تاريخ ۾ جهاتي: هالا جي نعتيه شاعري
عرب هو جهالت ۾ تاريڪ جڏهن،
نبي پاڪ نورالهديٰ بنجي آيو.
سو ان نسبت سان اڄ هالا جي ڪن اهم معتبر، معروف ۽ غيرمعروف شاعرن جي نعت گوئي جو ڪجهه تذڪرو هنن سٽن ۾ ڪرڻ مناسب لڳي ٿو ڇاڪاڻ جو اڳ به لکي آيو آهيان ته هن شهر جي سڃاڻپ جا ڪي باب اڄ اسان وساري چڪا آهيون.
نعت توڙي مولود بنيادي طرح شاعري جي ڪا صنف ناهي، بلڪ هي هڪ موضوع آهي جيڪو شاعري جي ڪنهن به صنف ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. گهڻو ڪري مولود يڪي يا ٻيڻي ڪافيءَ جي صورت ۾ چيا ويندا آهن، پر ان کان سواءِ به مختلف گهاڙيٽن ۾ مولود جو موضوع آندو ويو آهي، جڏهن ته نعت خاص طور غزل جي هيئت ۾ چئي وڃي ٿي، پر اها به ڪا حتمي صورت ناهي، نعتيه بيت، قطعا، چؤسٽا ۽ ڪافيون به چيون ويون آهن. مولود ۾ خاص طور حضوراڪرم ﷺ جي ولادت واري ڳالهه بيان ڪجي ٿي ته نعت ۾ مٺي مرسل جي صفت، ثنا، ساراهه بيان ڪئي وڃي ٿي.
سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ۾ بيت وڏي اهميت رکي ٿو. بيت جي ئي صورت ۾ ابتدائي سنڌي نعتيه شاعري ملي ٿي. ميون عيسيٰ جنهن کي اسان هالا جو شاعر تسليم ڪيون ٿا. هن شاعر بابت ڪا خاطر خواهه تحقيق نه ٿيڻ سبب کيس ملاڪاتيار طرف دفن ٿيل ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته حقيقت ان کان مختلف آهي. ميين عيسيٰ بابت تفصيل ڳالهه ٻولهه ته ڪنهن ٻئي ڀيري ڪنداسين، پر ايترو ضرور چئبو ته هي شاعر هالا ۾ ئي دفن ٿيل آهي. سندس بيتن جي رسالي مان ڪجهه اهڙا بيت پيش ڪجن ٿا جن ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي ثنا، صفت ۽ انهن سان عقيدت ۽ محبت جو ذڪر موجود آهي:
رات سهائي، ڀُون سنئين، نه ڪا آڏي اَڏَ،
لا الٰہ الا الله، ٻيا ڇَڏ، جُڏ وُئَنَ جَڏ،
محمدّ رسولُ الله ٿِي، گوهر انهين گڏ،
جو سڄڻ ڪيو سَڏ، ٿو اُماڻي اٻوجهيون.
جَڳ سيڪڙو جنهن جو، سو سڄڻ ڏٺائون،
سين پَسَڻُ پاڪيزي پرين، جي پُنينِ مُدعائون،
حمــد ثنــاءُ سائيــن جـــو، ڪـوڏان ڪيائون،
چٽيـــــون چيائــــون، صلواتــــــون سـرور تي.
