راشد مورائي: بيمار قوم جي لئه ”راشد“ حڪيم گھرجي
دل جو بيهي وڃڻ، ڌڙڪندي ڌڙڪندي!
درد، پيڙاءُ ۽ ڏُک جي ڪا به انتها ٿي سگھي ٿي؟ ڏُک هڪ اهڙي ڪيفيت آهي، جيڪا لا انتها آهي. اُن جي گھرائيءَ ۾ لهڻ کان پوءِ جڏهن روح چيرجي وڃي ته اُن کي درد جي اذيت چئي سڏي سگھجي ٿو. اُن اذيت کي اهو ئي محسوس ڪري سگھي ٿو، جيڪو اُن حالت/ ڪيفيت مان گذري ٿو، جيڪو ان دوزخ ۾ هر لمحي خاموشيءَ سان جلندو رهي ٿو. ڪير به ڪنهن جو ڏک نه ٿو وٺي، ونڊي ضرور ٿو. جنهن جي حصي ۾ جيڪو ڏُک/ درد/ پيڙاءُ ۽ اذيت اچي ٿي، اُن کي اهُو ئي ڀوڳي ٿو. ٽيپو ٽيپو برف جيان ڳرندو رهي ٿو. اندر ۾ هڪ سُڏڪو ساڻ رهي ٿو. ننڊ جي پُر خمار احساس ۾ خوابن ۽ يادن جي وڻندڙ اذيت ڏيندڙ ڪيفيت ساهه کڻندي رهي ٿي. زندگي، زندگي رهندي به زندهه نه ٿي رهي. ٻاهر جي سمورين حواسن تي اندر جي موسم وڌيڪ اثر انداز ٿئي ٿي. پيڙاءُ جڏهن حد کان وڌي وڃي ٿي ته شيخ اياز جي لفظن جيان تخليق جي صورت اختيار ڪري ٿي:
سَهنجو سمجھ نه سِٽَ کي، نور نچوئي لِک
سِٽَ هڏيءَ جي مِک، ريلا تنهنجي رت جا.
هر ڏک کي لفظ جي صورت وٺڻ تائين تخليقڪار جي اندر کي ڄڻ جنڊ جي پُڙن ۾ پيسجڻ جھڙي حالت مان گذرڻو پوي ٿو. جيڪا اذيت تخليقڪار پنهنجي سر ڀوڳي ٿو، اُن جي لفظ لفظ ۾ تڪليف جو اولڙو موجود رهي ٿو.
اندر پئي ٿي باهه ٻري،
ٻاهر مينهن وسي ٿو پيو.
اِها به هڪ عجيب حالت آهي، جڏهن اندر درد، تڪليف سان ريزه ريزه هجي، اندران ماڻهو ٽٽل ڀريل هجي ۽ پوءِ به هن جي مُک تي مُرڪ هجي ۽ اُن مُرڪ جي زهر کي پَسڻ لاءِ به اُها اک گھرجي، جيڪا روح جي اذيت کان پوءِ لُڙڪ لاڙي! سائين راشد پنهنجي ڏک کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ارپيو ۽ اهڙي انداز سان اوتيو، جو اُهو درد هِن جو درد نه رهيو، هر ڪنهن جو درد ٿي پيو. هن پنهنجي درد کي ٻين جي تڪليفن ۾ ڏٺو. پيٽ بکايل ٻارن جي حالت تي سوچيندي، هن کي پنهنجي بُک جو احساس ختم ٿي ويو. ٿر جي ڏڪار جي حالت کي ڏسندي، هن کي پنهنجو سُڪار به ياد نه رهيو. ٻئي جي اک ۾ ڳوڙهو ڏسندي، سائين راشد کي پنهنجي اکين مان ٽمندڙ ڳوڙهن جي تڪليف وسري وئي. هن پنهنجي درد کي، پنهنجي پيڙاءُ کي پاڻ مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو. بلڪه هو هر حال ۾ ٻين جي همٿ ۽ حوصلو ٿي رهيو.
چهچ وڻ سونهن کي، نقصان ٿيو،
جو ڪپيو ويو ڏار، منهنجو ئي هيو.
ويڙهاند پيو ڪيان ٿو، هر درد غم، وقت سان،
لعنت ضمير تي آ، جي ٺاهه ٿئي ذلت سان.
متان ڪو لنگھڻ تي رات ڪاٽي، متان ڪو ويلي تي ويهي ماڻهو،
سماءُ پاڙي جِي لهج سائين ۽ پورتن جو خيال رکجان،
مندر ۾ ٿو وڃين ته مجنون، تون مورتن جو خيال رکجان.
اسان جيئڻ جيارڻ جو ڏنو پيغام جو ”راشد“،
هوائن ديس ۽ پرديس ڏي نياپا نيا هوندا.
