لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جَلِي منهنجي جاڳَ

تحقيقَ جي محنت طلب ۽ نور نچوئيندڙَ ڪَمَ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مخمور بُخاريءَ ڪيترو ئي تخليقي ڪَمُ پِڻُ ڪَيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمونَ مختلف اديبن ۽ ڪتابن متعلق آهن. اِهي مضمونَ اڀياسي ۽ تاثراتي نوعيت جا آهن. موضوعن جي رنگا رنگيءَ سبب هي ڪتابُ يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجندو. ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هن ڪتاب ۾ موجود مڙني مضمونن ۾ پنهنجي ڏاتِ ۽ مطالعي جو سهڻو اظهارُ ڪيو آهي.
Title Cover of book جَلِي منهنجي جاڳَ

محمد عثمان ڏيپلائي: جي پنهنجو نُور نچوئي ويا....

تاريخ جي هر دؤر ۾ فڪر، دانش ۽ شعور کي ڦهلائڻ وارا ڪردار پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن قلم کي عَلم سمجهي کنيو ۽ پنهنجي سر تي قوم جي سجاڳيءَ وارو ڪم رکيو ۽ هو ان ڪم ۾ طويل جدوجهد ۽ ٿڪائيندڙ سفر کان پوءِ به سرخرو رهيا، ڪامياب رهيا. مقصديت سان ڀريل هنن جو جملو جملو قوم جي اهنجن جو اُپاءُ ثابت ٿيندو رهيو.
عثمان ڏيپلائي جو نالو ئي ان جي ڪم جي سڃاڻپ آهي. هن جي شخصيت جو نالو کڻڻ سان سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو دور ذهن ۾ گردش ڪرڻ شروع ڪري ٿو، جنهن وقت اندر هن خطي جي نئين انداز سان تشڪيل ٿي رهي هئي. توڙي جو هي خطو هزارن سالن جي شاندار تهذيبي، ثقافتي، تمدني، علمي پس منظر رکندڙ هو، پر اها به حقيقت آهي ته تاريخ جي مختلف دورن ۾ هن خطي جي جاگرافيائي صورت تبديل ٿيندي رهي آهي ته ان سان گڏوگڏ انتظامي حالتن جي تبديل ٿيڻ به هڪ فطري امر آهي.
ٽالپر دور جي پڄاڻي بعد انگريز هن سڄي برصغير تي قابض ٿيا ته انهن جي تهذيب ۽ خيال پڻ هتان جي ماحول تي حاڪميت سبب اثرانداز ٿيا. ورهاڱي کان پوءِ ان ماحول ۾ هڪ نئين تبديلي رونما ٿي، جنهن سبب سنڌ ان حوالي سان وڌيڪ اثر هيٺ رهي. ڏيپلائي صاحب جو قلم جڏهن سنڌ جي تشخص جي سڃاڻپ جو دفاع ڪندي مخالفن تي تلوار جيان وار ڪري رهيو هو، حقيقت ۾ هيءُ اهوئي وقت هو جڏهن هڪ جدا مُلڪ جي صورت ۾ سنڌ جي اصل سڃاڻپ کسي پئي وئي؛ ان وقت جبل جهڙي ارڏي شخص ڪيترن ئي طوفانن کي برداشت ڪيو، تڪليفون سٺيون، جيل ڪاٽيا، مالي تنگدستي کي منهن ڏنائين، پر رَتي برابر به پنهنجي مقصد تان نه هٽيو، اَٽَل رهيو، مضبوط رهيو، ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو ذهني طور پاڻ کي ڪنهن مقصد سان ارپي ڇڏيندا آهن، اهي ڪڏهن به پنهنجي اصل مقصد تان نه هٽندا آهن. ڏيپلائي صاحب به چند اهڙن شخصن مان هو، جيڪي ڪڏهن به مقصد تان هٽڻ جو سوچي به نه ٿي سگهيا!
کرڪڻا لاهي سُک، نه ستا ڪڏهن،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
(شاهه)
ڏيپلو جيڪو عثمان ڏيپلائي جي سڃاڻپ بڻيو ته جنهن جي سڃاڻپ عثمان ڏيپلائي بڻيو، اهو خطو خشڪ سالي، اَڻانگن پيچرن ۽ سهولتن جي اڻهوند وارو علائقو رهيو آهي. مون کي سنڌ جو ٿر ڪنهن تخليقڪار جي ذهني حالت جهڙو لڳندو آهي. اُٿاهه پيڙاءُ، جذبن جي آنڌمانڌ ۽ گَهري سوچ مان تخليق جو جڏهن گُل ڦُٽندو آهي ته اهو خيالن، جذبن، اَحساسن جي سُڳنڌ سان پنهنجي آسپاس جو ماحول معطر ڪري ڇڏيندو آهي، ٿر مان پيدا ٿيل رائچند هريجن جهڙي تاريخدان، حليم باغي، نفيس احمد ”ناشاد“، سروپچند شاد جهڙن شاعرن، وليرام ولڀ جهڙن مترجم ۽ اديب ۽ عثمان ڏيپلائي جهڙي افسانه نگار، ناول نگار، سماجي تاريخدان، صحافي