لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جَلِي منهنجي جاڳَ

تحقيقَ جي محنت طلب ۽ نور نچوئيندڙَ ڪَمَ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مخمور بُخاريءَ ڪيترو ئي تخليقي ڪَمُ پِڻُ ڪَيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمونَ مختلف اديبن ۽ ڪتابن متعلق آهن. اِهي مضمونَ اڀياسي ۽ تاثراتي نوعيت جا آهن. موضوعن جي رنگا رنگيءَ سبب هي ڪتابُ يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجندو. ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هن ڪتاب ۾ موجود مڙني مضمونن ۾ پنهنجي ڏاتِ ۽ مطالعي جو سهڻو اظهارُ ڪيو آهي.
Title Cover of book جَلِي منهنجي جاڳَ

آزاد نظمَ جي اؤسر (ڪَٿَ): سک سمهڻ ”شمشير“ اڃان ڪٿ

سنڌي ادب ۾ نئين روايتن کي اپنائڻ ۽ ان کي قبول ڪرڻ جو؛ دنيا جي زرخيز ادب وانگر رجحان موجود آهي، ان ئي اثر هيٺ اسان جي اديبن، شاعرن، محققن ۽ نقادن هڪ نئين لاڙي ۽ فني تبديليءَ ڏانهن ڌيان ڌريو آهي. اهڙا لاڙا ۽ رجحان شاعريءَ جي حوالي سان هجن يا نثر جي اعتبار کان هجن، انهن کي پنهنجي مخصوص ماحول ۽ وقت جي گُهرج پٽاندڙ پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي.
سنڌي شاعريءَ ۾ آزاد نظم جهڙي هيئت به ان ئي رجحان هيٺ عام ٿي آهي. هن صنف تي ڪافي اعتراض به ٿيا ته بحث به. پر ٻئي طرف نظم جي هن گهاڙيٽي کي قبول ڪندڙن پاران ان جي حق ۾ دليل ڏنا ويا.
شمشيرالحيدري سنڌي ادب جو اهو معتبر شاعر، نقاد ۽ عالم هو جنهن وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي ”آزاد نظم جي اوسر“ نالي ڪتاب لکيو، جيڪو پنهنجي موضوع، مضمون ۽ ترتيب جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ هڪ يادگار جي حيثيت رکي ٿو. هن مقالي ۾ شمشيرالحيدري هڪ سُڄاڻ نقاد جي حيثيت ۾ آزاد نظم جو ڪيس وڙهيو آهي ۽ وقت جهڙو بي رحم جج پنهنجو فيصلو ڄڻ شمشير جا مضبوط دليل ٻڌڻ کان پوءِ ان جي حق ۾ ڏيئي ڇڏيو! ان لاءِ هنن صفحن ۾ آزاد نظم جي ان ڪيس کي ورائي پڙهڻ ۽ ان بابت ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ضرورت، ان لاءِ به آهي جو ڏسون ته سنڌي ادب جي ويڄ/ نقاد شمشيرالحيدري سنڌي شاعريءَ جي روح جو ڪيس ڪيئن وڙهيو آهي.

آزاد نظم جي اوسر:
هيءُ مقالو، بنيادي طرح هيٺين ستن بابن ۾ ورڇيل آهي:
باب پهريون: جديد شاعري
باب ٻيو: سنڌي شاعريءَ جو مزاج
باب ٽيو: آزاد نظم جو تاريخي پس منظر
باب چوٿون: آزاد نظم اردو ۾
باب پنجون: غزل کان آزاد نظم تائين
باب ڇهون: آزاد نظم جو فن
باب ستون: سنڌي آزاد نظم جو مستقبل

