لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جَلِي منهنجي جاڳَ

تحقيقَ جي محنت طلب ۽ نور نچوئيندڙَ ڪَمَ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مخمور بُخاريءَ ڪيترو ئي تخليقي ڪَمُ پِڻُ ڪَيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمونَ مختلف اديبن ۽ ڪتابن متعلق آهن. اِهي مضمونَ اڀياسي ۽ تاثراتي نوعيت جا آهن. موضوعن جي رنگا رنگيءَ سبب هي ڪتابُ يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجندو. ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هن ڪتاب ۾ موجود مڙني مضمونن ۾ پنهنجي ڏاتِ ۽ مطالعي جو سهڻو اظهارُ ڪيو آهي.
Title Cover of book جَلِي منهنجي جاڳَ

شمشير الحيدري: اسان جون مسافتون شمشير طئه ڪيون!!

حياتي برف جيان هر لمحي ٽيپو ٽيپو ٿي ڳري رهي آهي، پوءِ ان کي ڪير سانڍي سگهندو؟ بس ساري سگهجي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن وساري به ڇڏجي ٿو...! پر سار وسار جي وچ واري پد تي ڪجھه رهجي وڃڻ جو امڪان به رهي ٿو. اهو ڇا آهي سار يا وسار!؟ شايد سار جو ئي عڪس آهي. اڻ چٽو منظر آهي! ۽ اهڙا ڪيترا منظر- عڪس منهنجي ذهن جي خاني ۾ پنهنجي جاءِ ولاري ويٺا آهن جيڪي ڪڏهن ڏاڍا چٽا هوندا آهن ته ڪڏهن ڌنڌليل!! اهڙن منظرن کي چٽو ڪري آئون جڏهن ڪجھه ڳولڻ ويهان ٿو ته؛ مون کي اهي ٻه ماڻهو نظر اچن ٿا جيڪي مون لاءِ ڪنهن حوالي سان اهميت رکن ٿا. هڪ قمر شهباز ۽ ٻيو شمشيرالحيدري سائين! هي ٻئي يگانا تخليقڪار پنهنجي تخليق سبب مون کي ياد رهندا!! پر افسوس ٻنهي سان ملاقاتن جا سلسلا طويل نه هئا بس ايترا هئا بقول سائين امداد حسيني جي:
هڪڙو سگريٽ ته پي سگهجي ٿو
ايتــــــرو تــــه جــــــي سگهجــــــي ٿــو

محترم قمر شهباز سان ملاقات جيڪا ياد پئي ٿي، ڪراچي ۾ ريجنٽ پلازا جي ڪوهه نور هال جي در تي قلمڪار ڪنوينشن جي موقعي تي ٿي. جتي هن مون کي لکڻ جي حوالي سان سڃاتو ۽ سائين شمشير سان ملاقات پهريون ڀيرو ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس تي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي. جتي هو مون کي پري کان درگاهه ڀٽائي جي ڳاني ۾ هڪ يگانو شاعر ۽ واقعي به حيدري لڳو ۽ پوءِ سگريٽ دکائيندي دکائيندي ساڻس ڪي حال به ٿيا ته ڪي شعر به کانئن ٻڌڻ جو موقعو به مليو ۽ ساڻن آخري ملاقات ڪجھه سال اڳ ڊاڪٽر اسحاق انصاري جي اوطاق تي مچ ڪچهري/ مشاعري جي موقعي تي ٿي. جنهن ۾ هدايت بلوچ، ڊاڪٽر عابد مظهر ۽ پير عبيد راشدي جو ساٿ پڻ هو، پر هي واقعو اڄ هتي ڇو؟ ان سوال جو جواب به هنن سٽن ۾ ڏئي ڇڏجي ته بهتر! هي ٻئي تخليقڪار پنهنجي ڀرپور تخليقي سگهه ۽ خوبصورت اظهار سان مون سميت ڪيترن ئي جي مشڪل آسان ڪري سگهيا آهن. جگجيت جي ڳايل غزل جيان:

پیار کا پہلا خط لکھنے میں وقت تولگتا ہے،
نئے پرندوں کو اڑنے میں وقت تو لگتا ہے۔

سو اسان جي ان وقت کي قمر شهباز ۽ شمشير جون سٽون ئي طئه ڪري سگهيون! پوءِ اسان جي پلئه ۾ ڇا آيو. گل يا ڪنڊا. اِها ڪٿا ته وري ڪنهن ٻئي ڀيري ئي بيان ڪري سگهجي ٿي؛ باقي قمر شهباز جون هي سٽون:

جي سونهن گُهرين ها ساٿيئڙا
مـان چانڊوڪـي چورايـان ها
جي گيت گُهرين ها منهنجا پرين
مان سُڏڪـــن جي سر ڳايان ها.

۽ شمشير جون هي سٽون:


تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌو جي ٻئي ڪناري ويو.
تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو،
وقت جي سينڌ کي سنـواري ويو.

الائي ته ڪيترا ڀيرا اسان جو طويل مسافتون طئه ڪري، وقت جي سينڌ کي سنواري ويون!........ پيار به عجيب آهي! ڪڏهن ڪٿي ڪهڙي حالت ۾ نروار ٿئي ٿو سو انداز به نرالو اٿس ۽ نه زمان جو قيدي نه مڪان جو!! بس ”سچو عشق ٻُڍا نه ٿيوي توڙي چٽي هوس ڏاڙهي“ ۽ عشق جو پنهنجو ئي رنگ آهي. ڍنگ آهي. اياز به ان عشق ۾ ئي گهڻو ڀوڳيو به آهي:

پيار کان ڪونه ٿو مُڙين اڄ ڀي،
ڪيترو اي ”اياز“ لوڙهيو ٿئي.



پر ڏسجي ٿو عشق جي ڀنڀٽ ڀڙڪڻ کان سواءِ تخليق جي راڌا ريجهي نه ٿي ۽ شمشير به شاعر هو ۽ سچو پچو شاعر هجڻ وڏي ڳالهه آهي!! ۽ شاعر ٿيڻ ۽ شاعر هجڻ ۾ به وڏو فرق آهي ۽ شمشير سڀ ڪجھه هوندي به ڪجھه نه هو ۽ ڪجھه نه هوندي به شاعر هو ۽ فقط شاعر هو! هن جي مالها ۾ رڳو لفظ نه آهن بلڪه جذبن، احساسن، خوابن، سُونهن، سُرهاڻ، سُڳنڌ، سَچ جي ڪيفيتن جا سَاهه کڻندڙ عڪس موجود آهن. هن جا لفظ نه فقط سَاهه کڻن ٿا پر اُهي سَماج کي به آڪسيجن مهيا ڪن ٿا ۽ اهو ڪم ڪو سچو عاشق شاعر ئي ڪري سگهي ٿو. پنهنجي هڪ غزل ۾ شمشير نازڪ خيالي جو خوب مثال ڇڏيو آهي:

وئي دل کي وڻي، تنهنجي اک جي اَڻي،
کڻـي نيـڻ وري، تـون نهـار کڻـي،
تنهنجــي زلفن ۾، اک اٽڪي پئي،
ڪبـي اهــــڙي بـه آهي، سينڌ ڦڻي.

