پنهنجي پاران : ديس جي دريءَ مان
مون ڪتابن جي مطالعي کان وڌيڪ زندگي جي ڪتاب مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. ڪهاڻيون ٻڌڻ جو مان ننڍي هوندي کان ئي تمام گهڻو شوقين رهيو آهيان. منهنجا وڏڙا به بهترين خوشمزاج ۽ قصاگو رهيا آهن. ننڍي هوندي کان قصن ٻڌڻ جو وڏو شوق، راتين جون راتيون قصا ختم ئي نه ٿين ۽ مان قصن جي اڌ ۾ ئي ننڍ پئجي ويندو هوس، ايئن ننڍي هوندي فلم ڏسندي به ننڊ پئجي ويندو هوس، ۽ بابا سائين پنهنجي ڪلهي تي کڻي گهر ايندو هو. مون پنهنجي ٻالڪپڻ کي تمام گهڻو ماڻيو. بابا سائين ريلوي ۾ ڊرائيور هو. بابا سان گڏ سڄيءَ سنڌ جو ريل ۾ سفر ڪيم. سچي ڳالهه اِها آهي ته بابا سائين جهڙو محبت ڪندڙ ۽ ٻاجهارو، زنده دل خوشمزاج، دوست مون کي حياتيءَ ۾ وري نه ملي سگهيو. ڪتاب وٺڻا هجن، فلمون ڏسڻيون هجن، سدائين ”ها، بابا، ها، وٺئون ٿا“ زندگيءَ ۾ جيستائين بابا سائين جو ساٿ هو، ته مون کي دنيا جو ڪو به هوش نه هو. مان خوشين جي ستين آسمان تي اڏامندو رهيس، منهنجون حقيقي معنيٰ ۾ اکيون تڏهن کليون جڏهن، بابا سائين جون اکيون هميشه لاءِ بند ٿي ويون.
”ڄاتم سڀ ڄمار، سڄڻ هوندا مون گهرين.“
ادب سان منهنجو رشتو سياست جي ڪري جُڙيو. 1980ع وارو ڏهاڪو منهنجي زندگي جو اهم ڏهاڪو هيو. جنهن ۾ منهنجي شعور جا بنياد پيا، ۽ آئون شعور جي سفر تي گامزن ٿيس، ۽ انهيءَ قومي، سياسي سفر جو پهريون سُونهون مون کي سائين عزيز الله ٻوهئي جهڙو جاکوڙي، سچو، مخلص، با ڪردار، عالم مليو. جيڪو شاهه سائين جي هن بيت جو عڪس آهي.
کرکڻا لاهي، سک نه سُتا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو. (شاهه)
ٻوهئي صاحب پنهنجي گهر جا ٿانوَ کپائي به سنڌ جي نوجوانن ۾ نئين سنڌ جي شعور جا ڏيئا ٻاريا. اهو دور سچائي ۽ قربانيءَ جو عظيم دور هو. جو نوجوان نياڻيون پنهنجو ڏاج به قومي تحريڪ جي چندي ۾ ڏيئي ڇڏينديون هيون. قومي اڳواڻن جي سچائي ۾ انڌو ايمان هوندو هو. ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين سائين ٻوهئي صاحب سان محبت ۽ احترام جو رشتو قائم آهي ۽ هميشه قائم رهندو ھو. ٻوهئي صاحب سان ڪتابن جو ٿيلهو هميشه گڏ هوندو آهي. جيڪي هو پاڻ پڙهي پوءِ قومي ڪارڪنن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. پر اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي ٻوهئي صاحب جي ڪتابن مان گهڻو ڪري سنڌ گم ٿي ويئي آهي. اهو دور اسٽڊي سرڪلس جو دور هو، ڪتابن سان تمام گهڻو چاهه هوندو هو. سياسي ادب ۽ فلسفو تمام گهڻو پڙهيو ويندو هو ۽ وڏي ذهني هلچل سائين جي ايم سيد جي ڪتابن آندي. ۽ خاص طور تي سائين جي ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ“ ۽ ”جئين ڏٺو آهي مون“اُنهن ئي ڏينهن ۾ مون کي ڪامريڊ الهه بخش راڄپر، سڄڻ سنڌي ڪامريڊ سرور بوٽا، حافظ عبدالاحد ڀٽو، خليل انصاري ۽ ساگر حنيف بڙدي. جهڙا دانشور دوست مليا، جن سان ڪيل ڊگهيون ڪچهريون ۽ اُنهن جا پاڻ ۾ ٿيندڙ وڏا علمي بحث، مباحثا، سياسي تجزيا منهنجي لاءِ انمول علمي سرمايو ثابت ٿيا. انهن ئي ڏينهن کان وٺي ڪتابن سان دوستي زندگيءَ جو لازم ۽ ملزوم حصو ٿي ويئي. ۽ تڏهن کان وٺي اڄ تائين جهڙوڪ ڪتابن ۽ ڪچهرين جو موالي ٿي ويس. آءٌ اهو اعتراف ڪريان ٿو ته منهنجو محسن ۽ منهنجو پهريون ادبي ۽ سياسي استاد سائين عزيز الله ٻوهيو مون کي نه ملي ها ته آءٌ پنهنجي حياتيءَ ۾ سياسي، ادبي ۽ سماجي شعور حاصل نه ڪري سگهان ها، ۽ سچي ڳالهه اِها به آهي ته اڄ مان جيڪا خوشحال زندگي گذاري رهيو آهيان ته اُها به سائين ٻوهئي صاحب جي ڪري ئي آهي. جنهن مون کي تمام ڏکن ۽ تڪليفن واري دور مان ڪڍي، 1990ع ۾ ٽريفڪ پوليس ڪراچيءَ ۾ ڀرتي ڪرائي ڄڻ ته نئين زندگي ڏني.