سنڌي ادب ۾ مولود جي جنهن شاعر باقائده شروعات ڪئي اهو آهي هالا پراڻا سان تعلق رکندڙ مخدوم عبدالرؤف ڀٽي، جنهن جو تخلص هو ”عاصي“ يعني ”گناهگار“. هن جا هن وقت تائين ستر کن مولود لوڪ ادب جي سيريز واري ڪتاب ”مولود“ ۾ شايع ٿيل آهن ان کان سواءِ سندس مداحون ۽ مناجاتون پڻ چيل آهن. مخدوم صاحب جا چيل مولود اڪثر هڪ تُڪي (يڪي) ڪافيءَ جي صورت ۾ آهن. سندس هيٺيون مولود گهڻو مشهور ۽ مقبول رهندو اچي:
منــارا ميــر مُرســـل جا، ڏســان شــل ڏيهـه سڀ ڏوري
هلــي هالا، مٽيـان مســڻ، انــڙپور کــي ڇڏيــان اوري
مٽيارين جي ڪعبي کان، گهليون مانجهند ڇڏيان گهوري
ڪـوٽ ڪـوٽڙي، کهـا، کـوکـر، سونـڊا، سيريــون ڇڏيـان سوري
ننگـر بنـدر ۽ بـاگـاڻـا، ڪـراچـي کـــان وڃـان ڪـوري
مسقـط، مطـر ۽ مـربالـون، ڪـو مڪــــلان مٽيـان مـوري
مديني جي خاڪ سڀ سرمون، وجهـــــان اکين ڀتر ڀوري
”عبدالرؤف“ چئي سرڪيان صدقو، رکـــان ڪرسي اڳيان ڪوري
مخدوم عبدالرؤف ڀٽي سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو همعصر هو، ڀٽي صاحب هالا پراڻا ۾ سن 1682ع ۾ جنم ورتو ۽ سنه 1752ع ۾ حج لاءِ عربستان ويو، جتي حج بعد لاڏاڻو ڪيائين. آئون پنهنجي شهر جي حوالي سان مخدوم عبدالرؤف ڀٽي کي ئي پهريون ماڻهو تسليم ڪيان ٿو جنهن شاعراڻي فضا ۾ آقاءِ دوجهان جي ولادت باسعادت کي باوقار نموني پيش ڪيو:
حُسن هدايت حاضر ٿيڙو، جڏهن ڄام نبي هو ڄايو،
عطر عنبير سان عالم واسيو، جڏهن سرور ڄام سامايو،
”عاصي عبدالرؤف“ اوهان ڏي آيو، تنهن جو عرض اگهايو.
تاريخ جي ورقن تان دز هٽائيندي اسان اڳيان وڌون ٿا ته حيرت جي انتها نه ٿي رهي. هي ڇا! هي به هالا پراڻا جي مٽيءَ کي اعزاز حاصل آهي. سنڌيءَ جو پهريون صاحب ديوان شاعر خليفو گُل هالائي به ان ئي مٽي جي خمير مان رچي بسي پير ڳوٺ جي مٽيءَ مان فيض حاصل ڪري ڪافيءَ جي يگاني شاعر پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ جي صحبت ۾ رهندي سنڌي زبان کي الف- ب جي 52 اکرن جي پٽي جي ترتيب تي غزل جو ديوان ڏنو. هن جو هي ديوان بمبئي جي محمد حسين پٽ محمد سليم جي پريس مان 1275هه/ 1858ع ۾ ان وقت شايع ٿيو جڏهن هو پاڻ حج جي ارادي سان عربستان وڃي رهيو هو ۽ هيءُ ديوان خليفي گُل خود ئي ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن ديوان جا ڪجهه ڇاپا ان کان پوءِ به نڪتا آهن، پر افسوس جهڙي ڳالهه ته اها آهي ته هن وقت تائين خليفي گُل هالائي جي زندگيءَ بابت، نه ان جي ديوان کان سواءِ ٻئي شاعري بابت ۽ نه ئي ديوان بابت ڪنهن قسم جو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم ڪيو ويو آهي، سو راقم ان بار کي پاڻ مٿان ڪجهه وڌيڪ محسوس ڪيو آهي ۽ پنهنجي وس آهر اُن ڪرت ۾ مشغول رهندو اچي. سو ان ئي ديوان گل ۾ خليفي گُل جا شاهڪار غزل به موجود آهن، هن ائين به غزل جي لوازمات کي پورو ته ڪيو ئي آهي سو هن نعتيه غزل ۾ پڻ محبوب خدا جي سونهن، سوڀيا کي خوبصورت تشبيهن سان نروار ڪيو اٿس:
الف الله قد قامت، منهنجي دلدار جي صورت
حقيقت ذات وجهه الله، سهڻي يار جي صورت
آهي منهن ”والضحيٰ والشمس“، سج چنڊ کان گهڻو روشن
”سورة واليل“ ۾ ڀنڀرن وارن جي، ڪار جي صورت
اکيون چشمو حياتي جو، مٿن جي ڪاڻ ”کالکوثر“
پيالي پُرطهورا جي، نشي سرشار جي صورت
بدن باغ بهشتي، صوف، ڏاڙهون، گُل منجهس قسمين
آهي ”جنات“، ”عدن، تحتها الانهار“ جي صورت
نه ڪيو ”گُل“ ڪوڙ دل جيڪي، ڏٺو منجهه ديد دلبر جي
”وماڪذب الفؤاد و مارئى“ مختيار جي صورت
خيلفي قاسم، خليفي گُل کان پوءِ ان جي کيڙيل سنڌي غزل جي زمين ۾ هَر هلايو ۽ ”ديوان قاسم“ جي عنوان سان پنهنجا غزل وديا ونود پريس ڪراچي مان شايع ڪرائي پڌرا ڪيا. ديوان قاسم مان اچو ته هڪ نعتيه غزل پڙهندا هلون:
مير مرسلؐ مڪي سندو مهتاب
جنهن جهجهو وٽ الله عزت آب
ڏڏ هارين سندو اڙين آڌر،
جڳ اندر جوت عالمن ارباب
اڄ ادا ڪر الله جا احڪام
ته سڀَا تو اُتي اچي نه عتاب
زهد جي زور سان ڪجي ”قاسم“
نقش ناڪام خود پسند خراب
خليفي گُل ۽ خليفي قاسم جي پاڙي ۾ هڪ نرالو ۽ خوبصورت شاعر به پيدا ٿيو، جنهن کي به اسان ٻين ڪيترن ئي شاعرن جيان وساري ڇڏيو آهي. اهو سريلو شاعر آهي صوفي آسورام؛ جيڪو وري پهرئين سوشلسٽ صوفي شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جو معتقد رهيو. تعليم جي پيشي سان لاڳاپيل سنڌ ۾ انگريز دور جو هي شاعر هالا جو ٽيون صاحب ديوان شاعر آهي. هي هندو مذهب سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود خدا جي هيڪڙائي ۽ انسانيت جو وڏو قائل هو، هن پنهنجي شاعري ۾ مختلف جاين تي اهڙا مضمون آندا آهن، خاص طور حضوراقدس جي حضور ۾ هڪ خوبصورت مناجات چئي آهي جنهن ۾ عاجزي، هيڻائي ۽ خلوص مان پنهنجي مدعا بيان ڪندي چئي ٿو:
تون آهين نور نوراني، مٺو محبوب سبحاني
نه ڪو ٻيو تنهنجو ٿيو ثاني، ڪرم ڪر يا رسول الله ﷺ.
امت ساري سندو شافع، ڏکن مرضن سندو رافع
سڄو جڳ ٿيو توکان نافع، رحم ڪر يا رسول اللهﷺ.
سوا لک تي مٿي مَرڪين، تارن ۾ چنڊ جئن چمڪين
سدا ٻهڳڻ پيو ٻهڪين، مهر ڪر يا رسول الله ﷺ.
مدائين ۾ ”آسو“ ورتو، وهائي آب ٿو اَرتو
اوهان کي هت هُتي پرتو، ڀرم ڪر يا رسول الله ﷺ.
صوفي آسورام جا ٽي شعري مجموعا ”پريم غنچا“، ”ديوان آسو“ ۽ ”رساله آسو“ ته سرجيل آهن جن کي يڪجا ڪري نئين سر شايع ڪرائڻ جي گهڻي ضرورت آهي.