جو جنم به ان گُل جيان آهي، جنهن پنهنجي تخليق جي سُرهاڻ سان ڪيترائي ذهن مُعطر ڪيا، هن جي اِها جدوجهد ڪيتري حد تائين ڪامياب وئي، اهو وقت ثابت ڪري چڪو آهي ۽ اهو به ثابت ڪري چڪو آهي ته ”جيڪو سنڌ لاءِ جيئي سنڌ ڪڏهن به ان کي فراموش نه ڪندي“. ان جو مُلهه ڪڏهن به نه وڪاڻبو. ان جي نالي جو ورد هر زبان تي رهندو، تاريخ جي هر صفحي ۾ ان جو ذڪر ضرور ملندو. هن جنهن انداز سان پنهنجي ڌرتي جو قرض نه رڳو فرض سمجهي لاٿو پر ان فرض ۾ ڌرتي سان عشق جو به هڪ نرالو انداز موجود آهي. هن چاهيو ٿئي ته فرد پير پرستي، وهم پرستي، فرقي پرستي جي ساهه مُنجهائيندڙ روين مان نڪري، الله جي طرفان عطا ٿيل عقل کي استعمال ڪري ڪائنات ۾ موجود هرهڪ شيءِ تي غور ويچار ڪري ۽ سوچي پنهنجي حيثيت تي ته انسان وهم پرستي لاءِ نه خلقيو ويو آهي، انسان ٻين انسانن جي آڏو جُهڪڻ لاءِ زمين تي نه آيو آهي، بلڪ هن کي عقل، سمجهه، شعور، ساڃاهه ڏئي ڪائنات کي منطق/دليل سان سمجهڻ ۽ زمين تي مثبت انداز سان مُنظم طريقي سان رهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. پر ڪن خاص سوچ رکندڙ انسان هميشه هن پُربهار دنيا کي ماڻهن لاءِ ڪنڊن جي سيج بڻائڻ ۾ ڪا ڪَسر نه ڇڏي آهي. اهڙا ئي ماڻهو ٻين ماڻهن تي حاڪميت چاهيندا آهن، ان لاءِ هو مختلف طريقا اختيار ڪندا آهن. ماڻهو کي مذهبي طور ڌمڪائي ان کي زير ڪري پنهنجو ماتحت بنائڻ جو طريقو عام آهي. تنهنڪري عام ماڻهو وهم پرستي ۽ پير پرستيءَ جو شڪار رهندو آيو.
محمد عثمان ڏيپلائي ان صورتحال ۾ ترقي پسند سوچ جو مظاهرو ڪندي ڪيترائي ناول، افسانا ۽ ليک لکيا، هن جو اهو سفر اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو هلندو رهيو. جنهن جو مقصد سنڌ جي ماڻهن کي ان دقيانوسي سوچ مان ڪڍي ترقي پسندي جي راهه تي هلڻ لاءِ آماده ڪرڻ هو، جنهن ۾ هيءُ صاحب ڪامياب به ويو، هفتيوار انسان، ماهوار، هفتيوار ۽ روزانه عبرت، ماهوار ساڻيهه، روزاني سنڌ ٽائيمس ۾ سندس تز ۽ مقصديت وارا ليک، سندس ڪتابي سلسلا ۽ ناول، ڪهاڻيون، افسانا وغيره سندس ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هئا، ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿئي ته رڳو ٺلهيون تقريرون ڪري ڇڏڻ سان مقصد کي حاصل نه ٿو ڪري سگهجي، ان لاءِ هن ادارا قائم ڪيا، پريسون لڳايون، ڪتاب لکيا، رسالا، اخبارون، ڪتابي سلسلا جاري ڪري، انهن کي سنڌ جي وستي وستي، واهڻ واهڻ، هر شهر، هر ڳوٺ، هر گهٽي، هر طبقي، فڪر ۽ فرقي جي ماڻهن تائين پهچايو، جيڪو ئي هن جي اصل مقصد هو ته ڪهڙي به ريت سندس پيغام ماڻهن تائين پهچي.
عثمان ڏيپلائي هڪ عهد ساز گهڻ رُخي شخصيت جو نالو آهي، جنهن جو ڪم مقصديت سان ڀرپور هجڻ باوجود به نعريبازي جي ليبل کان بچيل آهي، منجهس ٻولي جي حُسناڪي، طنز ۽ مزاح سميت ٻيون به خوبيون نظر اچن ٿيون، هو بلاشبه هر دور ۾ زندهه رهندڙ سنڌ جو مانائتو دانشور ۽ اديب آهي.

جي پنهنجو نور نچوئي ويا ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا،
سـي لـڙڪ مٽـي ۾ لوئـي ويا، پـر ڇا ڇا موتي پائي ويا.

آ ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه مڻيا، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا،
جي سارو جڳ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ڀلائي ويا.

هو پيار پتنگا کامـي ويا ۽ ڪيـڏو دور اڏامـي ويا،
پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾، هو پنهنجي جوت سمائي ويا.

(شيخ اياز)
(ٽماهي مهراڻ، 1/2014)