هنن ستن بابن ۾ جنهن ڪمال سان سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل، روايتي، عروضي ۽ جديد دور جو مطالعو ڪيو ويو آهي، اهو اڀياس شمشيرالحيدري جهڙو باڪمال نقاد ئي ڪري پيو سگهيو. ڇاڪاڻ ته هو خود به آزاد نظم جو باڪمال شاعر هو. اڄ کان لڳ ڀڳ مُني صدي اڳ جڏهن سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي ابتدا ٿي ته ان تي ڪافي اعتراض ڪيا ويا. عروض ۽ روايت سان سلهاڙيل شاعرن ۽ نقادن ان کي شاعري مڃڻ کان انڪار ڪيو. قطع نظر ان جي ته شعر پنهنجي ظاهري ڍانچي (فن) جو نالو ناهي، پر ان ڍانچي/ سانچي ۾ ماپيل سٽون/ لفظ جيڪڏهن پنهنجي اندر ۾ ڪو جذبو، احساس ۽ خيال جي اُڇل نه ٿا رکن، ان وقت تائين اُهي لفظ ۽ اُهي سٽون بي روح ٿين ٿيون ۽ آزاد نظم خيال جي اُڇل جو اَنوکو تجربو آهي. جديد شاعريءَ واري باب ۾ حيدري صاحب سنڌي شاعريءَ سان جُڙيل جِدت جي متعلق لکي ٿو:

”سنڌي جديد شاعري اڃا تجرباتي دور مان گذري رهي آهي، جنهن کي ان جو تشڪيلي دور چئي سگهجي ٿو. دراصل هر ڪا نئين شاعري هڪ مسلسل تجربو هوندي آهي.“ (ص 16)
ڪنهن به ٻوليءَ جو شاعر پنهنجي شاندار روايت/ ڪلاسيڪيت کان پنهنجو پاند آجو ڪرائي نه سگهندو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ٻولي، لولي، سوچڻ، لوچڻ، تهذيب، تمدن، ثقافت سڀ ڪجهه ان روايت سان ڳنڍيل هوندو آهي، جيڪا روايت پنهنجي شاندار رڪارڊ جي بنياد تي ان زبان جي ادب ۽ شاعريءَ جي ڪلاسيڪيت جو درجو حاصل ڪري وٺندي آهي، پر ان جو مقصد هرگز نه ٿو ٿئي ته فقط روايت جي پٺيان اکيون ٻوٽي هلجي. دنيا جي ڪيترين ئي زبانن جي اعليٰ فهم رکندڙ اديبن، شاعرن ۽ نقادن روايت ۽ جدت جو سنگم قائم رکيو آهي، ساڳئي وقت سنڌي شاعريءَ ۾ به روايت سان جدت کي ڳنڍي هلڻ جو مثال موجود آهي.
ايران کان اڏامندي جڏهن غزل اسان وٽ پهتو ته هتان جي شاعرن ان کي فن ۽ مزاج مطابق قبول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. فن ته قبول جوڳو هو/ آهي، پر ان جو ايراني مزاج سنڌي مزاج سان ٺهڪي ڪيئن اچي؟ اهو سوال انهن ماڻهن لاءِ انتهائي ڳورو هو جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ ان جي روايت سان جڙيل مزاج کان واقف هئا. خليفي گُل هالائي جي ذهني تربيت ڪافيءَ جي شاعر پير علي گوهر ”اصغر“ وٽ ٿي، اِن لاءِ اُن جيڪو پهريون ڀيرو سنڌي غزل جو مڪمل ديوان ”ديوان گُل“ ڏنو. اهو هو ته عربي بحرن تي مشتمل پر اُن جا استعارا، تلميحون، تشبيهون مطلب ته سمورو ڪجهه سنڌي هو. ڇاڪاڻ ته هو روايت سان جُڙيل هجڻ باوجود شاعريءَ ۾ نئين هيئتن ڏانهن وڌي رهيو هو، اها اُن دور ۾ هڪ نئين اُمنگ هئي. هڪ نئين واٽ جنهن تي گُل کان پهرئين ڪي ٻيا شاعر نور محمد ”خسته“، حافظ عالي، مرزا تقي، ميان ڇتن، مُلا اويس شڪارپوري، مُلاصاحبڏنو ”صاحب“ ۽ خليفو ڪرم الله شڪارپوري به هليا، پر ڪو پڪو پختو رستو جوڙي نه سگهيا. ها البته رستي جا نشان مقرر ضرور ڪيائون. شعري هيئت ڪافيءَ سان لاڳاپيل خليفي گُل غزل چيا. سانچو فارسيدانن وارو استعمال ڪيائين، ان ۾ گَپ ۽ گَارو پنهنجو ڳوهيائين ۽ سنڌي غزل جي عمارت جوڙيائين:

آيو اڄ يار گهر پيهي، وئا ڏُکڙا ورئا سُکڙا،
مليو پرڏيهه ۾ ڏيهي، وئا ڏُکڙا ورئا سُکڙا،

کلئو اڄ باغ گل رنگي، هزارو هيج مان زنگي،
نباهئــــو نينـهــــن نــــــــر نيهـــــــي، وئـــا ڏُکـــــڙا ورئا سُکڙا.
(ديوان گل، ص4، 1858ع)

”گُل“ بابت شمشيرالحيدري لکي ٿو:
”سنڌيءَ ۾ غزل جو پهريون نشان ”گُل“ جو ديوان آهي. غزل جي انهي شاعريءَ ۾ اسان کي فارسيت بجاءِ ٺيٺ سنڌي مزاج نظر ايندو، زبان، ماحول، فضا ۽ سمورا اسم هتي جا آهن، وڻ ۽ وليون ماڻهن جا ڌنڌا ۽ عادتون، ماڳ ۽ منظر سڀ مقامي آهن، بحرن ۾ عروضي قانون واري سختي ڪانهي ۽ صوتي اچارن تي قافيا به موجود آهن، جيئن سنڌيءَ جي ڪلاسيڪل شاعري ۾ آهن، سنڌي غزل جي اها پهرئين روايت هئي، جا تصوف جي دور سان متعلق آهي، پر گهڻو پوءِ جي غزل گو شاعرن جن کي اسين ”بي تعلق دور جا فارسيت زده شاعر“ چئون ٿا، انهيءَ روايت سان پنهنجو تعلق قائم نه ڪيو.“ (ص 22)

گُل جي واٽ تي قاسم نه هلي سگهيو، ان جي غزل ۾ فارسيت جو رنگ غالب آهي. گُل کان پوءِ سانگيءَ جو غزل ان جي واٽ تي هليو ۽ وڌيڪ جَرڪيو. ”سنڌي شاعري جي مزاج“ واري باب ۾ حيدري صاحب لکي ٿو:
”سنڌي غزل ۾ ٻي اهم روايت ”سانگيءَ“ قائم ڪئي، جنهن پهريون ڀيرو عشقيه شاعريءَ کي مڪمل روپ ڏنو. سانگيءَ جي ڪلام ۾ به اسان کي ايراني منظر نٿا ملن، سندس زبان ۽ لب لهجو به مقامي آهي ته ان جي پيشڪش به پنهنجي اٿس. ڪلاسيڪي تلميحون به استعمال ڪيون اٿس ته ترڪيبون ۽ استعارا به. عروضي اصولن جي سختيءَ کي سانگيءَ به نه قبوليو آهي.“
(ص 23-22)

سانگيءَ کان پوءِ مرزا قليچ بيگ نثر ۽ نظم ۾ نوان بنياد رکيا. جيتوڻيڪ هن به عربي عروض جي مطابق شعر چيو، پر ان ۾ پنهنجي روايت ۽ مزاج کي قائم رکيو. سنڌ ۾ غزل جو وارد ٿيڻ به بادشاهن جي درٻار سان وابسته آهي ۽ ڪيترن ئي درٻاري شاعرن ان کي ان لاءِ واپرايو ته سندن انعامن ۽ مان مرتبي ۾ واڌارو ايندو، پر هنن تاريخ کان اڻڄاڻ شاعرن اهو سوچيو ئي نه، ته سڀاڻ جي نقاد جي نظر ۾ سندن شاعراڻي حيثيت ڇا رهندي؟ ساڳئي وقت غزل سان گڏ مثنوي، مسمط، رُباعي، مخمس ۽ مسدس جهڙيون شعري هيئتون به فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ پهتيون. هنن ۾ مسلسل بيانيءَ وارو پهلو موجود آهي، جيڪو سنڌي بيت، وائي ۽ ڪافيءَ ۾ به موجود آهي. منهنجي خيال موجب نظم به ان ئي بيت ۽ وائي ۽ ڪافيءَ جي بنيادي هيئت مان ئي ڦُٽي نڪتو آهي. سنڌي آزاد نظم ابتدا ۾ پابند نظم ۾ سفر ڪيو. صاحب مصنف سنڌيءَ جي ڪن ابتدائي ۽ شاهڪار نظمن جا نالا ڄاڻايا آهن.

