اَڌ ۾ رهجي ويل چُمي
”جاني، اڃا ڀلا ڪيترو تڙپائيندين، ڪيترو انتظار ڪرائيندين؟“
”بس، آسي ھاڻ ڪجهه سالن جي ڳالهه آھي، ھي سال منهنجي تعليم جو آخري سال آھي، ان کان پوءِ نوڪري ۽ پوءِ شادي“
ھن پيار ڀريل ٿڌي مٺي لهجي ۾ ھن کي اطمينان ڏياريندي چيو،
”نه آصف ايڏو پري انهيءَ وچ ۾ ته آءُ مري وينديس“
ھن ڏاڍي اتاولائيءَ مان چيس، آصف منهنجي دل ھاڻي ڪنهن به شيءِ مان وندرجڻ واري نه آھي،
”آصف مون کي ھاڻ وڌيڪ نه تڙپاءِ. نوڪري وڃي کڏ ۾ پوي مان جيڪو ھيڏو سارو پرائيويٽ اسڪول ھلايان پئي، اھو ڪنهن جي لاءِ آھي. سچ پڇين ته آءُ محبت جي معاملي ۾ ڏاڍي بدقسمت رھي آھيان، مون ائين به محسوس ڪيو آھي ته سچي محبت مون کي گهڻو وقت راس نه ايندي آھي، آصف مون کي بس تون گهرجين. آصف تون، آصف توکي خبر آھي ته منهنجي دل ڇا ٿي چوي ؟“
”ڇا ٿي چوي ڀلا تنهنجي دل؟“
”منهنجي دل چوي ٿي تون ھينئر جو ھينئر مون وٽ پهچ، مون کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري چنڊ جي ھن پار وٺي ھل، جتي پيار ڪرڻ وارن جي ھڪ ڌار حسين دنيا آباد ھجي، جتي ٻار، گل ۽ پوپٽ ھجن، بلڪل ڪنهن شاعر جي خواب جهڙي دنيا،“
آسيه مسلسل ڳالهايو پئي، ڄڻ ته ھن تي ڪنهن ديوانگي جو دورو پئجي ويو ھجي، رات جو رنگ آسيه جي نيڻن جهڙو گهرو ڪارو ھو، ايندڙ ويندڙ گاڏين جي ھيڊ لائيٽ ۽ ھارن جي شور جو ھن تي ڪو به اثر ڪونه ھو، موٽرسائيڪل جي ڦرڙاٽ جو آواز به رفتار سان گڏ گهٽ ۽ وڌ ٿي رھيو ھو، مختلف گاڏيون ھن کي ڪراس ڪري رھيون ھيون ۽ سامهون ايندڙ گاڏيون ھن جي چهري کي ڪجهه گهڙين لاءِ روشن ڪري گذرنديون رھيون، آصف تي آسيه جي لهجي جو خمار چوٽ چڙھيل ھو، نينهن جي نشي جو سرور ئي ٻيو ھو، ھو ڏاڍو خوش ھو، آسيه جي نشي جهڙي جواني ۽ مستيءَ ڀريل اکيون آصف جي تصور ۾ ھيون.
ھنن جي پهرين ملاقات موبائيل فون ذريعي ٿي ھئي، ان رات به آصف ”راجه ڏاھر“ ھاسٽل تي پنهنجي ڪمري ۾ جاڳي رھيو ھو، ھن جا دوست روم پارٽنر بابر ۽ مزمل گهري ننڍ ستل ھئا، رات پنهنجو اڌ سفر پورو ڪري چڪي ھئي، ان رات آصف ڏاڍي بچيني پئي محسوس ڪئي، ننڍ ھن جي نيڻن کان ڪوھين ڏور ھئي، ھو ھاسٽل جي ڪمري مان نڪري سرسبز لان جي وچ تي ٺهيل پٿر جي دڪيءَ تي ويٺو. چنڊ آسمان جي نرڙ تي بنديا جيان چمڪي رھيو ھو. رات جي سانت ۾ گهرو سڪون ھو، ٿڌڙي ھوا ھن جا ڳل چُمي رھي ھئي، ھو موبائيل تي نوان، نوان نمبر ڊائل ڪرڻ لڳو، مختلف نمبر ڊائل ڪرڻ کان پوءِ ھڪ نمبر تي رنگ وڃڻ لڳي،
”ھيلو“
پريان ھڪ نرم ۽ نفيس قسم جو عورتاڻو آواز آيو.
