مٿاھون ھٿ
سي ايم پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي، ميز جو طواف ڪري، ھر، ھر پاڻ کي ڪرسيءَ تي اڇلي رھيو ھو، پنهنجي ھڪ ھٿ جي تريءَ تي ٻئي ھٿ جا ٺونشا ھڻي رھيو ھو، ھن جي چهري تي سخت ذھني دٻاءَ جا آثار نظر اچي رھيا ھئا. خوشامدي ۽ چاپلوس وزيرن سان سي ايم صاحب جو ڪمرو ڀريل ھو،
”سائين، اوھان ايترو ٽنيشن نه وٺو مسئلو پارٽي جو آھي، ۽ حڪومت به پارٽي جي آھي، پارٽي جي ايندڙ گڏجاڻي ۾ انشاء الله مسئلو حل ٿي ويندو“.
سي ايم جي مٿي تي ڇٽيل ڪارا تر، ڄڻ ٽڪڻ جي مٿان اُڪري آيا ھئا،
”سائين اوھان پي ايم صاحب سان ڇو نه ٿا ڳالهايو ؟، ھُنَ لاِءِ ته اِھو ڪو مسئلو ئي نه آھي“،
ھوم منسٽر، سي ايم صاحب جي ھانو تي ڄڻ ٿڌي پاڻيءَ جو ڇنڊو ھنيو،
”ٺيڪ آھي، فاروق، پي ايم صاحب سان لائن ملايو.“
لائن ملائي ھن فون سي ايم صاحب کي ھٿ ۾ ڏنو،
سائين اسلام عليڪم جي سائين سڀ خبر آھي، جي ھا سائين، مسئلو حل نه پيو ٿئي، ايم پي اي اڃا پنهنجي ضد تي قائم آھي، جي ھا، سائين سڀ ڪوششون، سڀ ھربا ھلائي ڏٺا آھن،
”پي ايم صاحب اِھا ڳالهه ٻڌي تپي باهه ٿي ويو“
”ڇا اسان اسلام آباد ۾ واندا ويٺا آھيون توھان ڇا ٿا سمجهو اسان کي ڪو ڪم ڪار ڪونهين، توھان کي ڇا آھي، ھر وقت رڳو ڀنگ جي نشي ۾ ھوندا ته پوءِ ڪم به ائين ھلندو نه، ٺيڪ آھي اوھان پريشان نه ٿيو مسئلو حل ٿي ويندو، ٻيهر اھڙن ننڍن مسئلن لاِءِ اسان کي تنگ نه ڪيو“.
فون بند ٿي چڪي ھئي، ۽ فون بند ٿيڻ سان سي ايم جي وات مان اھڙو زوردار شُوڪٽ نڪتو، جهڙو ميونسپالٽي جي نلڪي مان، پاڻي اچڻ کان اڳ ۾ نڪرندو آھي، فون رکي سي ايم ڪرسي سان ٽيڪ ڏيئي ڪا دير، پنهنجا ساهه درست ڪرڻ لڳو، سي ايم صاحب جا ساهه اڃا مس ساهن ۾ آيا ھئا، جو فون جي گهنٽي ھڪ ڀيرو ٻيهر وڄڻ لڳي، پي، اي ھڪدم فون کنئي ۽ جلديءَ ۾ رسيور سي . ايم کي ڏيندي چيائين،
”سائين –پي- ايم صاحب“،
جي سائين،
”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي، پارٽي چيئرمين کي اوھان ۾ آخر ڪهڙي خوبي نظر آئي آھي“،
پي ايم صاحب ٿوري دير سي ايم تي پنهنجي باهه ڪڍي، ۽ پوءِ سي . ايم کي مسئلي جو آسان حَل ٻُڌايو، حَل ٻُڌڻ کان پوءِ سي . ايم صاحب جي سموري ڪيمسٽري مٽجي ويئي.
ٿوري دير کان پوءِ ھڪ اھم اداري جي آفيس ۾ فون جي رنگ وڄي رھي ھئي، فون پي اي اٽينڊ ڪئي،
”ھيلو، سي ايم صاحب ڳالهائيندو“.
”ھا، ضرور، ٿورو ھولڊ ڪجو“،
پي اي فون جي مائوٿ پيس تي ھٿ رکي پنهنجي صاحب کي سي ايم صاحب جي فون جو ٻڌايو
”ٻه ٽي منٽ اڃا ترسائينس“
”ھا، ھاڻي مون کي ڏي“،
”ھيلو شاهه صاحب ڇا حال آھي“.
