءَ ۽ ڪلاڪارن سان.
ڪيترا دوست آھن جن جا خلوص ۽ شفقتون، رامايڻ کان پھريون، بائبل کان مٺيون آھن. سنڌ جي سابق وزيراعليٰ خان بھادر کھڙي مرحوم جي ناٺي ڊاڪٽر انصاريءَ ڪمل جي ڪلھي تي ھٿ رکي چيو؛ ادي، اوھان جي قرب اسان کي ماري ڇڏيو آھي. ٻئي سال مان زال کي وٺي ڪار ۾ لاھور وارو رستو وٺي مھينو اوھان وٽ اچي رھندس.
ابراھيم منشيءَ چيس؛ ادي، مون ته پاسپورٽ تي ايڊريس ئي موھن جي لکائي. ھن لاءِ اجرڪ آندي اٿم. سنڌ جي پھرين اجرڪ موھن ڪلپنا- پر توکي ٿو پايان. ۽ پوءِ ھن جڏھن ٻه ڪلاڪ پنھنجو ڪلام ٻڌايو ته اکين مان پاڻي وھيو ڪجھ نه پر لڳو درياھ وھي رھيو ھو.
شاھ لطيف جي گديسر شاھ نثار حسين لطيفي کيس چيو؛ مون کي اوھان جي گھر ۾ لڳو ته سنڌ ۾ ئي آھيان. ھيءُ گھر سنڌ آھي ۽ اوھان جي شفقت سنڌو درياءَ آھي. پاڻ ڪار ۽ جيپ ۾ آيو. ست باڊي گارڊ گڏ ھئس. سگريٽ دکائي مشڪي ته لڳي لطيف جو بيت پڙھي رھيو آھي. چي؛ سنڌ اچو. اوھان کي سڄي سنڌ گھمايون.
ماھتاب محبوب ڪمل کي ڀاڪر پائي ملي. ڇا اوھان کي حيدرآباد جا منگھ ياد نٿا پون؟ اچو ته ڀٽ جي ميلي تي قربن جون ڪچھريون لڳايون.
اھي ئي ته اسان جا خزانا ۽ سلطنتون آھن. اسين ان جا بي تاج بادشاھ آھيون. البته ڪي اديب گلائن جا تاڪيا کولڻ شروع ڪن. ڪمل اڪثر اٿي وڃي ۽ مان کلڻ لڳان. مان نٿو سمجھان ته مون زندگيءَ ۾ ڪڏھن ڪنھن جي گلا ڪئي ھوندي. مان نڪته چيني ڪندو آھيان. جا ڳالھ منھن تي چئي نه سگھان، اُھا پرپٺ ڪڏھن نه چوان. بلڪہ اڪثر منھن تي نڪتيچيني ۽ پرپٺ تعريف ڪريان.
آزاد سنڌو ھلچل جا ميڙ، ياترائون، اخبار ”سوجھرو“ ۾ لڳاتار مضمون، نئين ڪم جي ڪمائي، ٽن مان اڍائي ھزار، پوءِ، ٻه، ڏيڍ، ھڪ، پنج سؤ ۽ آخر ختم ٿي وئي.
ھڪ وڏو انقلابي، پر ڪڏھن بس جو ڀاڙو نه ھجي جو گھر وڃي سگھان.
ڪاليج ۾ اجھل ڪنھن چڪر ۾ اچي ويو ۽ جيڪڏھن ڪنھن کيس بچايس نٿي ته ممڪن ھو سڌو جيل ۾ وڃي ھا. مان تن ڏينھن ۾ اڪثر بيمار رھندو ھوس ۽ ڪاليج مان ڪافي گسائيندو ھوس. اجھل چيو؛ احمد آباد ۾ فساد ٿيا آھن. سو جئرامداس دولترام، گورنر سريمن نارايڻ وٽ سندس بنگلي تي لٿو آھي. جيڪڏھن تون لعل پشپ سان رات اتي وڃي، صبح ڪم ڪري سڀاڻ رات موٽي اچين ته ڪنھن کي خبر نه پوندي. لعل پشپ ته محمد تغلق روڊ دھليءَ ۾ وٽس گھڻائي دفعا زيارت ڪري آيو. مون چيو؛ ٺيڪ آھي، پر گھر ھڪ وڳو ته کڻڻ وڃان. چي، نه! پنھنجي قميص لاھي ڏنائين. چيائين؛ ھيءُ قميص ٻه ڏينھن ميري نه ٿيندي. مون کيس پنھنجي لاھي ڏني. ھن گھر وڃي ڪمل کي چيو ته موھن ٻه ڏينھن ڪاليج جي ڪم سان پوني ويو آھي. ۽ مان لعل سان احمد آباد. جئرامداس سان گڏياسين.
