12
ھڪ دفعي انجمن -ترقي پسند ۾ ڪرشن چندر ڪھاڻي پڙھي، ھڪ نقاد چيو: ڪرشن چندر ڪھاڻي نٿو لکي، جادو ٿو ڪري.
راجندر سنگھ بيديءَ چيو؛ جادو گھڻو ڪيو اٿائين، ھاڻي چئوس ڪجھ ڪھاڻي به لکي.
مان اُتم جي آشا ۽ بينا کي ھنج ۾ کڻي پيار ڪندو ھوس، ھو مون کي ماما چونديون ھيون. ھنن پوءِ ڪلاسيڪل ناچ ۾ تربيت ورتي ۽ ٽي-وي تي سٺا پروگرام ڪيائون. ٻنھي سنڌيءَ ۾ ايم -اي ڪئي آھي ۽ اڃا به ماما ڪري سڏينديون آھن.
اُتم نه کائيندو ھو، پر مان ڳاڙھا مرچ گھڻا کائيندو ھوس. سو مانيءَ ڏيڻ وقت سُندري ڳاڙھن مرچن جي شيشي به اڳيان رکندي ھئي. ھڪ دفعي مان پلنگ تي ليٽيو پيو ھوس. جو سُندري ھڪ وڏي ڪينچيءَ کڻي آئي ”تون ۽ اُتم سچ پچ عجيب ماڻھو آھيو. پنھنجي بدن جو خيال نٿا رکو. پنھنجن پيرن جا نَنھن ڏس، ڪا ڇوڪري توکي ڪيئن پسند ڪندي ھان وٺ - پنھنجا نَنھن لاھ “.
سال ٻن بعد جڏھن اسان ٽيھن کن ليکڪن ممبرا کاريءَ ۾ سير ڪيو ۽ سڄي چنڊ ڏانھن منھن ڪري سُندريءَ پاڻيءَ ۾ پير وڌا ته مون کيس چيو؛ تون ماءُ آھين. يا شايد چيم ڪو نه پر من ۾ خيال آيم ۽ ڪٿي لکيم؛ ھوءَ ماءُ آھي. سڀني سان ڪيترو سٺو ھلي ٿي. اُتم جي نظر به تيز آھي. گذريل ويھن، پنجويھن سالن ۾ اُتم ”نئين دنيا“ جي پرچن ۾ منھنجون جيڪي به رچنائون ڇپيون آھن ته پھرين سُندريءَ جي، پوءِ منھنجي ۽ ان بعد پنھنجي ڏني آھي يا سُندريءَ جي پنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ ڏني آھي. شايد ان رام چاھيو ته سيتا ڀرسان تير ڪمان وارو لڇمڻ ھجي.
مون کي سنيھ جي ڇايا جتي ڪٿي ملي آھي. گنو، راجو ۽ مان اسين ويھن سالن جا ھئاسين جو راجوءَ چيو؛ دوستي اُھا جو زال ننگي سمھي ته دوست ھن ڏانھن اک نه کڻي.
ھڪ دفعي گني چيو؛ تو وٽ وحشت ۽ دھشت آھي. پر مان توکي ھڪ ڳالھ جي خاطري ٿو ڏيان. شروعات ۾ ڇوڪرين کي مردن جون اِھي ٻه وصفون وڻنديون آھن. پر دائمي پريم لاءِ ماڻھوءَ ۾ ڪجھ ٺھر کپي. ڪلاسيڪي سورمن جيان سوچ جي گھرائي. اوچتو انترمک ٿي وڃڻ جيڪڏھن تنھنجي ۽ منھنجي زال ساڳي ھجي ته اِھا توڏانھن اک کڻي نه نھاريندي.
مان کلڻ لڳس.
”تنھنجي اِھا کل بند ٿي ويندي“.
”شرتچندر جي ”جوالا“ ۾ ھڪ اچلا آھي، ان ۾ ھڪ بابو آھي، تو وانگر انترمکي، ھڪ سريش آھي، دھشتي - مون جيان، ۽ اچلا جڏھن سريش سان ڀڄي ويئي ته مھيم ھن جي ڳولا به نه ڪئي ۽ آرام ڪرسيءَ تي ليٽي انتر سوچ جي دنيا ۾ گم ٿي ويو “.
”۽ سندس اھا پيڙا اچلا کي واپس ڇڪي آئي“.
گني مشڪيو.
”مان عشق ۾ توکي چيڀاٽي ڇڏيندس“.
”ھاڻ سنڌين ۾ ڪير آھي جو بحث ۾ توکان کٽي سگھي ٿو“.
”ته ھار مڃين ٿو“؟
”نه گنا “، مون چيو ”مان انھن مان آھيان جي پٽ تي ڪرڻ کانپوءِ به پنھنجي لڙائي جاري رکندا آھن“.
