پيرو
چوريءَ جي ڳالهه صبح ساڻ سڄي ڳوٺ ۾ جهنگ جي باهه جيان ڦهلجي چڪي ھئي، ماستر لقمان جي گهر کي کاٽ لڳو ھو، چور سندس اَلهه تلهه ٻُهاري ويا ھئا، گهر جي پوئين پاسي کان وڏو ٻانڀ ڦاٽو پيو ھو، ماستر جي اک ڪتن جي اويلي بانهڻ تي کُلي ھئي، پر تسيتائين ڏاڍي دير ٿي چڪي ھئي، ماستر ھڪدم ڳوٺ جي چڱي مڙس لونگ خان کي ھڪل ڪئي، لونگ خان به ھڪدم دونالي بندوق سوڌو ماستر لقمان جي ھڪل تي ٻاھر نڪري آيو، ڪجهه دير ۾ سڄو ڳوٺ اچي مڙيو، سڄو ڳوٺ ماستر جي ڏاڍي عزت ڪندو ھو، ۽ ماستر پاڻ به ڏاڍو معتبر ماڻهو هو. ھي سڄي ڳوٺ جي ٻارن کي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان پڙھائيندو ھو، ماستر سدائين ذات پات ۽ مذھبي مت ڀيد کان مٿاھون ٿي ٻارن کي پڙھائيندو ھو.
ڪتن جي رفتار به چڱي خاصي ھئي، تمام تيز، نه تمام آھستي پر ڪٿي ڪٿي ھو سڀني کان اڳڀرو نڪري ٿي ويا، خلق کي به عجيب رونشو لڳلل ھو، ڪتا قد جا بندرا، پر سگها متارا ھئا، ھاڻ ڪتا جتي گهاٽو ڇانورو ڏسن پيا، اُتي ڪجهه دير ساھي کڻن پيا. ڪجهه دير ترسائي مالڪ پنهنجن ڪتن کي وري نئين سر مٽي سنگهائي، وري سفر تي روانو پيا ڪن. ڪتن جي ڳچين ۾ خوبصورت رنگين پٽا، پٽن ۾ ننڍڙا گول لوھي ڪڙا، ڪڙن ۾ ڪاري رنگ جا سنها سُٽ جا رسا پيل ھئا، ڪتن جا مالڪ ڪتن جي مرضيءَ سان ڪيڏي مهل آھستي ته ڪيڏي مهل تڪڙا ھلي رھيا ھئا، ڪيترائي ڳوٺ پوئتي رھجي ويا، ڪتا، سڪل ٺوٺ ٻنيون ۽ سُڪل شاخون ٽپندا ھلندا رھيا، ماڻهن جي زبانن تان ڪيترن ئي چورن جا نالا چڙھندا ۽ لهندا رھيا ماڻهن جون زبانون آلي مٽيءَ ۾ ھَرن جيان ھلي رھيون هيون. ماستر، سڀ کان پهريان ٿاڻي تي به ويو ھو.
ٿاڻي تي وڏي رش ھئي، ڀر واري ڳوٺ مان گهوٽ ۽ ھُنَ جي پيءُ کي ٻڌي آيا ھئا، ۽ ديڳون به کڻائي آيا ھئا، ھنن حڪومت جي ڀتن ۾ ون ڊش واري حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي ھئي، ماستر ٿاڻي تي پهتو ته ڇا ڏسي ته وڏي منشي جي ھٿ ۾ ڪڪڙ جو پيس ھو، جنهن کي ھو بي درديءَ سان پٽي رھيو ھو، ۽ ھن جي سامهون ڪجهه خالي ڊشز جا ڏونگها ۽ ھڏن جو دير پيل ھو، جن تي وڏو منشي ۽ ٿاڻي جا ٻيا عملدار ھٿ صاف ڪري چڪا ھئا، ڪجهه دير کان پوءِ وڏي منشي به ٽي وڏيون اوڳرايون ڏيئي آڱرين سان ڏندن ۾ ڦاٿل گوشت جون تندون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ جڏھن ڏسڻ وائسڻ جهڙو ٿيو ته ماستر کي سڃاتائين ۽ حال احوال وٺڻ کان پوءِ پوليس جو پراڻو راڳ شروع ڪيائين.
”ماستر ڪجهه شڪي ماڻهن جا نالا ڏيئي وڃ ته جانچ شروع ٿا ڪيون“،
”وڏا، منهنجي ڪنهن سان دشمني آھي، ئي ڪانه ته نالا ڪٿان ڏيندس خبر ئي نه آھي ته ڪير چوري ڪري ويو آھي، اوھان وٽ ته ڏوھارين جو سڄو رڪارڊ موجود آھي، مهرباني ڪري اسان جي ڪا قانوني مدد ڪريو“،
”ادا، ماستر، ته پوءِ ٺيڪ آھي، اسان کي ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو“. وڏي منشي تيليءَ سان ڏند کوٽيندي چيو.
”ماستر، تون رڳو تيل جا پئسا ڏيئي وڃ، تون استاد آھين، تولاءِ عزت آھي، اڄ ئي ٿا جانچ شروع ڪيون“.
شام جو اھي سڀ حال احوال لونگ خان جي اوطاق تي ٿيا، سڀني ڳوٺاڻن پوليس تي بد اعتمادي جو اظهار ڪيو ۽ پيري ڪتن کي گهرائڻ جي صلاح ڏيندي چيائون ته
”پيري ڪتا گهرائي چورن جو ڳاٽو ٿا جهليون“
”پر ادا، ڪتن لاءِ به پندرنهن ھزار ڪٿان ايندا “؟ماستر مايوس ٿيندي چيو
”ماستر ڪهڙيون ٿو ڌارين واريون ڳالهيون ڪرين اھا تنهنجي نه پر اسان سڀني ڳوٺ وارن جي بيعزتي ٿي آھي، تون پئسين جو ڪو به اُلڪو نه ڪر“.
