ڪيئن وساريان
انهن لمحن کي جن ۾ ڏات جي عطا ٿي ۽ منهنجن خيالن، احساسن ۽ جذبن کي لفظن جي صورت نصيب ٿي.
پنهنجي بابا پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز بخاري کي، جنهن مون کي ادب جي واٽ ڏسي ۽ هلڻ سيکاريو.
پنهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر اسد بخاري، پنهنجي جيون جي ساٿياڻي، پنهنجي ٽن معصوم نياڻين ۽ سمورن گھر ڀاتين کي جن منهنجي بي ترتيب زندگي، اوجاڳن، رولاڪين سان گڏ گھر ۾ ڪتابن جي ٽڙيل پکڙيل ڍڳ کي نه فقط برداشت ڪيو؛ پر مختلف وقتن تي منهنجي حوصلا افزائي ڪندي، منهنجي هر ڪاميابي تي خوشيءَ جو اظهار پڻ ڪيو.
پنهنجي محترم، محبتي ۽ مخلص تاج جويي کي، جيڪو هميشه هڪ وڏي ڀاءُ وانگر منهنجو ادبي رهبر، رهنماءُ ۽ ساٿي رهيو آهي.
پاڻ جهڙن دوستن پير عبيد راشدي، فريد احمد ابڙي ۽ سهيل ابڙي کي، جن جي ساٿ سهڪار ۽ صلاحن کان سواءِ ”جلي منهنجي جاڳ“ شايد اوهان جي هٿن تائين نه پهچي ها!
پياري دوست امر اقبال ۽ پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي چيئرمين محترم قربان منگي کي، جن جي خلوص ۽ دلچسپي سبب هي ڪتاب مهلائتو شايع ٿي سگھيو آهي.
پنهنجي شاگرد نوجوان آڪاش ڪمار آسواني، محنتي عرفان احمد چانڊيي کي، جن هِن ڪتاب جو سمورو مواد ڪجھ ڏينهن اندر ڪمپوز ڪري ڪتاب کي وقت سِر ڇپجڻ جو موقعو ميسر ڪيو.
پنهنجي دوست حافظ احمد الدين انڍڙ کي، جنهن مواد گڏ ڪرڻ ۾ سهڪار ڪيو.
bukharimakhmoor@gmail.com
Cell: 0333-2687411 - 0302-3075701