ٽيون نسل
ڪوڙو فقير ھر ڪنهن لاءِ معزز ۽ معتبر ھو، ھرڪو ڪوڙي فقير کي ٻارن ٻچن ۾ ايئن وٺي وڃي شرنايون وڄرائيندو ھو، ڄڻ ڪوڙو فقير انهن سڀني گهرن جو ڀاتي ھجي، شادين ۾ گهر ڌياڻيون شرنائي جي سُرن تي ايئن نچنديون ھيون، جيئن پکي ھوا ۾ اُڏامندا آھن، جيئن سنڌؤ ۾ ٻيڙيون ترنديون ھجن، ڳيچ ڳائينديون کيچلون ڪنديون، ننڍيون، نيٽيون ھڪ جيڏين جي مٿان پيون نوٽ رکنديون ھيون ۽ ڪوڙو فقير نهايت احترام سان مرُڪندي، اُنهن جي مٿي تي دعا جا ھٿ ڦيري، نوٽ به کڻي وٺندو ھو، سڄي ڄمار ڪاڄن تي شرنايون وڄائيندي، اُنهن شادين ۾ ڪڏھن گهوٽ جي پيئرن جا لٿل مُنهن ۽ مائرن جا خوشيءَ مان ٻهڪندڙ چهرا به پڙھي وٺندو ھو، ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڪٿي حجت ڪري پڇي به وٺندو ھو،
”رب ڏنا، ڇو ڀلا پٽ جي شاديءَ تي به منهن لٿو پيو اٿئي، ھٿ ئي مٿي نٿو کڻين ”؟“ ڪوڙا خان ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، اھا مِٽي منهنجي زاال، پٽ جي چوڻ تي ڌارين مان ڪئي آھي،“
ڪوڙي خان کان ڪو به ماڻهو پنهنجي اندر جو احوال نه لڪائيندو ھو.
اِھي سڀئي لقاءَ ڏسندي، حيا جا سبق پڙھندي، شمن فقير وقت سان گڏ، ننڍي ٻوٽي مان وڌي ھڪ ميويدار وڻ ٿي پيو ھو، پنهنجي اَبي جي ڪلهن سان اچي ڪُلها ملايا ھئائين، ھاڻ ڪوڙو فقير جي ڪنهن جاءِ تي نه به وڃي سگهندو ھو ته شمن فقير وڃي اُنهن شادين کي سُرن سان سينگاريندو ھو، ڪڏھن ڪڏھن ڪوڙو فقير هڪ ڳوٺ ۾ ته شمن فقير ٻئي ڳوٺ ۾ وڃي پيا سُر وکيريندا ھئا، پر جي اتفاق سان ڪنهن ھڪ جاءِ تي گڏجي پوندا ھئا، ته ماڻهن مان واھه، واھه جا ڪوڪريا ڪڍرائي ڇڏيندا ھئا، پيءُ ۽ پٽ جي شرناءِ تي سُرن جي پلٽن جا اھڙا ته وسڪارا ٿيندا ھئا، جو ماحول ۾ صفا آڳ لڳائي ڇڏيندا ھئا، ماڻهن جون دانهون نڪري وينديون ھيون،
”واھه ڙي شمن واهه اڄ ته صفا مٽ ڀڃي ڇڏيئي“.
پر جي مند سياري جي ھوندي ھئي، پوءِ ته اوسي پاسي جا سڀئي ڳوٺ سُرن جي گرميءَ سان ٻري پوندا ھئا، سُرن جي خوشبو سَوڙ ۾ سُتل ماڻهن کي به مهڪائي وجهندي هئي. جهونا پنهنجين سَوڙين مان پيا هڪلون ڪندا هئا.
”واهه ڪوڙا خان واهه تنهنجي شرناءِ“،
تر جا زميندار فصل لهڻ تي ھنن راڄ جي فقيرن کي ڪڏھن به نه وساريندا ھئا، ڪڻڪ توڙي ساريون يا سايون ڀاڄيون ھجن گهر ويٺي پيا موڪليندا ھئا.
