لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جَلِي منهنجي جاڳَ

تحقيقَ جي محنت طلب ۽ نور نچوئيندڙَ ڪَمَ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مخمور بُخاريءَ ڪيترو ئي تخليقي ڪَمُ پِڻُ ڪَيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمونَ مختلف اديبن ۽ ڪتابن متعلق آهن. اِهي مضمونَ اڀياسي ۽ تاثراتي نوعيت جا آهن. موضوعن جي رنگا رنگيءَ سبب هي ڪتابُ يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجندو. ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هن ڪتاب ۾ موجود مڙني مضمونن ۾ پنهنجي ڏاتِ ۽ مطالعي جو سهڻو اظهارُ ڪيو آهي.
Title Cover of book جَلِي منهنجي جاڳَ

محمد ابراهيم جويو: نئين سنڌُ جو اڏيندڙ

جت نه پکيءَ پير، تت ٽمڪي باهڙي،
ٻئو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کيرري!
(شاهه)

ڏُڌ تي ڏهي هر ڪوئي رَڙڪي، عاشق باهه رڙڪيندي هُو،
تــــنَ چٽُــــورا، مــــن منــــڌاڻي، آهيــــن نال هلينــــدي هُو،
دُکان دا نتڙا، ڪــڍي لشڪاري، غمان دا پاڻي پينــــدي هُو،
نام فقير تنهان دا باهو، جهڙي هڏان تُون مکڻ ڪڍيندي هُو!
(سلطان باهو)

سائين محمد ابراهيم جويي ”شاهه، سچل، سامي“ ڪتابَ ۾ هنن ٽنهي شاعرن بابت لکيو آهي ته: ”هي ٽئي شاعر، نئين سنڌ جا نقيب آهن!“ آءٌ اُن ڳالهه کي جيڪڏهن اڳتي وڌائڻ جي همٿ ڪريان ته چئي سگهجي ٿو ته: شاهه، سچل، ساميءَ کان اڳتي هڪ جديد ۽ نئين سنڌ جا اڏيندڙ، سائين جي. ايم. سيد، شيخ اياز ۽ ابراهيم جويو آهن. هنن ٽنهي شخصيتن جدا جدا مورچن تي ويهي هڪ نئين سنڌ کي اڏيو آهي. سائين جي. ايم. سيد هزارن سالن کان خودمختيار رهندڙ سنڌ جي ”قومي حيثيت“ کي مڃرائڻ لاءِ عملي ڪم به ڪيو ته اُن سان گڏ قلمي پورهيو به ڪيو. ”پيغامِ لطيف“، ”ديار دل، داستانِ محبت“، ”سنڌ ڳالهائي ٿي“، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“، ”سنڌ جا سورما“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ”سن جي سيد“، سنڌ جي سجاڳيءَ لاءِ تصنيف ڪري سنڌ آڏو پيش ڪيا. اُن کان اڳتي ادب جي مورچي تي سائينءَ جي ڪم جي تسلسل ۾ شيخ اياز، سنڌ جي وجود ۾ پنهنجي پُراثر شاعريءَ ذريعي هڪ نئون روح ڦوڪيو، اهڙو روح، جنهن ماڻهن ۾ ذهني سجاڳي پيدا ڪندي، اُنهن کي اٿڻ ۽ جاڳڻ تي مجبور ڪيو:

• منهنجي سنڌڙي، منهنجي سنڌڙي، سنڌڙي منهنجي ماءُ!
• مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦُٽندا سُرخ گلاب!
• ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌُ، پوءِ به نعرا نينهن جا،
• سنڌڙي جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مُرڪندي.
• هي ماڻهو وِهه جو ڍُڪ ٿيا، جئن لُڪ لڳي، تئن رُڪ ٿيا

