ويساهه گهاتي
مل جي پورھيتن پنهنجي ايڪي ۽ ٻڌي سان اڄ جيڪا منزل ماڻي ھئي، اُنهين ۾ ھنن جي پوين ستن ڏينهن جي ڪامياب ھڙتال جي وڏي اھميت ھئي، ۽ خاص طور تي ستن ڏينهن جا به آخري ٻه ڏينهن وڏي اهميت وارا هئا. اُنهن ٻن ڏينهن ۾ مل جا مالڪ گوڏا کوڙي ويهي رھيا ھئا، مل جي، جي ايم، يونين جي مک عهديدارن کي ڳالهين لاءِ پنهنجي آفيس ۾ اچڻ جي دعوت ڏياري موڪلي ھئي، جيڪا ڪامريڊ مٺل پنهنجي ساٿين سان صلاح ڪرڻ کانپوءِ اھو چئي رد ڪئي ته،
”ڳالهيون سڀني مزدورن جي سامهون ٿينديون، نه ڪي ڪنهن آفيس جي بند ڪمري ۾.“
ان کانپوءِ ڳالهين ۾ ھڪ ڀيرو وري ڊيڊلاڪ پيدا ٿي پيو، يونين اڳواڻن، پنهنجي مڌر پارٽي سان مٽينگ ڪئي، جنهن سان ھو مسلسل رابطي ۾ ھئا، مڌر پارٽيءَ پاران ھڪدم ڪاميٽي ٺهي ويئي، گڏجاڻيون ٿيون ۽ جدوجهد جو دائرو وسيع ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. ھاڻ مل سان گڏ مين روڊ ۽ ريلوي ٽريڪ کي به بند ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. آخري ٻه ڏينهن جڏھن روڊ ۽ ريلوي ٽريڪ به بند ٿيو ته حڪومت ۽ تر جي انتظاميا پاران مل جي مالڪن تي سخت دٻاءُ پيو. جيئن جيئن مل مالڪن تي حڪومت ۽ انتظاميا جو پريشر وڌندو ويو. تيئن تيئن مل مالڪن، ڪامريڊن مٺل ۽ سندس ساٿين کي خريد ڪرڻ ۽ ھڙتال تان ھٿ کڻائڻ لاءِ ھر قسم جون آڇون وڌائي ڇڏيون ھيون، پر ڪامريڊ مٺل ۽ سندس پورھيت ساٿي لنگهڻ ڪاٽي ۽ تن کي تسيا ڏيئي به ڏاڍا سرھا ۽ مطمئن ھئا، پر پنهنجي جدوجهد تان ھٿ کڻڻ لاءِ تيار نه ھئا.
”ڪامريڊ اسان کي اوھان تي مڪمل ڀروسو آھي، توھان ڀلي سيٺن سان ڳالهايو، اسان جا سڀ ساٿي ان ڳالهه تي متفق آھن.“
ھڪ پورھيت ساٿي ڪامريڊ جي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو.