۽ هن وٽ سُونهن جي سَاراهه ڪنهن ڪمال خوبصورتي سان موجود آهي، اُهو سندس ئي نرالو ڍنگ ۽ انداز آهي:

هو سُهڻي هئي، ڏاڍي سُهڻي هئي، ايڏي سُهڻي،
جنهن کي ڏسندي، اکيون يَڪٽِڪ ڄمي ويون ٿي،
صورت هن جي صبح سڀاڳو، رنگت شام شَفق
جُهڙ مان سورج ليئو پائي، هن جي ائين جهلڪ،
ڳالهيون هن جون کنڊ پتاشا، ماٺ به مصري تڙ،
ٽهڪ ائين جيئن گنهگهريون گونجن، مُرڪي ته وَڄَ وَڪَڙَ

عشق جا رنگ به نرالا ته ڍنگ به نرالا!! هر عاشق جي عشق ڪٿا الڳ الڳ ٿئي ٿي، ڪوئي ڪنهن لاءِ ڪائنات کي محورقص ڏسي ٿو. ڪوئي خود کي پرينءَ جو پرتو ڀائين ٿو. ڪوئي سُڳنڌ، سُرهاڻ سان سڄڻ کي ڀيٽي ٿو، ڪنهن کي محبوب چنڊ کان به وڌيڪ سَوڀيا وارو لڳي ٿو. ڳالهه فقط محسوس ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي آهي ۽ بس! پر اسان جي هن يَگاني شاعر سائين شمشير جي عشق جي ڪَٿَا به هن جي انداز جيان الڳ آهي. ڄڻ ڪڪر وسيا ته پر دل جي زمين ساڳي ٺوٺ، اڃايل من ۽ تاسو تن! انڊلٺ رنگ ته ڪڍيا پر اندر جي دنيا ساڳي ٻُسي. بي رنگ، مرجهايل. بَس اَهڙي ڪنهن مينهن جو انتظار. اوسيئڙو جيڪو وسي، وسي ۽ بار بار وسي ۽ من جي زمين کي سيراب ڪري وجهي ۽ پوءِ دل جي زمين تي نينهن جا ڪيترائي گؤنچ ڦٽي پون. ڪيترائي گُل گُلاب جا ٽڙي پون ۽ من موتيي ۽ مُگري جي مهڪار سان واسجي وڃي. پر اهو اوسيئڙو شمشير وٽ اڃا آهي. اها تڙپ اڃان ساهه کڻي پئي اها آنڌ مانڌ اڃان بي قراري کي پئي جنمي ۽ ڏاڍي ڌيمي انداز سان پنهنجي ان ڪيفيت کي اظهاريندي چئي رهيو آهي:
دروازو کليل آهي، من ڪوئي اچي نڪري،
سڀ لوڪ سُمهيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.
چنڊ رات چٽي آهي، ڪڪريون به وسي هليون،
هر بات بڻيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.
هن برهه جي بستي ۾، ”شمشير“ جيهو جوڳي،
ڪجھه ڏينهن ٽڪيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.

۽ هن جو نظم ”اڌ صدي جو داستان“ نرالو به آهي ته من کي ڇهندڙ به!!
شمشير؛ جيئن آئون اڳ لکي آيو آهيان ته هڪ شاعر آهي. تنهن ڪري اسان کي هن جي شاعري جا ٻه مکيه موضوع ملن ٿا: هڪ رومانس ۽ ٻيو مزاحمت! ۽ هِن جي مزاحمت به ڌرتي لاءِ آهي، سنڌ لاءِ آهي، سنڌو جي بقا لاءِ آهي، ڇاڪاڻ هن ڄاتو ٿي ته سنڌو جي بقا ئي سنڌ جي بقا آهي ۽ اهو هزارن سالن جو اتهاس آهي ته سنڌ جي مٽي هزارين ورهين کان پنهنجي اندر ۾ ڪيترن ئي مذهبن کان ويندي. روين، رسمن، رواجن، ريتن ۽ تهذيبن تائين گهڻو ڪجهه پاڻ ۾ سانڍيو ويٺي آهي ۽ اُها ئي پَوتر سنڌو آهي جنهن جي ڪنارن تي ويهي هندو مذهب جي رشين رِگ ويد جا اَشلوڪ رچيا هئا، هنن جي اهڙن اَشلوڪن ۾ پاڪ سنڌوءَ جي ساراهه بيان ٿيل آهي.
 او سنڌو! سج جي رهائش واري هنڌ (زمين) تي تنهنجو ستن ندين جو پاڻي ٽن طرفن کان تو ۾ پوي ٿو، تنهن ڪري تنهنجو پاڻي رُلندڙ ندين کان وڌيڪ آهي.
 تنهنجو آواز زمين کان آسمان تائين پهچي ٿو....... جڏهن ڪڪر گجگوڙ ڪري وسن ٿا، تڏهن سنڌو ڍڳي وانگر رنڀندي وهي ٿي.
 او سنڌو! ٻيون نديون کير ڏيندڙ ڳئوئن وانگي تو ڏانهن ڊوڙن ٿيون، جيئن ٻچن کي کير پيارڻ لاءِ ڳئون ڊوڙن ٿيون. انهن ندين جي تون اڳواڻي ٻنهي طرفن کان ڪرين ٿي. جيئن ڪو بادشاهه جنگ جي ميدان ۾ سينا پتي جا فرائض بجا آڻي ٿو!

