لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جَلِي منهنجي جاڳَ

تحقيقَ جي محنت طلب ۽ نور نچوئيندڙَ ڪَمَ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مخمور بُخاريءَ ڪيترو ئي تخليقي ڪَمُ پِڻُ ڪَيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمونَ مختلف اديبن ۽ ڪتابن متعلق آهن. اِهي مضمونَ اڀياسي ۽ تاثراتي نوعيت جا آهن. موضوعن جي رنگا رنگيءَ سبب هي ڪتابُ يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجندو. ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هن ڪتاب ۾ موجود مڙني مضمونن ۾ پنهنجي ڏاتِ ۽ مطالعي جو سهڻو اظهارُ ڪيو آهي.
Title Cover of book جَلِي منهنجي جاڳَ

تنوير عباسي: گيت تنوير جو ڳائي ڇڏجي

سُونهن ۽ دلڪشي جا ڪيترائي رنگ ٿي سگهن ٿا. ڪنهن جي نيڻ کان ويندي ڪارن زُلفن تائين، ڪنهن جي مٺي گفتار کان ويندي سوچ جي نزاڪت تائين، خوابن کان ويندي ڪَومَل اَحساسن تائين، سُونهن سُرهاڻ، خوبصورتي، رنگيني ۽ دلڪشي جو هڪ وڏو جهان ڪائنات ۾ رَقصان آهي؛ پر اُن جهان کي ان سُونهن جي رنگ رنگ ڌاڳن کي هڪ هنڌ سميٽي اچجي، هڪ هنڌ ترتيب سان اُڻجي اهو شاعر ئي ٿي سگهي ٿو، شاعر جو اندر خيالن، جذبن، احساسن، خوابن، خوبصورتين ۽ دلڪشين جي دنيا هوندي آهي. اُهي خوبصورت شاعر جيڪي پنهنجي ذهن، سوچ، اکين ۾ سُونهن ۽ سَچائي کڻي هلندا آهن. انهن جي هر سٽ، هر لفظ، هر تخليق ۾ زندگي جو گيت هوندو آهي. پنهنجي ميت جي سار هوندي آهي. اوسار هوندي آهي. خوشبوءِ، سونهن ۽ سُرهائي جو سنيهو هوندو آهي. نينهن جو مينهن هوندو آهي، جيڪو هن جي شعرن جي معرفت اسان مٿان وسندو آهي ۽ پوءِ اسان جا من ان شاعر جي ڪيفيتن، جذبن احساسن ۽ خيالن ۾ ڀُڄندا رهندا آهن:

رات مـان آيــو سنــدءِ، وارن جــو واس،
تـون وسيـن ٿـو، روح جي ئي آس پاس.

ٿي ته ڏس تـون، گيت ڪـو سنگيت جو،
پائي ڏس تون، منهنجي لفظن جو لباس.

ڪيڏو نه حَسيِن خيال آهي اسان جي هن خوبصورت ڪوي تنوير عباسيءَ جو ته پرين ته منهنجي روح جي آس پاس ئي واسو ڪيو ويٺو آ ۽ پوءِ جڏهن پرين روح جي آس پاس ئي هجي ته رات مان ڇو نه ان جي وارن جو واس اچي! اها ڪيفيت به ڏاڍي عجيب آ، جيڪا ماڻهو کان سفر ڪرائي ٿي. سفر اُهو جو انسان پنهنجي اندر جي دنيا ۾ ڪري ٿو ۽ اُهو سفر_ سفر من اندر ئي آهي جنهن جو انت ته ڪٿي به ناهي_ بس اندر جي دنيا ۾ ڏکن، سُکن، تڪليفن، سُرهاين، احساسن، جذبن، خوشي ۽ غصي جو هڪ گهاٽو جهنگ آهي جنهن کي هر ماڻهو هر وقت لتاڙيندو رهي ٿو، اُن سفر جي محسوسات کي ڪو شاعر، ڪو تخليقار ئي لفظن جو روپ ڏئي عيان ڪري ٿو ۽ بيان ڪري ٿو:
تنوير عباسي بنيادي طور تي سُونهن جو شاعر آهي، خوبصورتي جو شاعر آهي، زندگي جو شاعر آهي، خوابن جو شاعر آهي، احساسن جو شاعر آهي. هن پنهنجي نظم ”مانڊاڻ“ ۾ زندگي کي ڳايو آهي. ان جي روپ رنگ کي چٽيو آهي چئي ٿو:
زندگي ۾ ڪڏهين تنهنجي، مرڪ جو ميٺـــــاج هو،
تنهنجي اکڙين جو خمار،
تنهنجي جوڀن جو بهار،
وقت جو اهــــڙو جو دل تــي،سونهن جو ئي راڄ هو،
ساري دنيا هئي حسين،
مون به ٿوري دير لئه، لاتي هئي لُنئون اوپرين.

