حميد شهيد : شعرُ ”شهيد“ الهام اگر آ
حدين وڃـــــــي هر ڪو لاحد وڃي پير،
”سچو“ سو فقير جو حد لاحد لنگهي ويا.
وانگيان حد لاحد اڪري وڃي تخليق جا گُل پنهنجي جهولي ۾ ڀَري اچي ورهائي ٿو. اِهو سفر من اندر جو سفر آهي، جيڪو وقت ۽ عمر جي قيد کان آجو ٿئي ٿو. شاعر من اندر سفر جو اُهو مسافر آهي، جنهن جڏهن به ڪا بهترين تخليق ڪئي هوندي ته ان جي اندر جي دنيا ۾ وڏي ڀڃ ڊاھ ٿي هوندِي، اُن اندر کي چيريو ڦاڙيو هوندو. اردو جي هڪ شاعر افضال احمد سيد جون سٽون ياد پون ٿيون:
انگلی چاقو سے کٹ گئی
اور خون شاعری بن گیا
حميد شهيد عمر جي ان حصي ۾ جڏهن عام طرح لکڻ پڙهڻ کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري هڪ ڊگهي ابدي سفر جي تياري شروع ڪبي آهي، ان وقت هي پنهنجي اندر کي بار بار ولوڙي پنهنجي جهولي ۾ تخليق جا گُل ڀري اسان کي آڇي رهيو آهي. هن وٽ حَساسيت، رومانس، مزاحمت ۽ ڌرتي سان محبت جا ڪـــــــــــيترائي دلڪــش ۽ سُــــونهن ڀـــــريا مثـــــــال آهن. هو وقت شناس شاعر آهي. هن جو نظــــــــم ”ماچيس جي تيلي“ اسان جي اڄ جي تاريخ آهي. انساني سڀاءُ جي مَٽجندڙ ڪيفيتن ۽ مزاجن جو آئينو آهي. ماچيس جي هڪڙي تيلي گهڻا ممڻ مچائي سگهي ٿي، اسين جيڪي پنهنجي انائن، خودغرضين، ذاتي ۽ گروهي مفادن جي ڪري هڪ گهر اندر پنهنجا پنهنجا ليڪا ڪڍي، پنهنجن پنهنجن خولن اندر قيد ٿيا ويٺا آهيون، حميد شهيد جيڪو هڪ شاعر جي حيثيت ۾ وقت جي نبض تي پنهنجا هٿ مضبوطيءَ سان جهليو ويٺو آهي، سو پنهنجي هن نظم ”ماچيس جي تيلي“ ۾ چئي ٿو:
پاڻ جي آهيون غريبن ۾ غريب
بُک ۽ بيماري جنين جو آ هميشه کان نصيب
هڪڙي ننڍي کنڊ ۾ قيدي اسين
هڪڙي گهر جا ڀاتي ۽ ڀيدي اسين
اک ۾ اک، دوڏن اندر دوڏا وجهي
باهه نفرت جي ٿا ڀڙڪايون نوان ڇوڏا وجهي
جنگ ڄڻ ڪُڪُڙن جو ڪوئي ميل آهه
خوب ٿيندو هي تماشو، واهه جو هي کيل آ
پاڻ هُن سان ڪيئن ملون، ٿيڻي نه آهه
هن جو مذهب آ جدا ۽ منهنجو ”مَهذب“ آ جدا
هن جو ٻيو پرماتما ۽ منهنجو پنهنجو آ خدا
۽ وري هن کي به ٽيڳر آ لڳي
اڄ مغز منهنجي ۾ پڻ آهي مڳي
هن کي طاقت جي گهڻي آ
مون وٽ به آهن جام بم
هي ڪلسٽر بم ۽ هي نيپام بم
هٿ ۾ ائٽم بم کڻي ٽلندا وتون
مُڇ وٽي ۽ ڳاٽ اوچي ساڻ کلندا وتون
باهه بُک جي پيٽ ۾ آ، پوءِ ڪونهي ڪوئي غم
دم دمادم ٿي وڃي! يارو دمادم ٿي وڃي
خلق ڀل بُک ۾ مري اڃ ۾ لُڇي
ڪنهن ۾ هِمٿ آھ جو مون کان پُڇي
ملڪ جي تاراج ٿئي ٿو، ڀل ٿئي
مسئلو پاڙيسريءُ جو حل ٿئي.