آءٌ مستنصر حسين تارڙ جي لفظن ۾ اِهو به اعتراف ڪيان ٿو ته مون تي آسمان مان ڪجهه به نه لٿو آهي، مان جيڪو ڪجهه به آهيان، پنهنجي سينيئر ۽ همعصر دوستن جي ڪري آهيان، نوابشاهه ۾ 1992ع ۾ ٽرانسفر ڪرائي اچڻ کانپوءِ مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته مون نئون جنم ورتو هجي ۽ منهنجو نئون ادبي سفر شروع ٿيو. نوابشاهه ۾ اچڻ کانپوءِ جن ادبي دوستن سان منهنجي ويجهڙائپ ٿي، اُنهن ۾ وسيم سومرو اهو پهريون دوست هو، جنهن سان سڀ کان اڳ ۾ منهنجي شناسائي ٿي هئي، جيڪا پوءِ گهاٽي دوستي ۾ بدلجي ويئي. وسيم هڪ دوست جي حيثيت ۾ منهنجي شاعري ۾ وڏي رهنمائي ڪئي. ۽ پنهنجي نگراني ۾ ڇپجندڙ رسالي ”اجرڪ“ مئگزين ۾ منهنجي پهرين ڪهاڻي خالي بيڊ ڇپائي مون کي تمام گهڻي خوشي ڏني هئي. ۽ ان کانپوءِ مون کي لکڻ لاءِ نئون اعتماد مليو. انهن ئي ڏينهن ۾ سارنگ سهتو ۽ منور سراج جهڙن ليکڪن جي سنگت نصيب ٿي. جن به منهنجي ڪهاڻين کي تمام گهڻو اُتساهيو ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
نوابشاهه سيشن ڪورٽ ۾ ڊيوٽي ڪندي ويهن ٻاويهن سالن جو عرصو گذريو، ان دوران سائين اخلاق حسين لاڙڪ جهڙو علم دوست، ادب دوست ۽ انسان دوست ماڻهو بدلي ٿي آيو. جنهن جي صحبت ۾ گهڻو ڪجه سکڻ جو ۽ پڙهڻ جو موقعو مليو. خاص طور تي ڪلاسيڪل راڳ ٻڌڻ جي شروعات ٿي. اخلاق صاحب پاڻ سان گڏ علم، ادب ۽ راڳ جي بهترين ڪليڪشن به آندي هئي، ۽ ان سان گڏ جيڪو اڻ ميو پيار اخلاق صاحب وٽان مليو. اُھو ڪڏهن به وساري نٿو سگهان، تنهن وٽان ادب جا شاهڪار پڙهڻ لاءِ مليا، راجه گڌ، سڌارٿ، وبا جي ڏينهن ۾ ڪيل محبت، پوڙهو ۽ سمنڊ، ذلتون ڪي ماري لوگ، مولانا روم جي مثنوي ۽ خاص طور تي گرو رجنيش کي تمام گهڻو پڙهيم، اخلاق صاحب جي معرفت سنڌ جي وڏي آرٽسٽ، ترقي پسند اديب ۽ دانشور سائين ڊاڪٽر پير بخش لاڙڪ جي سنگت، صحبت، پيار ۽ محبت نصيب ٿي، ڊاڪٽر پير بخش لاڙڪ ۽ اخلاق صاحب سان ڪيل ڪچهريون مون کي سالن جي مطالعي کان وڌيڪ لڳنديون آهن. سائين ٻوهئي صاحب جي سنگت ۽ سائين اخلاق صاحب جي صحبت منهنجي شعور کي وڌيڪ ڦهلاءُ بخشيو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مان اڄ به پاڻ کي هڪ قومي ڪارڪن سمجهندو آهيان. ۽ ان ڪري آءٌ ڪڏهن به غير جانبدار نه رهيو آهيان، ها منهنجون ڪهاڻيون ضرور غير جانبدار هونديون آهن. پر آءٌ هميشه جانبدار رهيو آهيان آءٌ پنهنجي ديس ۽ ديس وارن سان عشق جي حد تائين محبت ڪيان ٿو. پنهنجي ديس وارن تي ٿيندڙ ڪنهن به انياءَ تي خاموش نٿو رهي سگهان، ڇو ته اسان جو سماج وڏي عرصي کان جمود جو شڪار بنايو ويو آهي. اسان جا سڀ ادارا هٿ وٺي تباهه ڪيا ويا آهن، ڌارين جي آبادڪاري هر سال لکن جي تعداد ۾ وڌي رهي آهي، ساڃاهه وندن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، سنڌ اڃا تائين ظلم ۽ جبر جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهي آهي ۽ مان هڪ پل لاءِ به اهڙن ڏاڍاين کان لاتعلق نٿو رهي سگهان، ڇو ته:
”الا ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن“
اسان ماڻهن جو شعور کان وڏو ٻيو ڪو به دشمن نه آهي، جيڪو اسانکي پل پل سجاڳ ۽ بيچين رکي ٿو. اسان کي تڙپائي ٿو، ڦٿڪائي ٿو، ۽ لکرائي ٿو. آءٌ دنيا کي پنهنجي ديس جي دري مان ڏسندو آهيان. منهنجي لاءِ سڀني کان اڳ ۾ پنهنجو وطن ۽ پنهنجي قوم آهي، پوءِ ٻي دنيا، مان پهريان وطن پرست، قوم پرست ۽ پوءِ عالمگيريت پسند آهيان. آءٌ اڄ به پاڻ کي وطن جو اهو سپاهي سمجهان ٿو، جيڪو جنگ جي محاذ تان، اڃان موٽيو نه آهي. بلڪه اڄ به پنهنجي ديس جي ويرين سان ادب جي مورچي تان، پنهنجي قلم سان مهاڏو اٽڪايو بيٺو آهي، ۽ منهنجي ڪهاڻين ۾ اوهان کي اِهي شيون ضرور ملنديون. منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار اوهان کي خلائن ۾ نه پر پنهنجي آس پاس ڌرتي تي نظر ايندا.
نوابشاهه ۾ رهڻ دوران ڪافي عرصي کان پوءِ بخشل باغي ۽ ستار سندر جي دوستيءَ جي صورت ۾ هڪ نئين زندگي ملي آهي، اڄ مون کي ادبي دنيا ۾ گهڻو ڀٽڪڻ کان پوءِ هڪ ڳالهه جو شدت سان احساس ٿيو آهي ته هن رشتن ناتن کان منڪر دنيا ۾ منهنجي زندگيءَ جي پاند ۾ بخشل باغي ۽ ستار سندر جو سَرهو سنگ نصيب ٿيو، جيڪو مون لاءِ ڪنهن ڀاڳ کان گهٽ ناھي. مون کي ان ڳالهه جو فخر آهي ته جن سان مون، يا جن مونسان زندگي جي هر روپ کي پنهنجائپ سان ونڊيو آهي، اهڙي محبت جي ونڊ اسان جي دوستي جي ايمان ۾ تازگي ۽ توانائي جو ڪارڻ پئي رهي آهي، منهنجي ڪافي ڪهاڻين هنن دوستن جي آڏو ئي جنم ورتو آهي، هنن دوستن جي منهنجي ڪهاڻين تي ڪيل بي رحم تنقيد يا جائز تعريف به هنن جي پنهنجي ذاتي آرٽ سان سچائي جي ثابتي آهي. هنن دوستن جي اُتساهه ۽ حوصله افزائي نه هجي ها ته شايد مان ايتريون ڪهاڻيون نه سرجي سگهان ها. ۽ نه منهنجو ڪتاب ئي اچي سگهي ها. ڪيترن سالن کان هي ٻئي دوست مون کي ڪتاب لاءِ همٿائيندا رهيا آهن ۽ هنن پيارن جي ڪوششن سان، نيٺ منهنجو اهو خواب هاڻي سندر حقيقت جو روپ ڌاري ”ٽيون نسل“ جي صورت ۾ اچي رهيو آهي، منهنجي هن ڪتاب کي شروعات کان وٺي آخر تائين بخشل باغي جنهن پيار سان ڏٺو آهي جو مان سمجهان ٿو ته ايتري محنت هن ڪڏهن پنهنجي ڪتاب تي به نه ڪئي هوندي، هن ڪتاب جي ٽائيٽل کان وٺي بيڪ ٽائيٽل تائين سڀ خوبصورتيون بخشل باغيءَ جي محنت جو ثمر آهن. منهنجي ادبي سفر ۾ گهڻو وقت اڳ بخشل باغيءَ هڪ سونهين جي حيثيت ۾ منهنجي رهنمائي ڪندي چيو هو ته ”امداد توکي شاعري ڇڏي، ڪهاڻيون لکڻ گهرجن، تنهنجي اندر ۾ مان هڪ ڪهاڻيڪار ڏسي رهيو آهيان ۽ تون ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجو بهتر اظهار ڪري سگهين ٿو.“ پوءِ ان ڏينهن کان وٺي مون شاعريءَ واري ناوَ کي الوداع ڪري ڪهاڻيءَ جي غوراب ۾ سفر شروع ڪيو، جنهن مون کي ”ٽئين نسل“ جي جزيري تائين پهچڻ جو ساهس بخشيو آهي ۽ اڃا اڳتي ڪهاڻي جي وشال سمنڊ جو منظر پنهنجي جوڀن سان منهنجي روح ۽ شعور آڏو ڇوليون هڻي رهيو آهي.
