علامه غلام محمد مهيسر : سنڌ جو هڪ سدا حيات عالم
سنڌ جي هر وستي، واهڻ، ڳوٺ ۾ اسان کي تاريخ جا نقش نگار چٽيندڙ ڪانه ڪا شخصيت ضرور نظر ايندي. هي سڄي سنڌ سون آهي. هن جو ذرو ذرو ماڻڪ موتين مثل آهي. نامور تاريخدان پير حسام الدين شاهه چيو هو ته: ”سنڌ جي تاريخ تي ايترو ته ڪم ڪرڻو آهي جو؛ سؤ سال هجن ۽ سؤ ماڻهو ويهي ڪم ڪن ته به شايد ڪم پورو نه ٿي سگھي۾“.
سو سنڌ جي هرخطي جو هڪ الڳ مزاج نظر ايندو. هي سچل جي ديس ۾ حق موجود جي حالت، ان جي ڀرسان کُهڙن جا عالم شريعت جا سخت پابند يعني ٻه جدا جدا مزاج هڪ ئي وقت تي گڏوگڏ ساهه کڻندا رهن ٿا. ٻنهي جا پيروڪار/ مڃيندڙ موجود آهن. هن ئي ماحول ۾ علميت جا صاحب شريعت ۽ روحانيت جا مڃيندڙ به پيدا ٿيندا رهيا آهن جن ۾؛ پير راشد روضي ڌڻي جهڙو هاڪارو عالم، شريعت ۽ روحانيت جو صاحب وڏي حيثيت جو مالڪ آهي. هن ئي خطي مان ٻيا به ڪيترائي اهڙا فرد پيدا ٿيا آهن؛ اهڙن ئي هستين مان حضرت مولانا غلام محمد مهيسرؒ، جن جهڙو عالم، اهلِ دل بزرگ به پنهنجي علميت، سادگي، ڄاڻ، شعور، عقل، فهم، تدبر ۾ يڪتا هو. درحقيقت اهڙا ئي فرد هڪ صحتمند معاشري جي تشڪيل جو سبب بڻيا آهن، هنن جو ڪردار، فهم، فراست، عقل توڙي علميت سڀ معاشري جي فردن جي ذهني تربيت، اخلاقي قدرن جي بحالي کان ويندي پنهنجي ذات ۾ پوشيده حيثيت کي سڃاڻڻ جو شعور ڏيندا آهن، اهڙن فردن جي من ۾ ڪنهن به قسم جي لالچ، لوڀ، وڏائي، تڪبر، غرور نه هوندو آهي، بلڪ هنن جي علميت هنن ۾ نوڙت، نياز، عاجزي ۽ پنهنجو پاڻ ارپڻ جهڙا جذبا پيدا ڪندي آهي.
علامه غلام مُحمد جو به اهڙن فردن ۾ شُمار ٿئي ٿو جن پنهنجي ذات مان ڪيترائي ڏيئا روشن ڪيا. ڪيترن ئي ذهنن جي تربيت ڪئي. هڪ لاٽ جلائِي جنهن جو سوجھرو اڄ به ڏسي سگھجي ٿو. هن جيڪي مختلف وقتن تي فتوائون جاري ڪيون ان جي علمي حيثيت به آهي ته ان دور جي مذهبي ۽ سياسي حالتن جو پس منظر به اُن مان پرکي سگھجي ٿو، ساڳي طرح کُهڙا شريف جي مخدومن جي وچ ۾ ٿيل اڻبڻت جي نتيجي ۾ شڪارپور جي سول جج طرفان مقرر ٿيل منصف جي حيثيت ۾ ڪيل علامه صاحب جي لکت وارو فيصلو سندن علمي حيثيت کي ته ظاهر ڪري ٿو؛ پر اهو دستاويز سنڌي زبان کي دفتري زبان سان گڏ قانوني زبان جي حيثيت پڻ مڃرائي ٿو. هن دستاويز مان علامه صاحب جي لسانيت جي ماهر