نظم ”گلوبل وليج“ به ”ماچيس جي تيلي“ جو تسلسل آهي. جيڪو ڏاڍو ڀرپور آهي. ظالم پاڻ کي ڪڏهن به ظالم نه چوندو. فرعون پاڻ کي ڪڏهن به غلط نه سمجهيو، پر هر فرعون لاءِ موسى ته پيدا ٿيندو، جنهن صحيح ۽ غلط جي پرک جو شعور ڏنو آهي. ”اڇي محل“ واري حويلي لاءِ به موسى پيدا ضرور ٿيڻو آهي. شهيد چواڻي ته:
پيدا هڪ فرعون جي ٿيندو
فرعون جي لاءِ موسى به ته ايندو!
فرعون آ ها ها ڪار مچائي
موسى ڪيڏي دير لڳائي.
حميد شهيد اسان جو انتهائي خوبصورت شاعر آهي. هن ڏاڍي ذميواري ۽ حساسيت مان لکيو آهي. هن وٽ شاعري فقط سکي جي ڪارن وارن کان شروع ٿي ان جي نڪ جي ڪوڪي تي ختم نه ٿي ٿئي، بلڪ هن شاعري کان تلوار وارو ڪم ورتو آهي.
شاعر ٻاٽ اونداھ ۾ روشني جو ڪرڻو آهي. قومن جي سماجي، اخلاقي ۽ معاشي حالتون جڏهن بد کان بدتر ٿي وڃن ۽ اِن حالت ۾ جيئڻ تان ارواح کڄي وڃي ته اُن وقت شاعر روشني جو هڪڙو ڪرڻو ٿي اڀرندو آهي جيڪو عام ماڻهو کي شعور ڏئي ٿو. انهن کي سوچڻ، سمجهڻ جو ڏانءُ سيکاري ٿو. انهن جي رهنمائي ڪرڻ جي سگهه فقط ڪنهن اديب ۽ شاعر ۾ باقي رهي ٿي. حميد شهيد پنهنجي شاعري ۾ جتي ڏاڍو وقت شناس شاعر آهي اُتي هو خبر ناهي ڪهڙي خيال کان ههڙا شعر به لکي ٿو:
اڄ غلط کي غلط چوڻ به غلط،
هن سچائي کان مون ڪئي توبهن.
تون به مون جئن ”شهيد“ ٿي ويندين،
حق جي وائي کان مون ڪئي توبهن.
حميد شهيد ڀلي چوي ته هن حق جي وائي ورائڻ کان ”توبهن“ ڪئي آهي، پر اهو غلط آهي هن جي ڪتاب ”هيڪلايون نويڪلايون“ ۾ ڪيترائي اهڙا شعر موجود آهن جنهن ۾ هن شاعر جي حيثيت ۾ رهنماءُ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي:
بي ضميرن سان ٺاھ ڇو ڪريان؟
هي ڪبيرو گناھ ڇو ڪريان؟
چڻنگ بڻجي ڪو پل ڪيان روشن،
هئن حياتي تباھ ڇو ڪريان؟
اڳتي چئي ٿو:
هڪڙي لغزش جو وقت آھ اڃان،
هي به ضايع پساھ ڇو ڪريان؟
ڊيم ٺاهيو، ضرور ٺاهيو، پر،
شاھ دريا کي واھ ڇو ڪريان؟
حميد شهيد جو نظم ”ڇا اسين سڀ ٿر وڃون“ هڪ سوچيندڙ نظم آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو عڪاس آهي، هڪ سوال آهي، جنهن جو جواب اسان کي ڏيڻو پوندو. ٿر کان پوءِ اڳيان ڇا آهي؟ ڊگهي مزاحمت جيڪا سڀاڻي ساھ کڻڻ شروع ڪندي، اها اڄ ڇونه ٿي اسان جو ڪردار بڻجي؟ ڪيترو نه گهرو سچ آهي هنن سٽن ۾:
زلزلو آيو نه ڪو طوفان هو
کن ۾ منهنجو گهر سڄو شمشان هو
ڪير هي شيطان هو؟ ها ڪير هي شيطان هو؟
ٻاهران آيل هي ڌاريان بي وطن
جن تي تن من پنهنجو ڌن گهوري ڇڏيم
هڪ خواب جي تعبير پويان
هن ديس جي تعمير پويان
جن کي جيءَ جان ۾ جايون ڏنيون
دل جي ڌرتي ۽ ٻنيون سايون ڏنيون
پر عرب جو اُٺ اڄ تنبو اندر
۽ عرب خود دربدر!