وقت ڪنهن تيز نديءَ جي وھڪري جيان گذرندو رھيو. ايئن زندگيءَ جي ريل گاڏيءَ مان نه ڄاڻ ڪڏھن ڪوڙو خان ڪنهن تڪڙي مسافر جيان، پنهنجي اسٽيشن تي لٿو ھليو ويو، ۽ پنهنجي سيٽ تي پنهنجي پٽ شمن فقير کي ويهاري ويو، ڪوڙو فقير پنهنجي پوٽي ڏسڻ جا خواب به پنهنجي نيڻن ۾ سمائي ھليو ويو، ڪوڙي فقير جي وفات جي ڪجهه مهينن کانپوءِ شمن فقير کي پٽ ڄائو، پوءِ ان خوشيءَ ڪافي حد تائين ڪوڙي خان جي وڇوڙي جي گهاءُ کي ڀري ڇڏيو ھو.
سانوڻ به نيٺ اسڪول وڃڻ جهڙو ٿيو. ۽ جنهن ڏينهن شمن فقير پنهنجي نيڻن جي ٺار کي اسڪول داخل ڪرائي آيو ھو، ان ڏينهن ھو، گهڻي دير تائين شرناءِ وڄائيندو رھيو ھو، سُرن جي لَهرن ۾ ته ڪڏهن پنهنجي بابا جي يادگيرين ۾ لڙھندو رھيو، سُرن سان گڏ ھن جي نيڻن مان بنا باد لن جي برسات به ھلندي رھي، اِھا خبر نه پئي ته اھا برسات ڪنهن پل شروع ٿي، پر ختم ان پل ٿي، جنهن وقت سانوڻ جي ماءُ اچي پنهنجي ساڄي ھٿ جي تري شرناءِ جي مُنهن تي رکي ھئي،
وقت گذرندو رھيو، موسمون بدلبيون رھيون، پُل ھيٺان نه ڄاڻ ڪيترو پاڻي گذري چڪو ھو، پر شمن فقير پنهنجي بابا جي شرناءِ کي ڪڏهن به ميرو ٿيڻ ڏنو، ۽ نه ئي شرناءِ جي آلاپن کي ڪڏھن ڌيمو ٿيڻ ڏنو، سانوڻ خيرن سان اسڪول کان ڪاليج تائين وڃي رسيو ھو، سانوڻ پنهنجي جيون مان ڏاڍو خوش ھو، سانوڻ کي خوش ھجڻ به گهر جي ھا، ڇو ته ھن جي بابا ھن کي ڪنهن قسم جي تڪليف اچڻ نه ڏني ھئي، پئسا ڏوڪڙ ھجن يا ڪپڙا لٽا ھن جي بابا سدائين ھن جي ھر خواھش جو احترام ڪيو ھو.
ھن کي به پنهنجي بابا سان ڏاڍو پيار ھو پر ھن کي پنهنجي بابا شمن فقير جي شرناءِ وڄائڻ قطعي پسند ڪونه ھو، پنهنجي بابا سان بي اِنتها پيار ھجڻ ڪري، ھو ان ناپسنديدگي جو دٻيل اظهار ڪڏھن ڪڏھن پنهنجي ماءُ سان ڳراٽڙي پاءِ ڪندو ھو،
”امان بابا کي چئو شرناءِ نه وڄائي اسان تي ماڻهو کلن ٿا“.
”پر، ابا، ڇو نه وڄائي پڻهين ڪو نئين مان ته شرناءِ ڪونه ٿو وڄائي، اِھا ته تنهنجي ابن ڏاڏن کان وڄائندا اچن“.
