انتساب
(بيَبي عريفا شاهه بخاري)
(جنم: 23 سيپٽمبر 2011ع ـــــ وڇوڙو: 7 مارچ 2014ع)
ابديت ڏانهن ويندڙ رستا واريءَ جا ٺهيل هوندا آهن، جيڪي هر قدم کڻڻ کان پوءِ ڊهي پوندا آهن. موت حيات جا گس روڪي ٿي. ازل اٽل آهي. پر ڪي وڇوڙا زندگي لاءِ اذيت ٿي پوندا آهن.
اهڙي اذيت؛ جنهن جي لمحي لمحي ۾ انسان ٽٽندو آهي، ڀرندو آهي ۽ وري ڪجهه وقت لاءِ پاڻ کي ميڙيندو آهي ۽ وري ٽٽي پوندو آهي.
زندگي ۾ ڪي حادثا/ واقعا ايترو ته اوچتو ظاهر ٿيندا آهن ۽ ايتري ته تڪليف پهچائيندا آهن جي تيز ڌار سان کل به لاهجي ته شايد اها اذيت به گهٽ محسوس ٿئي. پنهجن هٿن سان پنهنجي وجود جي حصي کي مٽي جي آغوش ۾ سمهاري اچجي ته اهو جيئري ئي موت کان گهٽ نه آهي ۽ هڪ ماءُ ۽ پيءُ اهڙي درد جو تصور به نه ڪري سگهندا آهن، پر وقت جي انتها اها آهي، بي اختياريءَ جو الميو ماڻهوءَ کي درد جي انگاس تي لڙڪائي ڇڏيندو آهي.
معصوميت جي عمر ٿوري هوندي آهي.
معصوميت جي عمر ڇو ٿوري هوندي آهي؟
درد جي رات ڊگهي هوندي آهي.
درد جي رات ڊگهي ڇو هوندي آهي؟
هر سوال جو جواب نه هوندو آهي.
هر سوال جو جواب ڇو نه هوندو آهي؟
موت جي چائنٺ ٽپڻ کان پوءِ ڪير به اتان واپس نه ٿو اچي.
موت جي چائنٺ ٽپڻ کان پوءِ اتان ڇو نه ٿو ڪير واپس موٽي؟
انسان کي خدا بااختيار به ڪيو آهي.
پر انسان کي خدا ان کان وڌيڪ بي اختيار ڇو ڪيو آهي؟
افو بابا...
رنگين ڦوڪڻن پويان ۽ پوپٽن پويان
ڊڪڻ جي عمر هئي اڃا تنهنجي
اڃا تنهنجي معصوميت جي گلابن کي
زماني جي بي رحم هوا، ڇُهيو نه هو
اڃان تون، خدا جي مقرر ڪيل فرشتن سمان هئين
اڃان تون، اجري باک جهڙي
مستقبل جي نويد هئين
پر اوچتو ئي اوچتو
ڪنهن ٻار جي هٿ مان ڇڏائجي آسمان ڏانهن
اڏاميل ڦوڪڻي جيان اڏامي وئين
نه ختم ٿيندڙ
درد جي هڪ ڊگهي مسافت
اسان لاءِ ڇڏي وئين
پر تون آسمان تي ستاري جيان
کڙي پئي آهين
ڪيترين راتين کان
آئون توکي ان نکٽ ۾ ڳوليان پيو
۽ سدا جيان مون کان لڪي پاڻ کي ڳولائي رهي آهين
او منهنجي جان، ”افو بابا“
تنهنجو بابا
تنهنجي اها لڪ ڇُپ جي راند
سهي نه سهگندو
او منهنجي ”افو بابا“، نه ڪر اِها شرارت
تون موٽي اچ هيڪر
ڏس تنهنجا سمورا رانديڪا
ان رات کان سمهي نه سگهيا آهن
تنهنجي امان ۽ امي سڀئي
عليزه، امينا ۽ اقرا سڀئي
پڦو ۽ امي، ابا سڀئي
تنهنجي ڏاڏا ۽ آنٽي مما سڀئي
سڏڪي رهيا آهن
تڙپي رهيا آهن
”افو بابا“
ڪاش! تون هيڪر موٽي اچين
ڪاش! تون هيڪر موٽي اچين ها.
ٽهڪ تنهنجا هوائن ۾ ٻرندا رهن ٿا
۽ تنهنجو معصوم چهرو
منهنجي اکين جي فريم ۾
ڪنهن تصوير جيان نقش ٿي پيو آهي
تنهنجي اکين ۾ ٽڪيل سوال جي جواب ۾
آئون تنهنجو هميشه ڏوهاري رهندس
ها ڪيڏو نه ڪِيسُ آ
”مسيح“ توکي ٽهڪ موٽائڻ بدران
تنهنجي حياتي کسڻ جو ذريعو بڻي
آئون تنهنجو بابا! ايترو ته بي اختيار
توکي واپس گهر جي پڌر ۾
راند ڪندي ڏسي نه سگهندس
نه ئي تو کي تنهنجي پسند جا
بسڪيٽ ۽ چاڪليٽ کارائي سگهندس
ايترو بي اختيار، جو تنهنجو آلاپ،
”بابا مون کي جيئڻو آهي“
آءٌ موٽ ۾، ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان
سواءِ هر رات
ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿڻ جي
۽ روئڻ جي!
ڏس، ”افو بابا“
تو سان بي انتها پيار ڪندڙ
تنهنجو بابا
ڪيترو نه بي اختيار آهي؟