اهو تاريخي سچ آهي، هجرت ڪري آيل نون مهمانن کي اسان ڇا ڇا نه ڏنو، پنهنجي ڌرتي، قديم ورثو، تاريخ، سڀ ڪجهه انهن کي ڏنوسين، انهن کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيوسين، پر موٽ ۾ اسان کي انهن پاران ڇا مليو؟ نسلي متڀيد، لساني فساد، هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪن فردن اهو تفرقو وڌو. اڄ هو اسان جي هر وسيلن تي حاوي ٿيڻ لاءِ، اسان جي تاريخ، ثقافت، تهذيب، ٻولي تي راتاهو هڻڻ لاءِ، هر وقت سرگردان آهن ۽ اهو به شاهد آهي ته هنن گهڻو ڪجهه ڪيو به آهي. اسان جا شهر، ڳوٺ، پاڙا اِن لاءِ اوپرا بڻايا پيا وڃن. اسان کي اسان جي گهرن اندر اوپرو ۽ اجنبي بڻائڻ جا جتن ڪيا ٿا وڃن اِن ئي حالتن جو عڪاس آهي شهيد جو هي نظم ”ڇا اسين سڀ ٿر وڃون“:
پنهنجا گلشن ۽ پلازائون جڏهن ٺاهي ويا،
اڄ هو منهنجو ڳوٺ ۽ گهر گهاٽ ئي ڊاهي ويا!
۽ چون ٿا شهر مان نڪري وڃو!
ڪيڏانهن وڃون ۽ پنهنجي ڪهڙي گهر وڃون!
ڇا اسين سڀ ٿر وڃون؟؟؟
هي سوچڻ واري صورتحال آهي پر اسين ڪيڏانهن به ڪونه وينداسين، هر گهٽي، هر رستو، هر شهر، هر ڳوٺ اسان جو پنهنجو آهي، هر ڪنهن جو آهي، ان کي ڇڏي وڃڻ جو اسان سوچي به ڪونه ٿا سگهون! جيڪڏهن ڌرتي جي سڳنڌ ڪنهن کي نه ٿي آئڙي ته اُهي پنهنجا مزاج بدلائن، اُهي ”سنڌڙي، سُر سنگيت سُڳنڌ“ سان پنهنجو پاند اٽڪائي من مان مير لاهي ڏسن ته ڌرتي ماءُ جي پوتر ۽ سُکي ستابي هنج جي گرمي ۽ سڳنڌ ڇا ٿيندي آهي
شهيد سڄاڻ شاعر آهي، هن جي سادن لفظن ۾ به معنى سمايل آهي، هن جڏهن پنهنجي غزل جون هي سٽون مشاعري ۾ پڙهيون هيون ته ٽهڪڙو مچي ويو هو.
ميمڻ، ڪوري روز کڄن ٿا،
حيــــرت آ اڄ شاھ کڄي ويو.
واقعي به اها ڳالهه اسان جي روايتن جو حصو رهي آهي ته ڌاڙيل سيد يا نياڻي اڳيان اچي وڃڻ تي ڦر جو مال اتي موٽائي واپس هليا ويندا هئا يا جنهن گهر جو نمڪ کائبو هو ان سان وفاداري نڀائبي هئي، پر اڄ اها ديد ڌاڙيل، ڦورو مان ته وئي پر ڄڻ هر ڪنهن مان احترام جو اهو عنصر گهٽ ٿيندو ٿو وڃي، هن غزل جو هي ٻيو بند انتهائي اهم آهي:
پاڻيءَ واري تان پيا جهيڙيون،
مُرڳو سڄو درياھ کڄي ويو.