”نه، ڪامريڊ ايئن نه ٿيندو. ڳالهيون سڀئي گڏجي ڪنداسين ۽ اسين پنهنجو حق ٿا گهرون ڪا خيرات ڪونه ٿا پنئون. ۽ اسين ته ايترو ٿا چئون ته مل تي سڀ کان اڳ ۾ پهريون حق اسان ڌرتيءَ ڌڻين جو آھي، ۽ اسين جيڪي ڏھن ۽ پندرنهن سالن کان مل ۾ پورھيو ڪندڙ سينيئرپورھيت آھيون اول انهن کي پڪو ڪيو وڃي. اِھو ڪٿان جو انصاف آھي، ته سينيئر پورھيت ڪچا ھجن ۽ نون ٻاھران آيل پورھيتن کي ھڪدم پڪو ڪيو وڃي.“
”۽ ڪامريڊ! ٻين صوبن ۾ ته ملازمن جون پگهارون به نون بجيٽ جي اعلان مطابق پيا ڏين ۽ اسين اڃا تائين پُراڻين پگهارن تي پيا ھلئون،“
”ساٿيو، ھمت ڪيو، ھاڻي منزل پري نه آھي، ھاڻي مل جا مالڪ اسان جا اڌ مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويا آھن ۽ چون ٿا ته اوھان جا اڌ پورھيت ھن سال پڪا ڪريون ٿا. ۽ اڌ ايندڙ سال پڪا ڪنداسين. اسين چئون ٿا ته اسين سڀ سينيئر آھيون، ان ڪري اسان سڀني کي يڪدم پڪو ڪيو وڃي.“
”ها، ڪامريڊ ھاڻي لڳي ٿو ته اسان جي جدو جهد، ھنن جو غرور خاڪ ۾ ملائڻ واري آھي.“
۽ نيٺ مل جا مالڪ ۽ جي ايم پورھيتن وٽ ھلي آيا. ھاڻي ھو ڳالهيون لاءِ بلڪل تيار ھئا، ھنن مڌر پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ۽ ڪامريڊ مٺل تي ٻڌل ڪاميٽيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار هئا. سڀني پورهيتن جا مُک خوشيءَ سان ٻهڪي اُٿيا. پنهنجي مرڪزي اڳواڻن تي پورھتين کي پورو يقين ھو. شام جو ڇهين وڳي ڳالهين جو وقت طئي ٿيو. مرڪزي اڳواڻ جلوس جي شڪل ۾ مل ۾ داخل ٿيا ھئا، مل جو سڄو ماحول ڳاڙھن جهنڊن سان ٻهڪي اُٿيو ھو. ڳاڙھي جهنڊي جو رعب ئي پنهنجو ھو. ڳالهين ۾ مل مالڪ، مرڪزي اڳواڻ ۽ يونين ليڊر مٺل به شامل ھو. ڳالهين جو دؤر ڊگهو ٿيندو ويو، نيٺ رات جو ٻارهين وڳي ڳالهيون ختم ٿيون. ڳالهين ختم ٿيڻ کان پوءِ پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ ۽ يونين اڳواڻ ڪامريڊ مٺل، سواءِ ڪجهه ٻڌائڻ جي پنهنجي وڏين گاڏين ۾ چڙھي، روانا ٿيا، مين گيٽ وٽ گاڏي ٿوري جَهڪي ڪري، چيئرمين صاحب، ھلندي گاڏيءَ مان، انتظار ۾ بيٺل پورھيتن سان بس ايترو ئي ڳالهايون ته
”سڀاڻي کان ھڙتال ختم آھي.“
پورھيت چيئرمين صاحب جي اڌوري ڳالهه ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا،” ھنن کي پڪ ھئي ته ھنن جا سڀ مطالبا مڃيا ويا آھن ۽ ھاڻي سڀني سينيئر پورھيتن کي نئين وڌيل پگهار تي پڪو ڪيو ويندو ۽ ڌرتي ڌڻين کي اوليت ڏني ويندي.
سڀ مزدور ھاڻي مل جي مين گيٽ کي ويجهو رسي، چڪا ھئا. ھو پيار سان ٿڪل پورھيتن کي ويندو ڏسي رھيا ھئا، ھو اڄ ڏاڍا خوش ھئا. سڀ مزدور مل جي گيٽ وٽ پهچي بيهي رھيا ھئا، مل مان ڊيوٽي پوري ڪري نڪرندڙ، پورھيتن لاءِ گيٽ کوليا ويا ھئا، ۽ ٻين پورھيتن کي اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو ھو، ھنن کي گيٽ تي ئي روڪيو ويو، ھنن کي اندر اچڻ نه پئي ڏنو ويو، ڪجهه دير کان پوءِ مل جي مين گيٽ جي ٿلهن پلرن تي نالن واريون وڏيون لسٽون ھنيون ويون ھيون، نالن جي مٿان لکيل ھو ھنن سڀني پور ھتين لاءِ مل جو گيٽ ھميشه لاءِ بند ڪيو ويو آھي.