جئرامداس جي زبردست شخصيت، صاف، اجرو، موجودگيءَ ۾ وڏي قد جو احساس ڪندڙ. وچ ۾ چوندو؛ ڇو موھن، لڄ ٿو ڪرين- سگريٽ ڇڪ. اڌ ڪلاڪ ٿيو آھي توکي ٽائليٽ ۾ وڃڻ جو خيال نه آيو آھي؟ ڀلا- ھان- چانھ پي. ڏاڍو متاثر ڪيائين. سوچيم ته حق تي ليکڪ چريا ٿيا اٿس. ڳالھ ٻڌي چيائين؛ تنھنجي دوست کي شڪ جو فائدو ڏئي سگھجي ٿو.
ڪاليج اختياريءَ وارن کي تار ڪيائين ته ھن تي ڪو قدم نه کڻو. ڪاليج جي پرسرام پارومل کي، جنھن کي انڊيا جو پھريون فوڊ منسٽر ھوندي کنڊ جون پرمٽون وغيره وٺي ڏنيون ھئائين، ان کي به تار ڪيائين. سو اجھل بچي ويو.
ڪم جي پڪ ڏيڻ بعد ھن لپيءَ جو بحث ڇيڙيو. مون کيس چيو ته لپيءَ جي مسئلي سنڌين جو ٻيو ورھاڱو ڪيو آھي. ھن ڪافي تفصيلن سان ڳالھايو. مون کيس چيو؛ اِھو اصول ته يا عمر قبول نه ڪندس. چيائين؛ ويھ سال پوءِ تون منھنجو نظريو سمجھندين. چيومانس؛ ٽيھ سال اڳ به اوھان اِھا ڳالھ ڪئي ھئي. لعل پشپ به چيس ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي لپي ئي موزون آھي. ديوناگري لپي ٽنگن ڀڳي آھي.
اجھل عزت سان نوڪري ڇڏي ته چيائين ته تون به ڇڏ. ڪاليج ۾ ڪنھن کي پتو نه پيو ته اجھل کي ڪنھن بچايو ۽ جئرام داس کين ڪيئن تار ڪئي. مون به نوڪري ڇڏي ڏني. مون کي بمبئيءَ مان رايل ويسٽرن انڊيا ٽرف ڪلب جي ريس سان واسطو رکندڙ انگريزي اخبار جي ايڊيٽريءَ جي آڇ آئي. پگھار ڇھ سؤ ۽ فرسٽ ڪلاس ٽڪيٽ مون کي فقط اِھو ٻڌائڻو ھو ته ريس ۾ ڪير کٽندو. ٽي مھينا اڀياس ڪيم- پوءِ اِھا اخبار مون پاڻ کنئي ۽ ڇھ سال ھلايم. مھيني ۾ اڍائي سؤ رپيا کن بچيا ٿي. گھوڙن جي صحت، خاندان، بار کڻڻ جي طاقت، فاصلي ۽ ڊڪڻ جي صلاحيت، ٻين گھوڙن سان ڀيٽ وغيره ايم ڏبي -لالا جي نالي سان سڄي ھندستان ۾ نالو ڪڍيم. منھنجي اخبار جي ٽپس تي ماڻھن لکين رپيا ڪمايا. مان ته خود پھرئين ھفتي سترنھن سؤ رپيا ھارائي ويس، جي لاھڻ ۾ وقت لڳم. پوءِ قسم کنيم ته سڄي ڏينھن ۾ سٺ رپئي کان وڌيڪ راند نه ڪندس. ريس ۾ ماھوار ڪمائي جي ڏھين حصي کان وڌيڪ نه لڳائڻ گھرجي. ھونءَ شوق جي خيال کان راند ڪيم ٿي جو محبوبا سان ملجي ۽ ھن جو منھن نه چمجي ته ضرور ڪا ڊاڪٽري خرابي ھوندي.