هالا جي مٽيءَ مان 19 فيبروري 1884ع تي هڪ نرالي شاعر جنم ورتو، جيڪو اڄ تائين پنهنجي علمي، سماجي، مذهبي ۽ شاعراڻي ڪرادر سبب سنڌي ادب ۾ گهربل مَقام ماڻي نه سگهيو آهي، بلڪ کيس اڄ ته هالا جو ادبي ماحول به گهڻو تڻو وساري ويٺو آهي، هيءُ سٽون لکندي سندس هڪ شايع ٿيل ۽ ٻئي اڻڇپيل شاعراڻيون تصنيفون منهنجي سامهون آهن. ان شاعر کي اسان الحاج پيرو محمد ”سائل“ انصاري جي نالي سان ياد ڪيون ٿا. هيءُ اهو مرد مجاهد شخص هو، جنهن وٽ سنه 1920ع ۾ خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ برصغير جا اهم سياستدان شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين
جي. ايم. سيد هڪ رات ڳجهي گڏجاڻي ڪرڻ آيا هئا. هن شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ اسلامي جذبي جو ڀرپور ۽ خوبصورت اظهار ڪيو آهي. سندس شعري سفر ۾ حج بيت الله جو منظوم سفرنامو پڻ آهي، جيڪو مثنوي جي فارم ۾ سنه 1939 ۾ رقم ڪيو ويو هو. منهنجي مختصر علمي ڄاڻ موجب هيءَ سنڌي جو پهريون منظوم سفرنامو آهي. ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ادارن کي هيءُ اهم ۽ تاريخي دستاويز شايع ڪرائڻ گهرجي.
پنجهتر ورهين جي الحاج پيرو محمد ”سائل“ انصاري جي ”ڪليات سائل هالائي عرف گلستان المعرفت“ ۾ مذهبي جذبي سان سرشار شاعريءَ جا ڪيترائي خوبصورت ۽ رنگين گل موجود آهن، سندس هي حمد اڄ به عام ۽ خاص جي زبان تي آهي، پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن کي ان شاهڪار حمد لکڻ واري شاعر جي نالي جي ڄاڻ ناهي:
حسبي ربي جل الله، شافي ڪافي حق الله
مافـي قلبي غير الله، مير مــــحمد صـــل الله
لاالٰہ الاالله، لاالٰہ الا الله
قائم، دائم، رَب شڪور، جابر، جامع، نافع، نور
هادي، مَهدي، حق، صبور، اڪبر، اعليٰ عاليجاهه
لاالٰہ الاالله، الا الٰہ الاالله
واجد، ماجد، حاڪم، حُي، سامع، قامع، جَل غني
وارث، والا شـــان ولـــي، شاهـــد غائب بي پرواهه
لاالٰہ الا الله، لا الٰہ الاالله
اڃان به اڳتي سندس ”ڪليات سائل“ مان هي بهترين نعت جون سٽون پڙهو:
اسان جو رهبر اسان جو هادي، رؤف آهي، رحيم آهي
خدا جو پيارو سخي آهي، جواد آهي، ڪريم آهي
اهو مزمل، اهو مدثر، اُهوئي طاهر، اهوئي مطهر
طلب علم جي ڪندڙ زيادهه، جهان ۾ سڀ کان عليم آهي
اهو ئي احمد، اُهو مُحمد، اُهوئي مَحمود، سوئي حامد
شفيق آهي، رفيق آهي، شڪور آهي، حليم آهي
اُهوئــــي شافــــــع، اهـــو ئــــــي نافــــع، اهـــــو ئــــي دافـــع، اهو ئي رافع
عــطا خــــدا ڪيــــــس علــــم حڪمــــت، عليــــم آهي حڪيم آهي.