طور پڻ سڃاڻپ بڻجي ٿي. اهڙي طرح سندن مُعتقد آغا ظفر علي خان، مئنيجر ”سنڌ زميندار اخبار“ روزانه جيڪو خط لکندو هو (جنهن جو ذخيرو خاندان وٽ موجود آهي) اُهي خط به ان دور جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ مذهبي حالتن جو هڪ اهم ماخذ آهي. آغا ظفر علي خان، پير علي مُحمد شاهه راشدي جي تحرير موجب ڏاڍو دلچسپ شخص هو. مذهبي ماڻهو به هو ته اخبار جو مئنيجر به هو. اهڙي شخص جا خط يقيناً ان دور جي حالتن جو عڪس هوندا. علامه صاحب جو هي سمورو ذخيرو اهتمام سان شايع ٿيڻ گھرجي. اهڙي ريت سندس مڪمل مُستند سَوانح حيات به شايع ٿيڻ گھرجي. جنهن ۾ خانداني پس منظر کان ويندي سندس تعليم، تربيت، استادن توڙي سندس شاگردن ۽ مُعتقدن بابت لکيو وڃي. ڇاڪاڻ ته علامه صاحب اهڙي شخصيت جا مالڪ هئا جن پنهنجي سموري حياتي کي شاهه صاحب جي هن شعر جيان گذاري:
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي
ويچيندي ولايت ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ
سا ڪا هڙ هلاءِ،آڳهه جنهن جي اُبهين
هي انهن فردن جي جماعت جو سرڪردو هو جيڪي ڀٽائي جي هنن سٽن جا عڪاس رهيا:
کُرڪڻا لاهي، سُک نه ستا ڪڏهن،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
اهو سفر، اهو اوسيئڙو، اها اُڻ تڻ، اها آنڌ مانڌ ڪنهن دنيائي ثمر ميڙڻ لاءِ ناهي. بلڪ اها جدوجهد آهي فطرت کي جھاڳڻ جي. ان کي سمجھڻ جي، پڙهڻ کان اڳتي ڪڙهڻ جي، خدا جي هن وشال تجربيگاه ڪائنات ۾ سمايل رازن رمزن کي جانچڻ جي. اها جدوجهد ڪَٺن آهي. مُشڪل ضرور آهي. راهه ۾ ڪيتريون ئي تڪليفون اچن ٿيون ۽ جڏهن انهن سمورن مرحلن مان پار پئجي ٿو ته انسان جي اندر ۾ پوري ڪائنات سَمائجي وڃي ٿي. هن جو اندر علم جي نور سان روشن ٿي وڃي ٿو. هن جي ڏسڻ، سمجھڻ، محسوس ڪرڻ ۽ محسوس ڪرائڻ جا سمورا ڍنگ_ انداز بدلجي وڃن ٿا. هن جي اندر ۾ وڏائي ۽ تَڪبر جي بجاءِ نوڙت ۽ نياز پيدا ٿئي ٿو، هو خود کي؛ پاڻ عالم نه ٿو چورائي؛ بلڪ هن جو هر عمل، هر گفتگو، هر انداز هن جي عِلميت جي ساک ڀري ٿو. هو عام ماڻهو نه هوندي به عام ماڻهن جيان رهڻ سکي وٺي ٿو. هن کي پنهنجي ذات بابت ڪوبه ذهني مونجھارو نه ٿو رهي؛ بلڪ هن جي سوچ پختگي جي ان حد تائين پهچي وڃي ٿو جتي هن جي هر گفتگو علميت سان ڀريل لڳي ٿي.
