جلي منهنجي جاڳ
مان خاموش هيس
۽ اکين
الائي ته ڪيترا
نه اورڻ جهڙا خيال به
تو سان اوري ڇڏيا
الا!
هي اکيون به
ڪيڏيون ته پاڳل آهن
لکڻ به عجيب عادت آ. انسان پاڻ کي يا ته لفظن سان بيان ڪري ٿو يا رنگن سان. هي سموري حياتي رنگ رنگ ڌاڳن جي الجهيل ميڙ جيان آهي. هر گهڙي رڳو اُن کي سلجهائڻ ۾ گذريو وڃي. حياتي جو بار جي محسوس نه ڪجي ته ڪجهه به نه آهي؛ پر جي اُن کي محسوس ڪجي ته سڄي حياتي رڳو بار آهي. شعور دک ڏئي ٿو. ڏاهپ ڏنگي ٿي. ماڻهو وتي ٿو ويڳاڻو ڦرندو. انسان جيئن جيئڻ چاهي ان طرح ڇو نه ٿو جيئي سگهي! آخر ڇو ماڻهو کي حياتي ته ڏني وڃي ٿي پر ان کي گذارڻ لاءِ آزادي ڇو نه!؟
مان
ساهه ته کڻي رهيو آهيان
گهمي رهيو آهيان
پر
زندهه نه آهيان
منهنجا سڀ خواب
قيدي بڻايا ويا آهن
منهنجي احساسن کي
بي رحم لفظن جي پٿرن سان
سنگسار ڪيو پيو وڃي
مان هي هوش واري حياتي بجاءِ
هڪ مدهوش زندگي گذارڻ چاهيان ٿو
پر ائين ٿي نه سگهندو
جو ـــ مان؛
بنان سنگهرن جي به
جڪڙيل آهيان
مان ساهه ته کڻي رهيو آهيان
پر؛ زندهه نه آهيان!!
زندگي سواليه نشان کان اڳتي ٽپي نه ٿي سگهي. سواليه نشان کان اڳتي هوندو به ڇا؟ خبر ناهي منهنجي شاعري ۾ زندگي ايتري اهم ڇو آهي؟ اڄ جڏهن بنا ارادي هي سٽون لکي رهيو آهيان ته مون کي پنهنجو هڪ بنا عنوان نظم ياد پوي ٿو، اهڙا کوڙ سارا نظم مون پنهنجي موبائيل ۾ محفوظ ته ڪري رکيا آهن پر انهن کي ڪاغذن تي اتاريو ناهي. ائين به جيڪي نظم ڪاغذن تي اتاريل آهي انهن جي وري ڪهڙي ترتيب آهي. اهي وري ڪهڙا مون وٽ ڪي درست طريقي سان سانڍيل آهن. زندگي ۾ ترتيب يڪسانيت جو سبب بڻجندي آهي! اُن لاءِ بهتر آهي ته شين ۾ بي ترتيبي هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اُن مان ئي زندگي پيدا ٿيندي آ. عزم پيدا ٿيندو آ ۽ ڪا نئين تخليق جنم وٺندي آ. تخليق به عجيب آ! ڪڏهن ڪڏهن ته حدون اورانگهي بي مهلي هلي ايندي آ ننڊ به ڦٽائيندي آ. خوابن کي به ناراض ڪري وجهندي آ ۽ ڪڏهن ڪڏهن پوري شعوري ڪوشش جي به لفظ به پني تي لکي نه سگهبو آ. ڇاڪاڻ جو تخليق ذهن جي شعوري ڪوشش هرگز نه آهي؛ بلڪ هي ته لاشعوري حرڪت آ. ڄڻ ڪا واردات آ جيڪا اوچتو ئي اوچتو ٿي گذرندي آهي ۽ پاڻ کي سنڀالڻ ان مهل ايترو ته ڪَٺن بڻجي ويندو آ جو ڪا خبر نه پوندي آ ته هي ڪهڙي وارتا آهي؛ پر طوفان جي گهٽجڻ کان پوءِ جسم تان جڏهن مٽي ڇنڊي اٿندو آهيان ته پاڻ کي ڏاڍو ڏٻرو ۽ ڪمزور محسوس ڪندو آهيان. سوچيندو آهيان ته ڀٽائي ڪيئن آنند ماڻيو هوندو.!! سچل جڏهن نچي نچي ساڻو ٿيو هوندو ته هو ڪهڙي منزل تي پهتل هوندو! ۽ بلهي شاهه به حق تي هو ته هُن پنهنجي مرشد کي پرچائڻ لاءِ ڪيڏا نه ڪشالا ڪڍيا!! سامي جڏهن مٽ ۾ هڪ وڌيڪ پرچي وڌي هوندي ته اُن به اُن گهڙي هڪ سڪون ضرور ماڻيو هوندو. پر اهو سڪون، اهو مسرت جو لمحو به لمحي لاءِ اچي ٿو ۽ پوءِ ڀٽائي چواڻي
ڳوليان ڳوليان مَ لهان شال مَ ملان هوت
گهڻو عرصو ڀٽائي جي اُن ڪيفيت کي سمجهي نه سگهيو هيس ۽ جڏهن سمجهڻ جهڙو ٿيس ان وقت تائين ڪيتري دز مون کي لَٽي چُڪي هئي. ائين به ماڻهو ان وقت ئي سمجهندو آهي جڏهن ڪجهه وڃائي چڪو هوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه وڃائجي وڃڻ جي خوف ۾ ايترو ته خوفزدو ٿي ويندو آهي جو پنهنجي زندگي کي حرڪت ڏيڻ لاءِ هڪ قدم به نه کڻندو آهي ۽ پوءِ هو سڄي حياتي ان خوف ۾ ئي گذاري ڇڏيندو آهي، ان جي اُها زندگي درياءُ جيان وهندڙ نه ٿيندي آهي...... ۽ زندگي جيڪڏهن آبشارن جيان نه هجي ته اُها زندگي ان ڪئنواس جيان هوندي آهي جنهن تي ڪو به مصور ڪڏهن به ڪا لڪير نه ڪڍندو آهي! بس اهو ڪئنواس ڪورو ئي رهجي ويندو آ!! ۽ ڪيترو نه بهتر آهي ته هڪ ڪوري ڪئنواس جي بجاءِ ڪنهن مصور جي ڪا معمولي تخليق ئي بڻجي وڃجي!!