مون پھرئين مھيني کان تار ديو ايئرڪنڊيشنڊ مارڪيٽ ۾ مسواڙ تي آفيس ورتي. مسواڙ ٻه سؤ چاليھ رپيا ۽ ٽن مھينن جي ڊپازٽ. آفيس ستين ماڙ تي. ھيٺان ھڪ ڪلارڪ رکيم. منھنجي آفيس جي ھيٺان راجن چاولا جي آفيس ھئي، جا لنڊن وڃڻ بعد جلال آغا، شيام بينگل ۽ ساڌوءَ مھر کي ڏنائين. جن انڪور، نشانت ۽ ٻيون ڪافي تجرباتي فلمون ٺاھيون آھن.
مون ٽرف ڪلب جي قاعدن ۾ ڪافي سڌارا آندا. ھڪ دفعي اسٽيورڊس لاءِ لکيم؛ ھي پنھنجن غلط فيصلن تي ائين لٽڪندا آھن. جيئن باندر ٽاريءَ تي. منھنجو ڪلب ڏانھن ساڍا سورنھن سؤ رپين جو بِل رھيل ھو. اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ ۽ ڪلب جي جج گھرايو ته ڪاميٽيءَ ۾ راجائون مھاراجائون، تيل ڪمپنين ۽ ڪارخانن جا مالڪ آھن. ھڪدم معافي وٺ، نه ته بِل نه ملندئي. مون چيو؛ معافيءَ جو ته سوال نٿو اٿي، ۽ بِل مان ڪورٽ رستي وصول ڪري سگھان ٿو. چيائين؛ اسان جو وڪيل نانا پالڪيوالا آھي. لک رپيا خرچ ڪنداسين، پر بِل نه ڏيندس. چيومانس؛ سنڌي ٻچو آھيان، اخبار بند ڪندس، پر معافي نه وٺندس. مون کي ڪلب مان ڏھن، پندرھن ھزارن جا اشتھار ملندا ھئا. ڇھ ڇھ سؤ جا ٻه اشتھار ڪلڪتو، بئنگلور، دھلي، حيدرآباد ۽ مدراس ٽرف ڪلبون به ڏينديون ھيون. فقط ھڪ ڊربي پرچي مان پندرھن ھزار فائدو پوندو ھو. ضد ۾ مون اخبار بند ڪري ڇڏي، معافي نه ورتم.
ھونءَ ڪم ٽي ڏينھن. ٻه ڏينھن پريس ۽ ھڪ ڏينھن ريس ڪورس تي. ريس ڪورس تي ماڻھن جو ھڪ مجموعو منھنجي پٺيان. مسٽر لالا-مسٽر لالا، بس ھڪ سالڊ ٽپ. گواليار جي مھاراجا ساڌوراءِ جي گھوڙي اسٽارم تي ڪروڙن جي راند ٿي. مون ڊربي پرچي ۾ لکيو؛ اسٽارم کي سنجييو خان جو گھوڙو پرنس خارطوم ڪتو ڪري ماريندو. اوھين اِن تي پنھنجي قميص لڳايو-اُگھاڙا واپس نه موٽندا. سڄي ھندستان جي اخبارن ڊربي لاءِ مھاراجا جو گھوڙو پسند ڪيو. مان اُن ڏينھن گني کي ريس تي وٺي ويس. منھنجي سڀني پوئلڳن پرنس خارطوم تي شرط لڳايو. ھزار تي ساڍا ٽي ھزار فائدو. گھوڙي کٽيو، ريس بعد سنجيو سان گڏيس گنو گڏ ھو. ھن ڀاڪر پائي مون کي ٻن ھزار رپين جو اشتھار ڏنو. اشتھار مون ڇپيو، بِل نه ڏنائين. ھڪ دفعي فون به ڪيومانس، جوڻھس چيو؛ تپ اٿس. پوءِ خبر پئي ته پاڻ مھاراجا جي گھوڙي تي راند ڪئي ھئائين ۽ شايد ويھ لک رپيا ھاريا ھئائين. جا ڪي ڊبليو سوربرن به مون