حميد شهيد جتي غزل جي هر بند جو ٻئي بند کان مختلف هجڻ واري وصف جو قائل آهي، اُتي سندس مٿين غزل جا ٻئي بند ترتيب وار رکي پڙهڻ گهرجن:
ميمڻ ڪوري روز کڄــن ٿا،
حيرت آ اڄ شاھ کڄـــي ويو.
پاڻيءَ واري تان پيا جهيڙيون،
مُرڳو سڄو درياھ کڄي ويو.
هي ٻئي بند خيال جي هڪجهڙائي جا مثال آهن، توڻي جو هي لفظ اسان تي شاعر جي واتان چٿر ٿا لڳن. جتي اسان جي سماج مان سڃاڻپ ۽ شناس جي ديد گهٽجي وئي آهي، اتي اسان پنهنجين ننڍڙين نااتفاقين جي نتيجي ۾ وڏيون سزائون ڀوڳيون ٿا. اسان جي ماضي جا قصا ۽ ڪردار اڄ به تاريخ ۾ ساھ کڻي رهيا آهن. اسان انهن کان به ڪجهه نه پرايو آهي، اڄ به اسان جي حالت ڄام فيروز سمــــــي ۽ مير علي مراد ٽالپر جهڙي آهي،. اڄ به اسان ۾ نائومل جهڙا گيدي ڪردار موجود آهن ۽ اسان سندس حرڪتن تي اکيون پوري پاڻي واري تان پيا جهيڙيون يا شاھ جي کڄي وڃڻ واري تمثيل تي محفلن ۾ ٽهڪ پيا ڏيون، پر پنهنجي حالت زار تي نه سوچيون ٿا، نه روئون ٿا، بس اڻڄاڻن وانگر کلون ٿا!! اسان وساري ويٺا آهيون هڪ نئين صبح جي تعبير پويان اسان کي جستجو ۽ اڻٿڪ محنت ڪرڻي پوندي.
حميد شهيد پنهنجو ڪردار ادا ڪندي اڃان به تعبير پويان جاڳي پيو ۽ پنهنجي تخليق سان پنهنجو فرض ادا ڪندي چئي ٿو:
جيستائين سنڌ جاڳي، جاڳ پنهنجو ڀاڳ آ،
واهرو جيسين ورن، تيسين سدا جاڳان پيو.
شهيد جي شاعري جا ڪيترائي مزاج آهن، هن جي شعر ۾ وقت شناسي، رومانس، مزاحمت ۽ حساسيت به موجود آهي، هن جو نظم ”کيل ختم ٿيو“ خوبصورت نظم آهي، جيڪو حيات، موت جو منظر چٽي ٿو، سائين امداد حسيني مهاڳ ۾ پڻ هن نظم جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”حميد شهيد مختلف هنڌن، صنفن ۾ موڊ ۽ ڪيفيت ۾ موت، حيات بابت لکيو آهي، پر اهو کيل ختم نه ٿو ٿئي، نوان ويس ڌاري اچــــن ٿا ۽ زندگي جو کيل جاري رهي ٿو ـــ زندگي وانگي.“
زندگي ـــ موت ـــ زندگي، وهندڙ درياءُ جيان ڪائنات اندر فطرت جو روان دوان هڪ سلسلو آهي جيڪو پنهنجي اندر ڳجهه به رکي ٿو ته ٻئي طرف ان راز جي پروڙ به ان حيات جي تسلسل جو جز آهي، صوفين جي نظر ۾ ”حيات“ پاڻ سڃاڻڻ وارو مختصر عرصو آهي، روح جسم اندر قيد آهي، جيڪو محبوب سان وصال چاهي ٿو. موت وصال جو ذريعو آهي. عربي فقرو آهي:
”الموت جسر يوصل الحبيب للقاء الحبيب“
”موت هڪ پُل آهي جيڪا هڪ دوست کي ٻئي دوست سان ملائي ٿي“
حميد شهيد جي هن نظم جون هي سٽون به ان ئي خيال جون آهن:
جيون ٽيپ جنب جي جيئڙا،
جيل ختم ٿيـو، کيل ختم ٿيو.