سو تنوير جي لفظ لفظ مان واس اچي ٿو، زندگي جي المين جي تصوير اڀري ٿي، سُونهن جا رنگ گهرا ٿين ٿا، زندگي ور ور ڏئي جهومي ٿي، نَچي ٿي_ڪُڏي ٿي، زندگيءَ جي المين جا داستان ته کٽڻا ناهن، پر ڇا سٺو نه آهي ته پاڻ مان ٻين کي خوشي ڏجي، مرڪون ڏجن، گيتن ۾ خوشبوئون ڏجن، سُونهن ڏجي، سُرهاڻ ڏجي، نينهن ڏجي، شاعر جو لفظ لفظ خوبصورت احساسن جو جهان بڻجي پوي_ سو اسان جي انتهائي پياري شاعر تنوير عباسي وک وک تي نينهن جا نياپا ڏنا آهن، سونهن جي سُرهاڻ وکيري آهي، هِن جا خيال بنهه نوان آهن، ڄڻ هن اسان جي فطري ڪيفيتن کي پنهنجي لفظن ۾ ويهي چٽيو آهي.

تون جو مون ڏانهن، ائين نهارين ٿو،
مون کي مارين ٿو، يا جيارين ٿو،

تون وراڻي، پڙاڏو تون، سڏ تون،
پاڻ ئي پاڻ کي، پڪارين ٿو،

عشق عجيب ڪيفيت آهي_جنهن جي اندر ۾ ڪنهن مُکڙي جيان ٽڙندو آهي ته ان جي زندگي جا رنگ رُوپ ئي مَٽجي ويندا آهن، هُن جي سوچ جو مَحور فقط اُهي ئي خماريل نيڻ هوندا آهن، جن جي ڪٽورين مان هو نينهن جي مَڌ جون سُرڪيون ڀريندو آهي. برهه جي باهه آڏو ته عاشق کي ٻي ڪا به تپش محسوس ئي نه ٿيندي آهي، هن جو اندر ته هر گهڙي عشق جي آتش ۾ جلندو آهي ۽ هو نينهن جي نشي ۾ مست الست رهندو آهي. عشق جي ان ڪيفيت/ حالت کي ڪوي جو قلم جڏهن پينٽ ڪندو آهي ته ان ڪَوِي جا لفظ به سَون سَريکا بڻجي ويندا آهن ۽ پڙهندڙ کي اڻ پيتي جا خُمار مخمور بڻائي وجهندا آهن. تنوير عباسي اهو ڪوي آهي جنهن جا سَون سَريکا لفظ نينهن جي نشي ۾ خُماريل نيڻن جهڙا آهن، اهڙا نيڻ جيڪي جڏهن ڪنهن ڏانهن کڄن ٿا ته ان کي مخمور بڻائي وجهن ٿا ۽ تنوير پنهنجي عشق جي ڪٿا جي شروعات ڄڻ هنن سٽن سان ڪري ويٺو:

اکڙيون ڪيئن اڙيون،
سارو لـــوڪ لتاڙي آيُون، توڏي ڪيئن لڙيون،
اکڙيون ڪيئن اڙيون.