سان گڏيو. چيائين؛ اوھان جي ججمينٽ پرفيڪٽ آھي. مالڪ به، پر مون لک رپيا اُن گھوڙي تي ھنيا. ان وقت سنجيو فلم ائڪٽر ۽ مان ساڳئي دڪان تان ڪپڙا سبائيندا ھئاسين. اسان جو قد بت ساڳيو. کٽي ويو ته اتان ڇھ قميصون نه کنيائين. درزيءَ کي چيائين؛ وڪڻي ڇڏ. ھڪ ڳاڙھي، ھڪ پيلي، ھڪ ڪاري، ھڪ خاڪي، ھڪ واڱڻائي ۽ ھڪ اڇي. ھن اھي مون کي وڪيون. گواليار جي مھاراجا سان سٺي واقفيت ٿيم. ھن جي ٽرينر ميجر ويءَ-ايم لاڊ کي خبر پئي ته مان ھڪ مشھور ليکڪ به ھئس ته مون کي چيائين؛ بھتر آھي ته تون گواليار جي مھاراجا جي چونڊن ۾ ڪم ڪرين. مون انڪار ڪيو. ھو ھن وقت به پارليامينٽ جو ميمبر آھي. پر دوستي الور جي مھاراجا يوراج پرتاب سنگھ سان ٿيم. 1970ع ۾ الور سميلن وقت مون کيس فون ڪيو. ھن چيو؛ ھينئر اچ. وشنو ڀاٽيا کي ٽانگي ۾ چاڙھي اتي ويس. ڦاٽڪ کليو. اسين پنڌ اندر وياسين. ڏسون ته پنج ھاٿي بيٺا آھن. مھاراجا جي ماڻھن ھاٿين جي سلامي ڪرائي. وشنو حيران. چيائين؛ مون ڪنھن سنڌي ليکڪ جي ايڏي عزت نه ڏٺي آھي. مون چيومانس؛ پنج ھاٿي بيٺا آھن. ڇھون تون به وڃي سندن پاسي کان بيھ. مھاراجا وڏي عزت ڏني. سورھن سؤ رپين جو اشتھار ڏنائين. چار سؤ ائڊوانس ڏنائين ته مان ڪمل ۽ گيتا کي ھردوار ۽ رشيڪيش مان گھمائي آيس. ھن پوءِ اشتھار جي قيمت ٻه ھزار ڪئي. مان جڏھن به دھليءَ وڃان ته الور ضرور وڃان. الور جو مائو سڄي ھندستان ۾ مشھور آھي. مھاراجا چئي ته محل ۾ رھ، مان انڪار ڪريان. مھاراڻي به سٺي نموني پيش ايندي ھئي.
ھڪ دفعي مھاراڻيءَ تاج محل ھوٽل مان پريس ۾ فون ڪيو. چيائين؛ تنھنجي لاءِ ٻين ھزارين جو ڊرافٽ آندو اٿم. وٺي وڃ. اچي چانھ به پي. مون کي وقت ڪو نه ھو. سو مون پنھنجي سالي جي سيڪريٽريءَ پشپا، جا مون کي پريس ۾ پروف ڏسڻ ۾ مدد ڪري رھي ھئي، کي ٽئڪسيءَ ۾ تاج موڪليم ته فلاڻي سرٽ ۾ يوراج پرتاب سنگھ رھيل آھي، ھن کان ڊرافٽ وٺي اچ.
ھن تاج ۾ بٽڻ دٻايو. مھاراڻي ٻاھر آئي.
پشپا پڇيس ”يمراج جي آھي“.
ھاڻ يمراج ته ان کي چئبو آھي جو نوڙي کڻي ماڻھوءَ جو ساھ ڪڍندو آھي ۽ مينھن تي چڙھي، ماڻھوءَ کي گھليندو سرڳ نرڳ وٺي ويندو آھي.
” يمراج!ڪير يمراج“؟
” مون کي مسٽر لالا موڪليو آھي“. کيس منھنجو ڪارڊ ڏنائين، جنھن تي ھڪ سٽ لکي ھئم. رت جو ڍڪ پي مھاراڻي کيس اندر وٺي ويئي ۽ کيس ڊرافٽ ڏنائين.