هڪ بي نانءُ
ڊگهي حياتي جي بجاءِ
هڪ مختصر
بامقصد حيات گذار
هڪ گل ئي ٿي
ڀل ريگستان ۾ ئي ٽِڙُ
ات تنهنجو حُسن به
ائين نکري پوندو
جيئن باک ڦٽندي آ!!
هجومن ۾ الائي ڇو اڪيلائي محسوس ٿيندي اٿم. دوستي جو مفهوم يا آئون خود سمجهي نه سگهيو آهيان يا پنهنجي مزاج جهڙو ڪو دوست نه مليو اٿم. هتي هر ڪو پنهنجي مفاد جي جنگ وڙهي ٿو. دوستي ۾ به جي مفاد اچي وڃن ته پوءِ ڇا ڪجي.؟ ۽ دوست پنهنجي انا ۾ ايترا ته خود غرض بڻجي وڃن جو هنن جي آڏو دوستي ڪا معنى ئي نه رکندڙ هجي ته پوءِ ڪنهن جي ڪلهي تي پنهنجي اندر جو بار هلڪو ڪجي.
هڪ دوست (شناسا) چيو هيم ته تون اڃان ٻار آهين، تنهن ڪري هر ڪنهن مان سچائي جي آس رکين ٿو. ان جي اکين ۾ نهاريندي خاموش ٿي ويو هيس الائي ته ڇو کيس چئي نه سگهيس ته ”ها مان دوستي ۾ ٻيو ڪجهه ٿيڻ کان ٻار رهڻ ئي پسند ڪندس!!“
الا! جي اسين پنهنجن انائن جي خول مان نڪري اچون ته هي دنيا وري ان طرح ٿي پوندي جهڙي روز ازل خلقي وئي هئي!!
انسان لاتعداد خواهشن جو جهان پاڻ سان گڏ کنيو وتي. نه ختم ٿيندڙ خواهشون. هر رات هڪ خواب ڏسي ٿو ۽ ٻئي ڏينهن ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ ان خواب جي ساڀيا پويان ڊڪڻ شروع ڪري ٿو ۽ نيٺ ساڻو ٿي وري ننڊ جي آغوش ۾ هليو وڃي ٿو، جتان وري خواب کڻي جاڳي ٿو. اهڙي ريت هر لمحي هڪ نئين جستجو جي سفر ۾ محو رهي ٿو. سفر در سفر جيڪو کٽي نه ٿو.!!
لفظُ؛ پنهنجي اندر ۾ وڏو جهان رکي ٿو. لفظ نه بدصورت آ ۽ نه ئي خوبصورت. لفظ نه تلخ آ ۽ نه ئي ميٺاج سان ڀريل. پر لفظ بدصورت يا خوبصورت، تلخ يا شيرين ادا ڪندڙ جي ڪيفيتن سان ئي بڻجن ٿا. اندر ۾ جي سُرهاڻ ۽ سُرهائي ڀريل آهي ته لفظ به آڳنڌ ۾ ٽڙيل گُلابن سمان لڳندا آهن؛ پر جي اندر ۾ رڳو ڪڙاڻ ڀريل آهي ته لفظ به ڪنڊن وانگر ايذائيندا آهن. لفظ اندر جي ترجماني ڪن ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن ته لفظ مغرور سڄڻ جيان لاپرواهه بڻجي ويندا آهن ۽ اورڻ اوريندي به دل جا حال احوال بيان ڪري نه سگهبا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته محبوب آڏو سڀ ڪجهه بيان ڪبو آهي. اظهاربو آهي. ٻاڏائبو آهي. پر انهن تي ڪو اثر ئي نه ٿيندو آهي. ان ويل لفظ به ڄڻ پنهنجو اثر وڃائي ويهندا آهين ۽ بي روح لفظ ڄڻ ڍانڍا پسبا آهن.
اي خدا
منهنجن لفظن ۾ اثر پيدا ڪر
مان لفظ کان سواءِ
ڪي به ناهيان!!
بخاري محله، ڊاڪٽر مخمور بُخاري
هالا نوان ــ سنڌُ