هالا جي ادبي اتهاس ۾ ابڙا خاندان خاص طور جان فيملي کي وڏي اهميت حاصل آهي، ان جي تسلسل ۾ منصور ويراڳي کان ويندي ارشد هالائي، منور هالائي، رشيد هالائي ۽ اڄ جي نوجوان قلمڪار ۽ ڪمپيئر سهيل ابڙي تائين ڪيترائي نالا علمي، ادبي ۽ شعري روايتن جي ڪري معتبر ۽ معروف آهن. هن خاندان جو اڳواڻ معروف شاعر منصور ويراڳي جو والد ”جان محمد اضعف هالائي“ هو؛ جنهن جي ئي نالي پٺيان هن خاندان کي ”جان ساگهر“ پڻ سڏيو ويندو آهي. اهوئي اضعف هالائي مولود ۽ نعت جو معروف شاعر ٿي گذريو آهي، هن جو پهريون شعري مجموعو ”احوال محمدي“ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾ سندس نعتيه شاعري گڏ ٿيل آهي. هي هالا جو پهريون شاعر چئبو جنهن جي نعتن ۽ مولودن جو مجموعو ”انجمن مولود النبي هالا“ تنظيم پاران شايع ٿيو ۽ ڪيتري نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته مڪمل نعتيه ديوان به سندس ڀائٽي شوڪت ابڙي جو ”بهشتي درشن“، جي عنوان سان تازو ئي هالا مان شايع ٿيو آهي. اضعف هالائي جي نعت جون ڪجهه سٽون هن ريت آهن:
حبيبِ خدا آ، امامِ نبوت
رسولن جو سردار، امت لئه رحمت
اطاعت سندس آ، اطاعت خدا جي
اهو آ حقيقت ۾، روحِ عبادت
محمدؐ جو نالو، پيارو پيارو
رسي روح کي، جنهن سان راحت ئي راحت
خدا مير مُرسلؐ کي، معراج بخشيو
اڳي ڪين ڪنهن تي، ٿي اهڙي عنايت
محمدؐ جي تعريف، ”اضعف“ ڪندين ڇا؟
خدا خود سندس ڪئي آ، وصفِ رسالت
اضعف هالائي جو فرزند ۽ بهترين شاعر ارشد هالائي جي هن نعت جون سٽون اڄ به هالا جي هر مذهبي ايوان مان گونجنديون رهنديون آهن:
بُلبل سندي زبان تي، مٺڙو آ نام تنهنجو
ڪُوڪُو ڪندي ڪري ٿي، ڪوئل ڪلام تنهنجو
چيها چَتون چون ٿا، صاحب سلام تنهنجو
هڪوار ڪين ليڪن، دائم مدام تنهنجو
”ياسين، والضحيٰ“ ۽ تعريف تنهنجي ”طٰہ“
”ڪوثر“ سندو تون والي، ”ڪوثر“ جو جام تنهنجو
وقتِ نزع هجي شل، ”صلي على“ زبان تي
اِن پر لڏي هتان هي، ”ارشد“ غلام تنهنجو.
هالا جي هن ادبي اتهاس مان ڪيترن شخصيتن جو ذڪر هت ڪجي؟ انهن جي نعتيه سٽن کي پيش ڪجي؟ منهنجي ته هن شهر جي هر گهٽي ۾ ادب جي تاريخ جو ڪونه ڪو ورق دفن ٿيل آهي ۽ بحيثيت مسلمان؛ محبوب خدا سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار هر شاعر ڪيو آهي، پر هنن صفحن ۾ فقط چند اهڙن فردن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي، جيڪي وڏي علمي اتهاس جا مالڪ آهن، پر کين اڄ وساريو ويو آهي. اهڙوئي هڪڙو غير معروف شاعر جو تذڪرو نه ڪرڻ به پڙهندڙن سان زيادتي ٿي سگهي ٿي. هالا جي ڀرسان پير بلاولي جي مُقام ۾ ابدي ننڊ سُتل راضي فقير به پنهنجي نرالي شعري ڍنگ سبب اهميت رکي ٿو. راضي فقير ذات جو لاشاري هو، سندس جنم به اتفاقاً 12 ربيع الاول 1317هه/ 1899ع تي ٿيو ۽ اپريل 1964 ۾ هيءَ جهان ڇڏيائين. پاڻ شاهه عبداللطيف سان والهانه عقيدت ۽ محبت رکندڙ هو ۽ ان ئي اثر هيٺ راضي فقير، شاهه جي رسالي جي تتبع تي 13 سو کن بيتن ۽ واين جو رسالو جوڙيو، جيڪو ويجھڙائي واري دور ۾ شايع ٿيو آهي. هن رسالي ۾ ڪيترن ئي جاين تي نعتيه بيت آيل آهن، جن مان نموني طور هت ڪجهه پيش ڪجن ٿا.
