گُم ٿي وَيل شام جي ڳولا
ھوءَ ھاڻ چوٿين پنجين ڏينهن ڪلاس روم جو ڀيرو پئي ڪندي ھئي، اختر کي خبر ئي نه پئي ته ھوءَ ڪڏھن اختر جي دل کي پنهنجي مرڪن جي گلابي ڄار ۾ ڦاسائي کڻي ويئي ھئي، اختر کي ھاڻ ھر پل ھن جو انتظار رھندو ھو، ڪلاس ۾ ڪيڏو به شور ھجي، پر ھن جي اچڻ سان خاموشي ڇائنجي ويندي ھئي. پوءِ ھن جو آواز سڄي ئي ڪلاس روم ۾ رقص ڪندو ھو، ان ڀيري ھوءَ جيئن ئي خيرات وٺي ڪلاس روم مان ٻاھر نڪتي ھئي ته اختر به ھن جي پٺيان ئي ٻاھر نڪري ويو، اڄ اختر ھن سان ڪجهه ڳالهائڻ پئي چاھيو پر ھوءَ ڀر واري ڪلاس ۾ داخل ٿي چڪي ھئي، ھن جو آواز اختر جي سماعتن کي چمي رھيو ھو، اختر ھن جي انتظار لاءِ ڪو بهانو سوچڻ لڳو. ھن جي نظر ورانڊي جي ڪنڊ ۾ ٺهيل پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ تي پئي. ھو جيئن ئي پاڻي جي ٽانڪي جي ويهجو پهتو ته موڪل جو گهنڊ وڳو، جنهن ھر طرف ھلچل مچائي ڇڏي ھئي، ھو ڪلاس روم ڏانهن موٽيو، ڪتاب کڻي تڪڙو ٻاھر نڪتو، پر ھوءَ نظر نه آيس. اختر جي نگاھن ھن کي ڳولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر نه ڄاڻ ھوءَ ڪيڏانهن گُم ٿي ويئي ھئي، ان ڏينهن جڏھن ھوءَ ڪلاس روم ۾ داخل ٿي ته اکين ۾ ڪجل ۽ سائي رنگ جو وڳو پاتل ھوس، سڄو ڪلاس ھن کي ڏسندو ئي رھجي ويو. اختر جا نيڻ به ڪا دير ھن جي سراپا ۾ اٽڪي بيهي رھيا،
”تنهنجون پينو ڏاڍيون سهڻيون آھن“،
اختر ھن جا ھٿ ڇُهندي ۽ ھن جي ھٿن مان پينون وٺندي چيو،
”نا، بابو نا، منهنجون پينون ايتريون ڀليون نه آھن، جيتري تون ڳالهه ڪرين ٿو،“
ھن شوخ ۽ معنيٰ خيز نظرن سان اختر جي اکين ۾ نهاريندي پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چيو.
”نه نه تنهنجون پينون واقعي به خوبصورت آھن“.
اختر ٻيو ڀيرو ورجايو ته ھن کي ھڪ لمحي لاءِ پنهنجي پينن ڏانهن نهارڻو پئجي ويو،
”پر تنهنجون اکيون اڃا به وڌيڪ سهڻيون آھن“.
اختر سندس اکين ۾ نهاريندي چيو ۽ ھوءَ شرمائجي ويئي، اختر ڏھين جو نوٽ ڏيندي، ھن جي ھٿن کي ھڪ ڀيرو ٻيهر ڇهي ورتو ته ڇوڪريءَ جي اکين ۾ ھڪ خوبصورت چمڪ پيدا ٿي پئي.
”تنهنجو نالو ڇا آھي“.
اختر کائونس پيار مان پڇيو
”ريشمان“، پر سڀ مون کي ريشمي سڏينداآھن.
”ھن ٿورو شرمائيندي ۽ اکين کي جُهڪائيندي چيو.“
ھا، برابر تون آھين، به ريشمي، تنهنجو ان کان وڌيڪ سهڻو نالو ٻيو ٿي به نٿو سگهي“. اختر دل ۾ چيو، ھوءَ تڪڙيون وکون کڻندي ڪلاس روم مان ٻاھر نڪري ويئي.