توڙي جي زندگي پاڻ سڃاڻڻ جو ذريعو هجي يا موت حبيب سان ملڻ جو بهانو، پر زندگي ڏاڍي پياري آهي، خوبصورت رنگن ۽ گهاءُ ڏيندڙ ڏکن سان ڀرپور جيون پنهنجا رنگ ترنگ آڇي ٿو. زندگي پيار آڇي ٿي، سونهن آڇي ٿي، سوڀيا آڇي ٿي، خواب، احساس، جذبا آڇي ٿي، زندگي خار ۽ ڪنڊا آڇي ٿي، زندگي محروميون ۽ اڪيلايون، نويڪلايون به آڇي ٿي، زندگي هر رنگ هر منظر آڇي ٿي. شيخ اياز چواڻي:
سو درد ها
سو دک ها
پر زندگي پياري هئي
اڌ رات جو ٻٻرن مٿان
جا چاندني پياري هئي!
حميد شهيد، ڪعبة الله جي زيارت به ڪري آيو. خيرن سان عمرو به ادا ڪيائين ته حاجي به ٿي آيو، پنج وقت جو نمازي به آهي، پر خوشقسمتي چئبي جو هو مذهب ڏانهن انتها پسندي وارو رويو نه ٿو رکي. ظاهري مذهبي ٺاھ ٺوھ کان من جي مالها جپڻ جو قائل آهي، دين اسلام جو روح به اهو آهي. مَذهبَ روح جي پاڪائي جا فلسفا بيان ڪندا آهن. اسلام دنيا جي سمورن مذهبن کان اعليٰ آهي جيڪو پڻ روح جي پوترتا جي تبليغ ڪري ٿو؛ شاھ لطيف ته ان فلسفي کي ڏاڍي ڳوڙهي اندز سان سمجهايو آهي:
ظاهــــــــر ۾ زاني، فـــــڪر منجهه فنا ٿيا،
تنين کي تعليم جي، ڪُڙھ اندر ڪاني،
حــــــرفُ حَقانـــــي، دور ڪيـــائـون دل ۾.
(شاھ)
شهيد جو مذهب ڏانهن رويو صحتمنداڻو آهي. چئي ٿو:
هڪ ئي سجده خلوص جو ڪافي،
هيئن ڇو پيشــــــاني داغدار ڪجي.
(پيار جا پوپٽ ۽ چاهت جا گلاب)
دين تبليغ سان نه اينــــدو آهه،
دين، دل جي يقين سان آهي.
اڃان به اڳتي هڪ هنڌ چٽي طرح چئي ٿو:
هٿ ۾ هر دم ”شهيد“ جي تسبيح،
من جي مالا کڻي جپي نه جپـــــــي.
شهيد جا ٻيا به ڪيترائي نظم، غزل ۽ چؤسٽا ”وردي“، ”ڪچرو گهر“، ”شاعر“، ”سنـــــــڌو جو خواب“، ”اي پرين…“، ”قومي مفاد“، ”بند“، ”دانگي“، ”چٽ چئٽ“ اهڙيون تخليقون آهن جن تي سوچي سگهجي ٿو، لکي سگهجي ٿو، ڳالهائي سگهجي ٿو. هو جنهن دور ۾ زندهه آهي ان دور جي سمورين حالتن کان نه رڳو هو باخبر آهي، پر هن جي شاعري ۾ اهڙا ڪيترائي نقش چٽيل آهن جيڪي کيس وقت شناس، باهمٿ ۽ حوصله مند شاعر ثابت ڪن ٿا.
حميد شهيد جي هن مجموعي ”هيڪلايون نويڪلايون“ ۾ ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي رنگ چٽيل آهن. خاص طور رومانيت ”شهيد“ جي شاعري جو وڏو محرڪ آهي. هونئن به شاعر جي جمالياتي حِس عام فرد کان وڌيڪ سگهاري ٿئي ٿي، هو هر منظر، نظر ۽ هر صورت ۾ ڪونه ڪو جمالياتي عڪس ڳولي ان مان Inspiration حاصل ڪري ٿو. حميد شهيد وٽ به اهڙا کوڙ سارا مثال موجود آهن، جنهن سان سندس ان فطري جذبي جي ترجماني ٿئي ٿي، هو پنهنجي هڪ غزل ۾ بي اختيار چئي ٿو:
چاهتون، چاهيون نه چاهيون ٿيو وڃن،
پنهنجي وس ۾ يار ناهيون، ٿيو وڃن.
