لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جَلِي منهنجي جاڳَ

تحقيقَ جي محنت طلب ۽ نور نچوئيندڙَ ڪَمَ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مخمور بُخاريءَ ڪيترو ئي تخليقي ڪَمُ پِڻُ ڪَيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمونَ مختلف اديبن ۽ ڪتابن متعلق آهن. اِهي مضمونَ اڀياسي ۽ تاثراتي نوعيت جا آهن. موضوعن جي رنگا رنگيءَ سبب هي ڪتابُ يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجندو. ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هن ڪتاب ۾ موجود مڙني مضمونن ۾ پنهنجي ڏاتِ ۽ مطالعي جو سهڻو اظهارُ ڪيو آهي.
Title Cover of book جَلِي منهنجي جاڳَ

سروري خاندان ۾ ڪافيءَ جي روايت

[b]  مخدوم امين پکن ڌڻي ۽ مخدوم طالب الموليٰ:
سروري خاندان ۾ ڪافيءَ جي روايت [/b]

سنڌ جي مٽيءَ جي خمير ۾ ڪي عجيب عنصر موجود آهن، جيڪو هتان جو آهي، اهو نرالو آهي ۽ جيڪو هتي ٻاهران آيو، اهو اُن ۾ جذب ٿي، ڪانه ڪا نئين صورت اختيار ڪريو وٺي. هيءَ ڳالهه فقط سنڌ جي روايتن، ريتن رسمن، مزاج توڙي علم ۽ ادب، شعر ۽ شاعري، فني هيئتن جي پس منظر ۾ ڪجي ٿي. ادب ۾ روايت، بنياد جو ڪم ڏيندي آهي. وقت ۽ حالتن جي تبديل ٿيڻ سان روايت جو بنياد پختو به ٿيندو آهي ته اُها جدت ڏانهن سفر به ڪندي آهي. روايت کي جدت سان ملي جلي هلڻ لازم آهي. سنڌي ادب اِن حوالي سان پنهنجو شاندار علمي ورثو رکي ٿو. ان جي روايت جا بنياد پختا ۽ جدت سان همڪنار آهن. اڄ جي ترقي پسند ۽ محب وطن شاعرن، سنڌ جي آڳاٽين صنفن: خاص طور بيت، وائي ۽ ڪافيءَ کي نئين سر جياري، نئين انداز سان لکي، انهن کي مقبول صنفون بنائي ڇڏيو آهي. هي ٽيئي صنفون، سنڌ جي شاندار ڪلاسيڪي شعري ورثي جون امين آهن، جنهن ۾ سنڌ جي ثقافتي، سماجي، سياسي، معاشي ۽ علمي تاريخ جا اڻ وسرندڙ باب رقم ٿيل آهن. هنن گهاڙيٽن جو جنم به تاريخ جي ڪتابن ۾ ويجهي دور ۾ ئي ٿيل ڏسجي ٿو.
ڪافيءَ جو جنم، ان جي ارتقا ۽ اوسر سنڌ ۾ ٿي آهي. ان کان پوءِ هن پاڙيسري زبانن جهڙوڪ: سرائڪي، پنجابي ۽ ڪڇيءَ ڏانهن سفر ڪيو ۽ مقبول ٿي. هن صنف جي نالي ۽ ان جي گهاڙيٽن بابت اسان جي عالمن ڪافي علمي بحث ڪيو آهي، پر باوجود ان جي هن صنف جي مقبول عام ٿيڻ ۾ هر دور جي حالتن جو هٿ رهيو آهي. ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۽ ان جي موضوعن ۽ مضمونن ۾ موجود وسعت ۾ هن صنف جو جنم ۽ ارتقا لڪل آهي. هر شاعر پنهنجي دور جي حالتن کان متاثر ٿئي ٿو ۽ ان جي اها سوچ ان جي اظهار مان ظاهر به ٿئي ٿي. خيال جڏهن لفظن جي صورت اختيار ڪندو آهي ته اهو پاڻ سان پنهنجو شعري سانچو (هيئت) به کڻي ايندو آهي. ان وقت شاعر شعوري طور ڪابه ڪوشش ڪري نه سگهندو آهي، بلڪ سندس احساس ۽ جذبا جڏهن سندس سوچن ۽ خيالن جي صورتگري ڏانهن وڌندا آهن ته ان جي ذهن ۾ نقش ٿيل ”شعري هيئتون“ ان جي احساسن جي خوشبوئن سان واسجي ۽ نکري نروار ٿينديون آهن، هن نُڪتي کي سرائڪي اديب محترم حفيظ خان پنهنجي ڪتاب ”کافي واديء سندهه کي شعوري تاريخ“ ۾ هن طرح آندو آهي:
”کافی نہ تو کوئی مخصوص شعری ہیئت ہے، نہ کلاسیکل موضوع، نہ خاص انداز کی گائکی اور نا ہی کوئی سماجی اجارہ داری، کافی تو ایک مزاج ہے، بولتا ہوا رَويہ ہے، ابدی مکاشفے کا ورثہ ہے، جو اس مزاج کی فریکوئنسی پر ٹیون ہوئے شاعر پر کسی عطا کے لمحے مین اترتا ہے، اور اپنی طبعی حیات جینے کے بعد وہ شاعر اس ورثے کو اپنے اثاثے کے اضافے کے ساتھ آگے منتقل کردیتا ہے۔ ”کافی“ کے واسطے کسی مخصوص زبان کی بھی قطعی ضرورت نہیں، کافی کسی بھی زبان میں، کسی بھی رسم الخط میں ہو، ”کافی“ ہی رہے گی، بشرطیکہ وہ رب، انسان اور کائنات کے ابدی تعلق کو بدلتے ہوئے زمانوں میں بھی نت نئی فکری توجیہات اور کرشما ساز محبت کے مضامیں کے وسیلے سے مستحکم رکھے“(ص 50)
هن اقتباس مان اسان کي ڪافيءَ جي وسعت اڃا به وڌيڪ نظر اچڻ لڳي ٿي، جهڙيءَ ريت ڪافيءَ جي فن، فڪر ۽ گائڪيءَ ۾ تبديليون اچي رهيون آهن يا آنديون پيون وڃن، ان مان اڳتي هلي حفيظ خان جي ڳالهه کي سؤ فيصد حمايت حاصل ٿيندي. ڪافي اسان جي مزاج جو حصو ڪالهه به هئي ۽ اڄ به آهي ۽ اسان جي شاعرن ان ۾ هر پهلوءَ کان پوءِ، ڀلي اهو فني هجي يا فڪري خوبصورتي پيدا ڪئي آهي.
هنن صفحن ۾ برصغير جي روحاني، علمي ۽ ادبي خاندان طور سڃاتي ويندڙ هالا جي”سروري خاندان“ ۾ ڪافيءَ جي ٻن وڏن شاعرن مخدوم امين محمد ”پکن ڌڻي“ ۽ مخدوم زمان طالب الموليٰ جي ڪافين بابت ڪجهه گفتگو ڪئي ويندي:
سروري خاندان ۾ علم، ادب ۽ شعر، شاعريءَ جي روايت حضرت مخدوم نوحرحه کان شروع ٿيل ڏسجي ٿي. مخدوم صاحب جو ڪيل قرآن شريف جو فارسي زبان ۾ ترجمو ۽ هٿ آيل ”ست سنڌي بيت“ ان ڳالهه جو مضبوط دليل آهن، ان کان سواءِ مخدوم نوحرحه جي پوٽي مخدوم فتح محمد جو تصوف بابت فارسي زبان ۾ ”رساله فتحيه“ پڻ نادر نمونو آهي. هن خاندان جتي روحانيت ۽ تصوف جا باڪمال شخص پيدا ڪيا، اُتي ان ئي خاندان مان سنڌي شاعريءَ جي قديم روايتن سان لاڳاپيل شخص به پيدا ٿيندا رهيا. اهڙن قديم شعري روايتن ۾ ”بيت ۽ ڪافي“ خاص طور شامل آهن. مخدوم محمد امين ”پکن ڌڻي“ ۽ مخدوم طالب الموليٰ، سنڌي شاعريءَ جي هن روايت سان جڙيل ٻه اهم نالا آهن. هت مختصر طور هنن ٻنهي شاعرن جي ڪافين جو جائزو پيش ڪجي ٿو:
[b]
مخدوم محمد امين ”پکن ڌڻي“:[/b]
مخدوم محمد امين پکن ڌڻي، پنهنجي دور جو ڪافيءَ جو اهم شاعر ٿي گذريو آهي. سندن ڪتاب ”ڪليات امين“ ۾ ڪل ٽيهه سنڌي ۽ ارڙهن سرائڪي ڪافيون موجود آهن، جيڪي فن ۽ فڪر جي حوالي سان اهم آهن. فني طرح سندس سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون هڪوڻي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چئوڻي ڪافيءَ جي هيئت ۾ چيل آهن، جن ۾ ڪن ٻيڻين ۽ ٽيڻين ڪافين جا ٿلهه وري هڪ سٽا آهن ته گڏوگڏ انهن ۾ قافين جي مٽاسٽا سان انفراديت پيدا ڪئي وئي آهي. هن کان اڳ سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۾ قافين جي ردوبدل سان سچل سرمست پهريون ڀيرو سٺ کان وڌيڪ نمونا ايجاد ڪيا هئا، جن جي کانئس پوءِ جي شاعرن پيروي ڪئي.
هتي مخدوم امين سائينءَ جي ڪافين جي گهاڙيٽن جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:
هيڪوڻي ڪافيءَ جي هيئت واريون ڪجهه ڪافيون، مخدوم صاحب وٽ ملن ٿيون، جن جا ٿلهه ۽ بند هڪ سٽا آهن. ٿلهه جو پهريون پد ۽ مصرع جو آخري پد پاڻ ۾ همه قافيه آهن:

ٿلهه: ماندو مون مهمان، ڪالهه هئا جي ڪاپڙي،
بند: سنڱ ساميئڙن جا، هالين ٻُجهن هاڻ.
(ڪليات امين، ص 131)

ڏيڍي ڪافيءَ جا به مثال اسان کي ”ڪليات امين“ ۾ ملن ٿا. ڏيڍي ڪافيءَ جو ٿلهه هڪ سٽو ۽ بند ڏيڍو آهي. ٿلهه جو آخري پد مصرع جي وراڻيءَ سان همه قافيه آهي، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ رديف به استعمال ٿيل آهي، جڏهن ته هر مصرع جو جدا جدا پهريون ۽ ٻيو پد همه قافيه آهن:

ٿلهه: جانب جدائي ڇاهي، آءَ، مهل هيءَ ملڻ جي!
بند: اميد اوهان جي آهيان، سا لوڏ ڪيئن لڪايان،

سهڻا سچي سُخن جي!
(ص 139)

ٻيڻي ڪافيءَ جا ٿلهه هڪ سٽا ۽ بند ٻيڻا آهن، جن ۾ قافين جي مٽ سٽ سان ڪجهه نمونا ٺاهيا ويا آهن:

ٿلهه: سڪ ساهڙ جي سِڌاري، وڌي سيني عشق اڀاري،
بند: سُرڪي پيتائون سُور جي
تنهن ڳاراڻي ٿي ڳاري، ڪيائون پرت پناري.
(ص 131)

هن جي ٿلهه ۽ بند ۾ قافييءَ سان گڏ رديف به آيل آهي.

ٿلهه: جانب جدائي لاهي، ڪر مون اچي ملڻ جي،
بند: ساجن اوهان کي ساريان، نت واٽڙيون نهاريان.
ڏينهڙا گهنگهر گذاريان، اچي واهر ڪر وِلهين جي.

(ص 134)

هن جو ٿلهه به ٻه سٽو آهي:

ٿلهه: بانگِ الست ربي، چئي عشق جن تي آيو،
مــــيدان معرفت ۾، ڪونتل تنين ڪُڏايو.
بند: ڏسي عشق جا اشارا، وِهندا سي ڪئين وچارا،
نــيڻين وهـــائي نـــارا، هَئي هَيء جو هُل مچايو.
(ص 137)

ٽيڻي ڪافيءَ جو ٿلهه ٻن پدن وارو ۽ بند هڪ هڪ پد جو ٽن سٽن جو آهي. هر سٽ جو هڪ ئي پد رکيو ويو آهي. ٿلهه جو آخري پد بند جي ٽئين پد سان همه قافيه آهي، جڏهن ته هر بند جون جدا جدا پهرئين ۽ ٻئي سٽ پاڻ ۾ همه قافيه آهن.

ٿلهه: جي ميخاني ملندو مولا، بتخاني ۾ ڇاهي ڇاهي!
بند: هـــــنودي بتـخــــاني آيـــا،
ترڪن طعنا تن تي لايا،
پريم پٿر ۾ ناهي ناهي!
(ص 133)

چئوڻي ڪافيءَ ۾ پڻ قافين جي مٽ سٽ سان ڪجهه نمونا جوڙيا ويا آهن. هن ڪافيءَ جو ٿلهه چئن پدن ۽ ٻن سٽن جو آهي ۽ بند هڪ هڪ پد جو چار سٽو آهي:

ٿلهه: عشق آندا سامان سينگاري، جلد بهادر جنگي، يارو!
عقل هليو اسباب اٿاري، مرد مبارڪ ننگي، يارو!

