انور ڪاڪا : آئون پنهنجي دوزخ ۾ به اجنبي آهيان!
حَساسيت قدرت جي طرفان ملندڙ جَبلتن ۾ شمار ڪري سگھجي ٿي ۽ جيڪو انسان جيترو حساس ٿئي ٿو، ان جي ادراڪ جي سگھ به اوترو ئي تيز ٿئي ٿي. شاعري حَساسيت ۽ حُسنائيت مان جنم وٺي ٿي. شعر جو سڌو سنئون واسطو اَحساس سان آهي. شعر؛ شعور مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي اَحساس ڪرڻ يا حَسِين خيال. هاڻ هي ٻه معنائون هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن. حَساسيت انسان کي سوچڻ، لوچڻ، تڙپڻ ۽ هوراکورا ڏانهن وٺي وڃي ٿي. بيقراري، آنڌمانڌ، تڙپ، لوچ پوچ جي ڊگھي سفر کان پوءِ تخليقڪار جيڪو ثمر ساڻ کڻي ايندو آهي، اهو هڪ نئون نڪور ۽ اڇوت خيال هوندو آهي جيڪو ٻين کي پاڻ ڏانهن سڏڻ ۽ ڇڪڻ جي سگھ رکندو آهي .مون کي شعر جي جهان ۾ آزاد نظم ۽ خاص طور نثري نظم ٻين شعري صنفن کان ڏکي، ٿڪائيندڙ، تڙپائيندڙ، رت ولوڙيندڙ ۽ وقت گھرندڙ صنف لڳندي آهي، ڇاڪاڻ ته نثري نظم سڌو سنئون بنا ڪنهن ٽيڪ ۽ ٿوڻيءَ جي خيال جي اُڇل جو نالو آهي. خيال/اَحساس جيستائين ڪنڀر جي آويءَ ۾ پچڻ مثال اندر ۾ نه ٿو پچي راس ٿئي/پختو ٿئي، ان وقت تائين هڪ سگھارو ۽ اثر ڇڏيندڙ نظم نه ٿو لکي سگھجي. فرينچ زبان کان شروعات ڪندڙ هيءَ صنف انگريزي ادب جي معرفت اسان وٽ پهتي ۽ پنهنجي انفراديت جي ڪري پنهنجون پاڙون هتي به هاڻ پختيون ڪري چڪي آهي. سنڌ جي به اڻڳڻين شاعرن آزاد نظم/نثري نظم لکيو آهي ۽ خوب لکيو آهي ڪن جا ته خالص مجموعا به شايع ٿيل آهن.
هن وقت انور جي مجموعي ”وصيت نامو“ کي اٿلائيندي مون هر گھڙي ان ۾ شاعر ڳوليو آهي ۽ هو مون کي پنهنجي هر نظم ۾ مليو آهي. انور سان شناسائي جو سفر، جي ساريان ٿو ته لڳ ڀڳ اهو ويهن ورهين تائين ڪڏهن ڌنڌلو ته ڪڏهن چٽو ٿي بيهي ٿو. ان ڪري آئون اها ڳالهه چئي سگھان ٿو ته مون انور کي ”وصيت نامو“ ۾ ڏٺو آهي . هن جا نظم به طويل آهن خود هن جي ڏک جي احساس وانگر...!اوجاڳن وانگر...! رولاڪين وانگر...! سو انور کي جڏهن جڏهن به پڙهڻ ويٺو آهيان، مون کي هن جي نظمن مان دک جو ڪؤڙو ذائقو آيو آهي؛ اهڙو ذائقو جيڪو اسان مان ڪير به چکڻ نه چاهيندو آهي... بس! محبت جي سُڪي ويل پتين جھڙو اذيت ناڪ احساس جڏهن محبوبا جي ٻانهن جيان اسان کي ويڙهي وٺندو آهي؛ ايترو ته زورائتو ڀاڪر جو ساهه به منجھڻ لڳي، ته پوءِ؛ اُن موسم ۾ تخليقڪار جيڪي به لفظن جا هار پوئيندو اُن ۾ ڀلا هوندو به ڇا؟
انور جي نظم ”اوجاڳو“ ۾ سندس اندر جي سموري، تلخي سميٽجي آئي آهي:
منهنجي ننڊ
برف ۾ ڳري رهي آهي
سڀاڻي پاڻي ٿي ويندي!