(تاريخ تمدن سنڌ- ص:36)

۽ شمشير به سنڌ جو اهوئي شاعر آهي، جنهن جي سرشت ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ سان پيار رچيل آهي. هو پاڻ کي ان کان پري ڪري به ته ڪيئن ڪري؟ هن جو نظم ”تهذيب دشمن“ هڪ سوچيندڙ ۽ سُجاڳ ذهن جو نظم آهي، جنهن ۾ هن اسان جي سامهون ٿيندڙ ۽ نظر نه ايندڙ حقيقتن ڏانهن آڱر کڻي ٻڌايو آهي. پر ڇا ٿو ٻڌائي اسان کي، ڪهڙي مَام آهي جيڪا اسان کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي. ڪهڙو راز آهي جيڪو شمشير اسان جي آڏو کولي ٿو بيان ڪري؟... ها! هو ڪجهه ته ٻڌائي رهيو آهي. ڪجهه ته سمجهائي رهيو آهي. اهو ئي ته اسان کي پنهنجا ويري سڃاڻڻا آهن ۽ پنهنجي سنڌوءَ کي بچائڻو آهي. ڇاڪاڻ ته ”نجات آهي پاڻي، حيات آهي پاڻي“.... ۽ اُن حيات ۽ سنڌو جي پاڻي کي؛ جي بچائڻو آهي ته پنهنجو ويري سڃاڻڻو پوندو. ڪُڙم قبيلي جو ويري، پوءِ ڀلي اهو ڪُڙم قبيلي جو ويري ڪُڙم قبيلي مان ئي ڇو نه هجي، ان جي اصليت کي سڃاڻڻو پوندو! شمشير جو اهو نظم ”تهذيب دشمن“ پنهنجي اندر ۾ جامع هجڻ باوجود وِشالتا رکي ٿو، ان تي ڳالهائڻ جي بجاءِ اهو سڄو نظم ئي هت پيش ڪجي ٿو:

تهذيب دشمن

ڳالهه ڳُجهڙي به هئي،
ڳالهه پَڌري به هُئي.
ڪالهه پوئين پهر
ڪير آيا ويا،
راڄ ساري اڳيان ڏيئي ساري کري کي ويا چُوچڙي.

