لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جَلِي منهنجي جاڳَ

تحقيقَ جي محنت طلب ۽ نور نچوئيندڙَ ڪَمَ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مخمور بُخاريءَ ڪيترو ئي تخليقي ڪَمُ پِڻُ ڪَيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمونَ مختلف اديبن ۽ ڪتابن متعلق آهن. اِهي مضمونَ اڀياسي ۽ تاثراتي نوعيت جا آهن. موضوعن جي رنگا رنگيءَ سبب هي ڪتابُ يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجندو. ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هن ڪتاب ۾ موجود مڙني مضمونن ۾ پنهنجي ڏاتِ ۽ مطالعي جو سهڻو اظهارُ ڪيو آهي.
Title Cover of book جَلِي منهنجي جاڳَ

منصور ويراڳي: منصور سڄڻ آڏو ڪئي پيش صداقت سان

اڄ جنهن شخصيت بابت اوهان سان مخاطب ٿي رهيو آهيان؛ اُن بابت لکڻ لاءِ گھڻي عرصي کان سوچيندو اچان، پر جڏهن پنج سال اڳ اها شخصيت هي جهان ڇڏي وئي ته بارها چاهڻ جي آئون ڪجھ نه لکي سگھيو هيس سواءِ سندس پٿر تي رکيل تعزيتي نوٽ بڪ ۾ ٻه چار سٽون لکڻ جي. ان کان وڌيڪ اڃان تائين ٻيو ڪجھ به ان بابت لکي نه سگھيو آهيان.
اهو هڪڙو سوال منهنجي آڏو به آهي، خبر ناهي ته ڇو آئون پنهنجن مهربان استادن / دوستن بابت لکي نه سگھيو آهيان. لکڻ ته دادو سان تعلق رکندڙ نامياري محقق الهنواز رڪڻائي تي به چاهيان ٿو جنهن سان ڪيترا ڀيرا علمي بحث به ٿيا ته کانئس ڄاڻ به حاصل ڪيم. لکڻ ته آئون پنهنجي محترم دوست مولا بخش ڪاڪا تي به ٿو چاهيان، جنهن جي وڇوڙي جي خبر اڄ به هانءُ کي ڏنگيندي رهندي آهي؛ پر اڄ اوهان سان جنهن جي سار اوسار ونڊڻ گھران ٿو ان کي سڄي سنڌ جا عالم، اديب، شاعر، منصور ويراڳي جي نالي سان ڄاڻين ٿا.
ڪي فرد اهڙا هوندا آهن جيڪي ادارن جي ڪري سڃاتا ويندا آهن ۽ ڪن فردن جي ڪري وري ادارا سڃاتا ويندا آهن. منصور ويراڳي سنڌ جي قديم علمي مرڪز هالا جي سڃاڻپ جو هڪ سدا حيات باب آهي. هن شخص سان سڃاڻپ جا مون وٽ ڪيترائي حوالا آهن. ذاتي ۽ ادبي؛ پر انهن شناسائي جي ناتن ۾ هڪ حوالو مون کي هميشه مضبوط نظر ايندو آهي، اُهو آهي راڳ جي راڻي عابده پروين جي آواز ۾ ڳايل منصور صاحب جون هي سٽون:

محبوب ڪئي مون تي اڄ خاص عنايت آ
هي قرب انهيءَ جو آ، اظهار محبت آ.