”سنڌ ۾ عربي عروض ۽ فارسي آلوده غزل ته پهتو، پر ڪن ساڃاهه وند شاعرن ان کي پنهنجي مزاج سان قبول ڪيو ته ڪن ان کي ان جي فارسي مزاج سان قبول ڪيو. اهڙا شاعر شعر جي روح تائين ته نه پهچي سگهيا مگر ٺلهو فن جي پٺيان پنهنجيون زندگيون ڳاري ويٺا. هن ايڏي وٺ وٺان کان پوءِ به سنڌي شاعريءَ جي روايت قائم رهي، ڇاڪاڻ ته جنهن به شعر جون پاڙون پنهنجي زمين ۾ کُتل هونديون آهن، اهو شعر هزارن سالن جي حياتي ماڻيندو آهي. فارسي غزل کي سنڌي مزاج سان قبول ڪندڙ ان ۾ محبوب ”رقيب رو سياه“ جي بجاءِ ڪلاسيڪل شاعريءَ جيان محبوب کي مذڪر بجاءِ مؤنث ۾ پيش ڪيو.“ (ص 26).
شمشيرالحيدري ان بحث کان پوءِ لکي ٿو:
”پنهنجي ماضي جي زندهه روايتن جي حفاظت سان گڏ، هر ڪا شاعري پنهنجي دور جون نيون روايتون به قائم ڪندي آهي، ڇو ته ان جو پنهنجو زمانو ۽ بدليل حالتون هونديون آهن، جديد شاعريءَ جو هيئت جي تجربن ۾ سڀ کان وڏو اضافو ”جديد نظم“ آهي.... مواد جي لحاظ کان زماني جي جديد ترين فڪر ۽ بين الاقوامي احساس کي سنڌي شاعريءَ ۾ جڳهه ڏني ويئي آهي. بنيادي روايتن جي حوالي سان هيءَ ڳالهه شايد سڀ کان اهم آهي ته جديد نظم نگاريءَ ۾ ڪٿي به مغربي منظر نه ايندا.“ (ص 27-26)

بحث کي گڏ ڪندي شمشيرالحيدري ڪي نتيجا به ڪڍي ٿو:
(1) سنڌيءَ جي ”عظيم شاعري“ (ڪلاسيڪل) عروضي پيمانن تي نه بلڪ هندي وزن ۽ موسيقيءَ جي اصولن تي ٻڌل آهي.
(2) عروضي پابنديون سنڌي مزاج سان ٺهڪندڙ نه آهن ۽ سنڌي شاعرن انهن تي ڪڏهن به مڪمل طرح عمل نه ڪيو آهي.
(3) ٺيٺ ايراني ماحول واري روايتي شاعري، شروع کان اڄ تائين، سنڌي شاعريءَ جي ڪنهن به دور سان نه ٿي ٺهڪي ۽ اها سنڌي مزاج کان مختلف آهي.
(4) سنڌي شاعري شروع کان اڄ تائين ٻاهريون صنفون فقط اظهار جي سانچي طور اختيار ڪيون آهن. هڪڙي گروهه انهن ۾ زبان، مواد، ماحول، ڪردارن ۽ اسلوب جي لحاظ کان مڪمل طرح ايراني شاعريءَ جي تقليد ڪئي، تنهنڪري سنڌي شاعريءَ جي ارتقا ۾ ان جو ڪوبه دخل ڪونهي.
(5) جديد شاعري، ڪلاسيڪي دور جو نئون تعبير آهي ۽ سنڌي مزاج سان موافق آهي. (ص 28-27)

