قمر شهباز : جيئن واس جدا ٿئي مکڙين مان
قمر شهباز جيڪو سنڌي ادب ۾ريڊيو، ڪهاڻي، ڊراما ۽ شاعري جي حوالي سان هڪ سدا حيات ۽ سدا بهار نالو آهي جيڪو پنهنجي تخليق ۾ اسان کي گهڻو مٿي جرڪندي نظر اچي رهيو آهي، ان ئي قمر شهباز جي هڪ گيت جو هي سٽون منهنجي ابتدائي ادبي دور ۾ وڏي معنى رکن ٿيون:
جي سونهن گهرين ها ساٿيئڙا،
مان چانڊوڪي چورايان ها.
جـي پيـار گهريـن هـا پـانـڌيئـڙا،
مـان مـرڪـي جــان جلايـان هـا.
جي گيت گهرين ها منهنجا پرين،
مـان سُـڏڪـن جـي سُـر ڳايـان ها.
جـي سـوچ گهريـن هـا سانولڙا،
مـان روح جي لـوچ لڪايـان ها.
هو جيڪو عشق ۾ پاڻ ارپڻ جو فڪر رکندڙ هو ان جي تازي لکيل ڪهاڻي ”تياڳ“ ۾ ان جو چٽو ثبوت آهي. پاڻ تي سرجيل قمر شهباز جي اها ڪهاڻي محبتن جي اڻکٽ سفر جي طويل ڪٿا آهي. حاصلاتون، جهاڳڻ، لوچڻ ۽ تڙپڻ کان پوء به پلئه پون ٿيون يا نه اهو ته وقت ئي فيصلو ڪري ٿو. قمر شهباز جي مٿين گيت ۽ سندس ڪهاڻي تياڳ مون کي سندس ئي حيات جا ٻه پاسا لڳن ٿا. چئي ٿو:
چپ چاپ اڪيلن راهن ۾،
ڇو نِٽهڻ اُس جو تاءُ گهريئي.
مان درد ڇپائي نيڻن ۾،
هر ويل ٿو مُرڪان ويڻن ۾.
۽ پنهنجي ڪهاڻي ”تياڳ“ ۾ لکي ٿو:
”عبادت سمجهي پوڄيندو رهيس ان پاڇي کي، جيڪو سدائين ساڻ رهيم ته سهي، پر منهنجو نه هو، جهول ڀري ورتم آس جي ڪُومائل مُکڙين سان، بنواس ائين ئي ته وٺندا آهن دل وارا چاهتن جي دنيا مان.“
ان ئي ڪهاڻي ۾ هڪ ٻيو جملو ڪيڏي نه گهري معنى رکي ٿو: ”يادن جي هجوم ۾ اڪيلو ئي ڪڏهن آهيان.“
چاهتن جي سنسار مان بنواس وٺڻ ۽ يادن جي هجوم ۾ حيات جو سفر روان دوان رکڻ به وڏو آرٽ آهي جيڪو هڪ فنڪار ئي پورو ڪري سگهي ٿو. ائين به عشق جي حاصلات ممڪن ئي ناهي. عشق لا حاصل جي ان ڪيفيت جو نالو آهي جيڪو پل پل ۾ عاشق کي وڃائي ٿو ۽ عاشق پاڻ وڃائڻ کان پوءِ ئي ڪجهه ڪري سگهي ٿو. عشق سحر آهي جيڪو ادب لاءِ آڪسيجن جي حيثيت رکي ٿو. قمر شهباز ان سحر ۾ پاڻ کي جڪڙيل ڏٺو تڏهن سندس ڪهاڻي ”تياڳ“ جون هي سٽون ڪيتريون نه معنى دار ٿي پيون آهن:
”ورهه ٿي ويا اٿم، ائين اکيون بند ئي، کوليندس ته خواب ٽٽي پوندو. بيابان موٽي ايندو ۽ وريام اُن ۾ ڪٿي وڃائجي ويندو.“
”تياڳ“ يا سندس ٻيون ڪيتريون ئي تازيون لکيل ڪهاڻيون جنهن ۾ ”جڏهن بيت تنهنجا رنا هئا ڀٽائي، ڏاڏي آدم جو سوال، رئيس جي پُراسرار بيماري“ حساس ۽ سوچيندڙ ڪهاڻيون آهن. جنهن ۾ هن ڏاڍي نفاست ۽ پيڙاءُ مان حالتن جو اڀياس آرٽ جي ذريعي ڪيو آهي. هِن جون اِهي ڪهاڻيون سوچيندڙ ذهن ۽ حساس دل جون اثرائتيون ۽ ڇرڪائيندڙ ڪهاڻيون آهن. ”جڏهن بيت تنهنجا رنا هئا ڀٽائي“ جون ابتدائي سٽون ئي حقيقت پسند آهن. اڄ به اسان جي سماج جي ٺيڪيدارن جي اها ئي حالت آهي. چَهرا مٽائڻ ۽ جوڙجڪ تبديل ڪرڻ سان سماج جي ٺيڪيدارن جي سوچ، ذهنيت ته تبديل نه ٿِي ٿي سگهي. ”رئيس جي پراسرار بيماري“ ان ئي بدبودار سماج تي گهروڙي ڏنل ڀونڊو آهي. سندس ان ڪهاڻي جو آخري جملو:
”رئيس کي لُوسڻ جو نڪ پيدا ٿي پيو آهي! جيترو ٿو ڪٽجي اوترو ئي ٿو وڌي، هاڻي ته ڏاٽي کان به ڳالهه چڙهي وئي آهي“ يا هن ڪهاڻي ”ڏاڏي آدم جو سوال“ هن سماج جي حقيقي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ غيرت ۽ عزت جا معيار کوکلا ۽ بي بنياد آهن، انفرادي سطح تي خسيس مفادن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي روپ، ٻهروپ اختيار ڪيا وڃن ٿا، اُهي انتهائي غليظ ۽ مڪروهه ڪندڙ آهن. هي ڪهاڻي ڌپ ڪري ويل سماج جي غلاظتن جي ڪهاڻي آهي، جنهن ڏاڏي آدم جو سوال ڪچهري ۾ ويٺل مڙس ماڻهن کي هڪ لمحي لاءِ لوڏي ڇڏي ٿو ۽ ڪيتري دير تائين دکندڙ سگريٽ ”مينهان خان“ جي آڱرين کي ساڙيندو رهي ٿو.
قمر شهباز حقيقت ۾ هڪ ڪميٽيڊ ليکڪ هو. هن جڏهن جڏهن به لکيو ته پنهنجي ڌرتي وارن لاءِ لکيو، انهن جي متعلق لکيو. هن جي سامهون ادب ڪا واٽ وندر نه هئي پر هن جا ليک، شاعري، ڪهاڻيون، ڪالم اِن ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن ته قمر شهباز ادب کي گهگهه اوندهه ۾ روشني جو ڪرڻو سمجهيو آهي. هن جي سامهون پنهنجن ماروئڙن، سانگيئڙن سان ٿيندڙ ناانصافيون، اڻ برابريون، ظلم، ڏاڍ، ڏهڪاءُ، بربريت، ڦرمار، پيرپرستي توڙي رئيس پرستي جا ناڪاري رويا گُهٽ، ٻوساٽ واري سماج جا هانءُ ڇڄيندڙ، معصوم جذبن، ارمانن، احساسن ۽ محبتن تي راتاها هڻندڙ جا مڪروهه چهرا هن جي سامهون ڏاڍي غرور ۽ تڪبر سان بيٺل هئا، جن کي هو هر روز پنهنجي لفظن جون بڙڇيو هڻندو هو. هن جي اندر ۾ ڌرتي سان لازوال محبت جو درياءُ وهي رهيو هو. هن پنهنجي عمر جي آخري پد تائين لکيو ۽ ڇا ته شاهڪار لکيو! هن جي اندر جو تخليقڪار ڪڏهن ماٺو نه ٿيو. هن جو آزاد نظم ”سراب آزادي جو“ هن جي تخليقي جوهر جو اعلى مثال آهي. هن طويل آزاد نظم ۾ قمر شهباز جيڪو ردم قائم رکيو ۽ جيڪا خيال جي رواني ۽ گهرائي هن نظم ۾ ڇلڪي رهي آهي اها ئي ان نظم جو حقيقي روح آهي:
۽ اُهي
جِن وڃائي ڇڏيون هيون
جواني جو راتيون،
محبت جون باتيون
سلاخن جي پويان
گمنام رهندي
سوين درد سهندي
۽ اُهي
جن جي پيرن ۾ پازيب پيا ها
زنجيرن جا
۽ ڪراين ۾ گجرا ها ٻيڙين سندي
مالها سجي هئي
۽ اُهي سڀ
جي ڪُوڙن بدوڙن ڪوڙن جي
ڀوَ کان ڊنا ڪين ها
۽ جن جي اکين ۾
عزم جي ڏياٽي سواءِ ڪجهه نه هو
۽ جن جي ازم ۾ عزازيل جهڙي
خودي هئي
خدا هئي.