۽ پوءِ منهنجي ڪهاڻي ٿي ويندي
جنهن جو عنوان هوندو ”اوجاڳو“
ڇا تو ڪڏهن اوجاڳو پڙهيو آهي؟
”اوجاڳو پڙهڻ“، اوجاڳي ڪرڻ جيترو ئي ڏکيو عمل آهي ۽ ايترو ئي ٿڪائيندڙ هوندو اوجاڳو کائڻ ۽ پاڻ تي اوڙهڻ... جڏهن اوجاڳي جو ڪمبل اوڙهي خواب اڻڻ جي ڪوشش ڪجي ته خواب ته پري اکين ۾ ڪنڊا ڦٽي پوندا آهن جن جي چڀڻ جي تڪليف هرهر نئين اوجاڳي ڏانهن وٺي ويندي آهي! ۽ پوءِ زندگيءَ جيترن طويل اوجاڳن جو انت ڇا ٿيڻو آهي؛ شايد انور جي لفظن جيان:
تنهنجي انتظار جون
گھڙيون ختم ٿيڻ واريون آهن
هُو جلد اونداهيءَ ۾
خدا جي رنگين تصوير ٺاهي
پاڳل ٿي ويندو !
اونداهيءَ ۾ خدا جي رنگين تصوير ٺاهڻ به عجيب قسم جو خيال ٿو ڀانيان...! خدا لاءِ هر انسان پنهنجي پنهنجي انداز سان سوچي ٿو ۽ سوچڻ به گھرجي؛ ڇاڪاڻ ته هر فرد جو الله سان ذاتي تعلق آهي. پوءِ ان تعلق جي وچ ۾ ڪنهن ٻئي کي دخل اندازي نه ڪرڻ گھرجي... ها، ڪنهن به قيمت تي نه ! انور جو نظم ”خودڪشي“ به سندس طويل ڏک جي احساس ۾ ويڙهيل هڪ روئاڙيندڙ نظم آهي ، جنهن جون سٽون آهن:
مون کي يقين آهي ته
محبت ۾ ناڪاميءَ تي
ڪيل منهنجي خودڪشيءَ کي
تون ڪڏهن به شهادت نه سمجھندينءَ !
هن نظم تي لکجي ته ڇا لکجي؟
عشق، چاهت/ محبت جي انتها واري منزل جوڏاڪو/درجو آهي. ان حد کي سمجھي به ڪير سگھندو آهي؟ رولاڪ روح، تڙپندڙ، ٽٽندڙ، لوچيندڙ ۽ سوچيندڙ جهان جيڪوانسان جي اندر ۾ ساهه کڻي ٿو، ان حالت/ڪيفيت کي ڄاڻي ٿو/سمجھي ٿو.پر جن وٽ ان ڪيفيت کي سمجھڻ جي حَساسيت ئي ناهي انهن وٽ محبت جي ناڪاميءَ تي ڪيل خودڪشي، شهادت جو درجو ته ڇا حاصل ڪندي پر انهن لاءِ ته خودڪشيءَ جي اذيت ناڪ پيڙا جو ذائقو به ڪا اهميت نه رکندڙ هوندو آهي شايد!! اُن صورت ۾ يا اُن المئي حالت ۾ حَساسيت ڇا کي جنم ڏيندي؟ لازم آ روح کي چيريندڙ اذيت ئي لفظن جي صورت اختيار ڪندي! حَساسيت انسان کان هميشه ان جي زندگيءَ جو دام ان کان گھڻو ئي حاصل ڪندي آهي. ائين ڇو آهي ته جيترو من شيشي جيان نازڪ هجي، لفظن جا پٿر به ان تي ئي بار بار وسن/ان کي ئي هر هر سنگسار ڪجي!