”ته پوءِ اچ اسين ھڪ قسم ٿا کڻون “.
”ڪھڙو “؟
”اسان مان جيڪو به پھرين شادي ڪري، اُھا اسان ٻنھي جي زال ٿيندي“.
اسان ٻنھي ڄڻن ھٿ ملايو. مون چيو ”پوءِ مان به آڱر کڻي سگھندس؛ ھي آھي منھنجي ۽ ھن جو جسم منھنجو آھي. آتما منھنجي آھي. پلنگ تي رات جو پاسو ورائي ڏسندس ته اِھو خالي ته نه آھي“.
”مان تنھنجي اِھا آڱر ڪٽي ڇڏيندس“.
اھو به ھڪ وقت ھو ھڪ دفعي ھڪ ويد شاستريءَ چيو ”تون عورتن تي گھڻو ٿو لکين“.
”اوھان کي ڪو اعتراض“؟
” پنھنجي عورت تي لکڻ بي شرمي آھي. پرائي عورت تي لکڻ آڌرم آھي“.
حقيت ۾ ان نقطي کي وڏي معنيٰ آھي. ادب ته تخليقي آھي. آتم - ڪٿا ۾ اھو نقطو ھڪ سوال بنجي سامھون بيھي ٿو. لکڻو ته سچ ئي آھي، پر ڪڏھن ھٿ ۾ رکڙي ٻڌڻي پوي ٿي. يا اِھا رکڙي اڪثر مون پنھنجي ٻانھن ۾ ڏٺي آھي. جڏھن به دوست جي زالن سان اڪيلو ھوندو آھيان. شايد من ۾ ڪي پراڻا سنسڪار آھن. پر انھن جو ھئڻ سچ آھي.
”نيا دؤر ۾“ گني چيو ”دليپ پنھنجي دوست اجيت کان پڇي ٿو؛ مان مندر ۾ ٿو وڃان. ٻڌاءِ، شو ڀڳوان کان تولاءِ ڇا گھران؟ اجيت چئي ٿو؛ جيڪو پنھنجي لاءِ گھرين، مون لاءِ به اُھو گھرج. ٻنھي جو وجينتي مالا سان پيار آھي. پوجا بعد وجينتي دليپ کان پڇي ٿي؛ تو ڀڳوان کان ڇا گھريو؟
دليپ؛ ڪجھ به نه. وجينتي؛ ڇو؟ دليپ؛ جيڪو مان پنھنجي لاءِ گھران ھا، اُھو اجيت لاءِ به گھران ھا ۽ مان ته اِھو سوچي به نٿو سگھان“.
گني مُشڪيو ”اِھو آھي پيار، دوستي ۽ ذھني ايمانداري “
پيار ته مون گھڻا ڪيا، ڄڻ عشق جو ٽرئفڪ پوليس مئن ھوس، حسينائون جي موٽرون آھن، جي ھٿ جي اِشاري سان بيھن ۽ ھليو وڃن. گھڻو پوءِ مون ”مارچ جا گل“ ھڪ ڪوتا لکي؛
ڪي گل ڪرن ٿا موٽرن تي گل نه آھن،
خواب آھن-
ڪنھن حسين عورت جا-ڪاليج گرل جا!
ٺوس عشق پھرين راجوءَ ڪيو. گيتا راج سان. سڄو ڏينھن ھن وٽ پيو ھوندو ھو. ٻنھي ڄڻن ڪھاڻيون لکيون. گيتا شڪل صورت ۾ ڪنھن به فلمي ائڪٽريس کان گھٽ نه ھئي. کلندي ته لڳندي ڄڻ پھاڙيءَ چشمو آھي. پوءِ ته ناٽڪ ۽ فلمن ۾ نائڪا به بڻي. کيس شيخ اياز ھڪ ڪتاب منسوب ڪيو آھي. ڪڏھن جيئن ٿيندو آھي، ڪنھن ڳالھ تي رسندي ته ڀڄندي گني ڏانھن. گنو پوءِ شرٽ جي سويہ- ساچيءَ جيان اسٿر ٿي کيس واپس راجوءَ وٽ موڪلي ڏيندو. راجوءَ کي اِھا ڳالھ نه وڻندي ھئي. اڄڪلھ ھو لنڊن ۾ ھن ۽ ھر ڇنڇر تي راجو گني کي فون ڪندو آھي.
گيتا جي مون تي وڏي سَند ھئي. کيس شايد خبر ھئي ته موھن ٽي دفعا ساڳيو سوال ٻڌڻ بعد آخرين طور نه ڪري نه سگھندو.