”جي ھيلو“ آصف ڳالهايو
”مون کي ننڊ نه پئي آئي سو ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ فون ڪيم“
”ادا، آءُ ھڪ ڊاڪٽرياڻي آھيان ھاسپيٽل مان ڊيوٽي تان پئي ڳالهايان، منهنجو وقت ڏاڍو قيمتي آھي. ۽ آءُ ڏاڍي مصروف آھيان جي اوھان ڪا ننڊ جي ٽيبليٽ وغيره لکڻ چاھيو ته لکي وٺو،“
”نوميڊم ٿينڪ يو“
ان کان اڳ جو آصف ھن کي سوري چوي ھا، لائن ڪٽجي ويئي، آصف ٻيهر ڪوشش ڪرڻ لڳو، ڪيترائي مرداڻا آواز اچڻ تي، ڪنهن کي سوري، ڪنهن کي رانگ نمبر چئي ٽاريندو رھيو، ۽ نوان نوان نمبر ڊائل ڪندو رھيو، آخر ھڪ ڀيرو ٻيهر ھڪ سُريلو رس ڀريل آواز ھن جي سماعتن سان ٽڪرايو.
”ھيلو، اسلام عليڪم،“ ”وعليڪم اسلام“
”ڇا حال آھي “؟ آصف سلام جو جواب ڏيندي چيو،
” ھا سڀ خير آھي.“ ايترو چئي ھوءَ وري چپ ٿي ويئي.
”معاف ڪجو جي مون اوھان کي ڊسٽرب ڪيو ھجي، يا اوھان جي مٺي ننڊ خراب ڪئي ھجي“،
”نه مان جاڳان پئي“. ھن وري به مختصر جواب ڏنو،
”ڪجهه دير اڳ منهنجي ڪال ھڪ ڊاڪٽرياڻي سان ملي ويئي ھئي، خبر نه آھي ته ھنيئر ڪنهن سان مخاطب آھيان“،
”ھنيئر اوھان ھڪ ماسترياڻيءَ سان پيا ڳالهايو،“
”ڀلا ھڪ ڊاڪٽرياڻي ۽ ھڪ ماسترياڻي ۾ ڪهڙو فرق آھي اوھان جي نظر ۾“.
ھن گفتگوءَ کي پاڻ ئي ھڪ دلچسپ انداز سان اڳتي وڌائي ڇڏيو ھو. “
”منهنجي نظر ۾ ٻئي مسيحا آھن، ھڪ اِنسان جي جسم جا روڳ دور ڪندو آھي ۽ ٻيو روح جا“،
آصف جي دل جو دھڪو وڌي ويو ھو، ساھه، ساھه ۾ نه پئي آيس،
”ڀلا اوھان جي نظر ۾.؟“
” منهنجي نظر ۾؟“
”ھا، ھا اوھان جي نظر ۾“
”منهنجي نظر ۾ ڊاڪٽرياڻيءَ جي ھٿ ۾ سرنج ھوندي آھي ۽ ماسترياڻيءَ جي ھٿ ۾ لڪڻ“،
ايئن چوندي ھو ٻئي ٽهڪن جي گلابي ساگر ۾ ٻڏي ويا،
”الله معافي ڏيندو “.
ڪافي دير جي ٽهڪن کان پوءِ آصف چيو،
”ڇا کان؟“ ھن ھڪدم پڇي ورتو.
”سرنج کان ۽ لڪڻ کان“.
ھڪ دفعو ٻيهر ھو ٽهڪن جي آڪاس تي پکين وانگر ترڻ لڳا، ڪجهه ئي دير کان پوءِ حجاب جون سڀ ديوارون ڀڄي ڀور ٿي چڪيو ن ھيون،
”اوھان ڇا ڪندا آھيو“. ھن پڇيو.
”آءُ شاگرد آھيان انجنيئرنگ ۾ پڙھان پيو“
”اڇا ته چئبو مستقبل جا اِنجنيئر آھيو“.