بند: عـــشق آڻــي ڪـيا دل ۾ ٿاڻا،
تـــسبيــح تــقويٰ اٿـــــي اڏاڻا،
مــــور ڇــــــڏي ويــا مـاڻا ٽاڻا،
راز ڏسي سڀ رنگـي يارو!
(ص 136)

”پکن ڌڻيءَ“ جي ڪافين جي گهاڙيٽن مان هت چند مثال ڏنا ويا آهن، جن مان اسان کي هن صاحب جي فني وسعت جو پتو پوي ٿو. جن مان ”يڪي ڪافي“ جو پهريون ۽ ٻيڻي ڪافيءَ جي ٻئي ۽ ٽئي مثال وارين ڪافين جا گهاڙيٽا، هن کان پهرين سچل سائينءَ جي رسالي ۾ ملن ٿا.
”ڪافي“ بنيادي طور راڳ سان تعلق رکي ٿي. مخدوم صاحب جون ڪافيون به مختلف راڳن ۽ راڳڻين جي قالب ۾ اوتيل آهن. پندرهن مختلف راڳن ۾ سندن اٺيتاليهه (48) سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون موجود آهن. جن ۾ ”آسا“ ۽ ”ڪلنگڙي“ ۾ هڪ هڪ سنڌي، ”ڀيرويءَ“ ۾ چار سنڌي، هڪ سرائڪي، ”ٽوڙي گنڌاريءَ“ ۾ هڪ سنڌي، ٻه سرائڪي، ”تلنگ“ ۾ چار سنڌي ٻه سرائڪي، ”ڪاريهل“ ۾ ٽي سنڌي، ”جوڳ“ ۾ پنج سنڌي هڪ سرائڪي، ”ڪوهياريءَ“ ۾ پنج سنڌي، ”ڀوپالي ڪلياڻ“ ۽ ”ڪلياڻ“ ۾ هڪ هڪ سنڌي، ”ڀاڳيسريءَ“ ۾ ٻه سنڌي، ”کنڀات“ ۾ ٻه سنڌي ۽ ست سرائڪي، ”کنڀات ڪماچ“ ۾ هڪ سرائڪي، ”گجراتيءَ“ ۾ ٻه سرائڪي ۽ ”ڪاريهر ڪيدار“ ۾ ٻه سرائڪي ڪافيون موجود آهن.
موضوعاتي طور مخدوم صاحب جون ڪافيون حُسن ۽ عشق، مجاز، حقيقت، وحدت الوجود جهڙن بيانن ۾ اڻيل آهن. مجاز، حقيقت ڏانهن ويندڙ رستو آهي. عشق، انساني جبلتن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. حُسن کي پسڻ ۽ پسند ڪرڻ اُن جبلت جي پٺيان وارو جذبو آهي. جبلت سان گڏ جذبي جو هجڻ به لازمي آهي. جماليات پسندي، انسان کي حساسيت ڏانهن وٺي وڃي ٿي. سموري ڪائنات ۾ سُونهن ۽ سُرهاڻ جا ڪيترائي عڪس ۽ نقش موجود آهن. ”پکن ڌڻي“ اکين جي متعلق چوي ٿو:

اکيون تنهن جون ڪجليون ڪاريون،
ڌاڙي ڪـــــــــارڻ دلبــــــــر ڌاريـــون.
هو گهر اجاڙن گليون، يار!
”امين محــــمـــد“ اکــــڙيون رڙيـــون،
زلف زنجير، قــلابـــيـــن ڙيــــون.
وه ڪين ڇٽن سي جهليون، يار!

(ص 132)
هن ڪاڪل قهري ڪمند ۾، برهه جي بازار ٿئي،
عاشق هجين تان سر اُڇل، درشن جي درڪار ٿئي.

(ص 154)
عاشق کي، سڄڻ جي سڪ ۾ سڪندي، سورهن سال گذري وڃن ٿا- پکن ڌڻيءَ جي هن ڪافيءَ ۾ اهو تذڪرو پڙهڻ جهڙو آهي:

زلف جي ڦاهيءَ ۾ ڦاسڻ جو، فڪر في الحال آهه!
ساهه سر صدقو ڪريان، هي محب تنهنجو مال آهه.
عشق جي عينن اڃاين جو، جيئڻ جنجال آهه.
اي ”امين محمد“ سڄڻ لئي، سڪندي سورهون سال آهه!

(ص 4-153)

عشق جي اپٽار ڪندي ”پکن ڌڻي“ پاڻ کان اڳ جي شاعر قادربخش ”بيدل“ جي هيٺينءَ ڪافيءَ جي بلڪل ڀران ڪافي چئي آهي:

بيدل: عقل جو ويو اختيار، عشق اَنَاالۡحَق جو دم ماريو!
عشق عقل جي لڳي لڙائي، عشق کٽي، جنگ عقل هارائي،
هـــيڪل هـــــڪ هـــسوار، ڪـــيڏي ڪـــٽــڪ کــي برهه ڀڄايو آ.
(ديوان بيدل)
امين سائين چئي ٿو:

عشق آندا سامان سينگاري، جلد بهادر جنگي يارو!
عقل هليو اسباب اٿاري، مرد مبارڪ ننگي يارو!

(136)
عشق جي منزل اڻانگي، پيچرا دشوار، رڳو رائو رُڃ، پنهنجي رت سان وضو ڪري، پوءِ يار جي سامهون پيش ٿيڻ. هي سمورا مرحلا ۽ معاملا ٿڪائيندڙ ۽ جسم جي اذيت کان اڳتي روح جي ڳلين ۾ ڀٽڪڻ جهڙا آهن ۽ پوءِ جيڪا واٽ ان حالت ۾ ڳولي لهن ٿا، اها بندي کي مجاز کان حقيقت ڏانهن وٺي وڃي ٿي. ”پکن ڌڻي“ تن کي تَسيا ڏئي، من اندر ۾ ”حق“ جي حقيقت لهڻ لاءِ اڪيلائيءَ ۽ ويراني ۾ مجاهدا ڪندو رهيو. جنهن جاءِ تي عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهيو، اهو علائقو ”راهونڊ“ جي نالي سان موجود آهي، جتي پاڻ فقيراڻا پکا اڏيا هئائون. پکا ڇا آهن؟ مٽيءَ جو هڪ دڙو آهي، ڀرسان مسجد شريف ۽ هڪ کوهه موجود آهي. دڙي تي اڪيلائيءَ ۾ ويهي حق تعاليٰ جي رازن رمزن تي ويچار ڪندا هئا. جنهن ڪري کين ”پکن ڌڻي“ به سڏيو وڃي ٿو. سندس ڪافين ۾ فلسفه وحدت الوجود جو ذڪر ڪجهه هن طرح موجود آهي:
آک ”اَنَاالۡحَق“ ٿي اظهار،
وڃ وحدت وچ ملڪ مٽيندا!

وحدت وجود وڃا ڪر ويکو، اي سيان، جوانو، شيخو،
”لا“ دي لذت پاوي جيڪو، جان جسم ڪري ننگ نثار!
همت هُوَڻ دي پاڙ پٽيندا!
(ص 188)

”پکن ڌڻي“، حسين بن منصور ”حلاج“ جو ذڪر به ڪيترين جاين تي ڪندو نظر اچي ٿو:
• ماڙيءَ تي منصور حوران دي، چڙهه ڪر چاش چکيوي (ص 188)
الله هو ڪر عبدي والي، من ڪي مرگهه مريوي!
• جسمي حال ”حلاج“ سڏاڪر، آڻ اناالحق ڳاوين (ص 188)
• مئن اهو مَنصور ڪُهايا، جنهن اناالحق آڻ الايا (ص 191)
• آک ”اناالحق“ آپ ڪهايم. (ص 185)
• سر تي حال حلاج دا چايو سي (ص 180)
”پکن ڌڻي“ انسانيت جي اعليٰ فڪر جو قائل هو. هن ڄاتو ٿي ته سنڌ کي ان دور ۾ متحد ٿيڻ جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته سندس دور ۾ سنڌ مٿان ڌاريان حڪمران قابض هئا، تنهن ڪري سنڌ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي هئي، ان صورت ۾ ضروري هو ته اول ته هتان جي سمورن ماڻهن کي رنگ، نسل، مذهب ۽ فرقي جي بنياد تي ورهائجڻ کان بچائجي. انهن کي هڪ ڪجي ته جيئن سنڌ جي ”قومي وحدت“ کي ٻيهر حاصل ڪرڻ ۾ اڳڀرو ٿي سگهجي. پکن ڌڻيءَ، پنهنجي شاعريءَ کي قوم جي وحدت لاءِ استعمال ڪيو هو. چوي ٿو:

وچ مســــــجـــد مـــيخــــاني اوئـــي،
بتــخــــانـــي وچ اور نـــه ڪــــوئي،
جـس ول ويکون سمجهون سوئي،
چوڏس چارا هي چندو ڪا!
(ص 192)

ڪــــٿ هـنـدو، ڪـٿــان مــؤمن مــــذهـب،
مئن هون ٺاڪر، دواري مئن دل هون!
(ص 193)

جي ميخاني ملندو مولا، بتخاني ۾ ڇاهي ڇاهي؟

هــــنودي بـــــتخــــــاني آيا،
ترڪن طعنا تن تي لايا،
پريم پٿر ۾ ناهي ناهي!
(ص 133)
سنڌ جي بيباڪ شاعر سچل سرمست به ماڻهن کي فرقن ۽ مذهبن ۾ ورهائجڻ کان روڪيو ۽ کين هڪ ٿيڻ جي ڳالهه چئي هئي:

وقت اها ٿئي ويل، دُوئي دور ڪرڻ جي،
ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سويل،

هندو مؤمن سان ملي، محبت جا ڪر ميل،
متان ٿئي اويل، اولهه سج نه الهي.
(عاشقي الهام، ص284)
”پکن ڌڻي“ انسان جي اعليٰ رتبي جو قائل آهي. انسان ڪائنات ۾ سمورين مخلوقات ۾ عقل، سمجهه، شعور، ساڃاهه سبب اعليٰ، اشرف، اتم آهي، تنهن ڪري کيس اهڙن ڪمن ۾ نه ڦاسجڻ گهرجي، جنهن سان سندس مان ۽ مرتبي ۾ فرق اچي. سچل سائينءَ جي ڪلام ۾ ان نُڪتي کي وضاحت سان پيش ڪيو ويو آهي. سچل جي هڪ اهڙي ئي ڪافيءَ جي ڀَران ”پکن ڌڻي“ سائينءَ هيءَ ڪافي چئي آهي:

سچل: سوئي ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي،
مار نغارا ”اَنَاالۡحَـق“ دا، سولي سر چڙهيجي.
(رسالو سچل سرمست)

پکن ڌڻي: سو ڪـــــوئي ڪـــام ڪـــريوي،
جنهن وچ خاص خدا خود ٿيوي.

ماڙي تي منصور حوران دي، چڙهه ڪر چاش چکيوي. (ص8-187)

”ڪليات امين“ ۾ موجود ڪافي ”آهي دم دم جو ديدار، آهي پلپل جو ديدار“. سچل سائينءَ جي ڪافي ”دم دم جا ديدار وو، اپر اسان جي نار تي“ جو تتبع آهي. هت ٻئي ڪافيون ڏجن ٿيون.
[b]
سچل سرمست:[/b]

دم دم جا ديدار وو، اپر اسان جي ”نار“ تي،
بگا ڏاند ٻڌائون ٻيئي، تن جي ڳالهه ڪريان آئون ڪيهي،
وهن ڌارو ڌار، ”ڳاڌيءَ“ جي ڳٽڪار تي!
”ڀاروني“ هڪڙي چُڪريون ٻيئي، ”آرا“ انهن جا آهن اِهي ئي.
وهن بارو بار وو، لٺ واري للڪار تي.
”ڦرهيون“، ”ونگڙون“ آهن اوڀاريون، ”اِرڙيون“ سرنهن ”مالهه“ موچاريون،
”جهلڻ” جا جهلڪار، وو، ”لوٽن“ واري ڌڌڪار تي.
ڍڍي چونڪ، جوئر جا نسري، ڳنا تنهن جا ماکي مصري،
کِيرُن جا به خمار، وو، آهن پيهيءَ واري پونجارتي!
ڪانگن ڪانگيرو، وهين واهيرو، ڪٻرين، ڳيرن ڪيو اچي گهيرو،
ڳوڙهن جا وسڪار، وو، جهرڪين جي جنسار تي!

آيو ”نيسر“، ”پاڙڇ“ ۾ پاڻي، مرشد اچي ٿيڙم ساڻي،
سا جوئر پچايم جار، وو، آهن ڪم ”سچل“ جا ڪلتار تي.
(رسالو سچل سرمست 514)

پکن ڌڻي:
آهي دم دم جو ديدار، آهي پلپل جو ديدار،

منڊل اسان جي نار تي!

بگا ڏاند ٻڌاسون ٻيئي، هڪل تني جي پري وڃي پيئي،
وهن ٿا ڌارو ڌار، ڳاڌيءَ واري ڳٽڪار تي!

چوئي پاسي چڪريون سڀئي، ارڙا تني جا ساڳيا سيئي،
”لوٽن“ جي لارو لار، ”لٺڙي“ وهي للڪار تي.

ڊڍا چونڪ جهلي وڃي نسريون، ڳناتن جا ماکي مصريون،
پڄي ٿيا تارو تار، پيهي واريءَ پوڪار تي.

”امين محمد“ اميد آهي، لس لابارا ڇڏيائون لاهي،
ڳوڌن ڳاهه ڇڏئا وڃي ڳاهي، وائر جي وسڪار، داڻا کڻو درڪار تي.
(ص 2-151)

مخدوم امين ”پکن ڌڻيءَ“ جي ڪافي فڪر ۽ فن جي حوالي سان اهم آهي. هن جون ڪافيون گهٽ ملن ٿيون، پر فني پختگيءَ جي بنياد تي اسان کيس سنڌ جي اهم ”ڪافي گو شاعرن“ ۾ ڳڻي سگهون ٿا. سندس ڪافين جو تتبع به ان دور ۾ ڪيو ويو، اهڙن شاعرن جا ڪجهه مثال ”ڪليات امين“ ۾ پروفيسر محبوب علي چنه جمع ڪيا آهن، جن موجب حسن بخش شاهه ڊٺڙي وارو، نواب ولي محمد لغاري، مرزا قليچ بيگ، صالح شاهه راڻيپور وارو ۽ فقير محمد کٽياڻ خاص طور شامل آهن.



