سيف بخاري ”تنها“: جلد وڇڙي ويل شـاعر
سيف بخاري پنهنجي شاندار تعليمي رڪارڊ رکندڙ هالا جي انهن نوجوانن مان هڪ هو، جيڪو اين. اي. ڊي يونيورسٽي ڪـــــــراچي جا شاگرد ڳڻبا هئا. هي اِن يونيورسٽي جي سِول ڊپارٽمينٽ ۾ 1995ع ۾ داخل ٿيو جتي ٻي سال جي پڙهائي دوران 4 مئي 1996ع تي نسلي فساد جي ور چڙهي شهادت جو جام نوش ڪيائين.
سيف پنهنجي اُڻويهه ورهين جي ڄمار ۾ نه رڳو پنهنجو بهترين تعليمي رڪارڊ قائم ڪيو پر پنهنجي خاموش طبع ۽ گهڻ سهو هجڻ واري خصوصيت جي ڪري نه فقط پنهنـــجن دوستن ۽ هم عصرن بلڪ پنهنجن استادن جي نگاھ ۾ به ممتاز رهيو.
سيف جي سڃاڻپ سندس حياتي ۾ هڪ هوشيار شاگرد طور رهي پر سندس وفات بعد سندس اڻ ڇپيل شاعري، ڪهاڻي ۽ ڊائريون ان ڳالهه جو ثبوت ڏيڻ لڳيون ته هو هڪ بهترين شاعر، حَساس شخص ۽ حالتن کي سمجهندڙ انسان هو.
ويهن ورهين جي نوجوان شاعر سيف بخاري ”تنها“ کي اسان کان جدا ٿئي لڳ ڀڳ 19 سال گذري چڪا آهن پر هن جي ياد جا تازا گُلاب هن جي مائٽن کان ويندي هن جي دوستن تائين جي دلين ۾ اڄ به ٽڙيل آهن.
سيف ”تنها“ هالا سان تعلق رکندڙ هڪ اهڙو هوشيار شاگرد هو جنهن ڪي- جي کان ويندي انٽر ميڊيئيٽ تائين هميشه ٽاپ ڪيو، هو پنهنجن استادن کان ويندي هڪ جيڏن شاگردن جي نظر ۾ سدائين ممتاز رهيو. خاموش طبيعت وارو هي نوجوان شاعر پنهنجي جيون جون اوڻيهه بهارون ماڻي، 4 مئي 1996ع تي اسان کان اوچتو ئي اوچتو خاموشيءَ سان موڪلائي ويو، ڄڻ ويهين صديءَ جي هاڪاري شاعر شيخ اياز جي هنن لفظن جيان هو اسان کي ڪجھ چوندو ئي رهيو:
ڀؤن نه آئي ڀانءِ
الا مان اڏري ويندو سانءِ
ڳائي منهنجا گيت غزل
مون کي ياد ڪجان
الا مان اڏري ويندو سانءِ
گلابن ۽ موتئي جي مند ۾ ڀونءِ تان آڪاس ڏانهن اڏري ويل اسان جي هن حساس تخليقڪار جي وڇوڙي جو اذيت ناڪ احساس اڄ به سندس مٽن، مائٽن ۽ دوستن جي اندر ۾ ساهه کڻندو رهي ٿو.