”ھا، دعا ڪريو“،
”ٻيو ڇا پڙھندا آھيو ؟“
”ٻيو ادب سان ننڍي ھوندي کان گهرو لڳاءُ اٿم“،
”ڀلا اوھان ڪجهه پنهنجي باري ۾ به ٻڌايو“.
”مون سوشيالا جي ۾ ايم. اي ڪئي آھي، ۽ ادب منهنجي به ڪمزوري آھي، نورالهدا شاھه ۽ آغا سليم مون کي تمام گهڻو وڻندا آھن، ھاڻ ھڪ پرائيويٽ اسڪول ھلائيندي آھيان، ھڪ ننڍي ڀيڻ اٿم، جيڪا ميڊيڪل ۾ پڙھندي آھي، بابا ڪراچي ۾ ھڪ صوبائي کاتي ۾ سيڪريٽري آھي، ۽ امان ھڪ اين جي او جي ڪرتا ڌرتا آھي، اھا پنهنجي ڪمن جي سلسلي ۾ ڪڏھن ڪراچي ته ڪڏھن اسلام آباد جي ٽوئرن تي ھوندي آھي،“
ھن مختصر طور تي پنهنجي سڄي بايو ڊيٽا ٻڌائي ڇڏي ھئي.
اوھان پنهنجو نالو اڃا تائين نه ٻڌايو آھي“.
نالي ۾ ڇا آھي، نالو ته بس سڃاڻپ لاءِ ھوندو آھي، باقي رشتو ته ڪالهه به ”آدم ۽ ھوا“ جو ھو اڄ به آھي ۽ سڀاڻي به رھندو.
”مطلب“؟ آصف پڇيو.
”مطلب ته عورت ۽ مرد“
”اِھا ته ڳالهه صحيح آھي، پر ڀلا سڃاڻپ لاءِ ئي سهي، پنهنجو نالو ته ٻڌايو؟“
”آسيه“، ھن ڄڻ شرمائيندي ٻڌايو ھجي.
ايئن آھستي آھستي فون جو سلسلو ھلندو رھيو ۽ نيٺ ڳالهه اچي ملاقات تائين پُهتي”سڪون ھوٽل“ جي فيملي ھال جي اُھا ڪنڊ، ان ڏينهن خوشبوءَ سان واسيل ھئي، ھوءَ آصف جي تصور کان به حسين ھئي، عمر اٽڪل پنجو يهن، ٽيهن جي وچ تي ھئي، ڪافي دير ھو ٻئي ھڪٻئي کي ڏسي خوشي ۽ حيرت مان مرڪندا رھيا ھئا، ھوءَ به آصف سان ملي ڏاڍي خوش ھئي. ڄڻ ھن کي پنهنجو آئيڊيل ملي ويو ھجي، ڪافي دير تائين مُرڪن جي ٻوليءَ ۾ گفتگو ھلندي رهي، آصف مرڪندي ھن جا گلابي ھٿ پنهنجي ڪوسن ھٿن ۾ جهليا ته ھن جو چهرو اُڀرندڙ سج وانگر ٻري روشن ٿي پيو ھو، ھن مرڪي نيڻ ٻوٽي ڇڏيا ھئا، ايئن ڪچهرين جو سلسلو طويل ٿيندو ويو.