ايمرجنسيءَ بعد اخبار ۾ خبر ڇپي ته مھاراجا آپگھات ڪيو آھي؛ پر پوءِ دھليءَ ۾ خبر پيم ته ھن ھند سرڪار کي اُلٽ ڪرڻ لاءِ دھشت پسندن جي ھڪ زير زمين فوج ٺاھي ۽ ھڪ فوجي مقابلي ۾ مارجي ويو. سچ جي ته ڪا خبر نه پئي آھي. جوان ھو ۽ مون کان عمر ۾ پنج ست سال ننڍو ھو. منھنجا ان سال ٻه ھزار رپيا رھيل ھئس. مون مھاراڻيءَ کي ھمدرديءَ جو خط لکيو پر بل جو ذڪر نه ڪيومانس. سوچيندي منھنجو مڙس مري ويو آھي ۽ ھي ويٺو بِل لاءِ لکي. ليکڪ ھئڻ ناتي مون انساني جذبن کي ڪافي سمجھيو آھي. ڪلب سان ضد اچڻ سبب اخبار بند ڪيم. ان بعد چار پنج دفعا دھليءَ ويو آھيان. الور اتان پنجن ڪلاڪن جي بس مسافري آھي اتي سنڌ وانگر اٺ گھڻا آھن- ميدانن تي موڙ به ڏاڍا. پر فقط ٻه ڳالھيون سوچي نه ويندو آھيان. ھڪ ته ھوءَ اڪيلي آھي. منھنجو کيس گڏجڻ الائي ڪيئن لڳي ۽ ٻيو اِھو خيال نه اچيس ته پنھنجو بِل وٺڻ آيو آھي. ڏاڍي ڀلي ۽ شيرين. ھڪ دفعي چيائين؛ مون کي بمبئيءَ مان ٺڳيءَ جا پتا آڻي ڏي. پڇيومانس؛ مون ڪو نه ڏٺا آھن- اھي ڇا ٿيندا آھن؟ چيائين؛ ڪن پتن تي ڪي خاص ڇپيل نشان رھندا آھن. مھاراجا کي خبر نه پوي ته مان راند ڇو ٿي کٽان!
” مھاراڻي جي-اوھان کي ته سڀ ڪجھ آھي، پوءِ ٺڳي ڇو“؟
” تو شادي ڪئي آھي“؟
” ھا ۽ ھڪ ڌيءَ اٿم“.
” پوءِ کيس ھتي محل ۾ وٺي اچ نه“.
” نه مھاراڻي - اسين ڏاڍا ننڍا آھيون“.
” ڀلا ماڻھو ته ڪڏھن ننڍا نه ٿين. ڀلا، اوھان جي زال اوھان کي ڪڏھن به بيوقوف نه بڻائي“؟
مشڪي چيومانس ”بيوقوف ان کي بڻائبو آھي، جو نه ھوندو آھي. جو ھوندو ئي بيوقوف آھي، ته فقط بيوقوف ثابت ڪبو آھي. بيوقوف ته بيھڻ مان ئي بيوقوف لڳندا آھن“.
بمبئيءَ ۾ مھاراجا سان گڏ گھوڙا وڪڻڻ آئي. گواليار جي راجڪماريءَ سان بيٺي ھئي. مان ويومانس.
” چئو ته اُھا تاش آڻي ڏيانوَ“.
” تاش؟ مان تاش کي ڇا ڪنديس“! ٿورو پرڀرو ٿي چيائين ”ڀائي صاحب -اُھا گھر جي ڳالھ ھئي، راجڪماري ڇا سوچيندي!مون کائنس معافيءَ ورتي.
سردار پٽيل ھندستان جون ڇھ سؤ رياستون ھندستان ۾ شامل ڪيون ۽ اندرا گانڌيءَ راجائن جون پرسون ڪٽيون ته راجائن، مھاراجن ھوٽلون ۽ گھوڙن جا اسٽڊ کوليا. مون ان ماحول تي الڳ ڪھاڻي ”گھوڙن جي شرط “ لکي آھي.
راجا، مھاراجا، اڳواڻ، وزيراعظم، ساڌو، طوائفائون، شاگرد، سرمائيدار، ليکڪ، ماستر، ڊاڪٽر، مزور، طرح طرح جي ماڻھن سان مليو آھيان. ماڻھو جيڏو وڏو، ايترو مون کي پيش اچڻ ۾ سھوليت.
ھڪ دفعي ڀوڄراج ناگراڻيءَ نارايڻ ڀارتيءَ کان پڇيو ته تو ڪرشن چندر جي ”مھالڪشميءَ جي پل“ ڪھاڻي پڙھي آھي-پل جي کاٻي پاسي غريب آھن. ساڄي پاسي شاھوڪار آھن. تون ڪھڙي پاسي ويندين- اِھو سوال خود ڪرشن چندر پڇيو آھي. ڀارتيءَ چيس؛ مان غريبن جي پاسي ويندس. مون کان پڇيائين؛ تون موھن؟ تڏھن منھنجي عمر ويھ سال مس ھئي. چيومانس ”مان ساڄي پاسي بورجئا سوسائٽيءَ ۾ ويندس. غريب مان آھيان. مون غريبن جي زندگي ڏٺي آھي. مان اميرن جي زندگي ڏسڻ چاھيان ٿو. انھن جا تضاد سمجھڻ چاھيان ٿو.“ ڪامريڊ ڀوڄراج جو وات ڦاٽي ويو.