(ماهوار ”روح رهاڻ“ مارچ اپريل 2009، ص33)
وقت جي دز ۾ وڃائجي ويل پنهنجي ماروئڙن کي ڪيڏي اذيت ۽ پيڙاءُ مان ساريندي قمر شهباز اُجري باک جا سپنا پنهنجي نيڻ ۾ سجائي رکي ٿو:
۽ اُهي سڀ
صدين کان وڃايل، اڃايل، ستايل،
ڪروڙين ۽ اربين ۽ پدمين غلام
جنين زندگي ۾ بهارون نه ماڻيون
سهارن جي ڳولا ۾ ڀٽڪيا جي در در
۽ جن جون بنا ملهه نياڻيون وڪاڻيون
ڪڏهن جابرن جي
ڪڏهن آمرن جي
ڪڏهن قاتلن جي
هو بوٽن هيٺيان چيٿاڙيا، چيڀاٽيا
چيچاڙيا ويا
ڪهاڙن ۽ ڪاتين ۽ تيرن ۽ تبرن
۽ نيزن، گولين ۽ بارود جي باهه ۾
هو سائي، ميڪاٽيا ۽ ساڙيا ويا
۽ اُهي سڀ
صدين کان وڃايل، اڃايل، ستايل
ڪروڙين ۽ اربين ۽ پدمين غلام
ڌرتي جي دزن مان ٻيهر اٿي پيا
انهي آس تي
ته تارن ۽ ڪتين ۽ ٽيڙن جي وچ ۾
نئون ڪو گرهه هاڻي نروار ٿيندو
۽ ظالم ۽ جابر ۽ آمر ۽ ڪانئر ۽ قاتل
جي سر تي وڏو وار ٿيندو!
قلمڪار پنهنجي فڪري سگهه سبب ايڏو ته طاقتور فرد ٿئي ٿو جو هن جي قلم کان ايوانن جا بُرج لُڏن ٿا. ڌرتي ڌٻي ٿي ۽ استحصالي قوتن ۾ ڄڻ زلزلو اچي وڃي ٿو. قلمڪار جو قلم صدين تائين جيئندو آهي، قلمڪار قومن جو امانتدار ٿئي ٿو هن سچائي ۽ ايمانداري مان ادا ڪيل ڪم هن جو تاريخ ۾ جياپو آهي. تنوير عباسي قلمڪار جي اهڙي عظيم مقصد جي پس منظر ۾ چيو هو:
اسان کي قلم جو قسم آ
اســـــان جو قلـــــم محترم آ
اسـان جو قلــــم عَلــم آ
(سج تري هيٺان)
سو قمر شهباز به سنڌ جي انهن سرموڙن اديبن، شاعرن منجهان هو جنهن هر وقت پاڻ کي ڌرتي سان سلهاڙيل رکيو. 17 جون 2006ع تي ڪلڪتي، انڊيا ۾ هڪ سيمينار ۾ ڳالهائيندي هن هڪ نئين جهان جا سپنا اڻيا هئا، هڪ اهڙو جهان جنهن ۾ ميٺ، محبت، سهپ، رواداري، ڀائيچاري سان گڏ ماروئڙن جي مُک تي مرڪن جو، خوشين جو قحط نه هجي، بلڪ هر پاسي، هر طرف ميگهه ملهار هجي، ڀٽ آباد هجن، ويڙهيچن جا ويڙها وسن ۽ ڌرتيءَ جا اصلي ۽ حقيقي وارث پنهنجي مٽيءَ ۾ شاد رهن.
قمر شهباز هڪ نئين، اُجري ۽ دوکي ۽ دولاپ کان پاڪ جهان جي آس، اُميد، خواهش ۽ خواب پنهنجي نيڻن ۾ سجائي اسان کان جدا ته ٿي ويو پر هِن جو اِهو خواب اڄ نه ته سُڀاڻ ساڀيان ضرور پائيندو.
(ماهوار امرتا)