لغزشون انســان آهيون، ٿيو وڃن،
پاڪ پوتي پاڻ ناهيون، ٿيو وڃن.
هڪ ٻئي هنڌ چئي ٿو:
پيرين اگهـــاڙي آيـو آهيان،
پريـــن پــاڙي آيو آهيان.
وارن جا واسينگ چمـڻ لئه،
لُنڊيون لتاڙي آيو آهيان.
حميد شهيد وٽ عشق جيئڻ جو اتساھ آهي، هن جي اندر ۾ اڄ به هڪ عاشق موجود آهي، هن جي عاشقي هن جي اڃ، تات ۽ طلب وڌائي ڇڏي ٿي:
اڄ به مَنَ ڪو پياسو مَنُ پاڻي پئي،
آس جا ڪورا گهڙا، مهڪي اٿيا.
سندس جمالياتي حِس جا ڪجهه خوبصورت رنگ ڏسو:
وِڄُ وراڪو، نه چنڊ جو چمڪو،
پاند پوتيءَ جو سِرڪيو آهي.
نانءُ وٺڻ سان مهڪي اڱڻ ٿو،
چـــاهت ۾ ڇـــا راحـــت آهــــي.
نيڻ نشيلا کڻ سپرين،
شـــام لٿـي آ رنگ رتي.
ناز مان هڪ گل هڻي ويندو رهيو،
پيار جو پهريون پهڻ ڳولهي لــڌم.
دل کي چيري چهڪ ڏئي وئين،
مون تي ڪيڏا ٽهڪ ڏئي وئين،
ڀِيلڻ! ڪنهن جي عشق ۾ ڇوري،
لشڪاري کي لهڪ ڏيئي وئين.
چيلاٽــــن جا چَـــڪ لهـــي ويــا،
توکي ڏسڻ سان ٿڪ لهي ويا
خدا تي ايمان پختو ٿئـي ٿو،
حسين صورت اگر ڏسون ٿا.
شهيد جيڪو بقول سائين امداد حسيني ”رڳو خانداني شاعر نه آهي بلڪ اصلي نسلي خانداني عاشق پڻ آهي“ سو ان جي عشق جي ڪٿا ڪنهن به نه ٻڌي آهي ۽ نه ئي ڪنهن سمجهي آهي. رُڃ جيان هن جو من پيار جي تمام جي سُڌ رکيو ويٺو آهي، هن جي اندر جي بيقراري، تڙپ، لوچ پوچ، هن کان ههڙيون ئي سٽون لکرائين ٿيون:
ڪنهن به نه دل جو درد سڃاتو، توبه نه سمجهيو تـو به نه ڄاتو،
پيار جو رشتو نينهن جو ناتو، توبه نه سمجهيو تو به نه ڄاتو.
منهنجي اکين جي تاس ڏٺي تو؟ صحرا جي هي پياس ڏٺي تو؟
من ڇو ماندو، تن ڇو آتو؟ تو به نه سمجهيو توبه نه ڄاتو؟
حميد شهيد جا ڪيترائي اهڙا شعر آهن جيڪي سچ پچ ڪوٽ ڪرڻ جهڙا آهن، هن وٽ پنهنجن خيالن جي اظهار لاءِ نيون تشبيهون، ڪنايه ۽ لفظن جون معنائون پڻ آهن. سندس هڪ چؤسٽو ”وهاڻو“ مرداڻي سماجي جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. هڪ عورت کي (زال کي) مولٽي فوم جي وهاڻي سان تشبيهه به عجيب آهي، جيڪا دل کي نه ٿي آئڙي. هڪ عورت محبت ۽ اعتماد تي پنهنجا جذبا، احساس، خواهشون ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه هڪ مرد جي نانءُ ڪري ڇڏي ٿي. پوءِ مرد کي زندگي جي هڪ موڙ تي اها عورت (زال) جيڪا ڪڏهن، هن جي خوابن، خواهشن، احساسن ۽ محبتن جو محور هوندي هئي، کيس مولٽي فوم جو وهاڻو لڳي ٿي. جڏهن عورت جي جسماني حُسنائيت تبديل ٿي وڃي ٿي ته پوءِ مرد کي اها ئي عورت مولٽي فوم جو وهاڻو ڇو ٿي لڳي؟ شاعر پنهنجين خواهشن کان به وڌيڪ ٻي جي اندر ۾ لهي ان جي احساسن، جذبن ۽ موسم کي لفظن ۾ پينٽ ڪري اهو ان جو ڪمال چئبو!!