مھالڪشمي ريس ڪورس ۾ ٽي ڪلاس آھن. ميمبرن جا فرسٽ ۽ سيڪنڊ اينڪلوزر، ميمبر پيڊڪ کان جوڪي رنگ ۾ ايندا. ھزار پنج ھڻندا. چاھي ڪيتري به گرمي ھجي. فل سوٽ ۾ ھوندا. وات ۾ چروٽ. چپ چاپ دونھان ڪڍندا ويندا. خوبصورت زالون، ائڪٽر، راجڪپور، محمود، ارونا، ايراني، بندو، وحيده رحمان، کين اتي ڪير نه نھاري. گھوڙا، اگھ، رڙيون، سمجھو ٻه گھوڙا آھن. ھڪ جو نالو؛ آيو لعل، ٻئي جو نالو جھولي لعل. پنجن ھزار ماڻھن آيو لعل ۽ ٻين پنجن ھزارن جھولي لعل تي لکن جي راند ڪئي آھي. گھوڙا ڊڪندا، وڪڙ کائي ڇھ سؤ ميٽر ميدان ۾ ايندا. پوءِ ھڪ پنج ھزار ماڻھو چوندا. آيو لعل، ٻيا پنج ھزار ماڻھو چوندا؛ جھولي لعل- جھولي لعل اوچتو ٽيون گھوڙو ايندو؛ رام رام رام رام اوچتو آواز بند. ماڻھو جھڙا ھسٽريا جا مريض. ٽنگون، ٻانھون ھلائيندا ۽ اوچتو غلط فيصلي جي صليب تي مسيح جيان لٽڪي پوندا. اھي ساڌو مھاتمائون به وقتي گيڙو رتا ڪپڙا پائي اچن. ڪي ڪروڙ پتي ٻاھر پل تي بيھن، جن ريس ۾ ڪارخانا لڳائي ڇڏيا ھوندا. ۽ ھاڻ اندر اچڻ جا کين پئسا نه ھجن. مون ھڪ انٽرويو ۾ ريس ڪورس جو نالو ”اگر تگر چٽ ميدان“ رکيو آھي. ھڪ دفعي ھيرو شيوڪاڻي ۽ اجھل ھليا. مون سؤ چاليھ رپيا کٽيا. ھنن گھوڙن جا سٺا نالا ڏسي راند ڪئي ۽ پندرھن پندرھن رپيا ھارايا. ٻاھر اچي شيوڪاڻيءَ نڪ تي آڱر رکي جانا ڀرڻ لڳو توبھ، ساھ ئي نڪري ويو. چيومانس؛ خوشي اٿم ته ريس توکي سنڌي بڻائي ڇڏيو آھي.
مرڻ کان ھڪ ٻه ڏينھن اڳ عزيز به چيو ”ٻڌو اٿم ريس ڪندو آھين“.
” ھا عزيز صاحب“.
” شينھن جو پٽ آھين“. عزيز چيو”ھن کان اڳ سنڌي اديبن ۾ فقط مون ريس ڪئي آھي. ان انگريز عورت سان جا روز ريس تي ھلندي ھئي. ورھاڱي کان اڳ جي ڳالھ آھي. ھوءَ انگلينڊ ويئي ۽ پوءِ مون سان شادي نه ڪئي“.
منھنجي شاديءَ تي ھتي جا لڳ ڀڳ سڀ ليکڪ آيا ۽ راجن چاولا به آيو، جو ڪنھن ڳالھ تي رُسي ويو ھو ۽ ٻه ٽہ سال ڳالھائڻ بند ڪيائين. ساڳئي ھند آفيس ھئڻ سبب اسين گڏجندا ھئاسين. ھن به مون سان ريس تي ھلڻ شروع ڪيو. ھڪ دفعي اسان اڌو اڌ ڀائيواري ۾ اسي رپئي جو چئڪ پاٽ ڪڍايو؛ يعني پنجن ريسن ۾ اسان جا چونڊيل گھوڙا کٽن ته جئڪ پاٽ لڳي. پھرين کٽيو. سؤ تي ھزار فائدو. ٻئي کٽيو ھزار تي ڏھ ھزار فائدو. ٽئين کٽيو، ڏھن ھزارن تي ٻه لک ملن فائدو. چوٿون فوٽو فنش ۾ ٻيون نمبر ٿيو ۽ پنجين کٽيو. ڪل اسي رپين ۾ اٺيتاليھ لک فائدو. پر اسان جو چوٿون نمبر گھوڙو نڪ جي پڇڙيءَ تان ھار کائي ويو. ان ڪري پائي به نه ملي. فقط ٽن گھوڙن جي ٽربل ڪريون ھا تڏھن ٻه لک ملن ھا. اسين مڪائيءَ جا سنگ وٺي گاھ تي ليٽِي پياسين. ڏاڍو افسوس پئي ٿيو. اوندھ ٿي ويئي پر راجوءَ اٿڻ جي نه ڪري. ڪاش چوٿين گھوڙي جي مچ اڳيان ٿئي ھا. ان ڏينھن بعد راجن وري ريس ڪورس تي نه آيو.