[b]مخدوم طالب المولى:[/b]
سروري خاندان ۾ ڪافيءَ جي روايت جيتوڻيڪ مخدوم محمد امين ”پکن ڌڻي“ کان شروع ٿي، پر ان کي عروج تي مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جن پهچايو. هن هڪ ئي وقت عروضي شاعريءَ سان به نڀايو، گڏوگڏ سنڌي شاعريءَ جي ديسي صنفن بيت ۽ ڪافيءَ سان به خوب نڀايو. مخدوم صاحب ڪافيءَ ۾ نوان تجربا ڪري، ان کي جديد ڪافيءَ جو رنگ ڏنو. موسيقيت، رواني ۽ سادي اسلوب سبب سندس ڪافي منفرد شڪل اختيار ڪري بيٺي آهي. سندن ڪافين جو ذخيرو ”ڪچڪول طالب“، ”بي پير اکيون“، ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ ۽ ”آب حيات“ ڪتابن ۾ موجود آهن. هنن ڪتابن ۾ مخدوم صاحب جون لکيل ٻيون صنفون غزل، بيت، مخمس وغيره به شامل آهن، جڏهن ته انهن ۾ ڪافين کي دور مطابق هڪ هنڌ يڪجا ڪرڻ سان اسان مخدوم صاحب جي ڪافيءَ جو فني ۽ فڪري تجزيو آسانيءَ سان ڪري سگهنداسين.
ڪافي سنڌ جي آڳاٽين شعري صنفن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن صنف جو باقاعدي ترتيب وار اڀياس اسان کي سنڌ جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ معاشي حالتن کي سمجهڻ ۾ به وڏي مدد ڏئي سگهي ٿو. هن صنف جو پکڙجڻ ۽ عام ۾ مقبول ٿيڻ به هن صنف جي وسعت کي ظاهر ڪري ٿو. مخدوم طالب الموليٰ عروض سان ڀرپور نڀائيندي ڪافيءَ جهڙي ديسي صنف کي اختيار ڪيو، ان جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن به شاعر جون پاڙون پنهنجي زمين ۾ کتل آهن، اهو روايت کان منهن نه ٿو موڙي سگهي، بلڪ روايت کي جدت سان ڳنڍي ٿو. روايتن سان جڙيل گهاڙيٽن کي اختيار ڪري، ان جي فن ۾ وسعت پيدا ڪري ٿو ته ٻئي طرف ان ۾ نوان نوان موضوع شامل ڪري موضوعن ۽ مضمونن جي رنگيني پيدا ڪري ٿو. مخدوم صاحب به ساڳيءَ طرح ڪيو آهي. هن ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۾ قافين جي مٽاسٽا سان ان کي فروغ ڏنو آهي ته ٻئي طرف ان ۾ موضوعن، مضمونن ۽ مختلف ٻولين جي لفظن جي آميزش سان خوبصورتي پيدا ڪئي آهي، سندس ڪافي يڪي، ڏيڍي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چؤڻي آهي. هي ڪافين جا عام گهاڙيٽا آهن. هن ۾ نواڻ قافين جي مٽاسٽا ۽ مضمون سان پيدا ڪئي ويندي آهي. مخدوم صاحب موسيقي شناس هو، پاڻ هارمونيم وڄائي ڄاڻندو هو. کيس راڳن ۽ اُن جي ٺاٺن جي چڱي خاصي ڄاڻ هئي. تنهن ڪري سندن ڪافيون به مختلف سُرن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ آسا، ڀيروي، گنڌاري، سنڌي ڌناسري، تلنگ، لوڙائو، پِيلو، ڪسوري، پهاڙي، جوڳ، مانجهه، ڪوهياري، راڻو، بهاڳ، درباري، کنڀات، جهنگلو، بلاول ۽ ٻيا سُر شامل آهن. مخدوم امين پکن ڌڻيءَ جي ”ڪليات امين“ ۾ شامل ڪافيون به مخدوم طالب الموليٰ مختلف سُرن ۾ ترتيب ڏئي رکيون هيون.
شاعريءَ جي ڪنهن به صنف جو گهاڙيٽو وڏي اهميت رکندو آهي. اُن لاءِ ان جي سمجهه شاعر لاءِ بيحد ضروري آهي ۽ جيڪي شاعر صنفن جي فن تي دسترس رکندا آهن، اهي ئي انهن ۾ تبديليون آڻيندا ۽ نوان تجربا ڪندا آهن. سچل سائين ڪافيءَ جو اهو پهريون شاعر آهي، جنهن اُن جي گهاڙيٽن ۾ قافين جي مٽاسٽا سان تبديليون پيدا ڪري، هن صنف جي حوالي سان ايندڙ شاعرن لاءِ نوان گس جوڙيا. هن جا اهي تجربا ڪامياب ثابت ٿيا، تنهن ڪري سنڌي شاعريءَ جي صنفن مان جيترا فني تجربا ڪافيءَ جي هيئت ۾ ٿيا، شايد ڪنهن به صنفي هيئت ۾ نه ٿيا هوندا ۽ ڪافيءَ جي مقبول عام ٿيڻ جو اِهو به ڪارڻ آهي.
مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافين ۾ جتي يڪي، ڏيڍوڻي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چئوڻي جا گهاڙيٽا شامل آهن، ته انهن ۾ هن قافين جي مٽاسٽا ۽ ٿلهه جي سٽن توڙي تُڪن جي گهٽ وڌائيءَ جهڙا تجربا به ڪيا آهن. هتي مختصر طور اهڙا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:
مخدوم صاحب جي ڪافين ۾ يڪي ڪافيءَ جا به نمونا موجود آهن. هن ڪافيءَ جو ٿلهه توڙي بند هڪ هڪ سٽ ۽ ٻن تُڪن جا آهن، جن جي ٿلهه جي پهرينءَ تُڪ ۽ بند جي آخري پد جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو آندل آهي:

ٿلهه: هرجا حاضر ناظر، مولا جنهن جو آهي،

بند: طالب! مولا مليو طلب توحيدي، الا اعليٰ شان اڪابر.
(ڪچڪولِ طالب، ص 32)

ڏيڍوڻي ڪافيءَ جا نمونا به طالب الموليٰ وٽ موجود آهن، هن مشهور ڪافيءَ جو ٿلهه چئن تڪن ۽ ٻن سٽن جو آهي، جڏهن ته بند جي سٽ ٻن تُڪن جي آهي، هڪ پد واري سٽ وراڻيءَ طور آندي وئي آهي. قافيو ٿلهه جي پهرئينءَ تڪ ۽ بند جي ٽين تڪ يعني وراڻيءَ ۾ آيل آهي. جڏهن ته ٿلهه جو ٻيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ همه قافيه آهن، جن جو بند سان ڪو تعلق ناهي. هن ڪافيءَ جي گائيڪيءَ جي خوبصورتي، ان جي بندن سان گڏوگڏ ٿلهه جي قافين ۾ لڪل آهي:

ٿلهه: سهڻل جا سينگار وهوا، دل کي وڻن ٿا،
دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا: ڏاڍا ٺهن ٿا، من کي موهن ٿا.
بند: نڪ نجيب جو ننڍڙو ننڍڙو، سنهڙو سنهڙو ڪُنڍڙو ڪنڍڙو،
رنگ ڀريا رخسار.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 339)

ٻيڻي ڪافيءَ جا ڪيترائي نمونا اسان جي هن شاعر وٽ موجود آهن. هن هيٺينءَ ڪافيءَ جو ٿلهه توڙي بند، ٻن ٻن سٽن ۽ چئن چئن پدن جا آهن، جن ۾ ٿلهه جو ٻيو، چوٿون ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ همه قافيه آهن ان سان گڏ رديف به ڪم آندل آهي. هن قسم جون ڪافيون هوبهو غزل جهڙيون لڳن ٿيون، فرق فقط وزن جو رهي ٿو. مخدوم صاحب جي ڪافيءَ جو نمونو هن ريت آهي:

ٿلهه: مــــست الفت ۾ ڪيا ڪئين ورهه ويچارا هڻي،
پــرت ســان ڪــيڙا پڌر ڌڪ درد دل وارا هڻي.