ڪافي ڏينهن گذري ويا ھئا، اھو ھڪ موڪل جو ڏينهن ھو، اُھا صبح ڏاڍي وڻندڙ ھئي، ھوا جو لهجو اڃا ٿڌو ھو، اختر پنهنجي گهر ۾ ڪو ڪتاب پئي پڙھيو، ته گهٽيءَ ۾ ٻارن جو تمام گهڻو ھُل ٻڌڻ ۾ آيو، اُنهيءَ ھل ۾ ڊُگڊُگيءَ جو وڻندڙ آواز به شامل ھو. اختر گهر کان ٻاھر نڪري آيو، ڏسي ته فقير رڇ کي نچائي رھيو آھي، رڇ جي نڪ ۾ ٻڌل نوڙي فقير جي ھٿ ۾ ھئي، رڇ فقير جي اشارن تي ڪنهن مهل ڪلهن ۾ لٺ ڦاسائي ٻڪرار پئي ٿيو ته ڪنهن مهل سائيڪل پئي ھلايائين، ڪڏهن جلال چانڊئي وانگر ان جي اھل پئي ڪيائين ۽ آخر ۾ رڇ سڀني کي ھٿ ٻڌي سلام ڪيو ۽ گول دائري ۾ ڦيرو ڏيئي سڀني کان انعام وصول ڪرڻ لڳو، ننڍا، وڏا ٻار خوشيءَ مان، رپئي جا نوٽ، ٽافيون، ميوا رڇ کي ڏيڻ لڳا، اختر جي نظر اوچتو رڇ جي ڀرسان بيٺل ريشمان تي پئي، پر اڄ ھن جي ھٿن ۾ پينن بدران ڪتن ھڪلڻ واري لٺ ھئي، ۽ ڪلهي ۾ اٽي وجهڻ واري بُجڪي ھئي ۽ ٻئي ھٿ ۾ جست جو وڏو وٽو ھو، ھوءَ ڪافي دير کان اختر کي شوخ نظرن سان گهوري ۽ مرڪي رھي هئي. اختر ريشمان جو اھو نئون روپ ڏسي ٿورو حيران ۽ ٿورو خوش ٿيو، ھن به ريشمان ڏانهن مرڪي نهاريو. ريشمان جي نيڻن ۾ نه ڄاڻ ڪهڙو جادو ھو، فقير ۽ ريشمان سڄو ڏينهن شهر ۾ رڇ پنائيندا رھيا، ۽ اختر به سڄو ڏينهن ھنن پويان ھلندو رھيو، ھن کي ايئن ڀاسي رھيو ھو، ڄڻ ھو به رڇ وانگر ريشمان جي مرڪن جي ريشمي ڏور سان ٻڌل ھجي، ھن جو پاڻ تي ڪو به وس نه پي ھليو، ھن جي وجود ھن جي ھر ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ريشمان سڄو ڏينهن ھن جي مرڪن سان حوصله افزائي ڪندي رھي. ھو ھنن جي پويان ھلندو رھيو، ھو ريلوي ڪالوني مان پنندا، ريل جون پٽريون ڏئي، ريلوي ڪالوني ڪراس ڪري ريلوي اسپورٽس گرائونڊ ۾ پنهنجن خيمن وٽ پهتا، ته شام ٿي چڪي ھئي، ريشمان رڇ کي لوهه جي ڪلي سان ٻڌي ڇڏيو ۽ اخترکي مرڪي واپس وڃڻ جو اشارو ڪيو.