لالائن جي ڏينھن راجن چاولا منھنجي کيسي ۾ پندرھن سؤ رپيا وڌا ته سٺا ڪپڙا ٺھراءِ. قرض وغيره لاھ. مون کائنس اِھي پئسا ورتا. پوءِ کيس ڌنڌي ۾ لک ٻن جو نقصان پيو ته گھريائين. مان مخزنون وغيره ته وٺندو ھوس. پر مسواڙ ڀري نه سگھندو ھوس. شاديءَ لاءِ ٻيو قرض پڻ کنيم. ان بعد زندگيءَ جون ھئبتناڪ تڪليفون ڏٺم. ھن کي انھن ڳالھين جي خبر نه پئي. اھو شخص جو ڪڏھن جان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ان مون وٽ اچڻ بند ڪيو. شاديءَ تي آيو. ڪلاڪ کن ويٺو. ھٿ ملايائين. ھليو ويو. گيتا جا مون کي فرشتو سمجھندي ھئي، اھا شاديءَ تي نه آئي. ”ائنڊ آءِ ھائوس ٽو لاج آءِ فرينڊ“.... اھو راجو.
ٽن سالن بعد راجن دفتر ۾ آيو. چيائين ”مون کي خوشي آھي ته تو پنھنجي آفيس کولي آھي.“
” تنھنجو قرض لاھيندس“! ٽن سالن بعد اسان جي پھرين گفتگو.
” ھاڻ ضرورت ڪانھي. جڏھن ھئي تون چپ رھئين“.
” مان ڳالھائي نه سگھيس. منھنجي منھن تي ماٺ جا دستا لڳا. سڀ ڏند ڀڄي ويا. رَت اندر ئي وھيو. ٻاھر ڪنھن ڏٺو نه. “
ھن چتائي منھنجي منھن ۾. مون سندس منھن ۾ نھاريو.
ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا. چيائين،. ٽي سال موھن، تو کان سواءِ مون اڪيلائيءَ ۾ گذاريا آھن. مون تنھنجو انتظار ڪيو“.
مون ڪجھ وقت ھن جي ڳوڙھن کي ڏٺو. منھنجو جاني دوست، چيومانس ”مون ٽيويھ ڏينھن اسپتال ۾ تنھنجو انتظار ڪيو“.
وقت آھستي گذرڻ لڳو. چيائين ”ھل- گھر ٿا ھلون. گيتا کي وشواس ئي نه ايندو آھي ته ٻه دوست ائين الڳ ٿي سگھندا آھن. ھاڻ سمجھي ٿي تون اسان وٽ ڪڏھن به نه ايندين“.
” مان سچ پچ نه ايندس“.
” ڇو“؟
” گيتا منھنجي شاديءَ تي ڇو نه آئي“؟
” ڇا اسين پنھنجي ناراضپي ۾ ايماندار ٿي نٿا سگھون“؟
” پوءِ تون ڪيئن آئين“؟
” ڪو نه اچڻو ھوس. مگر ھيءَ دل“....
” چڱو اُٿ. ھلون ٿا“، مون به پنھنجي ڇاتيءَ تي ھٿ رکيو. گيتا چيو ”اوھين ۽ ھتي؟ اسان به اوھانکي ياد ايندا آھيون؟ اسين ته اوھان لاءِ مري وياسين- پوءِ ڪيئن آيا. رڪارڊ ٻڌو. وسڪي پيو. پر اوھان کي منھنجي چانھ نه ملندي“.
مون ڪرسيءَ تي ويھي سگريٽ دکايو. راجو ھٿ منھن ڌوئڻ ھليو ويو.