بند: درد وارن جـــي او ســـــهـــڻا، ويـــڄ واهــــر ڇــا ڪندا.
چاڙهه چاڙهيءَ مان سڄڻ، تون تن کي ڇُوڪارا هڻي!
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 352)
اڍائيوڻي ڪافيءَ جو نمونو به مخدوم صاحب وٽ موجود آهي. جنهن جو ٿلهه توڙي بند پنجن تڪن ۽ اڍائي سٽن جا آهن. ٿلهه جو پهريون، چوٿون ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ همه قافيه آهن. جڏهن ته ٿلهه جو ٻيو پد، ٿلهه توڙي هر بند جي وراڻيءَ طور استعمال ڪري خيال تي زور ڏئي منجهس موسيقيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هي ڪافي مخدوم صاحب 2 اپريل 1948ع تي لکي هئي.

ٿلهه: آ يار دلربا تون، محبوب مهلقا تون،
توکان جدا ڪريان ڇا، سڀ منهنجا آسرا تون.
محبوب مهلقا تون!

بند: دلدار يار جاني، ڇا قرب جي ڪندين ڪا، مون ساڻ مهرباني،
شــــب روز پيــــو نــــهاريان، ڪـــنهن دم، ڪـــندين عــطا تون.
محبوب مهلقا تون.
(ڪچڪولِ طالب، ص 30)

هن ڪافيءَ ۾ عروضي وزن مفعول فاعلاتن، مفعول فاعلاتن، ڪم آندل آهي.
ٽيڻي ڪافيءَ جو به نمونو به مخدوم صاحب وٽ موجود آهي. هن ڪافيءَ جو ٿلهه ٻن سٽن ۽ بند ٽن سٽن ۽ هڪ هڪ پد جو آهي، قافيو ٿلهه جي پهرئين ٻي ۽ بند جي ٽين سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ آيل آهي، جڏهن ته هر بند جي پهرين ۽ ٻي سٽ پاڻ ۾ همه قافيه آهن.

ٿلهه: اکـــين ۾ عـــجيـبـن جون آهن آکاڻيـون،
سُتيون ڪين ڪڏهين سدوريون سياڻيون،

بند: نـــهاري نـــــهاري، اهــــي ڪــونه ٿڪيون،
اصل کان ڪيون پرت، پختيون ۽ پڪيون،
هو سڪ ۾ سڄڻ جي سراسر ساماڻيون.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 429)

چئوڻي ڪافيءَ جا ڪيترائي نمونا مخدوم صاحب وٽ ملن ٿا، جن ۾ قافين جي مٽاسٽا ٿيل آهي. سندن اهڙين ڪافين جا ٿلهه ٻه سٽا ۽ بند چار سٽا آهن، جڏهن ته ڪن ڪافين جا ٿلهه به بند وانگر چار سٽا آهن.

ٿلهه: مـــينــهن ڪــــريــــن تـــــــون مــتـــان،
منهنجي اکين سان ريس رئڻ جي!

بند: موسم جو محتاج تـــــون آهـــــيـــن،
پنهنجـي وس ۾ هــــرگـــز ناهـــيــن،
تـــــوکــــــي ڀـــــــلا ڪـــــئــــن مــڃان،
ڪين وسين ٿو، ڪرين وسڻ جي!
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 428)

هڪ پد واري مٿينءَ ڪافيءَ ۾ قافين جي استعمال، اُن ۾ لئڪاري پيدا ڪئي آهي. چئوڻي ڪافيءَ ۾ چئن سٽن ۽ اٺن پدن واري ٿلهه واري ڪافيءَ جو نمونو هن ريت آهي:

ٿلهه: ڪري قرب اچڻ، وري موٽي وڃڻ،
اهــــا رســـم رکــــڻ، اخـتيار نه ڪر!
هــڪ ڀــيــرو مـلڻ، ڇـــني نـاتو ڇڏڻ،
مهڻا منهن تي ڏيڻ، اختيار نه ڪر!
بند: ويــــا ورهه وري، آئـــين ڪونه وري،
دل درد ڀــــــري، ڳــــڻـتـيـن ۾ ڳــــري،
ٿي نيٺ چري، منهنجي ڪانه سري،
هيئن منهڙو مٽڻ، اخـــتيــار نه ڪر!
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 369)

مخدوم صاحب جتي گهاڙيٽن ۾ ڪيتريون تبديليون آڻي خوبصورتي پيدا ڪئي آهي، اُتي سندس هڪ ڪافيءَ جو هيٺيون ٿلهه منفرد انداز سان اسان جو توجهه ڇڪائي رهيو آهي، جنهن جون پنج تڪون آهن ۽ چئني پدن جو پهريون لفظ تبديل ڪري معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهائڻ لاءِ زوردار بڻايو ويو آهي:



ٿلهه: آبِ حــــيات پيـــار او ســاقــــي،
ننڍڙن پنهنجن لال لبن ســان،
سنهڙن پنهنجن لال لبن سان،
مٺڙن پنهنجن لال لبن ســـان،

سهڻن پنهنجن لال لبن سـان،
آب حــيــات پيار او ســـاقـــــي!
(آب حيات،ص7)
سندس هڪ ڪافيءَ جي قافين ۾ تصغيريت جو نمونو به موجود آهي:

ڪِــــئـــن وســاريـــا ويهــي تــو،”قالـوا بَليٰ“ اقرارڙا،
ڪري ڪين سگهندين، سڄڻ سان عشق ۾ انڪــارڙا.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، 330)

مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافين ۾ توحيد، حبِ رسول، تقويٰ، حقيقي عشق، حُسن ۽ عشق جهڙا موضوع سمايل آهن، هر انسان جي سرشت ۾ الله آڏو جُهڪڻ، ان جي احڪامات تي عمل ڪرڻ، نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪائنات جي چپي چپي تي ڦهليل فطري حُسن کان متاثر ٿيڻ، انسان جي سونهن پسڻ، ان کي ماڻڻ ۽ ان کي پنهنجي تصوراتي دنيا ۾ سمائڻ جهڙا عنصر موجود رهن ٿا. شاعر اُن معاملي ۾ وڌيڪ حساس ٿئي ٿو، جو هو هر هڪ عنصر کي گهرائيءَ سان پرکڻ بعد پنهنجي تصور ۾ ان کي سمائي، نه رڳو ان جو اثر قبولي ٿو، پر ان کي پنهنجي تخليقي سگهه سان اثر پيدا ڪندڙ پيرائي ۾ اظهاري به ٿو. مخدوم صاحب هر صورت ۾ الله کي پسي ٿو. هر نظر، هر منظر ۾ هڪ ”هو“ ئي آهي، ٻيو ڪجهه به ناهي:

هادي حڪمتدار، اِلا الله، سائين آهي سڀ صورت ۾!
”ڪل شيءِ“ خود محيط جو آهي، وچ ۾ وار وٿي ڪا ناهي!
غالـب آهي غفــار اِلا الله، ذات ســمائي ويو صـفات ۾!
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 307)

سمورن صوفي شاعرن مٿئين قسم جو فلسفو بيان ڪيو آهي، گڏوگڏ پاڻ ۾ ان کي ڳولڻ ۽ پوءِ هڪ منزل تي اچي هرشيءِ ۾ حق کي پسڻ جهڙا فلسفا بيان ڪيا آهن. مخدوم صاحب پنهنجي هيٺينءَ ڪافيءَ ۾ ”حق تعاليٰ“ سان جنهن انداز سان مخاطب ٿيو آهي، اهو تخاطب اهو ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو ان سان بي پناهه محبت رکي ٿو. اها حجت ته اهڙوئي فرد هلائي سگهي ٿو. سچل سرمست به بندي ۽ خالق جي تعلق کي بيباڪيءَ سان اظهاريو آهي، پر هن ڪافيءَ ۾ هي انداز منفرد به آهي ته خوبصورت به!
نرمل رخ تان لاهه نقاب، لڪندي لڪندي عمر گذاريئي!
روحن جت هو ميڙ مچايو، پيچ پرين تو تڏهين پايو،
ورتئي مون کان ”ها“ جو جواب، ڪيئن ٿي پيارا مون کي پڪاريئي!
سهڻا سائين ياد اٿئي سا، قرب ۾ مون سان ڳالهه ڪيئي جا،
توئي عجيب ڏنو هي آب، وقت انهيءَ ۾ ويجهو وهاريئي.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 308)

ڪافيءَ جو هي انداز نرالو به آهي ته ڇرڪائيندڙ به! هي حجت جو انوکو انداز آهي. اها حجت ته تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي، جڏهن حقيقي عشق جي سُرڪي چکجي. هڪ ٻي ڪافيءَ ۾ مخدوم صاحب جي ان حجت جو ڄڻ ڪو سِرو هٿ پيو اچي، چئي ٿو:

جن جي سر تي عشق اطهر ٿيو، اچي جلوه نما،
سي هليا سبحان ڏي، ”هو هو“ جا هونگار هڻي!

ات فقيري فيض جا، چشما ٿيو جاري پون،
جت اچي ويهي ٿو، حضرت عشق اوتارا هڻي!
(ڇپر ۾ ڇڙيون، 352)

مجاز، شاعريءَ جو هڪ اهڙو موضوع آهي، جيڪو هر شاعر وٽ پنهنجي پنهنجي پئماني ۽ رنگ، ڍنگ سان نروار ٿيل آهي. مخدوم صاحب جي ڪافيءَ ۾ به اهڙو موضوع دلڪش ۽ دلنشين انداز سان موجود آهي. سندس هن مشهور اڍايوڻي ڪافيءَ ۾ سُونهن ۽ سوڀيا کي ظاهر ڪرڻ جو مترنم نمونو ڏسو:

وار وڪوڙيل ڪنڍڙا ڪارا، سينڌ سڌي پئي ڏي چمڪارا،
مشڪ سان موهيل خوشبو وارا، تن ۾ گلاب جا گل!

پرين لڳن ٿا ڏاڍا پيارا!

واهه جو ٻڌين ٿو ونگيو وانگوڙو، سمجهي سڀڪو نانگ جو جهوڙو،
تـنهنـجـو قــســم آءٌ نـاهيــان ڪــوڙو، منهنجا محب مٺل!

ڦڻيون ڪڍيو ڄڻ ڏين ڦوڪارا!
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 338)

هن ڪافيءَ جو تخاطب مرداڻو آهي، ته وري ڪٿي ڪٿي مخدوم صاحب جي ڪافيءَ جو مخاطب زنانو به آهي. هن ڪافيءَ ۾ حقيقت ۾ عورت جي سونهن سوڀيا جي ساراهه ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري پنهنجي سماج جي روايت پٽاندڙ ئي هن ڪافيءَ جو مخاطب مذڪر آهي. هن خوبصورت ترنم واري ڪافيءَ ۾ تشبيهه جو خوبصورت نمونو به موجود آهي.

هيرو نڪ ۾ آهي هزاري، بولو بئنسر ميناڪاري،
چندن هـــار ســـڄو ســونهــارو، بــرهه لائــيـن بَڪل؛
ڄڻ چمڪن ٿا چنڊ ۽ تارا.

مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافين ۾ سُونهن سوڀيا، حُسن ۽ عشق، عجز عاجزي، تڙپ بيقراري، آنڌ مانڌ، لُڇڻ ۽ لوچڻ، سڪ ۽ اُڪير جا ڪيترائي عڪس ۽ نقش موجود آهن. هن جي ڪافين ۾ هڪ اهڙو جهان سمايل آهي، جنهن ۾ جڏهن رڳو دري کولي جهاتي پائجي ٿي ته ماڻهوءَ تي عجب جهڙي مسرور ڪن ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، جنهن آڏو مَڌ جو سرور به ڦِڪو ٿيو پوي. دل دنبوري جيان وڄڻ شروع ٿئي ٿي، جسم موسيقيءَ جي لئه تي رقص ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ ڄڻ ڪائنات ۾ ڪو مڌر سُر جاڳي پوي ٿو. شاعر جا جذبا، احساس ۽ ڪيفيتون جڏهن موسيقت سان پُر ٿي سُر ۽ تال جي صورت اختيار ڪري اسان جي بصري سماعتن سان ٽڪرائجن ٿا ته ان وقت ڄڻ هر ذهن ڪيف ڪڪوريل بڻجيو پوي، سندس ڪجهه اهڙين شاهڪار سِٽن جا عڪس هت پسڻ ضروري آهي:

تون ڇا هئين، ڇا مان ڇا ٿي وئين،
جڏهن تنهنجو ٿيس ته جدا ٿي وئين!

عــجـــب عـــشـــق آهــي اسـان جـو الــستي،
ڪڏهن بُت پرستي، ڪڏهن خُود پرستي!

لڳايم نينهن جو ناتو، اهو ناتو نِڀائيندس!

عمر بند رکبيون نه ڪنهن جون نياڻيون،
مڙئي منهنجون شاهد اَٿئي گهر ڌياڻيون!

تـــو دلـــڙي يـار ڌُتـاري، پر ير، ڪـانه ڪيئي پوئواري،
تنهنجا ڪيسَ پيارل ڪارا، آهـــــن پيچ انهن جا پيارا،
ڪن وَنگ وجهڻ لئي وارا، پائــــن ڳٽ ڳچي ۾ ڳارا!

سڪندي ٿـيڙم سال، ويٺي ساجن ساريان،
ساجـــــــن ســـــــاريـــــان، ڪــــيئن وســاريـان.

تو سان نرمل نينهن نڀائيندس، ٻي پاسي دل نه لڳائيندس!

تون پهرئين نظر ۾ کسي دل کڻي وئين.

اکـــيـــون عــــزم واريــون عقابي عقابي،
هو مارڻ سان ڪن ٿيون شتابي شتابي.

مون نه ٿي ڀانيو ته آخر، ڌار ويچاري ڪندا،
پر اڃا آهن اميــدون، محـــب موچاري ڪندا!