۽ اڳتي ڪجهه هن طرح پنهنجي ڪيفيتن ۽ جذبن جو اظهار ڪندي تنوير چئي ويٺو:

سَوڪَهڙي تي ساوڪ آڻي، سانوڻ مينهن پيا،
تو سان نينهن ٿيا.
ڳاڙها، پِيلا، ناســــي نيلا، ڄڻ ڪي گل ٽڙيا،
تو سان نينهن ٿيا.

۽ پوءِ جڏهن نينهن جي نسري پوي ۽ موتئي جي واس ۾ پرين جي بدن جي خوشبوءِ عاشق کي بي حال بڻائي وجهي ته پوءِ ننڊ ته نيڻن کان ڪوهين ڏور هلي وڃي ٿي ۽ اهڙي حالت اسان جي هن ڪوي سان ٿيڻ به لازم آهي:

سارو ڳوٺ ڳهرجــي ويــــو آ،
ســـاري خلق سُتـــي پئي آهي،
منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي،

ٻيو ڪو جاڳي يا نه تڏهن ڀي،
منهنجي اَک کُلي پئي آهي.
منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي.

هو پنهنجي عشق ۾ خود اعتمادي رکي ٿو لوڪ ڀلي ڇا چئي پر هو پنهنجي عشق ۾ صادق آ ۽ اُن لاءِ هن وٽ برهه جي خود اعتمادي آهي:
پنهنجو پيار به پارس آهي،
لوهه لوهه کي سون بنائي.

پنهنجي مٽي سُرهي آهي،
جڳ ۾ جا خوشبوءِ ڦهلائي.

تنوير عباسي هڪ اهڙو ڪوي هو جنهن بنهه سادگي سان پنهنجن جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن کي لفظ جي مالها ۾ ڪمال ڪاريگري سان پويو آهي. هن جي اظهار جي انداز جي اها سادگي ئي آهي، جنهن کيس بنهه نرالو بڻائي وڌو، هن جي انڊلٺي شاعري مان هت ڪيترا رنگ چٽجن؟ چئي ٿو،

شرم ٻوٽي ڇهڻ ساڻ ڪُومائجي،
تو کي هٿ لايان، تون ٽڙي ٿي پوين.
سج جي روشني جهٽي اولڙو،
چوڏهين چنڊ وانگر کڙي ٿي پوين.

۽ سندس ڪجهه حُسناڪي سان پُر سٽن جو سواد به وٺجي:

ڪونج جهڙي ڳچي،
ڊيل جان ٽوڙ آ،

وار ڀنڀا ڀنل
رنگ ئي اور آ.

پاڻ خاموش ۽
شهر ۾ شور آ.

پير پنهنجا ڏسي،
جي ڪوئي مور آ.

دل ۾ آهي اهو،
دل جو جو چور آ.

هت پنهون ٿا کڄن،
هي ڀنڀور آ.

تنوير عباسي جيتوڻيڪ پيشي جي لحاّظ کان M.B.B.S ڊاڪٽر هو پر هن ماڻهو جي اندر جي دنيا کي لفظن ۾ پينٽ ڪيو ۽ ڏاڍي سادي سودي انداز ۾ اهو به چئي ڏنو:
مان تنوير آهيان پوان شل قبول

سو اڄ سندس ٻارهين ورسي تي اسان کيس اُن ئي سِڪ ۽ اُڪير مان ياد ڪيون ٿا ۽ تاريخ پاڻ ئي ثابت ڪندي ته ”او تنوير“ تون الائي ته ڪيترن نسلن وٽ قبول پئجي چڪو آهين؛ تنهنجا لفظ هوائن ۾ ٻري رهيا آهن، ۽ الائي ڪيترن چپن تي چري رهيا آهن ۽ اسان کي تنهنجا ئي هي لفظ اهو يقين ڏياري رهيا آهن ته تون اڄ به هت موجود آهين اسان جي حواسن ۾، دلين ۾، هر لکندڙ لفظ ۾ تون گڏ آهين. او تنوير جيڪا تو شمع ٻاري هئي اسان سڀ قلم جا پروانا اڃا به ٻاريندا اچون.
(ماهوار پرک، نومبر 2011ع)