ماءُ پيار مان چيَس
”امان، او منهنجي مٺڙي امان، تون نه ٿي سمجهين مون ڪاليج ۾ سڀني دوستن کي ٻڌايو آھي ته منهنجو بابا تر جو وڏو زميندار آھي“.
”پر ابا تنهنجو بابا زميندار نه آھي، تڏھن به توکي زميندارن جي پٽن کان گهٽ ته ڪين ڀانيو اٿس، توکي شابس ھجي ابا، ھيڏا خرچ پکا ڪري، پاڻ کي لنگهڻ ڏيئي، توکي پڙهايوسين، تنهنجا سڀئي انگل پورا ڪياسين، اُنهيءَ جو اِھو اُجورو ڏنو اٿئي. توکان ته پوءِ اُھي اڻ پڙھيا چڱا چئبا جيڪي پنهنجي ابن ڏاڏن جي پورھئي، کان ڪرڀ ته نٿا ڪن،“
سانوڻ جي ماءُ جي جيري کي ڄڻ باهه لڳي ويئي ھئي.
”او، امان امان اھو ڪو سٺو ڪم نه آھي، ماڻهو اسان کي گهٽ ذات ٿا سمجهن، ، ميراثي ۽ مڱڻهار ٿا سمجهن“.
”اڙي نڀاڳا پوءِ اسان پنهنجي ذات به نه سڏايون ڇا؟، اسان ست پيڙھائتا ميراثي ۽ مڱڻهار آھيون، ته ماڻهو اسان کي ميراثي ئي سڏيندا نه، يا تون پڙھيئين ته اسان سيد ٿي پياسين.اھا شرناءِ وڄاءِ وڄاءِ تنهنجي ابي توکي ان منزل تي رسايو آھي، ھاڻ توکي اِھا شرناءِ نٿي وڻي، سڀاڻي چئجان ته امان به پوڙهي ٿي وئي آهي، مون کي اها به ڪانه ٿي وڻين.“
”او امان، منهنجي چري امان، منهنجو اِھو مطلب نه آھي، تو ۾ ته منهنجو ساھه آھي،“
ايئن ماءُ ۽ پٽ جو اِھو جهيڙو سدائين ھلندو رھندو ھو.
سانوڻ ننڍي ھوندي کان ئي پنهنجي مامن وٽان مڱيل ھو، ھاڻ سندس ماماڻن جا نياپا به اچڻ لڳا ته،
”اسان کان ھاڻ پنهنجي امانت وٺي وڃو، ته جيئن اسان جن ڪلهن تان نياڻي جو بار لهي“.
”سانوڻ دل ۾ ته راضي هو پر ظاھري طرح ٽارڻ لڳو.“
”اول روز گار سان ٿيان، پوءِ پرڻبس،“
”ماءُ ۽ رب کان ڪجهه به نه ٿو لڪائي سگهجي، ماءُ جي سمجهائڻ تي ھن نيٺ ھا ڪئي، پر ھڪڙو شرط به ماءُ سان رکيائين“،
”امان بابا کي چئو ته منهنجي شادي تي شرناءِ نه وڄائيندو.“
”ماڻس به ھن جي دل رکڻ لاءِ ھن سان کڻي ھا ڪئي“،
”مان بابنهين کي پاڻهين ئي سمجهائينديس“.