سيف بخاري پنهنجي مزاج ۾ ماٺيڻو شخص هو، هن جي ماٺ جو راز هن جي اچانڪ وفات کان پوءِ هن جي مائٽن تي ان طرح کليو جو هن جي دراز ۾ وکريل ڪاغذن ۽ ڊائري جي ورقن تي هن جي شاعري هن کان پوءِ هن جي هجڻ جو احساس ڏياري رهي هئي. سيف ڪنهن مهل ڪوتا جي ديوي کي راضي ڪري ورتو هو اها سڌ ته هن جي حياتيءَ ۾ ڪنهن کي به نه هئي، هن جي والد پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز بخاري پنهنجي لائق ۽ با سيرت نوجوان پٽ جي شاعري يڪجا ڪري ”سرس آهي سونهن ۾“ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ سندس نالي سان قائم اڪيڊمي ”سيف بخاري اڪيڊمي هالا“ پاران 1997ع ۾ شايع ڪرائي سيف بخاري ”تنها“ کي سنڌ جي ادبي حلقن ۾ متعارف ڪرايو. سيف جي شاعري اشاعت جي هيٺ اچڻ کان پهرين سيف پنهنجن مائٽن، استادن، دوستن ۽ هڪ جيڏن لاءِ سيد سيف الله شاهه بخاري هو، پر جسماني وفات ۽ روحاني جنم کان پوءِ هو هاڻ اسان سڀني لاءِ سيف بخاري ”تنها“ بڻجي چڪو آهي. سيف ”تنها“ جي شاعري متعلق نالي وارو محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي راءِ آهي ته:
”سيف بخاري ”تنها“ ڪيترن ئي شاعرن کان مٿانهون ۽ چڱن شاعرن مان هڪ چڱي شاعر جي حيثيت رکي ٿو. هِن شاعري ۾ هڪ ئي وقت تي ”روايت“ ۽ ”انفراديت“ سان انصاف ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس شهر جو ڌڻي ۽ پنهنجي دور جو عظيم شاعر مخدوم طالب المولى ”اکين“ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ موضوع بڻايو آهي. ”تنها“ به اهو اثر قبول ڪري ٿو. اهڙي ريت ياراني بابت جيڪي سيف بخاري جا نظريا آهن، اُهي اسان کي حمل فقير جي خيالن جهڙا نظر اچن ٿا. تنها اهڙي ريت اثر قبول ڪندي به پنهنجي ”انفراديت“ قائم رکي آهي. يقين ڄاڻو ته بلند خيالي جي ندرت ۽ تخيل جي حوالي سان هن سيد سڳوري چڱن ڀلن شاعرن کي پُٺ تي ڇڏي ڏنو آهي“.
سيف جي وفات کان پوء سندس والد ڊاڪٽر ممتاز بخاري طرفان شايع ڪرايل سيف جو شعري مجموعو”ســرس آهـي سُونهن ۾“ ۾ شامل سندس ڪيتريون ئي سٽون سندس ڌرتي سان محبت، ماروئڙن لاء سڪ ۽ حالتن جي بدلجڻ جو احساس جي عڪاسي ڪن ٿيون. هو جڏهن ڪراچي جهڙي رنگين مزاج شهر ۾ داخل ٿيو هو ته ان وقت بارود جي بوءِ ڪراچي جي رستن تي هر روز پکڙيل هوندي هئي. هن ان وقت انهن حالتن کي پرکي ورتو ۽ ڪــــــــــــراچي بابت هڪ نظم لکي پاڻ کي حساس شاعر پيش ڪيو.
نگري هي ڪهڙي نگري آ
ڏي اي خدا سمجهه هن کي ڪا
نيپا ۽ مَسڪن هُيو ڪهڙو
هي ملير سارو اُجڙي ويو
مقصد اجاڙڻ هو جن جو
تن کي خدا هو رلايو ڪو
ڇا ڪلفٽن ۽ سفاري ڇا
اي خدا ڏي سمجهه هن کي ڪا
تو لئه لکان مـــــــــان ڪراچـــي ڇا
سنڌڙي جي دل ديس جي مالها
تون ملڪ جا خواب ۽ سپنا
تون ڪيميا ۽ ڍير سرمايا
توکي مارڻ به ڏکيو آ
ڏي اي خدا سمجهه هن کي ڪا
ساڳي وقت هو پنهنجي ڪيترن ئي شعرن ۾ پنهنجي ڌرتي لاء فڪرمند آهي.
هـــاري کيـــــــــڙي ڌرتــــــــي، اَن ٿــــو اُپـــــائي،
وڏيــرو ٿـــو کائـــي، هو سڪـــي ڳڀــي ڪاڻ.
ڳڀي ڪاڻ سڪي پيو، هي جو ابهــــم ٻار،
ڪنهن نه لڌي سار، بکايل هن معصوم جي.