سنڌيءَ ۾ آزاد نظم اردو کان پوءِ آيو آهي، اردو اسان جي تمام ويجهڙائيءَ واري زبان آهي جو ڏينهن رات اسان جو ان زبان سان واسطو پئي ٿو، ان زبان جا اديب ۽ شاعر بُت شِڪن آهن، هو وقت ۽ حالتن سان گڏوگڏ شعر جي خصوصيت، اهميت، مزاج سان گڏوگڏ هيئتن ۾ به ڦير ڦار ڪندا رهن ٿا. شمشيرالحيدري جي ”آزاد نظم - اردو ۾“ جي سري هيٺ ڪيل تفصيلي گفتگوءَ مان اهو ظاهر آهي ته اردو دان محمد حسين ”آزاد“ 15- آگسٽ 1867ع تي ”نظم اور کلام، موزون کے باب ميں خيالات“ جي عنوان سان ليڪچر ۾ روايتي شاعريءَ جي سطحيت ۽ غير سنجيدگيءَ جي خلاف ڳالهايو. (ص 36)
اڳتي هلي 1874ع ۾ هڪ مشاعري ۾ آزاد ۽ حاليءَ پنهنجا نظم پڙهيا. اها ڳالهه ان وقت ۾ رِوايت شِڪن هئي، پر باوجود ان جي، هنن ٻنهي صاحبن جا نظم خيال ۾ ته نوان هئا پر هنن جي هيئت ۽ اسلوب ساڳيو مثنوين ۽ قصيدن جهڙو هو، پر تنهن هوندي به هنن جي نظمن اردو شاعريءَ کي نوان موضوع ڏنا (ص 37). اهڙيءَ ريت اردو جي هنن روشن خيال اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اردو شاعريءَ ۾ آزاد، حالي، اسماعيل ميرٺي، مولانا عبدالحليم شرر، مولوي حيدر علي طبا طبائي، مولوي عبدالحق ۽ سجاد حيدر يلدرم تبديليون آنديون، اهي تبديليون فن ۽ فڪر جي حوالي سان هيون، ان طرح اهي تبديليون سفر در سفر آزاد نظم تائين پهتيون. لڳ ڀڳ 1900 عيسوي ۾ مولانا عبدالحليم شرر بنا قافيي جي نظم ۾ ڊرامو لکيو، جيڪو ”دلگذار“ رسالي ۾ شايع ٿيو، جنهن کان پوءِ اردو شاعريءَ ۾ اهي هيئتي تجربا ڪامياب ٿيا، ن.م راشد ۽ ميراجي 1935ع کان آزاد نظم ڏانهن باقاعده قدم وڌايو.
شمشيرالحيدري جي هن گفتگوءَ کان پوءِ اسان جي سامهون اردو زبان ۾ آزاد نظم جو پس منظر چٽو ٿي بيهي ٿو، جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته اردو جا اديب ۽ شاعر رِوايت شِڪن رهيا آهن، هنن جلد ئي وقت سان گڏ پنهنجي شاعريءَ جي مزاج کي سمجهي ان ۾ تبديليون آنديون.
”آزاد نظم جي اوسر“ مقالي جو پنجون باب ”غزل کان آزاد نظم تائين“ اهم باب آهي، جنهن ۾ ”سنڌي شاعري ۾ نظم جو لاڙو“، ”نظم جو فني مزاج“، ”آزاد نظم جي اصليت“ جي عنوان هيٺ سنڌي شاعري جي ڪَومَل مزاج، گهاڙيٽن اندر تبديلي جي گنجائش، سنڌي سماج جي حالتن جي پس منظر ۾ نظم جي فطري ضرورت بابت جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي آهي، ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌيءَ ۾ بيت ۽ وائي بنيادي گهاڙيٽا آهن، جنهن مان ئي نظم جو وجود ٿيو. حيدري صاحب جي خيال موجب خليفي گُل جا ڪجهه غزل مسلسل غزل آهن، جيڪي نظم کي ويجها آهن. ڪافيءَ داخلي ۽ بيت خارجي ڪيفيتن جي ڀرپور ترجماني ڪن ٿا ۽ آزاد نظم انهن ٻنهي ڪيفيتن جي گڏيل تصوير آهي. مقالي جو مصنف لکي ٿو:

”فني مزاج جي لحاظ کان ”نظم“ جي صنف ئي آهي، جنهن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيت يعني ”غمِ جانان“ ۽ ”غمِ دوران“ يا ”جذبي“ ۽ ”فڪر“ جو بهترين ميلاپ پيدا ٿي سگهي ٿو“.
(ص 60)