نيٺ اھو ڏينهن به اچي ويو، جنهن ڏينهن کي ڏسڻ جو ارمان ھر ماءُ ۽ پيءُ جي دل ۾ ھوندو آھي، ۽ جنهن ڏينهن جا خواب مائرون ڇٺيءَ جي ڏينهن کان ڏسڻ شروع ڪنديون آھن، سڄي ويڙھي ۾ اوسي پاسي جي مهمانن جي اچڻ سان جهڙوڪ ميلو متل ھجي، سڄو ويڙھو خوشين ۾ مگن ھو، ويڙھي جي ڀرسان وڏا چوڪنڊا شاميانا لڳي چڪا ھئا. شاميانن ۾ مهمانن جي ويهڻ لاءِ ۽ ماني کائڻ لاءِ ڪرسيون ٽيبلون لڳايون، ويون ھيون، ڇني جي ڀرسان ديڳون رجهي رھيون ھيون، ديڳن ۾ ڪفگير گهمائڻ تي برياني، زردي ۽ ڀاڄيءَ جي سُرھاڻ سڀني مهمانن جي صبر جو امتحان وٺي رھي ھئي، مهمانن جو گرم جو شيءَ سان استقبال ٿي رھيو ھو، سانوڻ، سانوڻ جا چاچا ۽ ماما سڀني مهمانن کي ڀاڪرن ۾ ڀري آجيان ڪندا رھيا، مووي ڪئميرا وارو، وائرون سنڀاليندو، ھڪ اک ڪئميرا ۾ اٽڪائي مهمانن جا پوز وٺندو رھيو، مهمان ڪافي تعداد ۾ اچي چڪا ھئا، انهن ۾ سانوڻ جي ڪاليجي دوستن جو انگ به چڱو خاصو ھو.
پر اُنهن سڀني ۾ شمن فقير ته ھو ئي ڪو نه، شمن فقير ڪيڏانهن ويو ھو، اڙي ھي شمن فقير پنهنجي گهر جي ڪنڊ ۾ پيل صندوق مان ڇا پيو ڳولي، شمن جا ٻئي ھٿ صندوق مان ٻاھر نڪتا ته ھڪ ھٿ ۾ بوسڪيءَ جو پٽڪو ۽ ٻئي ھٿ ۾ ھڪ خوبصورت شرناءِ ھئي، شرناءِ کي پنهنجي پاسي ۾ رکي، ٻنهين ھٿن سان پٽڪو ٻڌڻ شروع ڪيو ته سانوڻ جي ماءُ ھن کي ايلاز ۽ مِنٿون ڪرڻ لڳي،
”سانوڻ جا پيءُ الله کي مڃ، اڄو ڪو ڏينهن مُڙ، رب جي واسطي اڄ شرناءِ نه وڄائجان، نه ته ڇورو ڇتو ٿي پوندو“.
شمن فقير ڄڻ اڄ ڪجهه ٻُڌو ئي نٿي. سنڌي ٽوپيءَ مٿان بوسڪيءَ جو پٽڪو ھن کي ايئن سونهي رھيو ھو، ڄڻ ڪو راڄ جو راڻو ھجي، شمن فقير کي ياد ھو ته ھن جي شاديءَ کان ڪيئي ڏينهن اڳي ھن جي بابا شرناءِ وڄائڻ شروع ڪئي ھئي، ويندي شاديءَ جي ڏينهن تائين.
سانوڻ نه ڄاڻ ڪهڙيءَ ڳالهه تي پنهنجي دوستن سان کل ۾ ويڙھيو پيو ھو، ۽ ھن جا سڀ دوست به ھن سان ٽهڪن ۾ شامل ھئا، ته اوچتو ھڪ سُريلي شرنائيءَ جو آواز سڀني جي ڪنن ۾ رس ڀرڻ لڳو. سانوڻ جي مُنهن جو پنوئي لهي ويو، سانوڻ جو منهن تمام گهڻو خراب ٿي ويو. ھو اڃا اُٿڻ جو سوچي ئي رھيو ھو ته شمن فقير پنهنجي بهترين لباس ۾ وڏي سريلي انداز سان شرنائي وڄائيندو اچي مهمانن آڏو ظاھر ٿيو. سانوڻ نه ڪئي ھَمَ نه تم، اٿيو ۽ ڏاڍي بي رحميءَ سان، شمن فقير کان شرناءِ کسي پنهنجي پيرن ھيٺان ڏيئي ٽڪر، ٽڪر ڪري ڇڏي، ھن کي ايئن لڳو ڄڻ شرنائي سان گڏ، ھن جي پيءُ جو روح به ٽُڪر ٽُڪر ٿي ويو ھجي.
