لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جَلِي منهنجي جاڳَ

تحقيقَ جي محنت طلب ۽ نور نچوئيندڙَ ڪَمَ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مخمور بُخاريءَ ڪيترو ئي تخليقي ڪَمُ پِڻُ ڪَيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمونَ مختلف اديبن ۽ ڪتابن متعلق آهن. اِهي مضمونَ اڀياسي ۽ تاثراتي نوعيت جا آهن. موضوعن جي رنگا رنگيءَ سبب هي ڪتابُ يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجندو. ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هن ڪتاب ۾ موجود مڙني مضمونن ۾ پنهنجي ڏاتِ ۽ مطالعي جو سهڻو اظهارُ ڪيو آهي.
Title Cover of book جَلِي منهنجي جاڳَ

شيخ اياز: ڪنهن ڪنهن جي روپ مان ڪوري ڪاليداس

روهيراڙي رات، سامهــون چنـڊ چٽاؤُ ۾،
مون کان پوءِ به مهڪندي، موت نه ڪندي مات،
جيئن منهنجي ڏات، مون کان پوءِ به ڏيهه ۾.

شاعري، موسيقي ۽ مصوري آرٽ جا ڪمال آهن، جنهن جا احساس انسان جي اندر ۾ لهي روح کي ريجھائي سچ ته فطرت جي تمام قريب پهچڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته شاعري، موسيقي ۽ مصوري لاءِ تخليقڪار جي اندر ۾ عشق جو اونهو اتهاس جڙي پوندو آهي ۽ پوءِ هو ڪڏهن لطيف، ڪڏهن سچل، ڪڏهن روحل، ڪڏهن حمل ته ڪڏهن بلهي شاهه ته ڪڏهن رحمان بابا جو روپ وٺي ٿو. اتهاس جو سڄو ميدان اهڙن بيشمار شخصيتن سان ڀريل آهي ۽ آرٽ جي دنيا پنهنجي ڪمال سان انيڪ روح ريجھائي پئي، پر تخليق جو انت ته ڪٿي به ناهي، شايد تڏهن ئي ته شيخ اياز جو وجود اڄ به جديد سنڌي شاعري ۾ پنهنجي هڪ خاصيت اهميت جو ڪارڻ آهي.
اياز جي اندر ۾ ويٺل هڪ عاشق ئي ته کيس آرٽ جي ڪمال تي پُهچائي ٿو. ۽ هو انيڪ ڪوتائون جوڙي سفر ڪندو رهي ٿو، ڪندو رهي ٿو، ڪٿي رڪجي نه ٿو، ماٺو نه ٿو ٿئي، ڪوتا جو هڪ ڊگھو سفر جيڪو هو ڪندو رهيو.

سهنجو سمجھ نه سِٽ کي، نور نچوئي لِک،
سِٽ هـــڏي جــي مِک، ريلا تُنهنجــي رت جا.

اردو جو شاعر افضال احمد سيد اهڙي پس منظر ۾ چيو هو:

انگلی چاقو سے کٹ گئی
اور خون شاعری بن گیا

هڪ سٽ لکڻ لاءِ تخليقڪارڪيڏو ڀوڳي ٿو، پوءِ به اياز زندگي جو وڏو حصو آرٽ جي ان ڪمال جي نظر ڪري ڇڏيو، پر موٽ ۾ کيس لازوال محبت سان گڏوگڏ انيڪ خار ۽ ڪنڊا به جھول ۾ پيا. ڪجھ وقت لاءِ هو به مايوس ٿيو، تڏهن ئي ته ”وڄون وسڻ آيون“ ۾ لکيائين:

هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،
ڪجھ ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪيو، هي شور اجايو آ پيارا.

اهو اجايو/ سجايو شور هر فڪري باليدگي واري شاعر تي ڪيو ويندو آهي. ان جي وَڍڪُٽ ته هڪ صحتمند لاڙا رکندڙ نقاد ئي ڪري سگھي ٿو ۽ اياز جي شاعري جي پرک به ان ئي نقاد کي ڪرڻ گھرجي، جيڪو کيس پورو پڙهي، سمجھي ۽ اياز جي شاعري جي پس منظر کان به واقف هجي. ڪٿي اسان جي غير ذميوارين جي ڪري ائين نه ٿئي جو سُڀاڻ جو نقاد اياز کي اِتهاس ۾ صحيح جاءِ فقط اسان جي ڄنڊاپٽ جي ڪري نه ڏئي سگھي ۽ پوءِ اياز جون هي سٽون تاريخ جي ڪنهن ڪنڊ مان ٻُرنديون رهن.

