شاهه عبداللطيف ڀٽائي : ڀٽائي اڄ به اسان جو سونهون آهي
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن کي ڪيترائي فرد هڪ ولي الله، اولياءُ ۽ بزرگ تصور ڪن ٿا ان کي جيڪڏهن هڪ اهڙو شاعر تسليم ڪجي جيڪو هر دور جو شاعر هجي، ڀٽائي رڳو پنهنجي دور/وقت جو شاعر نه هو بلڪه هو اڄ جو شاعر آهي، سُڀاڻ جو شاعر آهي، هن جي شاعري کي هڪ نظريي/فڪر/ڌارا ۾ پابند نه ٿو ڪري سگھجي بلڪه هو ته ان آفاقي پيغام جو علمبردار هو، جنهن تحت ساري عالمِ انسانيت لاءِ دعاڳو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته شاهه صاحب انسان شناسي، انسان دوستي، پيار، محبت، امن، سُک، شانتي، ميٺ، مروت، رواداري، محبت ۽ ڀائيچاري جي ترغيب حاصل ڪئي، هن جي نظر ۾ مذهبن، فرقن، نسلن، قبلين، ذات پات کان وڌيڪ اوچو/ اعليٰ انسان هو، جنهن لاءِ هو سوچي رهيو هو.
نڪر ناهه ڪلهي ڪري، هو مَ هوندن جيئن
لاهوتي، لطيف چئي هون نه آديسي ائين
سي ڪاپڙي ڪيئن جي ڌارين تعلق تر جيترو
انساني جذبن، فطري ضرورتن ۽ حالتن جو جيڪو اڀياس ڀٽائي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪيو آهي اهو ان ڳالهه جي پُوري طرح چٽائي ڪري ٿو ته ڀٽائي انسانيت جو حامي آهي. مجازي سُونهن کان ويندي مزاحمت تائين، انسان شناسي کان ويندي مذهبي قاعدن قانونن تائين، سماجي حالتن کان ويندي تاريخ جي گھري شعور تائين، قدرتي منظرن/ عڪسن کان ويندي دريائي جيوت ۽ سمنڊ رستي وڻج واپار تائين، سنڌ شناسي کان ويندي ٻولي جي اڻکٽ خزاني تائين ڪيترائي اڻ ڳڻيا موضوع/ مضمون ڀٽائي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ موتي جواهرن جيان ويهي ٽاڪيا آهن، اِها سُونهن، نفاست، آرٽ، بلاشڪ شاهه صاحب جي ڪمال حُسناڪي جو مثال آهي.
سي پوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن
آندائون عميق مان، جوتي جواهرن
لڌائون لطيف چئي، لالون مان لهرن
ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو ان جو.
شاهه لطيف جي هن ڪمال شاعري جي فڪري پس منظر ۾ اُن دور جون سياسي، سماجي، مذهبي حالتون هيون، شاهه جي ڦوهه جواني ۾ سن 1718ع ۾ سنڌ جي آجپي، سچ، حق، انساني برابري ۽ انصاف جي هڪ وڏي مزاحمتي تحريڪ جي باني شاهه عنايت جھوڪ واري کي ٺٽي جي مغل گورنر، ڪلهوڙا حڪمران ميان يار محمد ۽ ان جي فوج جي مدد سان شهيد ڪرايو ته ٻئي طرف 1733ع کهڙن جي عالم دين مخدوم عبدالرحمان کي ان وقت جي ڪلهوڙا حڪمران ميان نور محمد شهيد ڪرايو ته ساڳي وقت 1740ع ايراني ڦورو حڪمران نادر شاهه افشار سنڌ ۾ ڪاهي آيو ۽ سنڌ جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي پاران عمر ڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي لڪي ويهڻ سبب نادر شاهه ان تائين ڪاهي ويو ۽ جتان جتان گذريو اتان ڦرلٽ ڪندو ويو. شاهه لطيف پنهنجي دور جا ٽي اهم ڏکوئيندڙ واقعا ڏٺا ۽ انهن واقعن سبب پيدا ٿيندڙ سماجي ڀڃ ڊاهه کي به پرکيو. انهن حالتن ئي ڀٽائي گھوٽ کان هي سٽون چورايون.
نه سي وَؤڻَ وَڻَن ۾، نه سي ڪاتياريون
پَسِيــو بازارون، هينئڙو مُون لوڻ ٿئي.
”هينئڙو لوڻ ٿئي“ شاهه صاحب جي اندر جي پيڙاءُ، آنڌ مانڌ ۽ ذهني ڪيفيت جي ترجماني ڪري ٿي ته وري ٻئي طرف هو پنهنجي دور جو سبق سيکاري ٿو جيڪو بغاوت جو نه پر فرد جي ذاتي آجپي ۽ ان جي تشخص جي سڃاڻپ جو شعور آهي.