اختر جي زندگيءَ جو معمول مٽجي چڪو ھو، ھاڻ اختر صبح جو تيار ٿي گهران نڪرندو ھو، ته ھن جي سائيڪل جو رخ ڪاليج بدران فقيرن جي خيمن ڏانهن ھوندو ھو. ھن جي سائيڪل پاڻهين او ڏانهن کڻي منهن ڪندي ھئي، ھن جو ھٿ جنهن مهل سائيڪل جي گهنٽيءَ کي ڇُهندو ھو، ته گهنٽيءَ جي سُرن مان خوشيءَ جا نغما ڦٽي نڪرندا ھئا، ھن کي ايئن ڀاسندو ھو ڄڻ ھن جي سائيڪل زمين کان مٿي ھوا ۾ اڏامي رھي ھجي. ھن جو رستو خيمن جي وچ مان ٿي گذرندو ھو، فقيرن جا خيما رستي جي ٻنهين ڪنارن سان ايئن ڦهليل ھئا، جيئن ميلي ۾ رستي جي ٻنهين ڪنارن سان بازارون ٺهيل ھونديون آھن، اختر سائيڪل بيهاري سائيڪل جي گهنٽي وڄائي، ته ھوءَ ھڪ خميي مان چنڊ وانگر اڀري پئي، ھن جي ھٿ ۾ منهن ڌوئڻ وارو وٽو ھو، ھوءَ وٽي مان ٻڪ ڀري پاڻيءَ جا ڇنڊا پنهنجي منهن تي ھڻي رھي ھئي، موتي ھن جو مک چمندا، ھوا ۾ نچندا، ھيٺ ڪرندا رھيا، اختر ٻيهر گهنٽي وڄائي ته ھن جا ھٿ ھڪدم بيهي رھيا. ھن اختر ڏانهن خوشيءَ مان مرڪي نهاريو، ريشمان ھڪدم پنهنجي چولي سان پنهنجو مُنهن اگهي ورتو، ھن جي خوبصورت دُن ھن کي اک ڀڃي ورتي. اختر ھن معصوميت تي مرڪي پيو، خيمن م ٻارڙن توڙي ماين جي رش نظر نه پئي آئي، خيمن جي پاسن کان گڏهه ۽ گاڏا ڌار، ڌار ٻڌل ھئا، ڪتا پري ويٺي پڇ لوڏي رھيا ھئا ۽ اڳين ٽنگن سان مُنهن تان مکيون ھٽائي رھيا ھئا، ريشمان اختر کي ھٿ جي اشاري سان سڏ ڪيو، ان ڏينهن خيمي ۾ ھن جي انڌي ناني کان سواءِ ٻيو ڪير به نه ھئو، ھوءَ ھن کي ھڪ خالي خيمي ۾ وٺي آئي.
”بابو، تون مٺائي کائيندين“
ريشمان کي ڳالهائڻ لاءِ ٻيو ڪوجملو نه ملي سگهيو.
”نه مان ڪجهه به نه کائيندس“.
”ڇو ڪونه کائيندين“.
ريشمان پڇيس.
”توکي ڏسڻ سان ئي منهنجو ڍئو ٿي ويو آھي.“
اختر چيو. اختر اڄ ھن سان رڳو دل جا حال احوال پئي اورڻ چاھيا.
”ڍئو ٿي ويو آھي يا اسان جي شين مان ڪرڀ ٿي اچئي“.
ھو ڏاڍي تيز ھئي،
”نه نه اھڙي ڳالهه نه آھي“.
اختر پيار سان چيو.
”اھڙي ڳالهه نه آھي ته کاءُ، نه ته دوستي ختم“.
ھن شوخيءَ مان چيو
”چڱو سائين ڀلا کڻي اچ ته گڏجي کائون“.
ھوءَ سامهون رکيل کاري ھيٺان مٺائيءَ سان ڀريل جست جو وٽو کڻي آئي، ھن وٽي مان مٺائي کڻي ريشمان کي به کارائي ۽ پاڻ به کائڻ لڳو، ھو ٻئي گهڻي دير ھڪٻئي کي نماڻان نيڻ کڻي مرڪي نهاريندا رھيا. لفظ ھنن جي چپن مان پوپٽن وانگر اڏامي ويا ھئا، اکين ئي ٻڌو پئي اکين ئي ڳالهايو پئي ۽ اکين ئي سمجهو پئي. اختر چوڻ لاءِ الاءِ، ڇا ڇا سوچيندو رھيو ھو. پر ھينئر پرين جي سامهون ھن جي زبان کي تالا لڳي ويا ھئا، ھن جي زبان صفا گونگي ٿي ويئي ھئي،
”بابو تون اسان جي پويان ڇو ايندو آھين“
ريشمان کي ھڪ دفعو وري ڳالهين جي گم ٿي ويل ڏور ھٿ اچي ويئي ھئي، اختر ھن کي ڪو به جواب نه ڏيئي سگهيو، پر ھن جي دل چوي پئي چئي ڏيس ته
”پاڻ ئي چريو ڪري وري، پاڻ ئي پئي پُڇين.“
نيٺ هُن جي اندر ڳالهايو. ريشمي تو مونکي الائي ڇا ڪري ڇڏيو آھي، مون کي ھاڻي توکان سواءِ ڪجهه به نه ٿو وڻين، نه ڪاليج نه ڪتاب، نه گهر، نه دوست، مون کي ھاڻي ھر پل، ھر پاسي تون ئي تون ٿي ڏسڻ ۾ اچين.