هرڪو جابر جي اڳيان، پيو هو جُھڪي،
”راشد!“ انڪار، منهنجو ئي هيو.
سو ”انڪار“ جي همٿ سائين راشد ۾ ئي هئي، نه ته وقت ڪيترائي ڌِڱ جُهڪائي ڇڏيا ۽ هنن پنهنجن آقائن کي راضي رکڻ لاءِ لفظن جي حرمت جو به خيال نه رکيو. سنڌ جي شعوري تاريخ ۾ جيڪي فرد ڪڏهن به نه جُھڪيا سدائين خُود کي جلائي به روشن ڏيئي جيان گُھگُھ اونداهه ۾ روشني پيدا ڪندا رهيا، جيڪي خود کي هر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي آڏو سيد جا سچا سپاهي ثابت ڪندا رهيا؛ اُنهن ٿورن فردن مان سائين راشد جو چهرو هميشه پُر سڪون رهيو، ڇاڪاڻ ته هو ڪڏهن به پنهنجي ضمير آڏو شرمندو نه ٿيو. هن ڪڏهن به اهڙو ڪو عمل نه ڪيو، جنهن سان هو پنهنجو چهرو ڏسڻ کان به ڪيٻائي. تڏهن ئي ته هُن ڏاڍي سُڪون سان زندگيءَ جي آخري وقت ۾ مون کي فون تي چيو هو ته : ”آءٌ (راشد) پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن آهيان، پُر سڪون آهيان، هاڻ موت آيو به ته، اِن جي مرڪي آجيان ڪندس.....“ هي لفظ، پنهنجي معنيٰ ۾ پوري زندگي گھرن ٿا ۽ هي لفظ اهو ئي شخص چئي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي ضمير آڏو جوابدار رهيو هوندو ۽ ڪڏهن به زماني جي آڏو نه جُھڪيو هوندو. اٽل ۽ اڏول رهڻ ڪيڏو مشڪل آهي، ڪيترو تڪليفده، ان جو اندازو منهنجا لفظ لڳائي ئي نه ٿا سگھن، ڇاڪاڻ ته جنهن سختيءَ مان سائين راشد جهڙو فرد حوصلي ۽ همٿ سان گذريو هوندو، ان جي حالت کي جيئڻ لاءِ مون وٽ لفظن جو حوصلو موجود ناهي. هو هن بيمار قوم لاءِ مسيحا هو، پنهنجن لفظن جيان:
بيمار قوم جي لئه، ”راشد“ حڪيم گھرجي،
بڻجي پَئج مسيحا، جيءُ ۽ جيار ماڻهو.
سو سائين راشد پٿرن جي پُرخطر رستن تي هلندي، هن قوم لاءِ مسيحا ثابت ٿيو. هن خود کي جلائي اسان کي روشني ڏني، واٽ ڏسي، دڳ ڏيکاريو ۽ هاڻ اِهو بار هِن جي امانت جيان اسان کي سونپيل آهي ۽ اُهو به وقت ئي ثابت ڪندو ته اسان اُن امانت کي باسلامت ڪهڙيءَ ريت پنهنجي ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪيون ٿا:
حياتيءَ جو ”راشد“، سمورو ڪتاب،
ڪيو مون اوهان ڏانهن، آ انتساب!
تعزيتي نوٽ:
اسان جي سوچ ۾ پري پري تائين به نه هو ته اسان ائين اڄ سائين راشد جي تڏي تي ويهي سائين راشد جي لاءِ ڪجھ لکنداسين.
سائين راشد اسان جو حوصلو ۽ همٿ هو ـــ خود درد ۾ رهي به اسان لاءِ ڇَپر ڇَانو هو- سچ پچ سندس وڇوڙي تي دلي صدمو پهتو آهي. اڃا ڪجھ ڏينهن اڳ نوابشاهه اسپتال مان فون رستي منهنجي ٽن سالن جي گُلن جھڙي معصوم نياڻيءَ جي وڇوڙي تي مون سان ڏک ونڊيائين. سندس حوصلي ۽ همٿ سان ڀريل لفظ منهنجي لاءِ ڏڍ بڻجي پيا. ان ڏينهن چيائين: ”آءٌ مطمئن آهيان، هاڻ جي موت آيو ته اُن جي آجيان ڪندس، ڪنهن سان ڪا به ميار ناهي- توهان نوجوانن جي ڪلهن تي هاڻ بار آهي_ همٿ ڪجو....!“
سائين راشد مورائيءَ جو وڇوڙو رڳو سندس خاندان جو نقصان ناهي، پر سنڌ جو هر باشعور فرد اُن ڏک کي پنهنجو سمجھي ٿو.
(25-03-2014)
(ڪتاب ”سڄڻن جي موڪلاڻي“ ۾ شامل)