سورهه! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار
متان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
هن خبردار ٿي ڪيو وقت جي آقا کي ته تون هٿيارن هوندي به هيڻو آهين، لکين فوجي هوندي به بزدل آهين، ڇاڪاڻ ته تنهنجي عوام تو کان نفرت ڪري ٿي، هو تنهنجي غلامي، زور زبردستي برداشت نه ٿي ڪري سگھي ۽ تنهنجي ترار ڪيترن جا سر قلم ڪندي، هت ته هر فرد منصور جيان پنهنجو پاڻ ڪُهائڻ جي لاءِ تيار آهي.
جڙ تڙ تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي
سڀوئي شي ٿيا، سوريءَ سزاوار
همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهئين.
لطيف جي شاعري خاص طور ڪيڏاري واري شاعري مزاحمت جو علامتي روپ آهي. توڙي امامن سڳورن جي شهادت جو قصو بيان ڪندي ڀٽائي صاحب هن سر ۾ جيترو پنهنجو مزاحمتي روپ ظاهر ڪيو آهي اهو ڪمال آهي!!
هن دور رس نگاهه ۽ عظيم ذهن ۾ غلامي کي ٽوڙڻ جو جيڪو تصور هو ان لاءِ هن دور جي نظر ۾ فرد پنهنجي وجودي، روحاني آجپي لاءِ هر مزاحمت جو روپ ڌاري سگھي ٿو.
ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته ڏاڙهون گل جيان
چوڏهين ماهه چنڊ جيئن، پِڙ ۾ پاڳڙياس
ميڙي ۾ مُحمد چئي، مَر مرڪي ماس
تنهن سورهيه کي شاباس، جو مٿي پڙ پراز ٿئي
ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا
ڪارا ڪُند هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ
ٿي تنين سي ڏيٺ، موٽڻ جنين مهڻو.
لطيف سائين جي رسالي مان هن جهڙيون ٻيون ڪيتريون سٽون چونڊي سگھجن ٿيون، جن جي روشني ۾ سمجھي سگھجي ٿو ته ڀٽائي صاحب جي نظر ۾ هڪ مڪمل صحتمند معاشري جو تصور هو. اسان ڏسون ٿا ته شاهه صاحب هڪ اهڙي دور ۾ رهيو جيڪو ڪيترن ئي حوالن سان سنڌ جو مَٽجندڙ ۽ بدلجندڙ دور هو، توڙي جو هي دور گذريل ارغون، ترخان ۽ مغل دور کان گھڻي قدر سُک ۽ شَانتي جو دور هو پر فرد اڃا به مسلسل پيڙا ۽ ذهني آنڌ مانڌ جو شڪار هو، ڇاڪاڻ ته هن ئي دور ۾ ٺٽي جي هڪ هاڪاري عالم دين کي ڪلهوڙن حڪمرانن طَرفان مذهبي پروانو جاري ڪيو هو. جنهن تحت غير مسلمن کي زور زبردستي مسلمان بڻايو ٿي ويو ته ٻئي طرف مٿي بيان ڪيل ٽي اهم قهري ڪاروايون سنڌ جي عام ماڻهن کي پريشان ۽ بيحال رکڻ لاءِ کوڙ هيون.
هي سموريون حالتون ئي شاهه لطيف جي ان فڪري بنياد جو پس منظر بڻيون آهن، جنهن تحت هن انسان دوستي، انسان شناسي جو پيغام ڏنو آهي، هن پنهنجي شاعري جي تاڃي پيٽو اُڻيو ئي سورن، دردن، ڏکن، تڪليفن، پيڙائن ۾ آهي. هن پنهنجي قوم جا ڏک پنهنجي لاءِ سمجھيا آهن ۽ پنهنجي تخليق ۾ هڪ اهڙو جهان جوڙيو آهي جيڪو اڄ به اسان لاءِ اڳ جيان جرڪندڙ ۽ چمڪندڙ آهي، جنهن جي سُهائي سان اسان اڄ به پنهنجي وڃايل واٽ ڳولي سگھون ٿا ۽ ڀٽائي جي اکين ۾ جرڪندڙ اُجري صبح جي ان خواب جي تعبير بڻجي سگھون ٿا هڪ اهڙو معاشرو جوڙي سگھون ٿا، جنهن ۾ فرد،فرد سان پيار، محبت، سڪ، اُڪير سان پيش اچي، جنهن مان سهپ، رواداري، ميٺ، محبت ۽ سچائي جو هڪ اهڙو جهان جوڙيو جنهن ۾ اسان جون اڄ واريون نفرتون، ڪدورتون، منافقتون، بي ايمانيون ۽ دوکيبازيون نه هجن. پر ان لاءِ اسان کي پنهنجي اندر جا اهي ڪُوڙا سَچا بت ڀڃڻا پوندا جيڪي مايا جا پوڄاري آهن، فقط ڀٽائي سائين جي هنن لفظن جيان:
سڀ ننگيون ٿي نڪرو لالچ ڇڏي لوڀ
سپريان سي سوڀ، ننڊون ڪندي نه ٿئي.
۽ پوءِ ڀٽائي جو اهو عظيم فلسفو کڻي اسان پنهنجي اصل منزل تي ضرور پهچنداسين!!
(روزانه عبرت، 19 جنوري 2011)