ھنن پيار جي زباني اظهار کان ويندي جسماني اظهار تائين جو سفر به طئي ڪري ورتو ھو، تڏھن به ھنن جي پيار جي شدت ۾ ڪا ڪمي نه آئي، ھاڻ ھو ھڪٻئي کي سمجهي ويا ھئا، ھنن ھڪٻئي کان ڪجهه به نه لڪايو ھو، ايتري قدر جو آسيه، آصف کي اھو به ٻڌايو ھو ته ھوءَ اڳ ۾ به ھڪ شاديءَ جو گهاءُ کائي چُڪي ھئي، برگر فيملي ۾ ٿيل ھن جي ناڪام گهريلو زندگيءَ، ھن کي احساساتي طور ڪافي زخمي ڪيو ھو. ھن جا سمورا خواب چڪنا چور ٿيا ھئا، شاديءَ جي نالي ۾ ھن کي ھڪ سونهري پڃري جو قيد مليو ھو، جيڪو ھوءَ گهڻو وقت برداشت نه ڪري سگهي، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ھن کي خبر پئجي ويئي ته ھن جي مڙس کي ھن جي ”من“ جي نه، پر رڳو ”تن“ جي ئي طلب ھئي، ۽ ھن جو مڙس آوارا ڀنوري وانگر ھرروز نئين گل جي واس وٺڻ جو شوقين ھو، ھوءَ ھڪدم سونهري پڃرو ٽوڙي آزاد ٿي ويئي. پر انهن ڏينهن ۾ ھوءَ اھا آسيه به نه رھي ھئي، جيڪا شاديءَ کان اڳ ۾ ھڪ شوخ، چنچل، حاضر جواب ۽ لاجواب آسيه ھئي. ٽهڪ وکيريندڙ آسيه مان ھڪ نئين اداس ۽ ھر پل نيڻن مان نير وھائيندڙ آسيه جو جنم ٿيو ھو، پنهنجي اندر ۾ ٽٽل ڦٽل، ڀڄي ڀور ٿيل، پنهنجو پاڻ کي شراب ۾ ٻوڙيندڙ ۽ پاڻ کي ڏکن جي درياھه ۾ لوڙھيندڙ، ڪجهه ئي وقت ۾ پنهنجي ھڪ ڌار دنيا ٺاھي ورتي ھئي، جنهن ۾ ھاڻ ھوءَ ھوندي ھئي، شراب ھوندو هو ۽ ھن جا نوان، نوان دوست ھوندا ھئا. جيڪي ھن کي نوان، نوان دوکا ڏيئي، ھن جي روح کي ويتر زخمي ڪري ھليا ويندا ھئا، ايئن ھن ڪجهه عرصي تائين پاڻ کي خود اذيتي جي ڪيفيت ۾ متبلا رکيو، پر پوءِ ھو پنهنجو پاڻ سنڀالڻ لڳي ۽ ھوريان ھوريان سڀني شين کي ڌڪي ڌار ڪندي ويئي، ٿوري عرصي ۾ ھن پنهنجو پاڻ کي سڀنالي ورتو ۽ واپس پنهنجي حقيقي زندگي ۾ موٽي آئي، ھن کي ايئن ڀاسندو ھو ڄڻ ڪو، ھن، ھڪ ڀيانڪ خواب ڏٺو ھجي، ھوءَ ڪڏھن ڪڏھن رڳو پنهنجو پاڻ سان رات جو پيئڻ جي ڪمپني ڪندي ھئي، پر ڏينهن جو ھوءَ مڪمل ذميواري سان پنهنجي اسڪول جي دنيا ۾ گم ھوندي ھئي، سڄو ڏينهن ننڍن ٻارن کي ھنج ۾ کڻي ھنن جو سبق ٻڌڻ انهن کي پيار ڪرڻ، اُنهن کي شيون وٺي ڏيڻ ۽ شايد اُنهن ٻارن ۾ هوءَ پنهنجو اھو ٻار به ڳوليندي ھئي جيڪو ھن ابارشن جي ذريعي ڪيرائي ڇڏيو ھو.
ھن پنهنجي حسين مستقبل جا خواب وري ڏسڻ شروع ڪيا ھئا، ھوءَ ڏاڍي خوش ھئي، آصف ھن کي ھڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي خوابن جي روشن ساڀيان ٿي مليو ھو. ھن جي شوخ چنچل، حاضر جواب ۽ ٽهڪ وکيريندڙ جواني وري واپس موٽي آئي ھئي.