آزاد نظم جي وجود ۾ اچڻ جي بنيادي سبب بابت لکي ٿو:

”زندگي جي اڄوڪيءَ سخت ڪشمڪش واري حالت ۾ ”ذاتي ڏُکن“ جو دائرو به وسيع ٿي ويو آهي، ۽ سڄي دنيا جي ملڪن ۽ تهذيبن جي هڪٻئي ۾ قربت وڌي وڃڻ ڪري ”انساني ڏکن“ جو دائرو به وسيع ٿي ويو آهي. شخصيت ۽ انسانيت جي انهي تاريخي احساسات جي ڀرپور ترجمانيءَ لاءِ گهربل وسعت جي تصور مان ئي ”آزاد نظم“ جي صنف جي ايجاد عمل ۾ ئي آئي آهي.“ (ص 60)

سنڌيءَ ۾ مرزا قليچ بيگ وڏو انقلاب آندو، هن پرڏيهي ادب کي ترجمي جي صورت ۾ سنڌيءَ ۾ منتقل ڪيو جنهن کي مرزا صاحب جا آزاد ترجما سڏي سگهجن ٿا جو اصل جي خيال کي سنڌيءَ ۾ آڻيندي ان کي مقامي ماحول ڏنو. اهڙيءَ ريت سنڌي ادب ۾ نوان خيال ۽ گهاڙيٽا متعارف ٿيا. مرزا صاحب خود به طبعزاد نظم لکيا. هن جا نظم سنڌي شاعريءَ ۾ تبديلي جو سبب بڻيا. ڪشنچند بيوس به جديد شاعريءَ ڏانهن مضبوط وکون کنيون ۽ اِهائي واٽ اختيار ڪندي ورهاڱي کان ڏهاڪو سال اڳ سوڀراج ”فاني“ سنڌيءَ جو پهريون آزاد نظم لکيو جيڪو ”سنڌو“ رسالي ۾ شايع ٿيو(ص 86). اهڙيءَ طرح شيخ اياز، شيخ راز، نارائڻ شيام ۽ ڪن ان وقت جي نوجوان شاعرن آزاد نظم تي تجربا ڪيا (ص 86).
ورهاڱي کان پوءِ هن صنف به پنهنجو سفر جاري رکيو. شيخ اياز، تنوير عباسي، امداد حسيني، گورڌن محبوباڻي، نعيم دريشاڻي، شيخ راز، قمر شهباز، تاج بلوچ، واسديو نرمل، ارجن شاد ۽ ٻين ڪيترن ئي آزاد نظم لکيا. هن وقت هيءَ صنف نوجوان شاعرن جي محبوب صنف بڻجي چڪي آهي. ڪيترائي بهترين آزاد ۽ نثري نظم لکيا ويا آهن، پر ان سان گڏ نئين ٽهي ان لاءِ رياضت جي عمل کي هن وقت گهٽائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ صنف جيتري آسان نظر اچي ٿي. اوتري ئي اها ڏکي، وقت گهرندڙ، گهري مطالعي ۽ مشاهدي تي آڌاريل آهي.
شمشيرالحيدري هڪ سُڄاڻ نقاد وانگر آزاد نظم جي دنيا ۾ ابتدا، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ان جي ارتقا، سنڌي شاعريءَ جي مزاج، گهاڙيٽن ۾ تبديلين ۽ آزاد نظم جي فن بابت هن مختصر، پر جامع مقالي ۾ انتهائي ڌيان، گيان ۽ سنجيدگيءَ سان لکيو آهي.
هيءُ ڪتاب موضوع ۽ ان جي مضمونن ۽ مواد جي ترتيب جي حوالي سان اڌ صدي گذرڻ بعد به انتهائي اهم ۽ ڪارائتو آهي، جنهن جو مطالعو سنڌي ادب جي شاگردن ۽ استادن لاءِ اڄ به ضروري آهي.
شمشيرالحيدري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل هيءَ محنت، اڄ به اسان کان گهڻو مانُ گهري ٿي!!
(ٽماهي مهراڻ، 3/2013)