سيف وٽ پنهنجي شاعري جا جدا جدا رنگ آهن، هو جتي ڌرتي ۽ انسانيت جي ڳالهه ڪري ٿو اتي هن جي شاعري ۾ سُونهن جا اجرا رنگ به مهڪن ٿا. سُونهن جيڪا شاعري جو بنيادي مُحرڪ آهي، اُن سُونهن جو هڪ ڀرپور ۽ سَگهارو تصور شاعر جي ذهن ۾ سمايـل هوندو آهي. جنهن جو هو خوب اِدراڪ ڪري ٿو. سيف جي شاعري ۾ به اهڙا ڪيترائي جمالياتي خيال موجود آهن. جيڪي پنهنجي جاءِ تي ڏاڍا خوبصورت به آهن.
منهنــــــجي دل جـــــــــــون آرزوئــــــــون،
ويـــــــــــون بنــــــــجي ڀوڳـــــــــنائـــــون.
ٿـــــــــــي چمـــــي جيئـــــن، گــــل کي شــــبنم،
ڇيــــــر جـــــــون تـــــــــئين، مــــــــڌرتـــــــائون.
پيهي در جي اوٽ ۾، تـــــڪيان ساري رات،
مٿان ٿي پرڀات، ڳالهيون ڪندي پاڻ سان.
صبح صــــادق تائين، اکيـــــــــــن پســـــــــايو پانـڌ،
تنهنجي ياد سدائين، بي چين ڪري ٿي روح کي.
پنهنجي مزاج ۾ انتهائي نفيس ۽ حساس سيف ”تنها“ پنهنجي جيون جي اڻويهن بهارن ۾ جيتوڻيڪ بظاهر ته ڪومائجي ويو پر انسان جو وڏو جياپو هن جي تخليق آهي، جيڪا هن جي اندر جو ڀرپور اظهار ٿئي ٿي. سيف به پنهنجي لفظن، پنهنجن شعرن جي روپ ۾ اڄ به موجود آهي. دنيا جي ادبي تاريخ ۾ جتي بنهه ننڍي عمر ۾ پنهنجو تخليقي پورهيو ڇڏي هي جهان ڇڏي ويندڙ ”جان ڪيٽس“ جو حوالو موجود آهي اتي سنڌي ادب جي حوالي سان ورهاڱي کان اڳ نرمــــل جيوتـــــاڻي ۽ ورهــاڱي کان لڳ ڀڳ پنجاھ ورهيه پوءِ سيف بخاري ”تنها“ جو نالو موجود آهي جيڪي پنهنجي مختصر ڄمار ۾ تخليقي سرمايو ڇڏي پاڻ کي زندھ ڪري ويا.
سيف بخاري ”تنها“ انتهائي حَساس ۽ سوچ ويچار ڪندڙ نوجوان هو، هُو فطرت جي نظارن کان ويندي ماڻهوءَ جي مَنَ تائين؛ جو گهرائيءَ سان مشاهدو ڪندڙ هو. سيف جهڙا ذهين، هوشيار ۽ ماڻهوءَ کي مان ڏيندڙ نوجوان ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن. هن جو وڇوڙو اڄ به پنهنجي مٽن مائٽن کان ويندي هن جي دوستن جي اندر ۾ ائين زندهه آهي ڄڻ اها ڪا اوڻيهه سال پراڻي ڳالهه ناهي بلڪ ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي. هن جو تخليقي پورهيو هن جي زندهه هجڻ جو شاهد آهي.
۽ اسان سيف جا ئي لفظ سيف بخاري لاءِ ورجايون ٿا:
ڏاڍو ڏور هليو وئين يار
ڪين لڌي تو اسان جي سار
تنهنجي ياد ۾ ٿا نيڻ ٽمن
روڪيندي به لُڙڪ وهن
رشتو ٽوڙي ڇو ٿئين ڌار
ڏاڍو ڏور هليو وئين يار
(روزاني عوامي آواز، 4 مئي 2013)