”نه بابو نه ايئن نه چئو“
اختر ھن جو هٿ پنهنجي ھٿ ۾ پڪڙيو ۽ ھوءَ اختر جي ڇاتيءَ سان لڳي ويئي، محبت جي مٺي آتش ۾ ٻئي وجود ميڻ وانگر رجي هڪ ٿيڻ لڳا، پر ٿوري ئي دير ۾ ھو وري ھوش جي دنيا ۾ موٽي آيا، ريشمي ھن کي ھڪ اڇي رنگ جو رومال تحفي طور ڏنو، رومال جي مٿان ريشمان جي نرم گلابي چپن جهڙو تازو گلاب ڀرت سان اڪريل ھو،
”بابو ھاڻي تون ڀلي وڃ ھاڻي امان وارا اچڻ وارا آھن.“
ھنن ھڪٻئي کان موڪلايو ته ٻنهين جا نيڻ جهڙالا ھئا، ھاڻ ھوءَ رومال جي صورت ۾ ھر وقت ھن سان گڏ ھئي، رومال ۾ ريشمان جي وجود جي سُرھي سرهاڻ سمايل ھئي، اختر ھن جي ساھن جي خوشبو پنهنجي سيني ۾ سمائي ڪاليج ويندو رھيو، محبت جي مٺي آڳ ۾ ھو ٻئي ھوريان هوريان دکندا، ٻرندا ۽ جلندار رھيا. اختر اُن جلڻ ۽ ٻرڻ واري ڪيفيت کي لفظن ۾ بيان نه پئي ڪري سگهيو، ھن سوچيو پئي ته شايد ھن ڪيفيت کي ڪنهن شاعر کان سواءِ دنيا جو ڪو به ماڻهو لفظن جو روپ نه ٿو ڏئي سگهي. هاڻ هُن جي زندگيءَ جا سمورا رستا فقيرن جي خيمن وٽ اچي ختم ٿي ويندا ھئا، ھاڻ اختر جي دل ۽ سائيڪل جي گهنٽي ھم آواز ٿي، خوشيءَ مان محبت جا نغما ڳائيندا رھندا ھئا، ھو ٻه ٽي ڏينهن جي ڪاليج نه ايندي ھئي، ته ھو، خيمن کان ٿورو پرڀرو بيهي سائيڪل جي گهنٽي وڄائڻ تي مجبور ٿي پوندو ھو، ۽ ھو جتي به ھوندي ھئي، اتان نڪري نروار ٿي پوندي ھئي، ھاڻ اختر کي ايئن ڀاسڻ لڳو، ڄڻ ڪنهن ھن جو روح قيد ڪري خيمي ۾ بند ڪري ڇڏيو ھجي. ھو ھر وقت پاڻ کي خيمي ڏانهن ڇڪجندو محسوس ڪندو ھو، ھاڻ ھوءَ به پينون کپائڻ گهٽ، پر اختر کي ڏسڻ لاءِ وڌيڪ ايندي ھئي.