علامه صاحب، سلطان باهو جي مريد غلام حيدر جيڪب آباد واري جو مريد هو. سلطان باهو حق جي حقيقت کي ظاهر ڪندڙ گَھري مفهوم وارو اهم شاعر آهي. سچل سائين جو خانوادو پڻ سلطان باهو سان فڪري اُنسيت ۽ تعلق رکندڙ هو. باهو به ظاهري علم کان پري ڀڄي ٿو. هو اهڙن ماڻهن کي نِندي ٿو جيڪي پڙهن ٿا پر پنهنجي علم تي تڪبر ڪن ٿا، پنهنجي علم کي بادشاهن ۽ اميرن جي خوشنودي لاءِ استعمال ڪن ٿا. درحقيقت اهڙا فرد پڙهن ٿا پر ڪڙهن ڪين ٿا. سلطان باهو چئي ٿو:
پڙهه پڙهه، علم مشائخ سَڏاوُن ڪرن عبادت دُوهري هُو
اندر جُھڳي پئي لُٽيوي، تن من خبر نه مَوري هُو
مولا والي سدا سُکالي، دل تُون لاهه تڪوري هُو
باهُو رب تِنهان نُون حاصل، جِنهان جڳ نه ڪِيتي چوري هُو
پڙهه پڙهه علم مَلُوڪ رَجھاوُن، ڪيا هويا اِس پڙهيان هُو
هرگز ملڻ مُول نه آوي، ڦِٽي ڏُڌ دي ڪڙهيان هُو
آک چنڊورا هٿ ڪي آيو، اس اَنگوري چُڻيان هُو
هڪ دل خسته رکي راضي باهُو، لهين عبادت ورهيان هو
(زماني جا عالم، علم حاصل ڪري بادشاهن کي راضي ڪن ٿا، انهيءَ علم پڙهڻ مان ڇا حاصل. ڦٽل کير ڪاڙهڻ سان مکڻ نه نڪرندو. اي چنڊورا توکي انگوريل داڻي جي چڳڻ مان ڇا حاصل ٿيو. اي باهو! چڪنا چور ٿيل دل جيڪڏهن راضي رکي سگھين ته ان سان سالن جي عبادت جو ثواب ملندئي.)
علامه صاحب پنهنجي ذات ۾ هڪ اهڙو شخص هو؛ جيڪو علم کي تڪبر نه ٿو بڻائي. پاڻ کي پاڻ ئي عالم نه ٿو سڏائي. هو پنهنجي علم کي؛ پنهنجي سادگي بڻائي ٿو ۽ پوءِ ئي سندس چوڌاري ماڻهن جا ميڙ نظر اچن ٿا. بقول تنوير عباسي:
مون ته گلاب لڳايا آهن پوپٽ پاڻهي آيا آهن
سنڌ اڄ جنهن سياسي، سماجي، علمي، تعليمي ۽ معاشي فقدان جي ور چڙهيل آهي، ان حالت تي يقيناً سوچ کان اڳتي عملي طرح ڪجھ ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙي عمل ۾ سنجيدگي، ذميواري ۽ سچائي جو هجڻ به لازم آهي، جيڪڏهن نه ته اسان اهو دڳ نه ڳولي سگھنداسين ۽ ان حاصلات جي پنڌ ۾ اڄ اسان کي علامه غلام محمد مهيسر جهڙن شخصيتن، عالمن، مُفڪرن ۽ رهنمائن جي علم، دانش، تدبر، فڪر، فراست کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت ان لاءِ به آهي جو ههڙا مڙس مٿير، ٻاٽ اونداهه ۾ روشني جو ڪرڻو آهن ۽ اِهو روشني جو ڪرڻو ئي اسان کي پنهنجي اُن وڃايل دڳ تي پهچائي سگھي ٿو ۽ جيڪڏهن اهڙن ڏاهن، مُفڪرن ۽ مُعلمن مان ڪجھ نه پرايوسين ته پوءِ پنهنجي حالت به ڀٽائي سائين جي هنن لفظن جهڙي رهندي:
محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مُئا
چڙيءَ جيئن چهنج هڻي، لڏيائون لُئا
حباب ئي هئا، واديءَ انهيءَ وچ ۾
سو پنهنجي ايندڙ نسلن جي روشن مستقبل لاءِ اسان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ان ميار کان بهرحال هرحال ۾ بچڻو آهي!!
(8 جون 2014 تي ”حضرت علامه ميان غلام مُحمد مهيسرؒ “
ادبي ڪانفرنس ۾ اعزازي مهمان طور پڙهيل).