”اڄ اسين ناگپور ٿا وڃون“. مُشڪي ”اوھان به ھلو“. ”نه“. اھا ٿي پھرين ۽ پختي نه.
” ھن کي اوھان کان سواءِ مزو نه ايندو، ھلو“.
” نه “. ارادي جي محڪمتا.
مون اجھل کي چيو آھي ته ھو اوھان جي گھر وڃي ڀاڀيءَ کي چوي ته اوھين ھفتو ناگپور ٿا ھلو. ھو ڪلياڻ اسٽيشن تي اوھان جا ڪپڙا کڻي ايندو. اوھين آفيس مان سڌو وڪٽوريا ٽرمينس ايندا. اھا ”نه“ اوھين ڪنھن ٻئي لاءِ روزو ۾ رکو“.
ايئرڪنڊيشن آفيس ۾ ڪرسيءَ تي منھنجي سامھون. مان چوندس ”چڱو“
ڪڏھن بيمار ٿي پوندس ته راجوءَ کي موڪلي گھر گھرائيندي ھئي. راجو دفتر ھليو ويندو ھو ۽ ھوءَ مون کي چانھيون پياريندي ھئي ۽ ”سريڪا“ ۽ ”نئين ڪھانيان“ ۾ پڙھيل ڪھاڻيون ٻڌائيندي ھئي. ھو جڏھن باندرا پالي ھل تي ائڪٽرن پاسي وڃي رھيا ھا ته مان ڪافي بيمار ٿي پيو ھوس-بيماري ته ڪانه ھوندي ھئي، رڳو من اداس رھندو ھو. نراس. ڪجھ نه وڻندو ھو. سوچيندو ھوس ته اکيون ٻوٽي ڇڏيان ۽ بستري تي فقط گل پيا ھجن.
استريءَ جو پيار مرد کي ڪافي مٿي ٿو کڻي. راجو ريلوي ۾ ڪلارڪ مان بلڊر ۽ فلم پروڊيسر ٿيو. بسو ڀٽا چاريہ کي ھن ئي فلم لائين ۾ آندو ۽ سندس فلم ”آس ڪي ڪھاني“ جي نائڪا راجيش کنا جي پھرين زال آنجو مھيندو ھئي. راجيش کنا جڏھن سپر اسٽار ٿيو ۽ رستي تان ڪار ۾ لنگھڻ سبب ٻه ٻه ڪلاڪ ٽرئفڪ جئم ٿيڻ لڳي ته ھڪ رات ٻين لڳي راجو راجيش کنا کي گھر وٺي ويو. گيتا کيس گراموفون تي بيگم اختر جا اٺ رڪارڊ کڻي ويو. ھڪ دفعي گيتا چيو ”راجيش بلڪل اوھان جيان آھي. شانت اداس، اوچتو مشڪندڙ ”امر پريم“ ۾ راجيش کنا ڪونھي. اوھين آھيو“.
راجوءَ ڪار ورتي. ھو مون کي اڳيان ويھاريندو. گيتا، انيتا ۽ اميش پٺيان. ھي دليپ جو گھر آھي. ھي نرگس جو. راجڪپور ھتي ڪڏھن نه آيو آھي. توکي رڳو ھڪ فل سوٽ جي ضرورت آھي. ھزارين ڇوڪريون توتي مرنديون. موھن، تون ھڪ سٺي ڪھاڻي ته لکي ٿو سگھين. تون وٽ ڏھ رپيا نه آھن جو ڪنھن کي فلم ڏيکاري سگھين ۽ آئسڪريم کارائي سگھين“.
مان سنڌي ساھت منڊل جو سيڪريٽري ھئس جو شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي ھتي آيا. ڪافي ادبي محفلون لڳيون. ھر روز ڪير سندن ماني ڪري پوءِ ٿيو ائين جو سفر جا پويان ڏينھن راجوءَ جي گھر رھيا ۽ راجو به اھڙو جو ڪار کڻي کين دھلي ۽ آگرو گھمائي آيو. گيتا جو پيار ۽ مھمان نوازي شاعر جي دل ۽ دماغ ۾ گھڙي ويا، ان ڪري سندس پروگرام گيتا ئي ٺاھيندي ھئي. رات مان ۽ گنو راجوءَ وٽ ھئاسين -سنڌ جو اداس روح ڀٽي به ھو، گيتا بتيون بند ڪري ڇڏيون. ھن چينيءَ جي وڏي پليٽ ۾، ھڪ قطار ۾ چار وڏيون ميڻ بتيون ٻاريون. اياز جي اڳيان ٽيپ رڪارڊ رکيو. اياز رات جو ٻارھين لڳي کان صبح جو پنجين تائين ڪوتائون پڙھندو رھيو. چانھين جا.
دور ۽ ڪوتائون.