ڪجهه دير سي ايم ڳالهائيندو رھيو.
”اڇا، اڇا ٺيڪ آھي، شاهه صاحب اوھان بلڪل فڪر نه ڪريو، بل جي تياري ڪريو، مسئلو حل ٿي ويندو“.
ايم پي اي جو اختلاف اصولي ھئو، ھن جي دليلن ۾ وڏو وزن ھو، سڄي قوم، توڙي سڀئي اسيمبلي ميمبر ھن کي حق تي سمجهي رھيا ھئا، پر ڪو به ميمبر اسيمبلي فلور تي پنهنجو موقف چٽي طرح رکڻ لاءِ تيارنه ھو، ھا، باقي، سڀئي ميمبر ھن جي دٻيل لفظن ۾ حمايت ۽ حوصله افزائي پڻ ڪري رھيا ھئا، پر ھو پنهنجي فيصلي تي اٽل ھو، فيصلي ۾ باقي ھڪه رات جو مفاصلو وڃي بچيو ھو.
اڄ اسيمبلي ۾ ڏاڍي رونق ھئي، اڄ تاريخ جي بدترين اختلافي ترقياتي بل جي فيصلي جي گهڙي ھئي، گئلري تي صبح کان ئي نام نهاد قومي ميڊيا جو قبضو ٿي چڪو ھو، اُھا قومي ميڊيا جنهن کي ڪروڙين ماڻهن جا ٻوڏن توڙي برساتن جا اھنج، يا لکين ماڻهن جا آجپي لاءِ نڪتل احتجاجي مارچ ڪڏھن به نظر نه ايندا آهن، تعصب سان ڀريل اِھا قومي ميڊيا شل نه اسلام آباد ۾ ڪو واندو ھٿيار کڻي نڪري اچي، يا ڪنهن ڪرڪيٽر جي شادي ٿئي ته سڄو ڏينهن پيا اُھا قومي خبر ھلائيندا، ۽ تيلي کي ٿنب بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا، سنڌي ميڊيا وارا به ڪنڊ پاسن کان پنهنجا مورچا سنڀالي چڪا ھئا، ڪئميرائون ھر پاسي کان پوز وٺي رھيون ھيون ۽ آخر ۾ ڪجهه حسين ليڊي ميمبرن جي چهري تي ٽڪي بيهي رھيون.
اسيمبلي حال ۾ جيئن ئي باغي ميمبر داخل ٿيو ته سڀني ميمبرن توڙي صحافين ۾ سُسَ پسُ شروع ٿي ويئي، سڄو حال ڀڻڪن سان ڀرجي ويو. سڀئي نظرون ھن کي فوڪس ڪري رھيون هُيون، اخبارن ۾ به وڏيون سرخيون لڳيون ھيون، عام ماڻهن ۾ به وڏو چوٻول ھيو،
”نه ابا، اڄ ھمراهه نه ڇڏيندو“
”ھا، ابا، شينهن جو پٽ اٿئي شيهن جو“.
”ھا، يار سڄي اسيمبلي جو نڪ اٿئي نڪ“
عام ماڻهن کي به اڄ باغي ميمبر مان وڏيون اميدون ھيون، ھو پنهنجي ھمخيال ميمبرن کي کيڪاريندو، پنهنجي سيٽ تي اچي ويٺو.
”لڳي ٿو اڄ وڏو مزو ٿيندو“.
ھڪ ميمبر، ٻئي کي ڪن ۾ چيو.
”تون ڇا ٿو سمجهين“.
”ابا، ھمراهه آھي ته وڏو ضديرو، بحرحال ڏسئون ٿا، خدا خير ڪري، باقي مسئلو وڏو آ“.
نيٺ امتحان جي گهڙي اچي ويئي، اسپيڪر بل پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو، سڀني ميمبرن بل جي يڪراءِ حمايت ڪئي، سي- ايم ڏاڍو خوش ھو، سي ايم ڪنڏ ورائي باغي ميمبر ڏانهن ڏٺو، سڀئي ميمبر بل جي حمايت ۾ ھٿ مٿي ڪري چڪا ھئا، باغي ميمبر جو ھٿ سڀني ميمبرن کان مٿي کينل ھو، سڄي حال جون اکيون باغي ايم پي اي ڏانهن حيرت مان نهاري رھيون ھيون.