۽ ان ڏينهن جڏھن ھوءَ ڪاليج آئي ته نه رڳو ھن جون اکيون پر ھن جون پينون به اداس ھيون، ھوءَ پينون وڪڻي جيئن ئي ڪلاس روم مان ٻاھر نڪتي ته اختر به ڇڪجي ھن جي پٺيان ٻاھر آيو. اختر ھن کي پيار مان نهاريو،
”بابو اڄ شام جو اسان جي خيمي ۾ ضرور اچجان“،
ايئن چئي ھوءَ وڃڻ لڳي، اختر ھن کي سڏ ڪري روڪيو ته ريشمان جي اکين ۾ جُهڙالي شام جهڙي اداسي، ڇلڪي رھي ھئي،
”ريشمي، ٿورو ترس، مون کي به توسان ھڪ ڳالهه ڪرڻي آھي،“
”نا، بابو نا، ھينئر نا، شام جو مان تنهنجو انتظار ڪنديس.“
ايئن چئي، ھوءَ تڪڙيون وکون کڻندي ڪاليج مان نڪري ويئي ھئي، ھن جو چيل جملو، ڪا مهل تائين اختر جي سماعتن سان پڙاڏو بڻجي ٽڪرائجندو رھيو،
”بابو اڄ شام جو اسان جي خيمي ۾ ضرور اچجان.“
ھن جو چيل جملو، اختر جي دل جي اٿاھه گهراين ۾ لهندو ويو، ھو اڃان سوچن جي ڪُن مان ٻاھر نه نڪتو ھو، جو ڪاليج جو ٽائيم به اچي پورو ٿيو، اوچتو ائين محسوس ٿيو ڄڻ سج لهي ويو ھجي، ڄڻ رات اوچتو پنهنجي ڪاري چادر ڏينهن جي مٿان وجهي ڇڏي ھجي، ھن دريءَ مان ٻاھر نهاريو ته آسمان تي گهاٽا سُرمئي ڪڪر ڪاھيندا پئي آيا سارو آڪاس ڪڪرن سان ڍڪجي ويو ھو، برسات جي ٿڌي ھوا سڄي ڪلاس کي مٽيءَ جي مهڪار سان مهڪائي ڇڏيو ھو، ھوا ڪافي تيز ۽ ٿڌي ھئي، اختر پهريان خيمن ۾ وڃي ريشمان سان ملڻ پئي چاھيو ۽ پوءِ گهر وڃڻ. پر اڃا شام ٿيڻ ۾ ڪافي دير ھئي، مينهن جي ڪري ھو پهريان گهر آيو، وڏ ڦڙي سان مينهن شروع ٿي چڪو ھو، ڪيترن ڪلاڪن تائين تيز طوفان ۽ وڏي گجگوڙ سان بارش ھلندي رھي، سج لهڻ ۾ اڃا ڪجهه دير ھئي، جو مينهن ڪجهه ساھي ڏني ته ھو سائيڪل ڪڍي خيمن ڏانهن روانو ٿيو، ھن کي ائين محسوس ٿي رھيو ھو، ڄڻ اڄ ھن کي پنهنجي منزل ملڻ واري ھئي،
”بابو اڄ شام جو اسان جي خيمن ۾ ضرور اچجان“.
ھن جي ڪنن ۾ ريشمان جا لفظ مٺو، مٺو سرٻاٽ ڪندا رھيا، سامهون اتر جي تيز ھوا ھن جو رستو روڪي رھي ھئي. اختر کي اڄ رستو، معمول کان ڊگهو ٿيندو پئي محسوس ٿيو، سائيڪل کي گرائونڊ تي اچي بيهاريائين، هن سائيڪل جي گهنٽي وڄائي ته سائيڪل جي گهنٽيءَ مان سڏڪا نڪري پيا، چئو طرف پاڻي ئي پاڻي ھو، ۽ ڪِن ڪِن مٿاهين جاين تي ڪِلن کوڙڻ جا نشان نظر اچي رھيا ھئا، مينهن جي پاڻيءَ مٿان پلال ۽ بال پينن جا خالي کوکا پُسيل حالت ۾ تري رھيا ھئا، ھوٽل جي سامهون واري شيشي تي مينهن جو پاڻي لڙڪن وانگر ليڪا ٺاھي رھيو ھو، ھن کيسي مان اڇي رنگ جو رومال ڪڍيو، جنهن تي ڳاڙهي رنگ جو گلاب اڪريل ھو، ھن عينڪ لاھي عينڪ جا شيشا به صاف ڪيا ۽ پنهنجا نيڻ به.