لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جَلِي منهنجي جاڳَ

تحقيقَ جي محنت طلب ۽ نور نچوئيندڙَ ڪَمَ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مخمور بُخاريءَ ڪيترو ئي تخليقي ڪَمُ پِڻُ ڪَيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمونَ مختلف اديبن ۽ ڪتابن متعلق آهن. اِهي مضمونَ اڀياسي ۽ تاثراتي نوعيت جا آهن. موضوعن جي رنگا رنگيءَ سبب هي ڪتابُ يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجندو. ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هن ڪتاب ۾ موجود مڙني مضمونن ۾ پنهنجي ڏاتِ ۽ مطالعي جو سهڻو اظهارُ ڪيو آهي.
Title Cover of book جَلِي منهنجي جاڳَ

سليم چنا : تنهنجي ننڊ به جاڳ

رات جي سانت ۾ ٽيبل تي وکريل ڪاغذن ۾ سليم چنا جون وايون ائين هوا جي زور تي وکري ويون آهن، جيئن ناري جا کليل وار بيچئي ۽ کيچلي هوا سان مقابلو ڪندي سندس مُک تي وکري وڃن. سليم جي واين ۾ جا نفاست، سونهن ۽ تازگي آهي، ان مان محبوبا جي ادائن جهڙو ساءُ ضرور حاصل ٿئي ٿو. منهنجي نظر ۾ شاعري هڪ اهڙو لمحو آ؛ جو وجدان جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو، پر ان لمحي جي تسلسل ۾ ڪيترائي پس منظر، پيش منظر ساهه کڻدا رهن ٿا.
اِهي پس منظر/ پيش منظر ڇا ٿي سگھن ٿا..؟ اِهي اُهي وارتائون ئي آهن، جيڪي ڪوي سان ٿي گذرن ٿيون. انهن وارتائن ۾ هو ڇا وڃائي ٿو، ڇا حاصل ڪري ٿو، بس شاعري اُن وارتائن جي اُها ڪٿا آهي جيڪا وڏي ڪاريگري سان ڪوي ٻڌائي ٿو. سليم چنا سان پيش ايندڙ وارتائن جي ڪٿا سندس هن واين جي مجموعي ۾ اسان کي پڙهڻ لاءِ ملي ٿي، هو ان ۾ اسان کي ڇا ٻڌائي رهيو آهي ته اُن جي ڪٿا جي کول / اپٽار کان پوءِ ئي اسان ڄاڻي سگھنداسين. وارتائن جو حال بيان ڪرڻ به اوجاڳن جي مُند ۾ ٿڪائيندڙ سفر ڪرڻ سمان آهي. ڪوي جو اهو سفر در سفر ڪٿي به رڪجي نه ٿو، عشق جي مَڌُ جي چُسڪي کانئس تخليق جو سفر ڪرائي ٿي. سليم جي هنن سٽن ۾ سندس عشق جي وارتائن جو اورڻ اوريل آهي.

تون ته حويلي جي مهه راڻي
ســــــاري آهـــين هـــيرن کـــاڻ
تنهنجي منهنجي ڀيٽ نه ڪائي
تون ته گلن جيئن پؤتر آهين
مـــون ۾ جــــڳ ڏٺي گــــدلاڻ
تنهنجي منهنجي ڀيٽ نه ڪائي

نينهن ناتي جو احساس ئي اهو آهي. هو پنهنجي محبوب کي سمورين ڪوتاهين جي باوجود اُن کي پوتر/ پاڪ / معصوم ڄاڻيندو آهي.
”مون ۾ جڳ ڏٺي گدلاڻ“....... عشق جي اِها تقاضا آهي ته اُن جي ڪاون اُڀن راهن مٿي پيرين پنڌ ڪجي پوءِ ڀلي پير پٿون ئي ڇو نه ٿي وڃن، عشق ته اسان کان اهو به گھري ٿو ته خود کي فنا ڪري ڇڏ، مٽائي ڇڏ، هستي جو ڪوٽ ڊاهي نيستي ڏانهن سفر ڪر ۽ هي نفرتن جي سوداگر دنيا ڪڏهن به عشق جي نفاست، نفسيات ۽ عاشق جي حالتن ۽ ڪيفيتن کي سمجھي ئي نه سگھي آهي، هن جي نظر ۾ ته عاشق ۾ رڳو گدلاڻ ئي آهي، ميراڻ آهي، پر، عاشق صادق جي اها نيستي ”تنهنجي منهنجي ڀيٽ نه ڪائي.“ کيس محبوب ته ڇا پر عشق جي راهه ۾ اعليٰ پد تي پهچائي ٿي. محبوب جي آڏو عاشق جون عاجزيون به سندس ماڻا هئڻ جي برابر آهن. سليم پنهنجي سکي جا ماڻا کڻندي ڪيتري نه سادگي ۽ نهٺائي مان کيس عرض ڪري ٿو:

ٻيلي مون ڏي ٻاجھ سين،
واري نيڻ نهار
مون کي پنهنجي پاتڻي.

سندس عشق جي مسافت گھڻي طويل ٿي ڏسجي، مسلسل جاڳڻ، رلڻ، تڙپڻ ۽ اوجاڳن سان اکين جو سڙڻ مان اسان کي هن ڪوي جي عشق جي بيقراري ۽ آنڌ مانڌ جو احساس هن جي هنن لفظن مان جاڳي ٿو:

ڪاريون راتيون ڪوجھيون
ڪيڏي آهه اُماس!
پنڌ گھڻو پرتي اڃان.
***
هئه هئه کيهه ٿيو وڃي
بستر. وهاڻو
ڀينگ ٿيو ڀاڻو
نيڻ جلن ٿا جاڳ ۾
نينهن نماڻو
ڀينگ ٿيو ڀاڻو

اوجاڳن ۾ راتيون
ڪنهن جي ڪاڻ ڪٽڻ
ڏاڍو ڪم اوکو ميان

جڏهن رڳو اوجاڳن جي موسم هجي، بيقراري جو واسو هجي، روح ساجن بنا هر لمحي تڙپي، لُڇي ته پوءِ هر سُو سُڃ ئي سُڃ لڳندي. ڪيتري نه سادگي ۽ بي ڊپائي مان هو پاڻ کي پنهنجن عيبن سميت پنهنجي محبوب جي آڏو پيش ڪري ٿو:

شال قبولين تون پرين، هي پنهنجو نادار
هلي آهيڪار!



هن کي خبر آهي هُن ۾ ئي هِن جي تقدير آهي:

سانئڻ! تنهنجي روپ ۾
منهنجي آ تقدير
سدا منهنجي سامهون

تاساري من جو اورڻ ڪوي هيئن اوري ٿو:

مَڌُ مَٽَن ۾ هو گھڻو
ڍُڪ به ڪونه مليو
توبن پريتم بانورا
هندوري ۾ هوندي به
ڪونهي پيار پليو
تو بن پريتم بانورا

اهو به عجيب احساس آهي. ڪنهن جي ٻانهن جي حصار ۾ هجڻ باوجود ان جي هٿ جي ليڪن ۾ نالو ئي نه هجي ته ان کان وڌيڪ من اندر ۾ ڀُرڻ / ٽٽڻ ٻيو ڇا هوندو؟ اِهو ته ائين ٿيو ڄڻ ندي ڪناري من پياسو رهي ۽ ڪنهن جي هجڻ جي باوجود من مندر ۾ ڪا ميگھ ملهار ئي نه هجي ۽ نه ئي ڪا ماڪ پوي ۽ نه ئي ڪلين ۽ گلن جي پنکڙين کي ڪا تازگي ملي ۽ نه ئي رات جي سانت ۾ ڪو تن جو ستار وڄي ۽ نه ئي ڪنهن جي مُڌر آلاپ تي ڪا ڪنواري ڇرڪ ڀري اٿي ۽ پنهنجي اڻپورن سپنن جي ساڀيان ڳولي.