ھئگنگ گارڊن تي جھرمر ۽ ٻنين جو ميل اڌ گول وارو رستو ڏسي اياز چيو ”جھڙو ڀڳل نيڪلس “.
مون چيو ”ڄڻ اڌ ۾ ڇڏيل آزاد نظم“.
الھاس نگر سڳن آھوجا جي گھر ٻاھران ھن مون کي پنھنجي پاسي کان ويھاريو. سڄي کاٻي ھٿ سان منھنجي ساڄي ٻانھن کي مھٽيندو رھيو. ڄڻ منھنجي ٻانھن ۾ ڪو ڪليات - شاعري، ڪو خزانو ڀريو پيو ھو.
جوھو تي سنان ڪندي مون کيس چيو،
” اياز، تون شاعري ٿو ڪرين ته لڳي ٿو، ڄڻ راڻا پرتاب جي تلوار ٿي ھلي“.
” اِھو ڪيئن“؟
” راڻا پرتاب جي تلوار ڳري ھوندي ھئي، پر ھو ڪيترو به لڙي، ھن جي پھرئين ۽ آخري وار جو زور ۽ رفتار ساڳي رھندي ھئي. راڻا پرتاب جلاوطنيءَ ۾ ھو، جڏھن ھن ڪنھن سامراج واديءَ کي ماريو، ٽي دفعا تلوار ھلايائين. ھڪ جھوپڙيءَ ۾ ھڪ پيءُ ان تلوار جي زوم جو آواز ٻڌي پٽ کي چيو؛ ٻاھر ڏس ”راڻو پرتاب بيٺو آھي!جو ساڳي زور سان فقط پرتاب ئي راجپوتانه ۾ تلوار ھلائي سگھي ٿو“.
ھن بنگلي تي چيو ”موھن مون کي پنھنجو رايو منھنجي ڊائريءَ ۾ لکي ڏي“.
ريڊيو ڪلب مرحبا ۾ شروعاتي واقفيت وقت ھن چيو ”منھنجو توسان جنم جنم جو ناتو آھي“.
۽ وڃڻ کان اڳ ڊائريءَ ۾ مون تي انگريزيءَ ۾ لکيل ھي بيان پڙھي ٻڌايين ”موھن ڪلپنا -سنڌيءَ ٻوليءَ جي آخري اميد، ھن جو حوص دٻيل آھي. ھو ڊگھو ۽ قداوَر آھي ۽ کيس ڪشش ڪندڙ شخصيت آھي“. ۽ سنڌ مان خط لکيائين ”ھندستان ۾ مون ھڪ ست- منھون راوَڻ ڏٺو، جنھن جو سِر ڪير ان ڪري نٿي ڪَٽي سگھيو، جو ھن وٽ رام جي آتما ھئي. مون اروڙ ۾ ٻه ھرڻ ڏٺا جي اوڀر طرف منھن ڪري سنڌ جي ڪماليت ڏسي رھيا ھئا“.
ھونءَ اياز عظيم شاعر ھوندي به طنز جو ماھر ھو. اُتم گھر ۾ وسڪي کولي ته اياز چيس ”تون ھڪ ٽھڪ ڏي ته وِسڪي پيان“. اتم چيس ”ڇو، مون ٽيون ڏينھن جو مھيم بيچ تي ٽھڪ ڏنو ھو“.
رشيد ڀٽي قوم پرست ھو ۽ آھي. ھن به ڪافي جيل ڀوڳيا آھن. چرچن ۾ استاد، کلي ائين ماٺ ڪندو، ڄڻ اِھي ڪنھن ٻئي ڪيا آھن. جوھو جي سِنانَ وقت ھن چيو ”ھندو ۽ مسلمان جي وحشت جو پتو فقط کٽڻ تي پوندو آھي“.
” اِھو ڪيئن“؟
” سنڌ ۾ راڻيپور کان ڌاٻر کوٽا ٻه گاڏيون وينديون آھن. ھڪ گاڏي ھڪ ھڪ اسٽيشن تي بيھي ۽ ٻي سڌو ڌاٻر کوٽا. ھندو شروع ڪندو، ھلندو، بيھندو-وري ھلندو. ۽ مسلمان “؟ ڀٽيءَ آواز کي وڏو ۽ ڳالھائڻ جي رفتار ميل جھڙيءَ ڪئي ”مسلمان شروع ڪندو. ھڪ اِسٽيشن راڻيپور، ٻي ڌاٻر کوٽا، نانَ اسٽاپ. راڻيور ڌاٻر کوٽا، راڻيپور ڌاٻر کوٽا. راڻيپور-ڌاٻر کوٽا. مڙس پوءِ ساڻا ٿيو پون“. وات مان گجي نڪري آيس. اياز ڏاڍو کليو. مون به کلي ڀٽيءَ کي چيو ”اوھان طھر ٿا ڪرايو نه، شايد ان ڪري اوھان جي گاڏي ڪٿي بيھي نٿي. ان ڪري ئي توھان وٽ شرنگار-رس گھٽ آھي“.
