ڇَپيل ڀونڊو
اسان شهري ماڻهن جي دنيائي نرالي آھي، ڪيبل نيٽ ورڪ اچڻ کان پوءِ ته ويتر نرالي ٿي پئي آھي، رات جو دير تائين ھلندڙ اسٽار پلس جي ڊرامن، اسان جي زالن کان اسان جو مڪمل ڌيان کسي ورتو آھي، انهن ڊرامن دوران ڀلي ڪي سيارا پاڻ ۾ ٽڪرا ئجي وڃن ۽ ڪا خوفناڪ قيامت اچي وڃي پر مجال آھي جو مايون پنهنجي جاءِ تان چُرن. رات جو جي بک گهڻي لڳي ته پاڻ فرج مان ٻوڙ ڪڍي گرم ڪيون ته ڪيون يا، ڊرامن جي نه کٽندڙ سلسلي جو انتظار ڪيون ۽ صبح جو به سوير نماز پڙھي بنا ڪنهن نيرن جي نڪري پئون، ھا، باقي منجهند جي مانيءَ جو ٽفن پنهنجي پوري ٽائيم تي پهچيو وڃي.
”اي سيٺ خير ته ڏي الله جي نالي“ اوچتو فقيرياڻيءَ جي صدا تي سوچن جو سلسلو ٽٽي پيو،
”معاف ڪر“. مون چيو
”اي سيٺ صبح جو ٽيم آ. خالي نه موٽاءِ ڪجهه ته ڏي، الله ڪندو مڪي مديني جي زيارت ڪندين“، باگڙياڻيءَ پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چيو.
”ڀلا ٻڌاءِ گهڻو خير کپئي“ منهنجي اندر جو شيطان جاڳي پيو.
”اي سيٺ جيڪي پنج ڏهه روپيه ڏي ته وڃان، ڪو لهڻو ليکو ته ناھي“. ھن چيو
”پنجن ڏھن مان ڇا ٿيندو ڪو ھزار، پنج سئو جي ڳالهه ڪر“
مون چيو مانس. مان الائي ڇو ھوش مان نڪرندو پئي ويس، خبر نه آھي ته اھو ھن جي حسن جو جادو ھو يا جوانيءَ ڀريل ادائن جو، ھوءَ به صبح جو سوير ھار سينگار ڪري، ڪنهن وڏي قتل عام جو پروگرام جوڙي نڪتي ھئي، باھه جي ڄڀين جهڙا ڀورا ڳاڙھا ڳل، ڪجل ڀريل نيڻ، چپن تي ھڪ قاتل مرڪ سان گڏ ناز ۽ نخرن جا سڀئي داوَ آزمائڻ لڳي،
”اي سيٺ ڏي جلدي ته وڃان“هُن وري چيو،
”چانهه پيئندينءَ؟“ مون چيومانس،
”ها ڇو نه پيئان“، مون اٿي دڪان کي ٻن حصن ۾ ورھائيندڙ پردو ڇڪي ورتو، ڪوپ ۾ چانهه وجهي ۽ پني ۾ ويڙيل ڪيڪ کيس ڏيکاريندي پردي جي پويان سڏيم، ھن کي ايئن اندر اچڻ جي دعوت ڏنم جيئن اڙيل گهوڙي کي جهولي ڏيکاري وٺڻ جي ڪوشش ڪبي آھي، هوءَ بکي ٻلي جيان پير پير ۾ ڏيئي، پردي جي اندر اچي ويئي، منهنجي سامهون ڪيڪ چانهه ۾ ٻوڙي کائڻ لڳي، ۽ مان ھن کي ايئن ڏسڻ لڳس جيئن ٻلي. ڪوئي کي ڏسندي آھي.
”ھي جيڪو سيٺ تنهنجي ڀرسان آھي نه جنهن جو نوٽن جي ھارن جو دڪان آھي، ان نڀاڳي ته آنو به نه ڏنو.وري چوي پيو، ڪلمو پڙھي مون سان شادي ڪر ته سڄي عمر عيش ڪرائيندو سائين. ھيڏي وڏي ڏاڙھي، مئي جي، ھٿ ۾ تسبيح، نه شرم نه حيا“،
ھن پنهنجي ڪٿا ٻڌائي ٿڌو ساھه کنيو.