هن ڪتاب کي ساڀيان جي صورت ڏيڻ ۾ منهنجي جاکوڙي دوست علي رضا خاصخيلي جو وڏو سهڪار شامل آهي ۽ علي رضا جي معرفت جن دوستن جون محبتون ۽ پيار هن ڪتاب ۾ شامل آهي انهن ۾ پيارو دوست عمران بلوچ، انور چانڊيو، ايڊووڪيٽ ڪيهر انصاري، مختيار چارڻ صاحب، ۽ سائين علي محمد شاهه لڪياري به شامل آهن.
جن دوستن منهنجين ڪهاڻين تي لکڻ جو قرب ڪيو، اُنهن ۾ سڀ کان اڳ ۾ آءٌ سنڌ جي سينيئر ۽ جينيئس ڪهاڻيڪار سائين شوڪت حسين شوري جو تمام گهڻو شڪرگذار آهيان، جنهن مون جهڙي سيکڙاٽ ڪهاڻيڪار تي مهاڳ لکي تمام گهڻي عزت بخشي آهي. آءٌ ايترو ئي احسان مند آهيان سائين اخلاق انصاريءَ جو، جنهن به وڏا قرب ڪري مون جهڙي ننڍڙي ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين تي پنهنجا قيمتي ويچار بيڪ ٽائيٽل لاءِ لکي ڏنا ۽ مان پياري منور سراج جو به تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جنهن تمام ڌيان سان منهنجون ڪهاڻيون ٻڌيون ۽ پيار سان اُنهن متعلق پنهنجي راءِ ڏني ۽ ڪهاڻين لاءِ ٻه اکر پڻ لکي ڏنا. پياري بخشل باغي جا ٿورا ته آئون ڪڏهن به لاهي نه سگهندس، جنهن ٽي ڀيرا وڏي محنت سان پروف ريڊنگ ڪئي ۽ ڪهاڻين تي ٻه اکر به لکي ڏنا ۽ منهنجي ڪتاب کي پنهنجي ڪتاب وانگر ڇپرايو آهي. اُن کان علاوه وڏا قرب ڀاءُ ڪپتان ابڙي جا جنھن منھنجي هن ڪتاب کي پنھنجي ناياب آرٽ سان هڪ خوبصورت چھرو بخشيو آهي. هن ڪتاب ۾ منهنجي سڀني گهرڀاتين جون نيڪ تمنائون به شامل آهن، منهنجي امڙ، منهنجا ڀائر لياقت علي ۽ زاهد علي منهنجون ڀينرون ۽ منهنجون ڌيئرون ۽ منهنجا پٽ غازي خان (عمران علي)، ڪامران علي ۽ عبدالرحمان ۽ منهنجي جيون ساٿي جنهن جو ساٿ منهنجي لاءِ خوشين ڀريو رهيو آهي آءٌ پنهنجي ننهن ۽ پٽ غازي خان جو به ٿورائتو آهيان جن مون کي ڏاڏي ٿيڻ جو شرف بخشي، مونکي پنهنجي مستقبل جي ٽئين نسل عروا ۽ عروج جي ناياب سوغات ڏيئي، منهنجي مختصر حياتيءَ کي وسيع ڦهلاءُ ڏيئي ڇڏيو آهي.
امداد رند
Cell: 0301-3818714