ڪٿان اچي پئي ٽاڪ منجھند جو
چولو آلو آهه پگھر ۾
نينگر توکي ڊپ نه ڪو!؟

عجب خيال آهي جماليات جو. اڳ شاعر جمالياتي خيال لاءِ چنڊ جي چانڊاڻ، سُرهاڻ ۽ شام سمي جو منظر چٽيندا هئا، پر سليم هن خيال ۾ ٽاڪ منجھند جو منظر ڪيتري نه حُسناڪي ۽ نفاست مان چٽي اسان کي ڇرڪ ڀرائي ٿو. پگھر ۾ وينگس جي بدن کي چُهٽيل چولو ڪنهن قيامت کان گھٽ ته نه هوندو. الائي اسان جي هن شاعر اهو منظر راهه ويندي ڪٿي پسيو ۽ پنهنجي اک جي لينس ۾ ان جو عڪس محفوظ ڪري ورتو ۽ پوءِ ڪهڙي لمحي ان جو اهو ادراڪ وجدان جي صورت ۾ اسان آڏو ظاهر ٿي ٽاڪ منجھند جي لڱ ساڙيندڙ گرمي کي ڪنهن خوبصورت احساس ۾ بدلائي ڇڏي ٿو.
ان فطري سونهن جو جيڪو احساس اسان جو هي ڪوي پنهنجي لفظن ۾ جيئاري ويٺو اهڙو ئي دلڪش ۽ سُونهن ڀريو مثال سندس سينئر شاعر مختيار ملڪ جي ترائيل ۾ ملي ٿو:

ٿاٻي سان ويس گھاگھر ڇُلڪي،
لــــڱ ســــمورا پـــــــاڻـــــي لارون،
شايد! مون کي ڏسندي مرڪي،
ٿاٻي سان ويس گھاگھر ڇُلڪي.

ڪاوڙ هــــــوندي، ٿـــــورو مُرڪي،
شـــــــرم ســـــــمايل کــــڻي نهارون!
ٿـــــاٻي سان ويس گھاگھر ڇُلڪي،
لــــڱ ســــــــمورا پـــــــاڻـــــــــي لارون

(اماس ۾ به سوجھرو، ص 123)

اهڙو هڪڙو سُونهن ڀريو اظهار سليم وٽ ٻيو به موجود آهي. هي پنهنجي چوڻ ۾ ڪيترو بي باڪ آهي! شايد مٿس حُسن عشق جي مئي جي مستي ڇانيل آهي، تڏهن ئي ته بي ساخته اظهاري ٿو.




چنگ چپن جا چوريون
ماڻيون بدن بهار
پوءِ الاءِ ملون نه ملون
ڪيسين سانڍيندينءَ ڀلا
انگ انگ اسرار
پوءِ الاءِ ملون نه ملون

شاعر جا سپنا اُجري باک جا سپنا هوندا آهن. هو لفظ جي اهميت ۽ ان جي اثر کان باخبر هوندو آهي، تڏهن ئي ته هو لفظ کان تلوار وارو ڪم به وٺي ڄاڻيندو آهي. سليم چنا لفظ جي اهميت ۽ اثر کان باخبر شاعر آهي. هن پنهنجي لفظن کي ڌرتي ماتا جي مٽي ۽ سنڌو جي مقدس پاڻي سان ڳوهي اسان آڏو آندو آهي.
هو نااميد ناهي. هُن جي اکين جا خواب، هو ڄاڻي ٿو ته اڄ نه سُڀاڻي ساڀيان جو حقيقي روپ ضرور پائيندا. ها اها اميد ئي اڳتي وڌڻ، اڃان به اڳتي جو اُتساهه ڏئي ٿي:

ماڻينداسين ماڳ
سپنا سَرجن ٿا پيا
سوکو آنءُ سواد سان
پنهنجون پليون ۽ ساڳ
سپنا سَرجن ٿا پيا
ٻيهر وطن جي ملي
وريا من کي واڳ
سپنا سَرجن ٿا پيا
هئه هئه ڦول ڦلاريا،
چوڏس آهڳساڻ
پرهه ڦٽي ٿي هاڻ

هو پنهنجي نظرياتي ۽ قلمي ڪميٽمينٽ کي نڀائيندڙ شاعر آهي:

ٻاري رکيم ڌرتي تي
شعلن جو شمشان
آزادي منهنجو اعلان
آهي ويٺل اندر ۾
ڪو آدرشي انسان
آزادي منهنجو اعلان

هن جي شعلن جو شمشان ڇا آهي، ڌرتي لاءِ، هن جي جذبن ۽ احساسن جو ڇوليون هڻندڙ ساگر آهي.