عمر جي ان حصي کان ڪلام ٻڌندو اچان جڏهن اها ڄاڻ نه هئي ته شاعري ۽ نثر پنجين موسم جي جنم کان پوءِ ئي تخليق ٿيندو آهي. اڃان جڏهن اها شناس ئي نه هئي ته پيڙاءُ جو ذائقو ڪڏهن ڪڙو ٿي سگھي ٿو ته ڪڏهن مٺو به. اڃان اوجاڳن اکين سان عشق ڪرڻ جي سانباهه ئي نه ڪيا هئا. اڃان روح کي روين جا رانڀوٽا ئي نه پيا هئا. اڃان سُڏڪن جي پڙلاءُ کان سماعتون آشنا ئي نه ٿيون هيون. اڃان درد شام ٿيڻ تي محبوبا جيان ناز نخرا نه ڪندو هو، اڃان اک مان ڳوڙهو نه ڳڙيو هو ۽ ڳوڙهو لفظ به نه ٿيو هو، حياتي جي ان حصي ۾ عابده پروين جي آواز ۾ منصور ويراڳيءَ جا ٻول سماعتن سان ٽڪرائيندا ذهن تي نقش ٿيندا ويا.
منصور ويراڳيءَ سان شناسائي جو هي هڪ مضبوط حوالو آهي، مون وٽ جنهن کان پوءِ ٻئي ڪنهن حوالي هجڻ جي به ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته تخليقڪار جو پڙهندڙ سان ۽ پڙهندڙ جو ليکڪ سان اِهو ئي هڪ واحد رشتو/ ناتو آهي، جنهن جي معرفت ليکڪ/ شاعر زندهه رهي ٿو. ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته منصور ويراڳي گھڻ رخي شخصيت هجڻ سبب ڪيترائي اهڙا شاگرد پيدا ڪيا جن کي دنيا سڃاڻي ٿي ۽ اُهي شاگرد منصور صاحب کي پنهنجو مهربان استاد سڏڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا، سندس اهڙن شاگردن مان جڳ مشهور سائنسدان مرحوم پروفيسر ڊاڪٽر وڏل شاهه بخاري اهميت رکي ٿو. ڊاڪٽر بخاري جڏهن علم ڪيميا ۾ Ph.D جي لاءِ لنڊن ۾ تحقيق ۾ رڌل هو ته ان عرصي دوران هو پنهنجي محترم استاد منصور ويراڳيءَ ڏانهن خط پڻ لکندو هو (يقينن اهڙا خط منصور صاحب جي پوئينرن وٽ محفوظ هوندا)، جن ۾ شاهه صاحب پنهنجي روزمره جي معمول، کوجنائي ڪاميابين ۽ ٻين معاملن تي پنهنجي مهربان استاد سان مخاطب ٿيندو هو. منصور صاحب جي ٻين اهم شاگردن مان ناميارو سفرنامانگار ۽ سياح الطاف شيخ جو نالو به شامل آهي. ان هڪ دفعي چيو هو:
منصور ويراڳي هڪ ادارو آهي، منهنجو گھڻو ساٿ سائين سان نه رهيو. منهنجي سائين سان هالا اچڻ تي ملاقات ٿيندي هئي. 1955ع ۾ سائين مون کي ڇهين درجي ۾ پڙهايو فقط ٻه ليڪچر ڏنائين جي وساري نه ٿو سگھان. سائين هڪ مڪمل شخصيت رکندڙ هو، هو صحيح نموني سان مڪمل مسلمان هو، سندس ڄمار خوش مزاجي ۾ گذري، آئون سندس شخصيت ۽ تحرير مان متاثر ٿيو آهيان.

اها يقينن خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ شاگرد پنهنجي استاد جو احترام ڪري، اُن سان محبت ڪري ۽ کيس ياد رکي ۽ هڪ پڙهندڙ پنهنجي محبوب شاعر کي پنهنجي سوچ ۾ساري ۽ ان جي لفظن کي
ياد ڪري. سائين منصور ويراڳي جنهن جون ڪيتريون ئي سٽون امر ٿيون، آلاپيون ويون ۽ اڄ تائين اسان جي سماعتن سان اهڙا پڙلاءُ ٽڪرائين ٿا ۽ روح کي مسرور ڪري ڇڏين ٿا:

جُهڙ آ لڳائي جھرمر، هر گام ٿي ملهاري،
وڄڙين ڏنا وراڪا، بوندن ڪئي بهاري

مينهن جي مند آئي، سانگين کي ٿي سرهائي
پاڻي بنا ترائي، خالي بچي نه ڪائي
سارنگ موج لائي، جر ٿي ويو آ جاري

هالا جي مٽيءَ کي ڪا عجيب امرتا پلئه پيل آهي جنهن جي مٽي مان ڪيترائي سُريلا (ليريڪل) شاعر پيدا ٿي چڪا آهن.
مخدوم طالب الموليٰ جهڙو ڪافيءَ ۽ غزل جو يگانو سريلو شاعر شايد هن مٽي مان وري ڪڏهن جنم وٺي سگھي! جنهن جون لا تعداد سٽون اڄ به هوائن ۾ ائين گونجي رهيون آهن ڄڻ هي شاعر هن ڌرتي تي آيو ئي ڪنهن باڪمال تخليق لاءِ هو.