ادب جي هن مورچي تي هڪ اهڙو شخص به بيٺل/ڄميل نظر اچي ٿو، جيڪو ڪڏهن به زماني جي لاهن چاڙهن، جهَڪُن جَهولن، لڱ ساڙيندڙ گرمين ۽ ڄاتل سڃاتل چهرن جي بي حسيءَ کان مايوس نه ٿيو، دل نه لاٿائين، پر هميشه اڳي کان اڳڀرو نظر ايندو رهيو. ارادي جي پختگي، حوصلي ۽ همٿ سان ڌرتيءَ طرف ايندڙ هر طوفان کي منهن ڏيندو، سهندو رهيو آهي. اُهو ارڏو، اٽل، باهمٿ، بردبار، فهم فراست ۾ برجستو، مخلص، سچو، ساڃاهه ۽ سُرت رکندڙ، ڌرتيءَ جو کرو سپاهي، حفاظت ڪندڙ اسان جو سائين محمد ابراهيم جويو آهي، جنهن کي ڏسي، مون کي ڪنهن ڏاهي جا هي لفظ ياد پوندا آهن:
”جسمن جو ٿَڪُ ڪابه حيثيت نه ٿو رکي، رڳو روحَ نه ٿڪجڻ گهرجن.“
سو، اها حقيقت آهي ته جن به جسم جي ٿَڪَ کي ڪجهه نه سمجهيو، انهن جو روح هميشه تازو توانو رهيو. اهڙن فردن جا حوصلا پهاڙن جيان اَٽَل ۽ مضبوط رهيا آهن. هو ڀٽائي سائينءَ جي هنن سٽن جا ڄڻ ته هوبهو عڪس ٿي پيا آهن:

سُڪا سَنڊَ ڪَڇُن ۾، کرڪڻا پيرين،
ٽمندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙي گڏيا؟

ماءُ کاهــوڙي هليــــا، دُکائــي دونــــهان،
ڇپر جا ســونهان، ڏوٿين ڏٿ چِتائــيو!

گنجو ڏونگر گام، پيهي ڄڻ پروڙئــــو،
ڪري تن تمام، لوچــي لاهوتــي ٿئا!.

سائين ابراهيم جويي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هو سائين جي. ايم. سيد ۽ شيخ اياز سان گڏ ”نئين سنڌ جو اڏيندڙ“ آهي. هن جديد سنڌي ادب جي سونهين، مرزا قليچ بيگ کان پوءِ نيون راهون گهڙيون، ”ٽماهي مهراڻ“ ڪڍڻ کان وٺي شيخ اياز جي ڪتابن جي مهاڳن لکڻ تائين ئي فقط ڏسجي ته جويي صاحب جو ڪم موتين جيان جرڪندي نظر ايندو. اياز جي ڪتابن جا مهاڳ رڳو ڪي سطحي مهاڳ ناهن، بلڪ اُهي سنڌي ادب جا اُهي شاهڪار ”تنقيدي مهاڳ“ آهن، جن جي حيثيت سنڌي ادب ۾ انتهائي اهم آهي. اُهو سچ آهي ته هر شاعر پنهنجي ماضيءَ سان ڳنڍيل هجڻ باوجود پنهنجي دور جو عڪس هوندو آهي. هو جنهن دور ۾ زندهه رهندو آهي، اهو دور مٿس وڏيون ذميواريون عائد ڪندو آهي، اُن صورت ۾ پنهنجي دور جي. اُهو ئي شخص اڳواڻي ڪندو آهي ۽ پنهنجي پٺيان ايندڙن لاءِ نم جي ٿڌيءَ ڇانوَ سمان ثابت ٿيندو آهي.
جويي صاحب، شيخ اياز جي شاعريءَ جي جيڪا اوک ڊوک ۽ پرک پروڙ ڪئي آهي، اُهو ڪم به شاعر جي ڪم کان گهٽ ناهي. چوڻي آهي ته: ”هيري جو مُلهه جوهري ئي ڪَٿِيندو آهي“، اُن صورت ۾ ”هيرو“ ۽ ”جوهري“ ٻئي برابر جي حيثيت جا مالڪ هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته ”هيري“ جي اهميت جو ڪاٿو ڪٿندڙ خود به خداداد صلاحيتن جو مالڪ هوندو آهي- اُهو سچ آهي ته جڏهن شيخ اياز معاشري جي بيقدري ڏسي لکيو ته:

”ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾،خوشبوءِ ئي اجائي وئي!“

سنڌ جي هن سُرهي گُل جي سُڳنڌ کي محسوس ڪرڻ ۽ گل جي نرم پتين کي ڇُهڻ جو احساس ڪنهن گداز جسم کي آڱرين سان ڇيڙڻ ۽ مَڌ جي سرور جھڙو محسوس ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي، اُهو رڳو محمد ابراهيم جويو هو، جنهن اياز جي ڪتابن جا مهاڳ لکي کيس سڃاڻپ ڏني.
سائين جويي صاحب، شيخ اياز جي نون (9) ڪتابن جا مهاڳ لکيا آهن، اياز زندگيءَ ۾ پنهنجن نون ڪتابن جا مهاڳ فقط جويي صاحب کان ئي ڇو لکايا. ان ڳالهه جي شاهدي جويي صاحب جي مهاڳن مان ملي ٿي، جنهن انداز سان هن جديد سنڌي شاعريءَ جي حُسناڪي ۽ اهميت هنن مهاڳن ۾ بيان ڪئي وئي آهي، اُنهن اياز جي شاعريءَ تي امرتا جي ڇاپ هڻي ڇڏي آهي. جويي صاحب، اياز جي ڪتاب ”هي گيت اڃايل مورن جا“ جي مهاڳ ۾ سنڌي شعر جي مزاج بابت ڪيڏي نه سهڻي ڳالهه ڪئي آهي:

”شعر جي ترنمي سانچن ۾ اياز اڪثر فارسي بحر وزنن ۽ هندي ڇندن جو ميلاپ ڪيو آهي. مثلاً: زير نظر سڀ گيت (ڪتاب ”هي گيت اڃايل مورن جا“ ۾ شامل گيت) ماترائن جي حساب سان ٻڌا ويا آهن، پر فارسي بحروزن تي به اُنهن مان اڪثر شعر ٺهڪي بيهن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ماترائن جي حساب سان شعر چوڻ مان فائدو اِهو ٿو ٿئي ته اُن ۾ سنڌيءَ جي ڪنهن به متحرڪ حرف کي ساڪن ڪرڻو ڪونه ٿو پوي، جيئن فارسي بحر وزن جي تقاضائن مطابق ڪرڻو پوندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي بگاڙي جو امڪان نٿو رهي. اياز جيتوڻيڪ شعر جي ماپن ۽ نمونن جا ڪيئي تجربا ڪيا آهن، پر اُنهن مان هر هڪ ۾ هن شعري هيئت جي خالص سنڌي روايتن کي بنيادي طور قائم رکيو آهي، بلڪ اُنهن کي اڳتي نيئي، اُنهن مان نوان شعري ماپا ۽ نمونا ايجاد ڪيا آهن.“
(شيخ اياز جو سڄو شعر، جلد1-ص850).

اُن ئي مهاڳ ۾ هڪ ٻئي هنڌ لکيل آهي: ”اياز جي ٻولي خالص سنڌي ٻولي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪا پنهنجي خالص موڙي آهي، وس پڄندي هو اُن کي ئي ڪم آڻي ٿو“ (جلد 1-ص 846). - ۽ اهو به سچ آهي ته اياز نئين دور ۾ ڪلاسيڪل صنفن کي وري لکيو، پر کيس اُن جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ - اُن جو جواب ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ ۾ خود اياز پاران لکيل هنن سٽن مان اسان کي ملي ٿو:

”بيت سنڌي زبان جي منفرد صنفِ سخن آهي. شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ جي مقفيٰ شعر ۾، هم-قافيه لفظ اِئين سٽ جي وچ ۾ ملندا، جيئن بيت ۾ آهن. اِهو سنڌي بيت جو ڪمال آهي ته اُن جي پهرينءَ ۽ پوئينءَ سِٽ جي آخر ۾ نه قافيو آهي، نه رديف، پر ان جي باوجود بيت ۾ ترنم ۽ هم آهنگي، ٻيءَ هر صنفِ سخن کان زياده آهي“. (جلد 1، ص 13)

هتي جڏهن سائين ابراهيم جويي جي ذڪر ۾ شيخ اياز جي بيت جو ذڪر نِڪتو آهي ته پوءِ ڇو نه ٿورو ٿورو؛ سنڌي ٻوليءَ جي اُنهن خوبصورت جديد بيتن جو ساءُ به چکجي، جنهن جو ذائقو يقيناً روح ۾ نئين تازگي ڀريندو:

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، رنگ رليل آڪاس،
رُتيــــن رَتيــــون راتــڙيون، اُڏاڻــــا اِحســــاس،
چِتِ ۾ چوڏهينءَ چنڊ جئن، اُڀري ڪائي آس،
پريان پريان پاس، آيون ڳالهيون ڳُجهه جون.