خدا معلوم ڪنهن رنگين چمن ۾، ڇونه ڄاياسين،
ٽڙياسيــن دامن صحرا ۾، خوشبو ئي اجـائي وئي.

”خوشبو“ لفظ جيڪو اياز پنهنجي سڄي فڪري ۽ تخليقي پورهئي لاءِ تشبيهه طور آندو آهي، سو ڄڻ ته اياز جي ڪوي واري ڪردار کي تمام مٿانهون محسوس ڪرائي ٿو.
اياز جي شاعري ۾ جا تازگي آهي، سا ماڪَ پيل گُلن جهڙي نازڪ مزاج آ. حَساسيت، حُسناڪي، خوبصورتي توڙي اَحساس ۽ ڪيفيتن جي نازڪ خيالي اياز جي شاعري مان ائين ليئا پائي ٿي، جيئن صبح جي روشني رات جي اونداهي کي چيري بند ڪمري جي درين جي وٿين مان جھاتي پائيندي آهي. هن جي شعري حُسناڪي جا ته ڪيترائي مثال پيش ڪري سگھجن ٿا، پر هنن سٽن ۾ فطري حُسن جا ڪمال نقش چٽيل آهن.

ٽاريءَ ٽاريءَ تي ٽهڪن ٿيون، ڪيئي مينهن ڦُڙيون،
جھڙ جي جھاڳ هٽائي نڪتي، چوڏهينءَ چانڊوڪي،

بُٺ تي بوند اُٺي اُٺي، او مٺڙا! بُٺ تي بوند اُٺي،
تارا ڪڻ ڪڻ ، وڻ ڇڻ ڇڻ، پَرتي رات وٺي،
او مٺڙا! بُٺ تي بُوند اُٺي.

اياز جيڪو پنهنجي شاعري ۾ صدين جو اتهاس رکي ٿو، ان جي رنگ رنگ شاعري ۾ ڪٿي سکي جي نڪ جي ڪوڪي جي ڪوڪ آهي ته ڪٿي ڪارين چَڳُن جو سحر، ته ڪٿي حُسنائيت ۽ حَساسيت جو جهان آهي ته ڪٿي منصور جي دار جو درد، ته ڪٿي ڌرتي جي گھايل سيني جي رڙ آهي ته ڪٿي اڻ پوري پيار جي اذيت، ته ڪٿي ٽڙيل گُلاب جي سُرهاڻ. هن جي شاعري جذبن، اَحساسن ، سوچن ۽ خيالن جو اهو رنگين جهان آهي، جنهن ۾ لاتعداد خواب ساهه کڻن ٿا. چُرن ٿا ۽ پنهنجي هجڻ جو شديد اَحساس ڏيارين ٿا. هن جا؛ پنهنجي ساري حياتي ڪلا کي ارپي ڇڏي، هن کي ڪائنات جي عظيم تخليقڪار ڪيتريون ئي خوبصورت سِٽون تخليق ڪرڻ جي سگھ عطا ڪئي. هن جي سرشت ۾ ڌرتي جي مٽي جي سُڳنڌ رچيل بسيل آهي. هن جي قلم ڀلي ته ڪنهن ڪنواري جي ميندي رتڙن هٿڙن جي سُونهن کي نقش ڪيو هجي، پر ان نقش ۾ ڌرتي جا ڪئين اهڃاڻ چٽا پٽا نظر اچن ٿا.

اوءِ اتر جا واءَ نه لٽ تون، پيرا پيارن جا،
مارڳ تِن کي موهي ايندو، مرندا ويراڳي،


سانجھ لٿي آ، جھانجھ وڄي ٿي، ڪوئي اچڻو آهي،
ڪونج ڪئي آ گونج، هوا به آهي هيجن ڀري.