” اِھا وري ڪھڙي رَس آھي“؟
” اوھان وٽ جلادن جو جھٽڪو آھي- اسان وٽ مينا ڪاري آھي“.
ھڪ دفعي نشي ۾ رشيد ڀٽي وڃي گٽرن پاسي کان ويٺو.
راجوءَ چيس ”ڀٽي، ھتي ڇا ويٺو ڪرين“؟
” ڀارت ماتا جي پوجا ٿو ڪريان“!
” ھتي-گٽرن ۾“؟
” ڀارت جتي ڪٿي ڀارت آھي“. ڀٽيءَ چيس.
سڳن جي گھر ٻاھران رات گذاريسين. اھو منھنجي گھر کان ھڪ منٽ پنڌ تي ھو-جيئن ته سڀ ڪنھن اياز کي ڇڪيو ٿي، مون اياز کي گھر ھلڻ لاءِ نه چيو. پر ڀٽيءَ چيو؛
” موھن-مونکي ڏاڙھيءَ لاھڻي آھي ۽ اِھا تنھنجي گھر لاھڻي آھي“.
مان کيس گھر وٺي آيس. ھو منھنجي غربت جو اندازو لڳائي ويو. افسوس جو ان ڏينھن آرسيءَ سان گڏ بليڊ به ڀڳل ھو. صابڻ به ڪو نه ھو. ھن ڪپڙن ڌوئڻ جو صابڻ گھريو. ڀڳل بليڊ سان ڏاڙھي لاٿائين ته ڪافي ڪٽيون آيس. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس.
ڀاڀيءَ کي ھٿ جوڙ ڪيائين ته مون کيس چيو ”وڏو پٽ ھوندي به مون کيس ڪو سک نه ڏنو آھي. اسان وٽ اِھا اوندھ اٿئي، ڀٽي.
ڀٽيءَ جذبي ۾ چيو ”ان اوندھ مان ھڪ ڏينھن کير جھڙو سوجھرو ڦٽي نڪرندو“.
اسان جي حالت؛ آڻيون ۽ چاڙھيون ڏٿ ڏھاڙي سومرا! دادا جي موت بعد لڳم ته ھڪ وڏي جوابداري منھنجن ڪلھن تي پيئي آھي. ريلوي جي نوڪري ڇڏڻ بعد لالا سوٽن ويس، جن پھرين ڪلارڪ ۽ پوءِ سترنھن ڪمپنين جو مئنيجر ڪيو. انجنيئر سوٽ، ڪيول لالا مون کي ھڪ شارڪ ۽ اسڪن جو اڇو ڪوٽ ٺھرائي ڏنو ۽ ھڪ ڪاري پينٽ اياز ۽ ڀٽيءَ وقت گھڻائي دفعا اِھو ڪوٽ پاتم. ڀٽيءَ منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکيو ۽ اھو ڇھاءُ ھن وقت به محسوس ٿو ڪريان. مان شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ ڀٽيء جي شخصيت کان گھڻو متاثر ٿيس. شيخ اياز جي مون سان قرب جا شايد پنج سبب ھئا.
ھڪ ته مڃيو ويو ته مون سُٺو ٿي لکيو.
ٻيو ته ادبي ڪلاس ۾ ترقي پسندن کي شڪست بندر جون ھوائون کارايون ھئم.
ٽيون ته ھري موٽواڻيءَ مون کي ان دؤر جو بھترين، خود دار، غير موقعي پرست، ايماندار فنڪار سمجھي مون کي ”ڪونج “ رسالي جو ايڊيٽر ٿيڻ لاءِ چيو ھو ۽ مون ھا ڪئي ھئي. ڪونج ھڪ پاسي سڳن، آنچل، گني، راھيءَ ۽ سنڌ جي اديبن جون بھترين رچنائون ڇپيون، ٻئي طرف ان وڏا ادبي بحث ۽ طوفان پئدا ڪيا. جنھن سبب ترقيءَ پسندن جا ھنڌ ھنڌ ڦھليل پاٺڪ ان جو اڀياس ڪندي ترقي پسندن کان بدظن ٿيڻ لڳا.