ستارن جــي سيــــج تي، سُتــــس ساري رات،
پڌري ٿي پرڀات، چُميندي ڪنهن چنڊ کي،

چُوسيون چانڊوڪيون، تنهنجي مٺڙي منهن مان،
راتيــــن جــــو روڪيون، واڳون اسـان وقت جون،

آئــــي رُت رابيل جــي، دل ۾ دُود دُکــــيو ،
ناهي ساهه سُکيو، توبن پل لئه اي پرين!

چهڪي پيو چاهه، مهڪي پئي محبوبڙي،
سُرهو هن جو ساهه، آهي بُوءِ بسنت جــــي!

اياز سنڌي شاعريءَ ۾ فڪري تجربا ڪيا. هن ڪلاسيڪل صنفن: بيت ۽ وائيءَ ۾ جديد رنگ ڀريو ۽ اُنهن کي انتهائي خوبصورت بڻايو ۽ اُن ئي اياز جي شعر کي جڏهن تز ۽ تيز تنقيد مان گذرڻو پيو ته اها ڏاهپ سائين ابراهيم جويي جي ئي هئي. ”ڪي جو بيجل ٻوليو“ جي مهاڳ ۾ سائين جويو صاحب لکن ٿا:

”فرانس جي اديب، زان ڪاڪشو (Jean Cocteau) کان ڪنهن پڇيو ته ”جيڪڏهن ڪنهن گهر کي باهه لڳل هجي ۽ اُن ۾ اندر هڪ ٻار هجي ۽ هڪ فنپارو هجي، ته تون اندر وڃي اُن مان ڇا ٻاهر کڻي ايندين؟“ جواب ڏنائين ته ”آءٌ اتان باهه کڻي ايندس!“ اياز جي شاعريءَ ۾ اها باهه به آهي، پر اُن ٻار ۽ فنپاري ٻنهي جي بچاءَ لاءِ آهي. اياز اُها باهه ڏاڍ ۽ ڪُوڙ جي ڪوٽ کي لڳائي، اُن ڪوٽ کي ڊاهڻ ۽ ڀسم ڪرڻ گهري ٿو، ڇو ته اُتان ڪروڙن ٻارن ۽ ڪروڙن فنپارن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا سبب ۽ سامان هر وقت گهڙيا، ٺهندا ۽ ٻاهر ايندا رهن ٿا.“ (مون ڏات انوکي آندي آ، ص 63-62)

هنن مختصر اقتباسن مان شيخ اياز جي ڪلام جي هر دور ۾ اهميت جو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو. هر شاهڪار تخليق پنهنجي دور کان گهڻو پوءِ به ايتري ئي معنيٰ دار هجڻ سبب عام مقبول هوندي آهي، جيتري کيس پنهنجي دور ۾ مقبوليت حاصل هوندي آهي.
سائين ابراهيم جويو جنهن کي ”سٻاجهو ساڃَهوَندُ“ به سڏيو ويو آهي، اُن جي شفقت، علميت، شخصيت اُن ميوي دار گهاٽي وڻ جيان آهي، جنهن جي صُحبت ۾ رهندي ڪيترائي وڏا ذهن پيدا ٿيا. ائين کڻي چئجي ته سائين جويي صاحب اهڙن ذهنن کي سِراڻ تي تکو ڪري، سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، ثقافت، تعليم ۽ تهذيب جي بچاءَ لاءِ ميدان ۾ لاهي، علمي ۽ عملي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪو وڏو هَدف مقرر ڪري ڏنو آهي.
سائين ابراهيم جويي متعلق شيخ اياز صاحب جا هي لفظ اسان حوالي طور آڻي سگهون ٿا، جيڪي مٿن هوبهو ٺهڪي اچن ٿا:
”ماڻهوءَ جي هٿن جي حاصلات ئي اُن ماڻهو جي تشريح آهي!“

ڪــيرت ڪاڻياريون گھڻيون، ڪــــنهن ڪنهن منجھه ڪَلا؛
جنهــن ۾ جــــيءَ جلا، ڪــــانکي تنهــــن جو ڪــــــينرو
(اياز)