”ھن ويچاري ملي جو ڪهڙو ڏوھه تون ته فرشتن جو ايمان به لوڏي سگهين ٿي،“
”سيٺ ڀوڳن کي ڇڏينس، خير ڏي ته مان وڃان،“
ھاڻ ھوءَ تڪڙ ڪرڻ لڳي،
”ڀلا ھُن مُلي کي ته ھڻ ڍنڍ ۾، منهنجي لاءِ ڪهڙي صلاح اٿئي؟“،
”اي هي ڇا جي صلاح“
ڳالهين دوران هُن جي پشم جهڙي ھٿ مٿان پنهنجو ھٿ رکي چڪو ھوس، ھن ڪا گهڻي مزاحمت ته ڪانه ڪئي، پر ھوريان هوريان پنهنجو ھٿ، منهنجي ھٿ مان ڇڏائي ويئي،
”مون سان شادي ڪرڻ جي باري ۾ ڪهڙي صلاح اٿئي.“
ايئن چوندي منهنجا ھٿ، منهنجي وس مان نڪري ويا، ۽ مان ھن سان اُها حرڪت ڪري ويٺس جنهنجو عام حالتن ۾ مان تصور به نه ڪري سگهان ھا. منهنجي جبري ڪوشش ڪرڻ ۽ ھٿ چراند ڪرڻ تي ھوءَ مڇرجي اٿي پئي ۽ مون کي ڌڪو ڏيئي پوئتي ھٽايائين ۽ ٿورو پوئتي ھٽي گهروڙي ڀونڊو، منهنجي منهن تي ڪنهن موچڙي وانگر وھائي ڪڍيائين. ۽ ڪمان مان تير وانگر، منهنجي دڪان مان نڪري ويئي. مون محسوس ڪيو ته منهنجو منهن صفا تئي جي پٺيئن پاسي جهڙو ٿي ويو ھو. حالا نڪه اِھو پهريون ڀيرو ٿيو ھو.
ڀونڊو منهنجي حواسن تي سوار ٿي ويهي رھيو ھو،
سج جيئن جيئن مٿي چڙھندو ويو، بازار ۾ رش وڌندي ويئي پوءِ سڄو ڏينهن ڪم ھلندو رھيو، نوٽن سان پنهنجي دخل جا خانا ڀريندو رھيس پر چاھڻ باوجود ڪنهن به گراھڪ سان مرڪي نه سگهيس ۽ نه ئي مان گراھڪن سان نظرون ٿي ملائي سگهيس، بس دل پئي چاھيو ته سج کي ڪنڌ ۾ رسو وجهي ھيٺ جهڪائي ڇڏيان ۽ جلديءَ ۾ رات ٿئي ته گهر وڃان، عيد جي رش هجڻ باوجود مون جلديءَ ۾ دُڪان بند ڪري تالو پئي هينم ته ڀر واري دڪاندار سيٺ حاجي صديق ھڪل ڪري پڇيو،
”ادا مجيد ڇو ڀلا اڄ سوير پيا وڃو خير ته آھي.“؟
”ها حاجي صاحب ٿورو طبيعت ٺيڪ نه آھي، ان ڪري دڪان بند ڪيو اٿم،چڱو دعا ڪجو، خدا حافظ“، مون زوريءَ موڪلايو.
گهر جي بيل تي ھٿ ڄمي بيهي رھيو، گهرجي اندران بيل جو مسلسل آواز ڊنگ ڊونگ، ڊنگ ڊونگ وڄندو رھيو، ھڪدم درکليو بيگم جو حسين چهرو ظاھر ٿيو ۽ ھن گهٻرايل آواز ۾ پڇيو،
”سائين خير ته آھي اڄ صفا بيل تي چڙھي بيهي رھيا آھيو، اڄ جلدي موٽي آيا آھيو، خير ته آھي نه“
بيگم جي آواز مان ھاڻي پريشاني واضح نموني سان ڇلڪُي رھي ھئي، ھا، ھا سڀ خير آھي، پريشانيءَ جي ڪا ڳالهه ڪانه آھي، ٿورو مٿي ۾ سور ٿي پيو ھو، ان ڪري جلدي ھليو آيس“.