چوٿون ته مون به ٻين جيان سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ ڪم ڪيو ٿي ۽ مان ديوناگريءَ لپيءَ جي ديوتائن لاءِ مھا ڪال ھئس. ۽ ھونءَ سنڌ سان محبت ڪيم ٿي. اتي ھند جي مڙني اديبن کان مقبول ھئس. جيل ۾ ويو ھوس. گولين جو مقابلو ڪيو ھوم ۽ مھراڻ رسالي طرفان ڪھاڻي -چٽاڀيٽيءَ ۾ اياز کان ھڪ درجو مٿي انعام کٽيو ھوم.
جيئن ته اسان ادب کي زندگيءَ کان وڌيڪ گنڀيرتا سان کنيو ھو. ان ڪري ”انوکا آزمودا “ جھڙي خسيس ڪتاب تي جڏھن ساھت اڪادميءَ جو انعام مليو ته اسان ۾ جوش جاڳيو. تڏھن اسان انعام کي وڏي اھميت ڏني ھئي. ھاڻ ته اڪثر للو پنجو اھي انعام کٽن ٿا. بوٽ پالشون ڪن ٿا ۽ ڪميشنون ڏين ٿا. ان انعام سان گھڻيون بيھودگيون وابسته ٿي چڪيون آھن.
مون ھڪ ميڙ سڏايو. اتي فيصلو ٿيو ته رام پنجواڻيءَ جي مرحبا جشن ۾ بغاوت ڪجي. مون زھر جون گوليون کائي اھو ڪتاب پڙھيو ھو ۽ پاڻ کي گھٽا ڏيئي، گھٽا ڏيندڙ تنقيد لکي ھئم. لعل پشپ اِھا تنقيد پڙھي وڌيڪ جوش ۾ آيو ۽ ھن وڌيڪ سخت تنقيد لکي. آرتوار ڏينھن اسان جو ”آپريشن رام پنجواڻي“ جو پروگرام ھو. ان ڏينھن وري ”ھندواسيءَ “۾ اِھا خبر ڇپي ته آل انڊيا سڀا طرفان به رام پنجواڻيءَ جو سنمان ٿي رھيو ھو. ان ڏينھن سڀا جي ڪاروباريءَ ڪاميٽيءَ جو ميڙ جئہ ھند ڪاليج ۾ رکيل ھو. مان ۽ رام پنجواڻي ان جا ميمبر ھئاسين. ڀوڄراج ناگراڻي پرڌان ۽ اُتم جنرل سيڪريٽري مان ”ھندواسيءَ “ جو اھو پرچو کڻي ان ميڙ ۾ ويس. اتي مالھي، ڪيرت ۽ پوپٽي ۽ ڪافي ٻيا اديب ھئا.
” مون اخبار مٿي ڪري پڇيو ”صدر صاحب -رام پنجواڻيءَ جي مرحبا جو فيصلو اوھان خود ڪيو آھي“؟
” ھا“، ڀوڄراج ناگراڻيءَ فلڪ سان وراڻيو.
” اوھان اِھو ڪتاب پڙھيو آھي“؟
” نه“ ھن چيو ”سَنمانَ ته انعام سبب آھي“.
” سوال آھي ته بنا ڪتاب پڙھڻ جي اوھان سڀا طرفان مرحبا جو اصول ڇو قبول ڪيو؟ ڇا اوھان ماڊرن ادب پڙھيو آھي؟ ھن ۾ ته جادُن منترن ۽ ڪرامتن جون ڪھاڻيون آھن سڀا ۾ اسين به آھيون. اوھان کي اسان جي راين لاءِ ترسڻ کپندو ھو“.
مان ان پوري ميڙ ۾ اڪيلو ھوس، جنھن سڀا جي فيصلي جي مخالفت ڪئي.
پوپٽيءَ چيو ”ڪلپنا برابر آھي. سڀا کي پڪچر ۾ نه اچڻ کپندو ھو“.
مون چيو ”ڪنوينيئر لعل سنگھ اجواڻي آھي. مون ٻڌو آھي ته ان انعام جي سودي ۾ رام پنجواڻيءَ بمبئي يونيورسٽي سنڌي بورڊ فار اسٽڊيز جي ڪرسي اجواڻي صاحب کي ڏيڻي ڪئي آھي“.
پوپٽيءَ چيو ”ڪلپنا بلڪل صحيح ٿو چئي “.
پوءِ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ به منھنجو پاسو کنيو ته ناگراڻيءَ مٿان ادبي ڦٽڪار جا فانوسا ڦٽا ڪيا ويا. رام پنجواڻيءَ جو مُنھن ڳاڙھو. اتي يڪراءِ فيصلو ٿيو ته سڀا طرفان رام پنجواڻيءَ جو ڪو سَنمان نه ٿيندو ۽ ناگراڻي ۽ اُتم اسٽيج تي نه، ھيٺ ڪرسين تي ويھندا.
رام پنجواڻيءَ چيو ”ڪلپنا -ھيڏانھن اچ“.