مخدوم صاحب جتي ڪافين کي موضوع ۽ مضمون سان به رنگيني بخشي آهي، اُتي هن انهن ۾ اندروني قافين ۽ لفظن جي ورجاءَ سان به هڪڙي لئڪاري پيدا ڪئي آهي، هر ٻڌندڙ، ڀلي اُهو موسيقيءَ جي علم کان اڻ واقف هجي، پوءِ به اُن جي ترنم ۽ رواني، سلاست ۽ سادگيءَ کان متاثر ٿيڻ کان رهي نه ٿو سگهي. هي بند ڏسو:

ســـــهڻـــــل جــــــــــا ســيــــنــــگــــار، وهــــوا دل کي وڻــــــن ٿــــا،
دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، من کي موهن ٿا!

ڪـــارا ڪـــارا، ڪنڍڙا ڪنڍڙا، سهڻا سهڻا، سنهڙا سنهڙا،
وانگوڙي ۾ وار!

تيل ڦليل، ڦڻيون ڦوڪارا، ڌوپيل واسيل ڪيسَ هُو ڪارا،
گَهرا گُهنڊيدار،

گڏ گذارڻ اٿــڻ ۽ ويهـــڻ، طالـــب مـــــولا رُســــڻ ۽ پَــــــــرچڻ،
محبت جا معيار!

هنن بندن ۾ جيڪا دلڪشي، رنگيني، رواني ۽ دلنشيني موجود آهي، اها ان جي ٻوليءَ ۽ اسلوب سبب آهي.
ڪافيءَ سنڌ جي نج ديسي صنف آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جو استعمال به نج ڪيو ويندو آهي ته جيئن ان جي اصليت به قائم رهي، پر وقت سان گڏوگڏ عام مروج ٻوليءَ ۾ جيڪي مثبت تبديليون ٿينديون رهن ٿيون، اُهي اسان جي شاعريءَ تي به اثرانداز ٿينديون رهن ٿيون. خيال فقط ان ڳالهه جو رکڻو آهي ته ٻين ٻولين جا اثر قبول ڪندي، اسان پنهنجي ٻوليءَ جي اصليت، ان جي صورت خطيءَ، لهجن توڙي وياڪرڻ جي بنيادي اصولن کي وساري نه ويهون. وقت سان گڏ ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ اهڙيون تبديليون مخدوم صاحب به قبول ڪندي؛ انهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي آندو آهي. مثال طور سندن هڪ ڪافيءَ جي بند ۾ اکين کي ”ڪميونسٽ“ سڏيو ويو آهي ته گڏوگڏ شاعر اکين کي روس ۽ چين جي عقيدن جي انڪارين/ ڪميونسٽن سان ڀيٽيندي چوي ٿو ته کيس هر لمحي بيقرار رکيو ويٺو آهن:

هو تسليم ڪنهن کي، ڪڏهن ڪين ڪن ٿيون،
يقيناً اهي ٻئي، ”ڪميونسٽ“ آهن.
اٿن ڄڻڪ روسين ۽ چينين جون چاليون!

مخدوم صاحب عروضي شاعر به هو ته ”غزل“ جي اصل ديس واري ٻوليءَ کي ضرورت مطابق غزل ۾ سموهڻ جو حامي پڻ. ان ڪري سندس غزلن ۾ صراحي، مينا، ساقي، جام وغيره جهڙا لفظ ۽ ترڪيبون موجود آهن، اتي عربي، فارسي لفظن جي آميزش اسان کي سندس ڪافيءَ ۾ ملي ٿي، پر اها ڪافيءَ جي خوبصورتيءَ کي متاثر نه ٿي ڪري، بلڪ ان ۾ رلي ملي لئه ڪاري پيدا ٿي ڪري. هت چند مثال پيش ڪجن ٿا:
ڪٿي تير تبر، ڪٿي تيغ تفنگ،
ڪٿي هرڪا نظر، آهـي جامِ فگن،
تنهنجو هر ڪو اشارو، زهد شڪن.

مٿي مختصر طور مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافيءَ بابت گفتگو ڪئي وئي آهي، ان جي پس منظر بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ لکيو آهي.

”موجوده دؤر ۾ حضرت مخدوم طالب الموليٰ سائين ڪافيءَ جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي ڪافين ۾ رس، رچاءُ ۽ موسيقيت بدرجه اُتم موجود آهي. اهوئي سبب آهي، جو جڏهن سندس ڪافيون ڳايون وينديون آهن، ته روح کي راحت رسندي آهي ۽ قلب کي قرار حاصل ٿيندو آهي. سندس ڪافين ۾ عرفان ۽ ايقان جا نُڪتا به ملن ٿا؛ ته مجازي عشق جا جذبا به مؤثر انداز ۾ ملن ٿا.
مخدوم صاحب جون ڪافيون، جدت ۽ انفراديت، فني پختگيءَ ۽ موسيقيت جي لحاظ کان سنڌي ادب جو شاهڪار ڪافيون بنجي پيون آهن.“
(ٽماهي مهراڻ، ص 308، 1/2013)

مخدوم طالب الموليٰ سنڌي شاعريءَ جي هن ڪلاسيڪي صنف کي جنهن نئين انداز ۽ جدت سان پيش ڪيو آهي، اهو تجربو، نه فقط ڪامياب ثابت ٿيو آهي، پر سندن اهڙي قدم سان ڪافيءَ جهڙي صنف نئين رنگ، ڍنگ سان نکري نروار ٿي بيٺي آهي. پاڻ عملي طور به ڪافيءَ کي جيئارڻ لاءِ ”ڪافي مشاعرا“ منعقد ڪرايائون، گڏوگڏ ڪافيءَ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ ”ڪافي“ نالي سان تحقيقي ڪتاب به لکيائون، جيڪو مواد، ترتيب ۽ اسلوب سبب سنڌي ادب ۾ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو.
ڪافيءَ کي سرائڪيءَ جي مشهور محقق ۽ اديب محترم حفيظ خان، ”موضوعاتي نظم سڏيو آهي ته ان کي سنڌو ماٿري جي شعوري تاريخ“ به سڏيو آهي. هن جي اها راءِ سموري سنڌي ڪافين جي مطالعي بعد بلڪل درست نظر اچي ٿي.
هن مضمون ۾ سروري خاندان ۾ ڪافيءَ جي روايت بابت جيڪو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان مان به اها ڳالهه نظر اچي ٿي ته اسان جا هي ٻئي وڏا ”ڪافي گو“ شاعر پنهنجي وقت جي حالتن کان باخبر هئا ته هنن شعري هيئتن ذريعي عام ماڻهن کي سُک، سڪون، پيار، محبت، امن، آشتي، ميٺ، مروت، ڌرتيءَ سان پيار، برابري، سَهپ ۽ رواداريءَ جو پيغام پڻ ڏنو آهي.

[b]
(سنڌي لئنگيج اٿارٽي پاران 22 ڊسمبر 2013 تي ڪرايل ”ڪافي ڪانفرنس“ ۾ پڙهيل ۽ تحقيقي جرنل ”سنڌي ٻولي“، جنوري_ مارچ 2014 ۾ شايع ٿيل)[/b]