توکي سوريءَ سڌ او ساٿي!
توکي سوريءَ سڌ
مٽي جي مهڪاءَ لئه
رت جو ريج ڏيڻ
ڏاڍي اوکي ڳالهڙي

يا اڳتي وڌيڪ چئي ٿو:

مون سين جي هلندين، ريٽي رت رڱبين
آهي جھيڙو جُوءِ جو
مرندين تون ميدان، سورهيه تون سڏبين
آهي جھيڙو جُوءِ جو
جي تــو ماڳ ملهايو، موتين ۾ تــرندين
آهي جھيڙو جُوءِ جو

ڌرتي لاءِ وڙهندڙ جوڌن ۽ جوانن جو اسان شاعرن پنهنجي مزاحمتي شاعري ۾ ته خوب ذڪر ڪيو آهي پر لطيف سائن جي ورلاپ:


اڃان وئڙم ڪال، هو ليکيـندي ورهه ٿئا،
من ڪو ماڻو تن لئي، جيئن سـان ڦلن مال،
اڱــــــــــڻ ايــنـــدم شــــال، آسَرَ ڀري آهــــــــيان.
(سر سامونڊي)

جي پس منظر ۾ جاڳندڙ دُک، پيڙاءُ ڇهيو ئي ناهي، ڌرتي لاءِ وڙهندڙ جوڌن جي ونين جي ان فطري ڪيفيتن ۽ جذبن جي ڀرپور عڪاسي ته سليم جا هي لفظ نه ٿا ڪن پر اسان کي انهن حالتن طرف وٺي ضرور وڃن ٿا.
ڌرتي ڪارڻ دولهه ملهيا
ريٽو ريٽو رت ڏنائون
گھوٽ وري گھر آيا
ٿيا ونين جا وارا نيارا
تن جا گھرا گھاءَ چميائون
گھوٽ وري گھر آئيا.

اسان جي هن شاعر جي اکين ۾ ستابي ۽ سائي سنڌ جو جيڪو اجرو خواب جرڪي ٿو ان لاءِ اسان سڀ ڌڻي در هٿ کڻون ٿا. سليم جي هنن لفظن ۾ توڙي سادگي جو ڀرپور اظهار آهي، پر اِها سادگي سندس شاعري کي ڪيترو نه خوبصورت بنايو ويٺي آهي:

سانگي سُکَ سمهن
گلڙا گاهه ڦٽن
اهڙا ڏينهن اچن
الا! او اهڙا ڏينهن اچن
جيڏيون جھول جھلي
پيرون خوب پٽن
اهڙا ڏينهن اچن
الا! او اهڙا ڏينهن اچن
شال ترسي پوين
هاءِ برسي پوين
ملڪ تي مينهڙا
اوءِ جوڳيئڙا

مينهن اجھو ئي اٺا
وڄ کوٽي نه آ
موٽ سانگيئڙا
اوءِ جوڳيئڙا

وري جڏهن ملهاريون ٿيو پون، ترايون تَر ٿيو وڃن ته سانگيئڙن ۽ ماروئڙن جي مُک تي مُرڪون موٽيو اچن ته ان ڪيفيت ۽ سُرهائي کي سليم چنا ڪيتري خوبصورت انداز ۾ اظهاري ٿو:

جھمريون پايو ٿو نچان،
نکري پيا اڄ ڏينهڙا
نيٺ وسي پيا مينهڙا
جڳمڳ ٿي وئي زندگي
ڏهر ڏهر ۾ ڏيئڙا
نيٺ وسي پيا مينهڙا

گجگوڙ ڪن گھٽائون،
ٿڌڙيون لڳيون هوائون
ڀرجي ويون ترايون
هٿ هٿ تُري مکڻ،
مالڪ سڻيون دعائون
ڀرجي ويون ترايون

سليم چنا، مَڌُر ۽ دلنشين جذبن ۽ اَحساسن وارو ڪوي ڪار آهي. هن جي سٽن ۾ فطري سُونهن جا ڪيترائي نازڪ عڪس ساهه کڻندا رهن ٿا، جن ۾ هن ڪوي جي خوابن جا پاڇا، احساس، جذبا ۽ خيال لڇندا رهن ٿا.

ڪٿي ڪوي جو هي قلم
ڪٿي منهنجو هي مقام
ڪوتا مون سان هم ڪلام.

(سليم چنا جي واين جي مجموعي ”نيڻ نهار“ ۾ شامل)