” اوھان کي ڪمل بوتل ۾ بند ڪيو آھي! ڪنھن ڪانفرنس سيمينار ۾ نٿا اچو“.
” مان ان چيچ جي تلاش ۾ ھئس، جنھن ۾ مان منڊي بڻجي پئجي وڃان“.
”۽ انھن کي وساري ڇڏيو، جن توھان کي سنيھ جا گل ڏنا، ڏکن کان پناھون ڏنيون“.
” سڀ ته نه چئبو آھي گيتا- ۽ تون ئي چوندي ويندينءَ“.
” وڃو - ھتان وڃو. مون کي خبر آھي ته اسين اوھان کي نه کپون“.
” ڪير ڪنھن کي ڪيترو ٿو کپي، اِھو تون نه سمجھي سگھندينءَ“.
” ھن مشڪيو. ھوءَ پنھنجي فنڪار دوست، ڏير کي سُڃاڻي ويئي. نه بدليو آھي موھن، موھن ئي ته آھي جو بدلجي نٿو سگھي. راجو جو اچي ته ڏسي مار!گيتا ۽ موھن ويٺا چانھ پيئن ۽ کلن. اکين ۾ ڳوڙھا به اٿن. گيتا کي چيائين، بس- ھاڻ ٻڌاءِ، ٻيو ڇا کپيئي“؟
”بس- ٻيو ڪجھ نه کپي. موھن ھوندو آھي ته ٻيو اسان کي ڪجھ کپندو به ڪونھي“.
اِھا شام ڏاڍي ملھائتي ھئي.
پوءِ ھو ھڪ دفعو اسان جي گھر به آيا. راجو پوءِ لنڊن ويو ۽ پوء گيتا ۽ ٻارن کي اُتي گھرايائين. گيتا ھڪ دفعو چيٽي چنڊ جي ميلي تي باندرا ۾ ملي. ٽئڪسيءَ ۾ گھر وٺي ھلي. چانھ پياريائين. چيائين ”ھر شام سج لھندو
”جن جا صبح روشن، تن جا من ته اڪثر شام جو اداس ٿين“.
” اوھان جون ڪجھ سڪون راجيش کنا لاٿيون. بلڪل ئي اوھان جيان آھي. اڪثر اداس، شانت، اوچتو مشڪي ڏيندڙ “.
” مينا ڪماري مري ويئي ته مون کي ائين لڳو، ڄڻ منھنجي من جو ڪو حصو ڪٽجي ويو آھي“.
” اوھان شايد سوچيو؛ گيتا راج مري ويئي آھي“.
” تون مينا لڳندي آھين، ان ڪري ائين محسوس نه ڪيم“.
” ٻڌم ته مينا پٺيان به پيا“.
” مان ئي رڳو پٺيان نه پوندو آھيان“.
” نه-مينا ڪماري پوندي آھي“.
” اياز سان تون ۽ مان مينا وٽ ھليا ھئاسين. گھڻو پوءِ ھن ڪمال امروھيءَ کي ڇڏيو. ھڪ دفعي ڪئپيٽال ٻاھران ھڪ ڪار چيڪاٽ ڪري بيھجي ويئي. مان سندس ڪار ھيٺان اچڻ کان بچي ويس. پر ڪو ھراس پئدا نه ٿيم. ڏٺم ته مينا ڪماري ھئي. مون کيس ڏسي مشڪيو.
” ھن پوءِ اوھان کي لفٽ ڏني“.
” لفٽ ته مون زندگيءَ کي ڏني آھي“.
” ته پوءِ ٿيو ڇا“؟
” پوءِ راجوءَ چيو ته مينا شراب ٿي پيئي. مينا کي ھڪ مڙس کپي. ڊگھو، قداور، بھادر، آرٽسٽ ۽ اھو تون آھين“.
” اوھان کي ھن وٽ وٺي ھليو“.
” نه“.
” ان جو ارمان اٿو“؟
” نه مان خوش آھيان“.
” ته پوءِ اوھان جي من جو حصو“؟
” ان کي حصا گھڻا آھن“.
” اوھين ايندا اسان وٽ لنڊن“؟
” ايندس“.
شايد ڏھ سال ٿيا آھن، ھو لنڊن ۾ آھن. انھن ڏھن سالن ۾ مون وٽ راجوءَ جو فقط ھڪ خط آيو آھي. گيتا اھو به نه لکيو. کين انڊيا اچڻ جو ڪو خيال ڪونھي. مان لنڊن وڃڻ جو تصور به نٿو ڪري سگھان.