خرچي
”وڃ ابا! اڄ ته مري وياسين.“
ڇوڪرو خوف ۾ سڄو پگهرجي چڪو ھو، وڏا خوفناڪ شهپر ۽ ڪاري ڪهاڙي ڏسي، خوف مان ھن جي سڄي بدن کي ڏڪڻي اچي ورتو ھو، ھن جي بت مان ساھه ڇڏائڻ لڳو ھو، ھن جي دل ۾ طرح طرح جا وسوسا ۽ خوف جنم وٺڻ لڳا، هُن کي هاڻ پنهنجو پاڻ تي وڏي ڪاوڙ اچي رهي هئي. ۽ پُڇتاءُ ٿيڻ لڳو ھو،
”سوا گهڙي جي لذت لاءِ اجايو پنهنجي زندگي داوَ تي لڳائي ڇڏيسين.“
چنيسر، توريل تڪيل وکون کڻندو، ھلندو کٽ جي پاوي تي لت رکي بيهي رھيو، ھڪ هٿ سان شهپر کي وٽ ڏيئي ھڪ ٽيڏي نهار، ڇوڪري تي وجهي، کنگهڪار ڪري، نڙي ۾ ڦاٿل کانگهارو اندر ڪيائين ۽ ڪراڙيءَ سان مخاطب ٿيو،
”ماسي ھي ادو ڪير آھي؟“
چنيسر نوجوان ڏانهن اڌوري معنيٰ خيز مرڪ اُڇلائيندي، ماسي ذليخان کان پڇيو،
”تنهنجو ڇا؟“ ذليخان ڪنڌ مٿي کڻي اکيون ڦوٽاري ڪاوڙ مان جهڙو ھن جو منهن پٽي ورتو.
”ماسي مون ته ايئن ئي پڇيو ھو، تون ته مورڳو وڙھين ٿي،“.
ڀلا ماسي ڪونج ڪانه ٿي ڏسجي؟ ماسيءَ جي ھڪل تي ھو صفا سُسُي ويو ھو، پوءِ به شهپر مان ھٿ نه ڪڍيائين
”اُھا ٻيئي مهمان سان ڪمري ۾ ويئي آھي“
ذليخان وري به رکو ۽ مختصر جواب ڏنو. نوجوان کي پنهنجو اندريون ساھه اندر ۽ ٻاھريون ٻاھر بند ٿيندي محسوس ٿيو. اڄ ھن کي ڪهاڙيءَ ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي دوست جو سچو پچو موت پَسجي رهيو ھو، چنيسر شهپر وٽيندي ڪهاڙي مٿي کنئي، ڇوڪري پنهنجون اکيون ٿوري دير لاءِ بند ڪري ڇڏيون، وري کوليون، چنيسر ڪهاڙي کڻي وري پنهنجي کاٻي ڪلهي تي رکي ڇڏي، نوجوان ڏانهن نهاريو ۽ ماسي ذليخان کي ڏاڍي نرمي سان چيو
”ماسي منهنجي خرچي“،
نوجوان ھڪ طويل ٿڌو ساھه کنيو ۽ ھن جو سڄو وجود ٺري پيو.