ماستر ڳوٺ وارن جي محبت جي آڏو ڪڇي نه سگهيو. نيٺ ڪتا آندا ويا ڪتن کي کارن سان ڍڪيل چورن جا پيرا سنگهايا ويا ۽ ڪجهه مٽي پلاسٽڪ جي ٿيلھين ۾ کنيئن وئي، صبح جو ڪتن سفر شروع ڪيو ھو، پر ھاڻ ته اچي منجهند ٿي ھئي، ڪتا جڏھن نوان نوان آيا ھئا، ته چورن جون متيون منجهائي ڇڏيون ھين زمين ۾ پوريل سامان، خون ٿيل ماڻهن جا ٽي ٽي مهينا پراڻا لاش، بُهن ۾ لڪايل چوري جو سامان گهلي ٻاھر ڪڍڻ لڳا، سرڪاري ادارن تي تمام گهڻي تنقيد ٿيڻ لڳي، نيٺ سرڪاري ادارن کي پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪتن جي جانچ تي پابندي لڳائڻي پئي، ۽ ڪتن جي خلاف اسيمبلي مان قرارداد به پاس ٿي ويئي پر پوءِ آھستي آھستي ڪتن جي ڪارڪردگي به ڏينهون ڏينهن گهٽبي ويئي پوءِ ڪتا به الاءِ ڪيئن بي گناھه ۽ شريف ماڻهن کي وٺڻ لڳا، ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪتن ۽ چورن جي وچ ۾ ڪو مفاھمتي ٺاهه ٿي ويو ھو، پوءِ چور ۽ انهن جا سنڀاليندڙ وڏيرا ڏاڍا خوش ھئا.
ماڻهو ھلي ھلي گهڻو ٿڪجي پيا ھئا، پر پوءِ به بي دليا قدم کڻندا ھلندا رھيا، سومر ماڇي جي ڳوٺ وٽان ھڪ ڊگهو موڙ آيو ماڻهو ۽ ڪتا ڪجهه دير لاءِ ھڪٻئي کان ڇڄي ڌار ٿي ويا. اوچتو ڪتن جي مالڪن مان ھڪ ڄڻي زمين تان نئين ۽ تازي پيرن جي نشان جي مٽي کڻي ڪتن کي ٻڪ سان سنگهائي ۽ ھڪٻئي ڏانهن معنيٰ خيز مُرڪ سان نهاري ھلي پيا، ڪتن ھاڻ سامهون جوڻيجن جي ڳوٺ ڏانهن رخ رکيو، ڪتن جا مالڪ ڳوٺ کي ٿورو ويجهو اچي بيهي رھيا، تيسيتائين پوئتي رھجي ويل ھمراھه به اچي پهتا ۽ سامهون واري ڳوٺ مان به ڪجهه ماڻهو تڪڙا تڪڙا آيا، ڪجهه ڳوٺاڻا، پاڻي ۽ لسي به کڻي ايندا رھيا، حال احوال وٺڻ کان پوءِ سڀ ماڻهو ڪتن سان گڏ ھلڻ لڳا، ڪتن جون ڄڀون به ٻاھر نڪري آيون ھنيون ڳوٺاڻا به ٿڪجي پيا ھئا، نيٺ سڀني شڪر ڪيو ته چورن جي ڳوٺ ته پهتاسين. ڳوٺ جي ڪتن بَهي ھنن جو استقبال ڪيو، ڳوٺ جا ماڻهو به گهرن مان ٻاھر نڪري آيا، پر ڳوٺاڻن جا منهن لٿل ھئا، ڇو ته ھنن کي خبر ھئي، ته هُنن جي ڳوٺ ۾ ڪو به لچ لوفر ڪونه ھئو، خبر نه آھي ته ڪتا ڪنهن غريب جي گهر تي ٽانڊو رکندا، پوءِ ڳالهه ٿاڻن کان ٿيندي ڪورٽن تائين پهچندي ۽ مڙسن جي عمر ئي سُنواين ۾ پوري، پر ھاڻ ڏسئون ته ڪنهنجي ٿي ڦٽي، ڳوٺ جي مدرسي جا کٿابي به اچي سهڙيا، گرميءَ جي باوجود، ماڻهن جي رش ھڪڀيرو ٻيهر وڌي ويئي ھئي.
ڳوٺ جا ورن وڪڙن وارا رستا ڪهندا، لوڙھن وارا گهر اُڪرندا رھيا، ھلندي ھلندي ڪتن اوچتو ڳوٺ جي پاسي ٺهيل جا مع مسجد ڏانهن کڻي رخ رکيو. سڀئي حيران ٿي ويا،
”چورن پڪ سان الله جي گهر ۾ پناھه ورتي آھي،“
ماڻهن جي ڀُڻ ڀُڻ وڌي ويئي.
مسجد جي ڀرسان ھڪ ننڍڙو ھُجرو به ٺهيل ھو، ڪتن به سڌو ھجري ڏانهن لُوھه ڪئي، مالڪ ڪتن سوڌو ھُجري ۾ گهڙي پيا، ھُجري ۾ ھڪ کٽ تي اکين کان نابين حافظ ڪلام پاڪ جي تلاوت ڪري رھيو ھو، ۽ وجد جي ڪيفيت ۾ اڳتي پوئتي لُڏي رھيو ھو، ڀرسان ئي حافظ جي لٺ ڀت سان ٽيڪل ھئي. ڪتا ھڪدم حافظ جي کٽ جي ھيٺان ويهي پڇ لوڏڻ لڳا، آيل سڄي خلق حيران ٿي موٽڻ لڳي.