باهه ڀنڀٽ ڪيا،
ڪي ته ماڻهو مئا،
ڳوٺ جو ڳوٺ، کن ۾ ويو سارو سڙي


ڳوٺ جي رَک مٿان،
دونهن ۽ دز منجهان
هڪ جُڳن جي جهُريل جهور ٻڍڙيءَ ٿي دلدوز دانهون ڪيون.
ڇو ڀلا ڳوٺ منهنجو ئي هر هر اُجاڙيو وڃي ٿو،
اباڻن ڪکن کي ئي ساڙيو وڃي ٿو؟
اڙي ڪوئي آهي جو مون ڏي اچي؟
اڙي ڪوئي آهي جو منهنجي ٻُڌي؟
اڙي راڄ وارا،
اڙي راڄ وارا،
اِها وارتا ڪو ته مون کان پڇي.
ڪير آيا ويا، ڪنهن ڏني چُوچڙي،
ڪوئي آهي جو مون کي سُڃاڻي سگهي،
ڪو ته مون کان پڇي.
منهنجي ٻانهينءَ جي چوڙن تي تاريخ جا نقش ڄاڻي سگهي؟
مان ته آهيان مُهيَن جي دڙي جي اُها نِرتڪي،
جنهن سوين بار ”سُک نگر“ جي دٻيل کنڊرن جي مٿان
ڳوٺ ٺهندي ڏٺا، ڳوٺ ڊهندي ڏٺا.
ڪير ايندا رهيا
ڪير ايندا رهيا
ڪير ڏيندا رهيا هر دفعي ڳوٺ کي چُوچڙي؟
مان جُڳن کان اُنهن کي، اُنهن جي اريءَ ۽ پريءَ کي سڃاڻان.
هي دهشت ۽ وحشت جا باني مباني
هي شيطان ثاني
هي تهذيب دشمن، هي تهذيب دشمن، هي تهذيب دشمن ئي آهن نڀاڳا،
مُهين جي زماني کان، سنڌوءَ ڪنارن جي تهذيب تي جي سڙن پوسرن ٿا
اڙي راڄ وارا،
اڙي راڄ وارا،
اچو ۽ ڏسو، منهنجي هٿ تي هر تهذيب دشمن
خبيثن کي شهه مات جي چال آهي لکيل:
اوهان جِي؛ جَا شَهڪار تهذيب آهي قديم ۽ عظيم،
ڪرشمو فقط آهي سنڌوءَ جي پاڻيءَ سندو.
جي پاڻي نه آهي ته سنڌو ڪٿي؟
جي سنڌو نه آهي ته تهذيب ڇا؟

ته اي راڄ وارا،
وڃي پنهنجي تهذيب جي لاءِ سنڌو بچايو،
۽ سنڌوءَ جي لئه ان جو پاڻي بچايو.
نجات آهي پاڻي،
حيات آهي پاڻي.

هي پيغام مُهين جي دڙي جي ٻُڍي نرتڪيءَ جو،
اوهان جي امڙ جو.

شمشير الحيدري سنڌ جو سچو عاشق هو، هِن پنهنجي شعرن سان، سنڌ سان محبت جا ڪيترائي نقش ڇڏيا آهن. جيڪي وقت گذرڻ سان گڏو گڏ گهرا ثابت ٿيندا ۽ اِهو فيصلو به وقت ئي ڏيندو ته
شمشير الحيدري سنڌي شاعري جي اُفق تي ڪٿي بيٺل آهي. وقت جيئن جيئن گذرندو ويندو آهي حقيقي شاعري جي پرک به خود به خود ٿيندي ويندي آهي، باقي هِن وقت اسان شمشير جي دور ۾ رهندڙ هن جي تخليق کي وڏي مَان ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ هنن سٽن کي پڄاڻي تي پهچائڻ جو رستو مون کي شمشير جي هڪ آڳاٽي آزاد نظم ”انت بحر“ ۾ ئي نظر اچي ٿو:

هڪڙي لهر پري کان اُڀري، ڊوڙي آئي ڪناري ڏانهن
سر کي پٿر سان ٽڪرائي
ريتيءَ ذرڙن کي جَرڪائي
نغمن جو جادو ڦَهلائي
گم ٿي ويئي انت بحر ۾

انت بحر جي انت تري ۾
سهسين سهڻا موتي سپجن
جن سان جل پرين جون ٽوليون
ڀري ڀري سڀ پنهنجون جھوليون
ويون ڪناري تي ورکائي
سورج داتا کي شرمائي.

(ڪتاب: ”شمشير الحيدري فن ۽ شخصيت“ ۾ شامل)