هن جي سِٽ سِٽ، لفظ لفظ ۾ مٽي جي سُڳنڌ رچيل آهي. سنڌ سدا رهندي، اهو يقين اياز پنهنجن سٽن ۾ ورجائي ٿو. پر اهو يقين اياز سميت اسان جو ايمان آ. هي ڌرتي تاريخ جو شاندار ماضي پاڻ ۾ سانڍي رکيو ويٺي آهي. هي مٽي امن، سُک، شانتي، سُڪون، احترام، مُحبت، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي مٽي آهي. هن ڌرتي سدا کان پوري عالمِ انسانيت جي لاءِ دعا جا هٿ ڊگھا ڪيا آهن. اسان سڀني جي فِڪري مرشد لطيف سائين چيو:
سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلــــدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

۽ اياز جي سرشت ۾ سنڌ جو ضمير آهي ان چيو:

ساڳ پنهنجو پلي، سنڌ پوءِ به ڀلي،
ڀاڳ واري سدا، ڀؤن تي ڀرجھلي،
تو چيو ”سنڌڙي“، مون چيو جندڙي،
مون پرولي سلي! مون پرولي سلي،
سنڌ مرڻي نه آ، ”اي اياز“ آ اڃان،
اڃ جو آسرو، ڪا ته پاڻي کَلي.

سانوڻ رُت ۾ جڏهن هر سُو ميگھ ملهار هجي، وڻ ٽڻ بارش سبب چهچ ساوا ٿي پون. هر نظر ۾ فقط فطرت جو حُسن جرڪي ته ان مند ۾ اياز جون هي سٽون سڄڻ جي سار اوسار جا گيت ڳائين ٿيون:

سانـــوڻ ڪيئــــن اڪيلــــو آئيـــــن، ساجــــن کي به ته آڻ
ساجن کي به ته آڻ
موتئـــي جـــي مهڪــــار هـــوا ۾، ســــار ڀــــري سُــرهاڻ
ساجن کي به ته آڻ

بادل ٿي سؤ سانگ رچايان، آئون به ڪنهن جي ڪاڻ
ساجن کي به ته آڻ

شاعر هڪ زندگي کان وڌيڪ زندگيون جيئي ٿو ۽ هو هر ٻئي زندگي ۾ هڪ نئين زندگي کي ڳولي ٿو. پنهنجي اندر ۾ اذيتن، تڪليفن، احساسن ۽ جذبن جو جهان رکڻ جي باوجود هن جا لفظ ٻين جا ڳوڙها اگھن ٿا. هن جا لفظ ٻين جي زخمن تي مرهم ٿي لڳن ٿا. ٻين جي اڪيلائپ، اذيت ۽ تڪليف کي پنهنجو سمجھي ڀوڳي ۽ پوءِ لکي ٿو، هن جا هي لفظ تخليقڪار جي اهڙي حالت جي عڪاسي ڪن ٿا.

سهنجو سمجھ نه سِٽ کي، نور نچوئي لِک
سِٽ هــڏي جـــي مِک، ريـلا تُنهنجي رت جا.

ڀٽائي جي پيرن کان ڪراڙ ڪنڌي تي ستل اياز جي وارن تي لٿل چاندي کيس ڪوتا کان ڪڏهن به ڏور نه ڪري سگھي ۽ هو سانوڻين جيان ڀرجي ڀرجي سنڌي شاعري جي ڪاڪ محل تي وسندو رهيو، ڀوڳيندو رهيو، لکندو رهيو ۽ آخري دم تائين هن جي تخليق جو سفر ڪٿي به رڪيو نه! تخليق جو اِهو سفر جيڪو هن کان پهرين ڪنهن ٻئي وٽان هن ڏانهن منتقل ٿيوهو. اُهو سفر هاڻ اياز جي فڪري وارثن ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي ۽ اِهو سفر سدائين جاري رهڻو آهي. ڇاڪاڻ ته پنڌ جو انت اچڻو ئي ناهي، پر ان جي سفر ۾ جنهن ۾ لطيف کان شيخ اياز تائين اڻ ڳڻيا نالا شامل آهن، انهن جي جاءِ ٻيو ڪير به نه والاريندو پر اياز جي هنن لفظن جيان گھڻائي پوءِ عشق جا ماريل سڌڙيا اهو مَقام ضرور چاهيندا.

ڪنهن ڪنهن جي روپ مان، ڪوري ڪاليداس
آندي آهي شڪنتلا، جنهن ۾ سندس سواس
هر ڪا ناري آس، شل آئون به اهڙي ٿيان
(شيخ اياز)

(روزانه عبرت، 28 ڊسمبر 2010ع)