هالا؛ سنڌي شاعري خاص غزل جي حوالي سان ادب جي اتهاس ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو. خليفي گُل کان خيلفي قاسم تائين هالا جو غزل پنهنجا رنگ روپ ڌاري بيٺو آهي. هالا جو شاعراڻو ماحول خاص طور مشاعرن جون محفلون پنهنجي مخصوص لهجي ۽ رنگ ترنگ رکن ٿيون، جنهن تي وڏي وقت تائين عروِضي، روايتي ۽ ڪلاسيڪي رنگ غالب رهيو، گهڻي وقت کان پوءِ هالا جي نج شاعراڻي ماحول ۾ جدت جو پهريون پٿر معصوم هالائي روايت جي بيٺل پاڻي ۾ اڇلايو، جنهن کان پوءِ سوز هالائي جي شاعري ان جديد رنگ ۾ پختي ٿي ظاهر ٿي. جنهن هالا جي شاعراڻي ماحول کي هڪ خاص صورت ڏني. اهڙي ريت امتياز ابڙي، عرفان مهـــدي، سيف بخاري تنها، ڪوثر هالائي، جاويد سوز هالائـي، سهيل ابڙي، مخمور بخاري ۽ حسين سرور جديد شاعري جو رنگ اختيار ڪيو. هن فڪري تبديلي جو ڪارڻ جديد سنڌي شاعري جا سرموڙ شاعر: شيخ اياز، تنوير عباسي، استاد بخاري، عبدالڪريم گدائي، نارائڻ شيام، نياز همايوني، امداد حسيني ۽ تاج بلوچ شامل هئا. هالا جي جديد رنگ اختيار ڪيل شاعرن ۾ حميد شهيد پنهنجي هن ٻئي مجموعي ”هيڪلايون نويڪلايون“ کان خاص طور پوءِ مون کي ڪجهه اڳڀرو بيٺل نظر اچي ٿو. هن وٽ پنهنجي شاعري لاءِ لاتعداد موضوع آهن ۽ انهن موضوعن کي گهاڙيٽن جي قالب ۾ اوتڻ لاءِ وري وٽس بيساختگي پڻ آهي:
ماٺ ڪرڻ ڇا سوکو ڪم آ،
شيشا چٻاڙي آيو آهيان.
سنڌو اڃاري رَتُ گهريو ٿي،
ڳوڙها ڳاڙي آيو آهيان.
حميد شهيد جيڪو شاعري قومي امانت سمجهي ان جي حفاظت ڪري رهيو آهي؛ اهو پنهنجي ذات جي اندر بي باڪ، مخلص، همدرد ۽ ميٺاج وارو شخص آهي. هو اها قومي امانت سنڌ جي اسرندڙ نئين ٽهي جي حوالي ڪرڻ چاهي ٿو:
وڏن جي مليل امانــــــــــــــت آهي،
هي خواب جيڪي اسين ڏسون ٿا،
نئين ٽهي کي هي خواب ســـــونپي،
اسين وڃون ٿا، اسين وڃــــــــــون ٿا.
حميد شهيد جي نيڻن ۾ جرڪندڙ روشن صبح جو خواب اسان جي لاءِ هن ڌرتي جو قرض آهي، جيڪو فرض سمجهي اسان کي ادا ڪرڻو پوندو. پر ان راهه ۾ اسان کي حميد شهيد جهڙن شاعرن جي رهنمائي جي ضرورت آهي:
پير کڻڻ جي دير فقط آ،
ماڳ ملڻ ۾ دير نه ٿئي ٿي.
شعر ”شهيــــــد“ الهام اگر آ،
شعر چوڻ ۾ دير نه ٿئي ٿي.
(ٽماهي مهراڻ،4/2008ع)