”ٺيڪ آھي اوھان ويهو ته مان اوھان لاءِ چانهه ٿي ٺاھي اچان.“
پنهنجي ڪمري ۾ اچي ٽي وي آن ڪري، پنهنجو پاڻ کي مختلف چينلن ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ايڏي ڪوشش جي باوجود به صبح وارو ڀونڊو سڄي ڏينهن جيان منهنجن حواسن تي اڃا تائين ڇانيل ھو.
بيگم چانهه جي ٽري کڻي آئي جنهن ۾ چانهه جا ٻه مگ رکيل ھئا ھڪ مگ مون کنيو ۽ ٻيو بيگم ،
”اڄ الائي ڪهڙو ڏينهن ھو آئون سڄو ڏينهن ڪاوڙ ۾ پئي ڪڙھي آھيان“، بيگم پنهنجي ڊيلي ڊائري شروع ڪئي.
”ڇو، توسان ته خير ھو، گهر ۾ آھين به اڪيلي تڏھن به وتين ٿي ڪاوڙي، چري ٿي پئي آهين ڇا؟“. مون مُرڪندي پڇيو.
”نه اڙي چري ناهيان ٿي، اڄ مون سان اھڙي جُٺ ٿي آھي جو ڇاٻڌايانءِ ۽ مان ته توکان سواءِ ڪنهن سان ڳالهه به نه ٿي ڪري سگهان“
منهنجي ھٿ ۾ چانهه جو مگ لڏڻ لڳو، اکين جي آڏو اونداھي ڇائنجڻ لڳي،
”وري به ڪجهه ٻُڌائي ته سهي، ته ڇا ٿيو آهي. تون ته منهنجو ساهه ٿي ڪڍين“.
مان صفا بي صبرو ٿي پيس، نه ڄاڻ ڇو، صبح وارو منظر منهنجي تصور ۾ ڦرڻ لڳو،
”اڄ صبح تنهنجي وڃڻ کان ڪلاڪ ڏيڍ پوءِ اِھو واقعو پيس آيو ھو.“ ھوءَ ڄڻ ٻڌائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪري رھي ھئي،
”ڀلا ڪجهه ٻڌاءِ ته سهي آخر ٿيو ڇا آھي“ بيچيني منهنجي لهجي مان نيسارا ٿي وھڻ لڳي.
”ها، ڪلاڪ ڏيڍ ٿيو ھو، تنهنجي ويئي کي جو درتي ڪنهن فقير اچي صدا ھنئي، مان به اٽي جو وٽو ڀري درتي کڻي آيس. درکوليم ته سامهون ھڪ ڏنڊو مٽو فقير، وڏو ڪارو جبو پيرن تائين، مٿي تي رلين جي ٽڪرن واري لاھوتي ٽوپي پهريل، کاٻي ڪُلهي ۾ اٽي وجهڻ واري بجڪي، ساڄي ھٿ ۾ ڪتن کي ھڪلڻ واري لٺ ھيس، مون اٽي وارو وٽو اڳتي وڌايومانس ته هُو وٽي کي نظرانداز ڪيو مون ۾ اکيون کپايو بيٺو ھو، ھو مون ڏانهن ايئن ڏسي رھيو ھو، جيئن ڪو بکيو بگهڙ پنهنجي شڪار کي ڏسندو آھي، جيئن ڪو ٻلو، ڪوئي کي ڏسندو آھي.“
۽ ھاڻي مان ڪجهه به نه ٻڌي رھيو ھوس، ھوءَ مسلسل ڳالهائي رھي ھئي، مون کي ايئن ڀاسي رھيو ھو، ڄڻ صبح واري فقيرياڻي اڃا تائين ڀونڊو ٽنگيو بيٺي ھئي.