”واھه جو شرنائي پيو وڄاءِ ڪير آھي؟“
سانوڻ جي ھڪ دوست سوال پڇي سانوڻ کي خوفناڪ خواب مان ڇرڪائي، جاڳائي وڌو، سانوڻ ڏٺو ته ھن جا ڪافي دوست شرناءِ جي مٺيءَ ڌن تي جمهريون ھڻي رھيا ھئا، شرناءِ سان گڏ دُھل جي ڌڌڪن ڄڻ ميلي جهڙو ماحول ٺاھي ڇڏيو ھجي، شمن فقير اڄ ڏاڍو خوش ھو، سڄي دنيا کان بي پرواھه ڪنهن پکي وانگر سُرن جي آڪاش تي اڏامي رھيو ھو، شمن فقير کي ايئن لڳي رھيو ھو ته ڄڻ بابا ڪوڙي خان جو روح به اڄ سڀني سان گڏ جهمريون پائي رھيو ھجي. اڄ ھن به سُرن سان سڄي فطرت کي نچائڻ ٿي چاھيو، ڪاليجي ڇوڪرا پنهنجي يار جي شاديءَ تي، اچي جو جهمرين ۾ پيا ته بس ئي نه پيا ڪن، سانوڻ جي چهري تان احساس ڪمتري جا بخار آهستي، آھستي لهڻ لڳا، ھو تڏھن ويتر حيران ٿي ويو، جڏھن سڀئي دوست خوش ٿي ھن کان پڇڻ لڳا،
”سانوڻ تنهنجي ڳوٺ ۾ ھي ھيڏو فنڪار ڪير آھي؟“
ھڪ ٻئي دوست پڇيو،
”يار سانوڻ ايڏي ڀلي شرنائي ته اسان ڪڏھن ٻڌي ئي نه آھي، مار ھي ته بسم الله خان جون سڪون پيو لاھي“.
”يار، ڏسو ته سهي، اسان وٽ ڪيڏا وڏا فنڪار ٻهراڙين ۾ لڪا پيا آھن“.
ايڏي تعريف ٻڌڻ کان پوءِ سانوڻ جي زبان پاڻهين ھلڻ لڳي،
”ادا، هي منهنجو بابا شمن فقير آھي“.
”ھان، واقعي، اڙي حيف اٿئي، ايڏي وڏي ڳالهه تو اسان کان لڪائي، سانوڻ توکي مبارڪون، تون وڏن ڀاڳن وارو آھين، جو اھڙي سُريلي ماڻهوءَ جي گهر تنهنجو جنم ٿيو آھي“.
ڪجهه ڪاليجي ڇوڪرا ھاڻ ھو جمالو جي ڌن تي جهمريون پائي رھيا ھئا، جڏھن شرناءِ بند ٿي ته سڀئي ڇوڪرا ڏاڍي احترام سان شمن فقير جا پير ڇُهندا، ڀاڪرن ۾ ڀريندا، مبارڪون ڏيڻ لڳا ۽ ڪي اخبارن جا وڏا پيڪيٽ ڦاڙي، انهن مان نوٽن جا ھار ڪڍي سانوڻ بدران، شمن فقيرکي پارائيندا رھيا. ھارن پارائڻ کان پوءِ سانوڻ ۽ شمن فقير سان گڏجي گروپ فوٽو ڪڍرائيندا رھيا. انهيءَ مهل سانوڻ، شمن فقير جي پيرن تي ڪري پيو، شمن فقير ھن کي مٿي اٿاري سيني سان لاتو، اُنهيءَ مهل ٻنهين پيءُ پٽن جي اکين ۾ لڙڪ ھئا، پيءُ جي اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ ۽ پٽ جي اکين ۾ نِدامت جا.