 تو دلڙي يار ڌتاري پر ڪانه ڪئي پوئواري....
 عجب عشق آهي اسان جو الستي.....
 اکيون عزم واريون عقابي عقابي....

۽ هن ئي مٽي مان هڪ اهڙو شاعر به پيدا ٿي چڪو آهي جنهن کي اسان ڄڻ فقط ڪنهن نصاب جو حصو سمجھي وساري چڪا آهيون، اهو آهي خليفو گل هالائي. جنهن کي فقط ايترو ياد رکيو اٿئون ته هو سنڌي زبان جو پهريون صاحب ديوان شاعر هو؛ پر ان جي ديوان کي ته اسان مان ڪيترن ئي کولي نه پڙهيو آهي ۽ نه ئي ان کي ڳايو آهي. خليفي گل جو هي غزل نيم ڪلاسيڪي انداز ۾ ڳائي نه ٿو سگھجي؟

آيو اڄ يار گھر پيهي، ويا ڏُکڙا وريا سُکڙا
مليو پرڏيهه ۾ ڏيهي، ويا ڏُکڙا وريا سُکڙا
ڪرم ڪيئڙو ڪميني سان، لائي دل دوست سيني سان
ڳجھ اندر ڳالهه ڪيهي، ويا ڏُکڙا وريا سُکڙا

هي مڪمل غزل لئي ۽ رڌم تي لکيل آهي. تازو سريلي راڳي ذوالفقار علي کي هي غزل ڪمپوز ڪري ڳائڻ لاءِ چيو به هيم. ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جي خليفي گل جي فقط انهن غزلن کي ئي بار بار پيش ڪندا آيا آهيون جن ۾ ٻولي جي دقت سبب عام پڙهندڙ وٽ ڪا خاص ڪشش ناهي. خليفي جي ڪمال غزل کي اسان اڃان تائين دفن ڪيو ويٺا آهيون. سو پاڻ ذڪر پئي ڪيو منصور ويراڳي جو، جيڪو پڻ هنن سريلن شاعرن جي سٿ ۾ پنهنجي انفراديت سان جرڪي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو هن جي خمير ۾ سنڌ جي شعري روايتن جو ڊگھو سفر موجود آهي، سندس خاندان جو جدامجد ميون عيسيٰ سنڌ جي ڪلاسڪ شعري روايت جو هڪ سگھارو نانءُ آهي، جنهن جا ملندڙ بيت ۽ ٽيهه اکري ان ڳالهه جي ساک ڀرين ٿا ته ميون عيسيٰ سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ صوفياڻي شاعري ۾ پنهنجي اسلوب، انداز جي خوبصورتي ۽ موضوع سبب سدا حيات آهي. سندس بيتن جي رسالي ”ميون عيسيٰ جا سنڌي بيت“ مان هڪ بيت نموني طور پيش ڪيون ٿا:
اوريين پَرين پار ۾، سو هئين سهس هزار
پَر جنهن کي سڪ سرير ۾، محبت محض ميهار
اک نه کڻي هن عالم ڏي، ري پانهنجي يار
ريهون سان سينگار، سُهڻي سونهڻن وچ ۾