جوڙي جوڙ جهان جي، پاڻ ڪيائين پسند
خاوند خاص خلقيو، موچارو محمدؐ
”انا مولاڪ وانت محبوبي“، صحي چيو صمد
راهه وٺائي رند، جوڙيائين جوڙ جهان جي
”وحده لاشريڪ لہ“، جن اُتو ڏينهن ازل
تن مڃيو محمدؐ ڪارڻي، مٺو مير مرسل
ان تان خوف خلل، مولا مڙيئي معاف ڪيا
محبوب مُحمدؐ ڪرين، ٻيو مڙئي مجاز
نوراني نماز، پسڻ آهي پرين جو
هن وقت تائين هالا جي شاعرن جو تذڪرو ڪندا آيا آهيون، پر اسان کي هالا ۾ مذهبي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ مڪمل ادبي تنظيم پڻ ملي ٿي، جيڪا هالا جي ادبي اتهاس ۾ پهرئين ادبي تنظيم جو درجو رکندڙ ”انجمن مولود النبيؐ “سنه 1916ع ۾ جڙي. هن تنظيم جا اڳواڻ هئا الحاج پيرو محمد ”سائل“، جان محمد ”اضعف هالائي“، حاجي علي محمد متقي ۽ انجم هالائي، هن تنظيم جي پليٽ فارم تان هالا ۾ خاص طرح مولودن ۽ نعتن جون محفلون منعقد ڪيون وينديون هيون. هالا ۾ هيءَ پنهنجي نوعيت جي پهرين ادبي تنظيم آهي، جنهن خاص هڪ مقصد لاءِ ڪردار ادا ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي هالا ۾ اها روايت بڻجي وئي ته ربيع الاول جي مهيني سان گڏوگڏ شادين ۽ ٻين خوشين جي موقعي تي مولود ۽ نعت جون محفلون منعقد ڪيون وينديون هيون ۽ اهو اثر گهڻو عرصو هالا ۾ موجود رهيو.
تاريخ ۾ جهاتي پائڻ سان اسان کي سنڌ جي هڪ قديم علمي مرڪز هالا جو هڪ منفرد عڪس نظر آيو آهي، جنهن ۾ ان فطري جذبي جو هجڻ به عام آهي جنهن تحت اسان آقاءِ دوجهان حضرت محمد ﷺ جن سان عقيدت ۽ محبت رکون ٿا ۽ ان عقيدت ۽ محبت ۾ اسان ڪڏهن ڪائنات جي ان عظيم هستي جي ثنا ۽ صفت بيان ڪري نه سگهنداسين بقول هالا جي آڳاٽي شاعر مير محمد ”مادح“ جي:
بدليو زمانو جَهَل جو، جنهن نگاهه سان
ان جي نگاههِ نور ۾، نورهديٰ جو شان
مدح محمديؐ جي، نه ”مادح“ کي ڪا مجال
ڪيئن ٿئي ادا زبان سان، رسولِ خدا جو شان.
(ٽماهي مهراڻ، 4/2012)