ھو مون کي ڪتابن جي ٻن ٽن ڪٻٽن پٺيان وٺي ھليو ۽ ھٿ جوڙي چيائين؛ موھن، اعتبار ڪر ته ان ڪتاب جو وڏو معيار اٿئي- ۽ ان لاءِ مون ڪا سوديبازي نه ڪئي آھي. مان تنھنجو وڏو ڀاءُ آھيان، ان ڪري تنھنجو فرض آھي ته منھنجي عزت ڪرين ۽ ھونءَ به؛ ڍڪين تون ته ڍڪجي اگھاڙن شرم“.
مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته ھند سنڌ ولايت جي مشھور سنڌي پروفيسر جي حالت رحم جوڳي ھئي، پر ان وقت مون لاءِ انعام وڏي ڳالھ ھئي جو اسان وٽ ادبي شفقت ھئي.
” اوھين مون کي ھٿ ڇو ٿا جوڙيو“؟
” شايد اڄ ميڙ ۾ ڪو دنگو ڪرين“.
” اِھو ته ٿي سگھي ٿو“.
” اِن لاءِ ٿو ھٿ جوڙ ڪريان، بس، تون چپ رھج، باقي مان سنڀالي ويندس“.
اسين باندرا جي ھوٽل ۾ گڏياسين، آنچل، راھي، گنو، راجو، ڦتن، ايم -سڳن، وشنو ڀاٽيا، چترو ناگپال، لعل پشپ، برج موھن وغيره..
رستي تي نارايڻ ڀارتيءَ کي برج موھن گڏيو، ڀارتيءَ پڇيس ”ڪيڏانھن ٿو وڃين“؟
” رام پنجواڻيءَ خلاف مظاھرا ڪرڻ“!
” تو ھن جو ڪتاب پڙھيو آھي“؟
” موھن ڪلپنا پڙھيو آھي“.
ھوٽل ۾ مون کين چيو؛ شروعات مان ڪندس، گوڙ ٿئي ته وشنو اسٽيج کي پٺي ڏيئي راڪاسن وانگر رڳو ھا ھا ھا واڪا ڪري. برج کاٻي ته چترو ساڄي ڀت ڏانھن مُنھن ڪري ڪيڪون ڪن. مقدمي جي دليل بازي راھي ڪندو، لعل پشپ مفت ۾ ”پرھ ڦٽي“ جا پرچا ورھائيندو.
نيشنل ڪاليج باندرا جو ھال سڄو ڀريل، ترقي پسند اڳين بينچن تي ويٺا، جتي ڪي ديوناگريءَ وارا به ويٺا ھئا. مالھي ”ھندستان “ جي مئنيجر ٻلديوَ موٽواڻيءَ جي ڀرسان ويٺو ھو. لڳ ڀڳ سڀ ليکڪ، ماستر، پروفيسر ۽ وڏا ماڻھو آيل ھئا. ڪتاب اڃا پبلڪ ۾ ظاھر نه ٿيو ھو. اسٽيج تي ٽي ڄڻا ويٺا؛ اجواڻي، رام پنجواڻي، سيتا رام پنجواڻي. رام پنجواڻيءَ جي اک ڪانو وانگر ٿي ڦري ۽ ڦري ڦري مون وٽ ڄمي ٿي بيٺي. ھال ۾ عزيز ڪو نه ھو، جنھن کي اڃا اِھو انعام ڪو نه مليو ھو.
اجواڻي رام پنجواڻيءَ جي ڪتاب جي ساراھ ۾ شيرين آسڻ ڪرڻ لڳو ۽ چيائين ”رام پنجواڻيءَ کي انعام جنتا ڏنو آھي“.
مون اديبن کي ھڪٻئي کان پري ويھاريو ھو- جيئن انتظام مان بدانتظامي ڦھلائجي. ڏٺم ته راھي اڃا ماٺ ھو ۽ اُٿيو ڪو نه. مان ڪافي پٺيان ويٺو ھوس، مون اٿندي بلند آواز ۾ چيو ”جنتا اِھو ڪتاب ڏٺو آھي“؟
سڀ سسيون اُبتيون ٿي منھنجو مُنھن تڪڻ لڳيون.
اجواڻيءَ به رڙ ڪئي ”يو سٽ ڊائون، مسٽر ڪلپنا“.
مون وڌيڪ رڙ ڪئي ”دس از ناٽ يوئر ڪاليج! يو سٽ ڊائون“.