انور جي نظمن ۾ اهو ڏک ۽ اهو سوال مون کي هر هنڌ نظر اچي ٿو سو آئون ان جي نظمن مان ڪَرَ کنيل ان دک ۽ ان سوال کي ڪيئن پنهنجي مٿان ويڙهيان ۽ جواب جا ڦڪا ڦڪا دليل ڏئي خود کي ڪنهن اڻ ڄاتل ڏک جي حوالي ڪيئن ڪريان، ڇوجو آئون ان جي سوال جو جواب ڏئي نه سگھندس! بس جيئن جيئن ان جي نظمن کي پڙهندو ٿو وڃان،پاڻ کي زرد پتن جي وڇوڙي جھڙي احساس ۾ ويڙهجندي ٿو ڀانيان!
”وصيت نامي“ ۾ فقط انور جي دُک ڪٿا لفظن ۾ آيل ناهي پر هن جي اندر ۾ پلجندڙ محبت جي نازڪ احساس جي ڪوملتا به لفظن جا موتيا بڻيا آهن.ائين به ناهي ته فقط هن پيڙاءُ کي پوئيو آهي. هن مهڪ ۽ ٽهڪ جي احساس کي هرگھڙي اپنائڻ جا به وڏا جتن ڪيا آهن. ”آغا خان هاسپيٽل ۾ اجنبي ڇوڪريءَ لاءِ هڪ نظم“ ۽ ”تلاوت“ نظم سندس اهڙن حسين خيالن جو ڀرپور اظهار آهن. نظم: ”آغا خان هاسپيٽل ۾ اجنبي ڇوڪريءَ لاءِ هڪ نظم“ الائي ڇو مون کي پنهنجي دوست انور ۾ پلجندڙ مکڙيءَ جي ٽڙي گل ٿيڻ جھڙي احساس ۾ ورتل لڳي ٿو. ان ڪري آئون اهو سمورو نظم بار بار پڙهڻ گھران ٿو ۽ سندس نظم ”تلاوت“ به هن جي معصوم محبت جي تصوير چٽي ٿو. سچ ته اهو آهي محبت جي تقاضا اها چئبي جو پرين جي نالي جو ئي سڄو وقت ورد ڪجي:
مان
الف ، ب جي ٻاونجاهه اکرن مان
صرف تنهنجي نالي جي چئن اکرن جي
روز تلاوت ڪندو رهندو آهيان !
۽ آس اٿم ته اهي ئي چار اکر
منهنجي قبر جو ڪتبو به بڻجن.
”جانان! تون گواهه رهجان“ ۾ انور؛ زندگي سان پيار جو اظهار ڪيو آهي، اهڙو اظهار جيڪو هن پنهنجي هر نظم ۾ ڪرڻ گھريو آهي يا نظم لکڻ کان اڳ هن جي من اهڙي زندگي ڳولي آهي پر کيس اها زندگي ملي سگھي يا نه ان جو درست جواب ته انور خود ئي ڏئي سگھي ٿو؛ پر سندس هي لفظ:
مون خدا کي چاهيو آهي يا نه!
ان جي پڪ ناهي
پر مون زندگيءَ کي چاهيو هو
ها! مون توکي چاهيو هو!