سو اهڙي طرح سائين منصور جو والد جان محمد ”اضعف“ هالائي پڻ نعتيه شاعري جي حوالي سان هڪ معتبر ۽ معروف نالو آهي. جنهن جا پڻ ٻه شعري مجموعا ”احوال محمدي“ ۽ ”واٽون ويهه ٿيون“ شايع ٿيل آهن، اهڙي ريت محترم منصور ويراڳي جي خمير ۾ پڻ اُهي اتهاسڪ پس منظر جاڳي ٿو، سندس قلم مان نظم ۽ نثر جا لاتعداد ڪتاب نروار ٿيا، جن جي جيڪڏهن فهرست ويهي جوڙجي ته ڪجھ هن ريت جڙندي: وطن جي راهه ۾، شام و سحر، سوري جنين سيج، صداءِ وطن، رت جا ڳوڙها، ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، اندر جا آلاپ، هُن پار، مزدور جو لاش، غيرت، جيون ساٿي، سڄڻ سفر هليا، عاشق عزازيل، زندگي هڪ خواب، سانگي ۽ سور، هيرا جواهر، ڪنول جي ڪهاڻي، وڳر ڪيو وتن، عوام جي دولت، دو آنسو (اردو).
اهڙي طرح سندس حياتي اسلامي جذبي سان سرشار گذري، ننڍي وهي ۾ ئي مسلم اسٽوڊنٽس نئشنل گارڊس جو سالار مقرر ٿيو، ساري حياتي ان جذبي هيٺ معاشري جي تشڪيل ۾ نه رڳو قلم سان ڪردار ادا ڪيائين؛ پر ڪيتريون ئي علمي ادبي تنظيمون پڻ جوڙيائين جن ۾، دي سنڌ رفيق ويلفيئر ايسوسئيشن، دي سنڌ انٽرنيشنل ڪرسپانڊنس ڪلب، بزم گلستان، دي سنڌ انٽرنيشنل اڪيڊمي هالا، سنياسي ادبي سنگت هالا شامل آهن. هنن ادارن مان خاص طور ”دي سنڌ رفيق ويلفيئر ايسوسئيشن“ وڏي اهميت رکي ٿو. هن اداري پاران ”رفيق نائيٽ اسڪول“ قائم ڪيو ويو جنهن تحت غريب، مسڪين شاگردن کي مفت تعليم ڏئي هڙان وڙان خرچ ڪري کين سرڪاري امتحان ڏياريا ويندا هئا. جنهن مان ڪيترن ئي فردن فائدو حاصل ڪيو ۽ بعد ۾ عزت ڀريو روزگار حاصل ڪيو،
هن عظيم ڪم جي پس منظر ۾ اسان کي جيڪو شخص بيٺل نظر اچي ٿو، اهو آهي منصور ويراڳي، جنهن جي شخصيت جو هڪ پهلو صحافت پڻ آهي. پاڻ سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي سنه 1951ع ۾ شايع ٿيندڙ پهرئين ميگزين جو اعزازي سيڪريٽري رهيو، ان کان سواءِ ماهوار ”منزل“ نالي هڪ ادبي رسالو پڻ هالا ۾ جاري ڪيائون. انٽرنيشنل اڪيڊمي هالا جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي اديبن، شاعرن جا ڪتاب پنهنجي خرچ تي شايع ڪرايائين جن جي به هڪ ڊگھي لسٽ آهي.
8 آڪٽوبر 1930ع تي مانجھند ۾ جنم وٺندڙ منصور ويراڳي جي وفات جي خبر 13 فيبروري 2008ع تي مون ان وقت ٻڌي جڏهن منهنجي Ph.D جي رزلٽ/ ائپروول جو اعلان ٿيو. هڪ طرف پنهنجي محبوب شاعر ۽ مهربان ادبي رهنما جو لاڏاڻو ته ٻئي طرف پنهنجي زندگي جي هڪ اهم ڪاميابي جي خوشي. اهڙا لمحا ته عجيب ٿين ٿا پر اهڙا لمحا عجيب ڪيفيتن ۽ احساسن کي به جنم ڏين ٿا. زندگي ائين به احساسن ۽ ڪيفيتن جي بار هيٺان گذرندي آهي ۽ ٽيپو ٽيپو برف جيان ڳرندي رهندي آهي. اڄ هن شخص جي پنجين ورسي تي جڏهن اوهان سان مخاطب آهيان، تڏهن وري ڪٿان عابده پروين جو اهو ساڳيو آواز گونجي رهيو آهي؛ پر عجب آهي ته اهو آواز جڏهن پهريون ڀيرو منهنجي ڪنن تي ٻيو هو ته هي جهان منهنجي لاءِ ڪجھ ٻيو هو ۽ اڄ ڪجھ ٻيو ٿي پيو آهي. ڪا گھڻي مسافت ناهي پر ٿورو ئي سهي لڳ ڀڳ ويهن ٻاويهن ورهين جو سفر آهي:

محبوب ڪئي مون تي، اڄ خاص عنايت آ
هي قرب انهي جو آ، اظهار محبت آ

محفل ۾ رخ انور جي، جلوه فروزي سان
مجلس جي وڌي رونق ۽ رنگِ نزاڪت آ

”منصور“ سڄڻ آڏو، ڪئي پيش صداقت سان
جذبات نگاري آ ۽ دل جي حقيقت آ

(عوامي آواز سنڊي ميگزين، 17 فيبروري 2013ع)