ڊاڪٽر شمس الدين شاهه راشدي: رُتُ جي ريت نرالي آ.....!
صدين جا سپنا سجائي پل کان اڻ ڄاڻ حيات جو بار کنيو وتي پوءِ به انسان نه ڪڏهن ائين ڪري سگهيو آ نه وقت کي ماڻي سگهي ٿو پر پوءِ به ساھ جو تندو جيستائين ڳنڍيل آهي اوستائين وتي ٿو ورهين جا پور پچائيندو- حادثا ته حادثن جهڙا پر جنهن ۾ ڪنهن جي پيارن جي ساھ جا تندا ٽٽن، ڪنهن جي اکين جا خواب ڀُرن، ڪنهن جي جيون ۾ خزان جي مند اچي واسو ڪري انهن کي ئي اُنهن حادثن جي اذيتن، تڪليفن، درد ۽ پيڙاءُ جو احساس ٿئي ٿو.
حيات جي سفر ۾ ڪير ملي ٿو، ڪير وڇڙي وڃي ٿو، ڪو ياد رهي ٿو، ڪو وسري وڃي ٿو........ عجيب نظام آ شناسائي جو، دوستي جو، روين جو، رشتن جو، احساسن جو..... ڪير ڪنهن کي ياد به آهي يا رڳو لمحي ڀر جي شناسائي جو احساس، پر لمحي جي شناسائي جو احساس، سالن جي ڄاڻ سڃاڻ کان وڌيڪ اهميت رکندڙ به هوندو آهي، احساس جي زبان ڪوي جو قلم آ، تخليقڪار جو قلم آ، پر اُن قلم جي نِبَ تي ڇا مس سُڪي وئي آ......!؟ يا تخليقڪار جو اندر بي روح ٿي ويو آهي.......!!؟
ڊگهي حياتي، مختصر حياتي، بس رڳو ساهن جي سُر سُر آ ٻيو ڪجهه به نه! حيات جو دائرو وسيع هجي يا مختصر اهو بامقصد ضرور هجي جو جڏهن اهو دائرو مڪمل ٿئي _ ساھ جو تندو ٽٽي ۽ ماڻهو محفل مان اٿي هليو وڃي ته پوءِ محفل ۾ ويٺل ان کي سارين، پڪارين ۽ اکين مان ان لاءِ لڙڪ لاڙين!!
ڪائنات جي اصول موجب هر شيءِ انت ڏانهن گامزن آهي پر انت ڪهڙو؟ هت ته هر حد کان پوءِ ٻي حد شروع ٿئي ٿي ۽ ائين حد کان پوءِ حد ۽ وري ان کان پُوءِ وري حد _ ائين ڪائنات جيان لاحد ئي لاحد _ هر ڪردار کي پنهنجو ڪردار اسٽيج تي نڀائڻو آهي ۽ پوء واپس- اچڻ وڃڻ _ حيات _ موت، ڪائنات جي اَزلي قانون مُطابق آهي، جنهن کي مقرر وقت تي ظاهر ٿيڻو آهي ـــ پر ڪا ڪا شناسائي ياد بڻجي ويندي آهي ۽ اُها ياد پنهنجي هجڻ جو احساس به رکي ٿي.......... ياد به خاموش پيار جي چپ چپ بادل جيان آ، جيڪو هوريان هوريان دل جي زمين تي وسندو رهندو آ ۽ اکين جي ڇپر کي سدائين آلو رکندو آ _ اها ياد ئي تخليقڪار جو لفظ آ ۽ لفظ يادن ۽ ان ۾ پوئيل احساسن جي ڪري ساھ کڻندا آهن، زندهه رهندا آهن ۽ گهمندڙ ڦرندڙ بي روح انسانن ۾ احساس جو روح ڦوڪيندا آهن _ پر هت لفظ جي زندهه هجڻ ۽ ياد جي اندر ۾ رهجي وڃڻ واري سچ کي ڪير سمجهندو؟ بس هڪ سواليه نشان کان اڳتي ڇا ڳولبو _ جوابن جو ڊگهو سلسلو ....! پر هت ته هر ڪو پنهنجي سوال جو جواب به پنهنجو ٿو ڳولي. بس زندگي ايتري آهي سواليه نشان جيتري يا فل اسٽاپ جيتري يا ان کان به مختصر ......؟؟
(ڊاڪٽر شمس الدين شاھ عرف پير شاھ جي 25 فيبروري 2010ع
تي اوچتي روڊ حادثي ۾؛ وفات جي پس منظر ۾ لکيل. )