سچ ته هي زندگيءَ سان محبت جو خوبصورت مثال آهي. زندگي، رنگ، خوشبوءِ، چاهتون، صداقتون سڀ حُسنائيت جو ڏيک به ٿي سگھن ٿيون ته اوجاڳن، اذيتن، اهنجن ۽ ذلتن جو نه کٽندڙ طويل سفر به! پر انور جا لفظ: ”مون زندگيءَ سان پيار ڪيو!“ سندس اندر جي معصوميت جو عڪس ٿا ڀاسن. اها معصوميت ڪنهن بي سمجھ ٻار جي مرڪ ۾ هوندي آهي. ها! اها معصوميت ان ٻار جي ڪومل ڪومل نرم نازڪ ڏٺل خوابن ۾ ڏنل بنهه ننڍڙن ننڍڙن ٽهڪن جھڙي آهي.
سندس مختصر نظم:
ڏيئي اجھامي چيو:
”مون کي هاڻ ننڊ ٿي اچي.“
واقعي معصوم ۽ من ۾ گھر ڪرڻ وارو نظم آهي.
سندس نظم: ”وڃايل چميءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪجان!“ فوٽ پاٿ تي پلجندڙ زندگين بابت آهي جن بابت اسان سوچيون ڪڏهن ٿا؟ ان سوچ ڏانهن انور جو نظم اسان کي وٺي اهو احساس ڏياري ٿو ته انهن بي رنگ زندگين کي شفقت ۽ محبت جي ڪيڏي نه ضرورت آهي. سندس نظم: ”صوف“ ۾ به هڪ خوبصورت خيال آهي. نظم ”اَنَ جو داڻو“ به حقيقت ۾ هڪ وڏي سماجي الميي جو عڪاس آهي.
توهان جي هٿن ۾ جيڪو انورڪاڪا جو هي ”وصيت نامو“ آهي ان ۾ عام ”وصيت نامن“ جيان خاندان، جائداد ۽ دنيائي رسم رواج بابت ڪا اُپٽار ناهي ٿيل پر ان جي اُبتڙ ساڻس ٿيل سمورين ويساهه گھاتين،
اڻ اظهاريل توڙي رهجي ويل اڌورين محبتن، ملاقاتن، ميلاپن، وڇوڙن، اذيتن، اهنجن ۽ ذلتن جي ڊگھي ڪٿا آهي. جنهن کي پڙهندي درد جو احساس وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي وڃي ٿو. جيئن ”پنهنجي رقيب لاءِ هڪ نظم“ جون هيءَ سٽون:
۽ ڏس! هن جي هٿن جي ترين جون شامون به
صرف تنهنجو مقدر آهن
جن کي هاڻ تون جيڏيءَ مهل چاهين
پنهنجي چپن سان ڇهي سگھين ٿو
۽ منهنجي بدنصيبي ڏس!
آئون پنهنجي دوزخ ۾ به اجنبي آهيان!
”وصيت نامي“ جي درد ڪٿا ۾ رڳو انور سان ٿيل وارتائن جو بيان نه آهي پر ان ۾ سماجي براين، اڻ برابرين، زيادتين جا هنڌ هنڌ عڪس نظر ايندا. هن جا نظم خيال جي ڀرپور اُڇل جا مثال آهن ۽ هڪ سٺي نثري نظم جي اها ئي خوبي۽ ڪاميابي سمجھي ويندي آهي؛ سو انور پنهنجي همعصرن ۾هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ته مڃائي چڪو آهي؛ اتي هاڻ ”وصيت نامي“ سان سٺي نثري /آزاد نظم جي شاعر واري پنهنجي حيثيت به مڃرائي وٺندو. شل! انور جي قلم کي اڃان وڌيڪ تخليقي سگھ نصيب ٿيندي رهي ۽ هن جي ڏات جا ڏيئا ائين ٻرندا، چمڪندا ۽ جرڪندا رهن جيئن گھگھ اونداهيءَ ۾ کڙکٻيتي جي روشني ٽمڪندي؛ دنيا جي قائم رهڻ ۽ انسانن کي پُر اميد رهڻ جو سنيهو ڏيندي رهندي آهي!
(انورڪاڪا جي شعري مجموعي ”وصيت نامو“ ۾ شامل)