آصف کي پويان ايندڙ ڪوچ جي تيز پريشر ھارن ڇرڪائي وڌو
”آسيه منهنجو توڏي ھڪڙو قرض رھيل آھي“.آصف ڳالهايو،
”ڀلا ڪهڙو ؟“ آسيه خماريل لهجي ۾ پڇيو،
”آسيه ڪالهه شام سرور ھوٽل ۾ مون توکي ھڪ مٺي ڏني ھئي، ۽ تو مون کي پنج مٺيون ڏنيون ھيون. ڇو؟
”اڇا ته اِھا ڳالهه آھي، پوءِ ته تون منهنجو قرضي ٿئين نه، ھاڻ مون کي پنهنجون چار مٺيون موٽائي ڏي نه ته وڌيڪ سمجهين ٿو،“
اڄ ھوءَ ڏاڍي رومانٽڪ موڊ ۾ محسوس ٿي رھي ھئي،
”آسي اڄ تنهنجو آواز ڇو مٽيل آھي، تنهنجو آواز اڄ گهڻو خماريل ۽ مٺو مٺو ٿو لڳي، ڪٿي تون اڄ به پي ته نه رھي آھين؟“
”ھا، سهڻا پي رھي آھيان،“
”پر تو ته مون سان واعدو ڪيو ھو ته ھاڻ جڏھن به پيئنداسين ته گڏجي پيئنداسين“.
”آئي ، ايم سوري جاني ھن ڀيري معافي ملي، اڳتي لاءِ واعدو“
”آسيه ڀلا توکي ٻار وڻندا آھن آصف ھڪدم موضوع مٽايو،“
”۽ ھا، جاني ھڪڙي ڳالهه ٻڌي ڇڏ، مون کي ٻار ڏاڍا وڻندا آھن پر آءُ ٻار ھڪڙو ئي ڄڻينديس ۽ اھا به ڌيءَ، وڌيڪ لاءِ تون ھنيئر ئي سوچي وٺ، متان سڀاڻي مون کي تنگ ڪرين، آءُ ٻارن ڄڻڻ واري مشين ڪڏھن به ٿيڻ نه چاھينديس“.
آصف سمجهي ويو ھو ته مڌ جو نشو ھاڻي آسيه تي چوٽ چڙھي چُڪو ھو، آصف کي موٽرسائيڪل ھلائڻ ۾ ڏاڍو لطف اچي رھيو ھو،
”آسي ھاڻ فون بند ڪر، ھاڻ تون آرام ڪر. ۽ تنهنجو آواز ھاڻ مونکي صفا جهيڻو پيو ٻڌڻ ۾ اچي“.
”نه آصف نه پليز فون بند نه ڪجان، توکي منهنجو قسم آھي“،
”آسيه پليز پاڻ کي سنڀال“
ھاڻي آصف کي آسيه جي سڏڪن جا آواز صاف ٻڌجي رھيا ھئا. ھو، ڪافي دير تائين رئندي رھي،
”آصف توکي خبر آھي ته آءُ ڪير آھيان“
”ھن مڌ ھوشي جي عالم ۾ ڳالهايو،“
”ھا، مون کي خبر آھي، تون منهنجي آسيه آھين.“
”نه چريا نه آءُ موھن جي دڙي جي ناچڻي آھيان آءُ نور الهدا شاھه جي ڪهاڻي ”پاروٿو گوشت آھيان،“
”آسي ھاڻي تون بلڪل آئوٽ ٿي رھي آھين پليز ھاڻ فون بند ڪر“
”نه چريا ھنيئر ئي ته آءُ نارمل آھيان“
”چڱو آسي ھاڻي موڪلايون ٿا، پر اڳ ۾ ھڪ مٺي ڏي“،
پوءِ ڪافي دير تائين آصف جي ڪنن ۾ چمين جا روح گرمائيندڙ آواز ايندا رھيا، آسيه ڄڻ تصور ۾ آصف جا گلابي چپ چمي رھي هجي،
”آصف ھاڻ تون به مٺي ڏي“.
آصف به چمي جي جواب ۾ چميون ڏيندو رھيو، چميون ڏيندي ھن تصور ۾ آسيه جي چپن تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيا. ڪجهه ساعتن لاءِ ھن جو اکيون بند ٿي ويون ۽ آصف جو ڌيان سامهون ايندڙ وين کان بلڪل ھٽي ويو ھو، ھڪ ڌماڪو ٿيو. ۽ هڪڙو خوبصورت خواب چِڪنا چور ٿي ويو ۽ هڪ چُمي هوائن ۾ اٽڪي اڌوري رهجي وئي.