سسيون وري اسٽيج طرف. وري واپس مون ڏانھن. سسين جي اِن انتظاميءَ ”ابائوٽ ٽرن، جي ايڪتا جيڪڏھن سنڌين ۾ اچي ته شايد کين ڪو به ڪٿي جھڪائي نه سگھي، حيرت ۾ سڀ اکيون ڦاٽل“
ھاڻ راھي دليل بازيءَ لاءِ اٿيو. مون ڪافي سوال جواب ڪيا. پر ان وچ ۾ وشنو، چترو ۽ برجوءَ اُھي رنڀون ڪيون جو راھيءَ جو ليڪچر ٻڌڻ ۾ نه آيو. رام پنجواڻيءَ مائيڪ تي اچي، پنج ئي آڱريون نڪ تي رکي، ھٿ وڌائي چيو؛ اوھان کي لڄ ڪانھي، شرم ڪونھي، حياءُ ڪونھي، اوھين غنڊا آھيو، غنڊا آھيو. ھٿ نڪ تي ۽ وري کولي اسان ڏانھن ڪري. آواز بند ٿي ويس. پر ڦٽ لعنت جي ادا قائم رھيس. مون کي به لڳو جوش، سو اڳيان وڌي اسٽيج تي ويس ۽ ٻه فوٽ مٿي ٽپو ڏيئي ٽيبل تي مُڪ ھنيم؛ بند ڪريو ھيءُ تماشو ۽ پوءِ ماڻھن ڏانھن مُنھن ڪري چيم؛ ھي ليکڪ آھن؟ ٺڳ آھن. چور آھن. ھنن ئي سنڌي ادب کي زوال تي پھچايو آھي. اديب اسين آھيون، اسان کي ٻوليءَ سان مُحبت آھي.
مان موٽيس ته ٻلديو موٽواڻيءَ غصي ۾ چيو ”يو ڪميونسٽ“! رڙ ڪري چيومانس ”ڪال مي آءِ ڊاگ، بٽ ناٽ ڪميونسٽ“! مالھيءَ جو مُنھن لھي ويو. ڄڻ اِھا گار مون کيس ڏني. ھن ئي ھڪ چيو؛ موھن نئشنلسٽ آھي ڪاش سوشلسٽ ٿئي.
لعل پشپ به چيو؛ پڙھو رام پنجواڻيءَ جا ڪارناما. ائين چئي ھن ”پرھ ڦٽي“ جا ڪيترا پرچا نوٽن جيان ھوا ۾ ڦٽا ڪيا ۽ رام پنجواڻيءَ جا پرستار منگھي پير جي فقيرن جيان ھيٺ جھڪي جھپا ھڻڻ لڳا ۽ ھڪ ٻئي کي ڌڪا ۽ ٺيلھا ڏيڻ لڳا. ميڙ ڦٽي ويو. رام پنجواڻيءَ جو سَنمانَ ٿي نه سگھيو، اَپمانَ ٿي ويو.
ان واقعي تي سنڌيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني ليکڪن افسوس ظاھر ڪيو آھي ۽ انھن به جن بغاوت ۾ شرڪت ڪئي. ھڪ مون ئي دک ظاھر نه ڪيو آھي. رام پنجواڻي اسانجي قوم جي ھڪ وڏي شخصيت آھي ۽ ڳالھ به ھڪ انعام جي ھئي. پر مان دک ان ڪري نٿو ڪريان جو ان واقعي مان اسان جي پنھنجي ادب طرف صداقت ظاھر ٿي ٿئي. رام پنجواڻيءَ ادبي دنيا ۾ ڀرشٽا چار جي روايت قائم ڪئي. حق، لائقيءَ ۽ ايمانداريءَ موجب ڪنھن کي انعام عھدو ڪجھ به ملي ته مان ان جو قدر ڪندو آھيان. سنسٿا واد فنڪار جي انقلابي جذبن کي ڪچلڻ لاءِ ٿيندو آھي. فنڪار اھو جو پنھنجا جائز حق وٺڻ بعد ڳالھ پنھنجي ڪري. ھڪ خيال کان ڏک ٿيندو اٿم ته رام پنجواڻيءَ جو اِھو ادبي حشر سندس پتني سيتا اڳيان ڪيوسين. مھذب شخص مرجاتا جي گھيري اندر رھندا آھن. پر اسان جي حالت پانڊون جھڙي، جي ڏينھن جو ڪورون کي ماريندا ھئا ۽ رات جو اعذا پرسيءَ ڪندا ھئا. سمجھان ٿو، ھڪ غلطي ٿو ڪريان. اِھو واقعو شيخ اياز جي وڃڻ بعد ئي ٿيو. ڳالھيون اڳيان لکان پا پٺيان، ان جو پنھنجو تسلسل آھي. ادب ڪا اسڪولي ڪتاب جي تاريخ نه آھي، جتي سن واقعا يا سلسلا ڏنل ھجن. مون کي جيئن ياد ٿو اچي تيئن ٿو لکان.