ڪھاڻيون

ٽيون نسل

امداد جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”ٽيون نسل“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن مجموعي ۾ امداد رند جون 19 ڪهاڻيون شامل آهن. امداد رند جي ڪهاڻين ۾ رومانوي خوشبوءِ سان گڏ مزاحمتي رنگ ۽ تخليقي علامت نگاريءَ جو انداز به پنهنجي هڪ الڳ سُڃاڻپ رکي ٿو. اهڙا اهم مُحرڪ، جيڪي اڄوڪي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اڻلڀ پيا ٿيندا وڃن، امداد رند اُنهن سمورن رنگن کي پنهنجين ڪهاڻين ۾ سهيڙي زنده رکيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2263
  • 698
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امداد رند
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ٽيون نسل

اداريو : ٽڙندڙ ڪهاڻين جا گلاب

ڪائنات جي هِن هيڏي وسيع ڦهلاءُ کي سهيڙي هڪ نقطي ۾ سمائي ڇڏڻ يا وري هڪ نُقطي کي ڪائناتي ڦهلاءُ جيان تبديل ڪري ڇڏڻ جو ڏانءُ ئي ڪهاڻي آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جي روح مان صديءَ جي سفر جا ٿَڪَ اڃان نه لٿا آهن پر پوءِ به سنڌي ڪهاڻي اڄ جنهن مقام تي پُهتي آهي اُن سفر جي پنڌ ۽ پيڙا جا رنگ، نرالا ۽ مُنفرد ضرور آهن. اُنهن خاصيتن جي اِدراڪ کي اُنهن ڪهاڻين جي ڪئينواس تي ڪو پورٽريٽ بڻجي ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ڪهاڻيءَ جي سفر ۾ هُونءَ ته ڪهاڻيڪار گهڻا آهن پر ڪهاڻيءَ جي ڪاڪ جو راڻو ڪو ڪو بڻجي سگهيو آهي. ڇو ته ڪهاڻي پنهنجي فني ۽ فڪري ڳوڙهاين جي ڏانءُ يا هُنر جي حاصلات ۾ گهٽ ڪهاڻيڪارن کي ماڻجي سگهي آهي. امداد رند به سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڪٺن سفر جو هڪ کاهوڙي ڪهاڻيڪار آهي. جنهن جي ڪهاڻيڪار دل، دماغ ۽ نظر هر وقت سُجاڳ، پنهنجي ارد گرد جي ماحول جي آس پاس متحرڪ ۽ اُن جي ذري ذري تي غور ۽ ويچار ڪندي رهي ٿي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو امداد رند جي ڪهاڻين جا موضوع توڙي مواد پنهنجي سماج جا اُهي ڪردار، واقعا، حقيقتون ۽ سچ آهن جيڪي امداد جي روح ۾ لهي وڏي فنائتي نموني، سان ڪهاڻين جي روپ ۾ نروار ٿيا آهن. امداد رند جون ننڍڙيون، ننڍڙيون ڪهاڻيون، مُختلف حالتن جون نراليون تصويرون آهن جن ۾ ڪردارن جون ڪيفيتون ۽ حقيقتون لفظن ذريعي سِڌو سَئنون، بنا ڪنهن رَنڊڪ جي دل تائين پهچن ٿيون. امداد رند جي ڪهاڻين ۾ موضوعن جي چونڊ، موضوعن مُطابق ڪردارن جي بيهڪ، اُنهن جي چُرپُر، اُنهن جي ٻولي، ٻوليءَ جي فطري سادگي، منظر نگاري، مقصد ۽ مفهوم کي فنائتي انداز سان فوڪس ڪري پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ کي اُهو سڀ ڪُجهه هُوبهُو ڏيکارڻ يا ڀرپور نوني محسوس ڪرائڻ يا اُن جي من ۾ ڪو تحرڪ پيدا ڪري ڇڏڻ جو عنصر وڏي گهرائي سان سمايل ملي ٿو. سچ ته اُهو انداز امداد کي هڪ باشعور ڪهاڻيڪار طور سامهون آڻي بيهاري ٿو. امداد جي اندر جي ڪهاڻيڪار جو جنم توڙي جو منهنجي سامهون ئي ٿيو آهي ۽ اُن کي اڃا ڪو گهڻو عرصو به ڪونه ٿيو آهي، پر ڪُجهه سالن جي غور ۽ فڪر امداد کي ڪهاڻيءَ جي دنيا جو هڪ ڪردار بڻائي ڇڏيو آهي. هڪ اهڙو ڪردار جيڪو مُختلف ڪهاڻين جي ڪردارن جا روپ ڌاري پڙهندڙ سان هم ڪلام ٿئي ٿو. هُن جي سڀني ڪهاڻين جا گهٽ ۽ گهيڙ مون کان ڪڏهن ڳُجها نه رهيا آهن، اُهي ڄڻ ته منهنجا ازل کان ڄاتل سُڃاتل آهن ته ڪيئن اُهي پنهنجي منزل ڏانهن سفر ڪن ٿا. ڪيئن اُنهن تي پيڙائن جا سج لهن ۽ چڙهن ٿا. امداد جو اڪثر ڪهاڻيون بي ساختگيءَ ۽ ڪُجهه ڪهاڻيون باساختيءَ جي اعتبار کان پنهنجي آرٽسٽڪ ڏانءُ ۾ پُختيون آهن. امداد ڄاڻي ٿو ته ڪهاڻي ڪيئن شُروع ڪجي ۽ ڪيئن اُن جي اُڻت ڪجي. اِهو هُنر ئي آهي جيڪو امداد جي ڪهاڻيپڻي کي هڪ وڻندڙ رنگ ۽ ڍنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، جنهن جي سُونهن ۽ سوڀيا، نقش ۽ نگار امداد جي گهري نگاهه جو ئي تصور آهن. جيڪي حقيقتن مان اُڏامي سندس تخيل جي ڪيئنواس تي چِٽجي وڃن ٿا. امداد جي ڪهاڻين ۾ سماجي حالتن جي تُز ۽ کَري عڪاسي، طنز ۽ مزاج جو تخليقي رنگ ۽ ڍنگ ۽ درد جي احساس جي اکرن ۾ اُپٽار ۽ اُڻت جو ڍنگ هِن کي هڪ فطري ڪهاڻيڪار جو اعزاز بخشي ٿو. امداد جون ڪهاڻيون پڙهي توڙي ٻُڌي سنڌي سماج جي سموري صورتحال هُوبَهو اکين اڳيان تري ايندي آهي. جديد ۽ قديم ڪهاڻيءَ جو سنگم امداد جهڙي ڪهاڻيڪار کي هڪ سيبتي ليکڪ طور اُجاڳر ڪري ٿو. سچ ته امداد جي مختصر ڪهاڻين جا ڪيئنواس پنهنجي تخليقي ڦُهلاءُ ۾ وسعت ته رکن ٿا. پر اُن وسعت کي اڃان وڌيڪ ڦهلائڻ جو احساس پڻ من ۾ ڪَر موڙي جاڳي پوي ٿو. هُن جي ڪهاڻيڪار دل جي بيقراري، بي چيني، ڪيفيتي هم آهنگي سندس ڪهاڻين جي ڪردارن ۽ اُنهن پاران چيل لفظن ۾ چِٽيءَ طرح محسوس ڪري سگهجي ٿي. اِهو ئي سبب آهي جو هي ڪهاڻيءَ جي سِٽاءُ کي هُنرمنديءَ سان اهڙو ته سهيڙي ٿو جو سندس هر ڪهاڻي پنهنجي روح ۾ رچي راس ٿي پوي ٿي. امداد رند جي ڪهاڻيءَ جو مزاج ۽ مقصد، مفهوم ۽ معيار هڪ مُڪمل پسمنظر رکن ٿا ۽ اُنهن جي فطرت پنهنجي ڌرتيءَ مان پاڻ مُرادو ڦُٽي نڪري ٿي. ڌرتي، جنهن جو شعور ۽ ادراڪ امداد جي ڪهاڻين کي هڪ ڀرپور سماجي، سياسي، ادبي ۽ تاريخي پسمنظر مُهيا ڪري ٿو. ڇاڪاڻ جو هو پنهنجي ديس جي دانهُن ۽ ڪُوڪن کي پنهنجي تخليقپڻي جي روح ۽ فني تناظر مان گُذاري پنهنجي دور جي تلخ تاريخ کي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ مُنتقل ڪري ٿو. هن جي ڪهاڻين جي دُنيا جا نقش ۽ نگار پنهنجا آهن. بلڪه هُن جون ڪهاڻيون خارجيت مان داخليت جو سفر ڪري پنهنجي هڪ نڪور ڪائنات جوڙِن ٿيون. امداد هڪ سُجاڳ ليکڪ جيان ڪٿي به پنهنجين ڪهاڻين ۾ مُداخلت نه ٿو ڪري. هُو ته هڪ ڏسندڙ جيان، هڪ حساس دل رکندڙ شخص جيان سماج جي اوڻاين کي يا ساڻس ٿيندڙ سياسي چالبازين ۽ ڏاڍاين خلاف سراپا احتجاج بڻجي وڃي ٿو. ۽ پنهنجي اهڙي باغيانه عمل کي ڪهاڻيءَ جو روپ ڏئي ڇڏي ٿو. جيڪي رنگَ ۽ روپ اسان کان ڪڏهن به اوپرا نه رهيا آهن. بلڪه اُهي ته اسان جي ئي حالتن، ڪيفيتن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندڙ هوندا آهن.
امداد رند جي ڪهاڻين ۾ رومانوي خوشبوءِ سان گڏ مزاحمتي رنگ ۽ تخليقي علامت نگاريءَ جو انداز به پنهنجي هڪ الڳ سُڃاڻپ رکي ٿو. اهڙا اهم مُحرڪ، جيڪي اڄوڪي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اڻلڀ پيا ٿيندا وڃن، امداد رند اُنهن سمورن رنگن کي پنهنجين ڪهاڻين ۾ سهيڙي زنده رکيو آهي.

بخشل باغي