ڪھاڻيون

ٽيون نسل

امداد جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”ٽيون نسل“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن مجموعي ۾ امداد رند جون 19 ڪهاڻيون شامل آهن. امداد رند جي ڪهاڻين ۾ رومانوي خوشبوءِ سان گڏ مزاحمتي رنگ ۽ تخليقي علامت نگاريءَ جو انداز به پنهنجي هڪ الڳ سُڃاڻپ رکي ٿو. اهڙا اهم مُحرڪ، جيڪي اڄوڪي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اڻلڀ پيا ٿيندا وڃن، امداد رند اُنهن سمورن رنگن کي پنهنجين ڪهاڻين ۾ سهيڙي زنده رکيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2263
  • 698
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امداد رند
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ٽيون نسل

مهاڳ : ڌيان ڇڪائيندڙ ڪهاڻيڪار

ڳالهه ٻڌائڻ يا ڪهاڻي بيان ڪرڻ انساني فطرت آهي. ڳالهه، آکاڻي يا لوڪ ڪهاڻي صدين کان سنڌي سماج ۾ رائج آهي. يورپ ۽ آمريڪا کان آيل مختصر ڪهاڻي به ڳالهه يا آکاڻي جي سُ ڌريل شڪل آهي. ترجمن کان پوءِ اصلوڪي سنڌي مختصر ڪهاڻيءَ جو سفر جيڪو 1914ع کان شروع ٿيو هو، (حُر مکي جا: لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي) تنهن کي 2014ع ۾ سئو سال پورا ٿيا. موجوده دور جي نئين نسل جا سنڌي ڪهاڻيڪار ان سفر کي زور شور سان جاري رکندا پيا اچن. ان نئين نسل ۾ امداد رند به شامل آهي.
موجوده دور ۾ سنڌي ڪهاڻيڪارن جو تعداد گذريل سمورن دورن کان گهڻو وڌيڪ آهي. هڪ اندازي موجب هن وقت ٻه سئو کن ڪهاڻيڪار آهن. ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪنهن ڪهاڻيڪار جو مٿي اڀري اچڻ ۽ پاڻ مڃائڻ ڪو ايترو سولو ڪونهي. امداد رند جي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هن جي ڪهاڻين نه رڳو پڙهندڙن، پر سنڌي ادب جي حلقن جو ڌيان پڻ ڇڪايو آهي.
امداد رند 1992ع ۾ هڪ شاعر جي حيثيت سان لکڻ جي شروعات ڪئي. پر پوءِ هن کي پنهنجي اظهار جي لاءِ شاعريءَ کان وڌيڪ نثر ڀانءِ پيو ۽ هن 1996ع کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. ڏهن سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ هن جي جيڪا پهرين ڪهاڻي نوابشاهه مان نڪرندڙ اجرڪ مئگزين ۾ شايع ٿي سا هئي ”خالي بيڊ“، ان کان پوءِ امداد رند جون ڪهاڻيون سنڌيءَ جي اهم رسالن ۾ لڳاتار شايع ٿينديون رهيون آهن. هو هيستائين 35 کن ڪهاڻيون لکي چڪو آهي. ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان کيس فقير محمد لاشاري ايوارڊ پڻ مليو آهي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”ٽيون نسل“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن مجموعي ۾ امداد رند جون 19 ڪهاڻيون شامل آهن.
امداد رند جي پهرين ڇپيل ڪهاڻي ”خالي بيڊ“ پڙهي ائين نٿو لڳي ته اها ڪنهن نئين يا سيکڙاٽ ڪهاڻيڪار جي لکيل اوائلي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار نگاري ۽ بيانيه جون خوبيون موجود آهن، هن مجموعي ۾ جتي امداد رند جون سٺيون ڪهاڻيون شامل آهن، اتي البت ڪجهه ڪهاڻيون اهڙيون به آهن جيڪي معيار جي لحاظ کان ڪچيون ڦڪيون لڳن ٿيون. ٿي سگهي ٿو اهي ڪهاڻيون امداد رند جي شروعاتي دور جون لکيل هجن.
”اڌ ۾ رهجي ويل چمي“ سوچ جي سلسلن جي هڪ سٺي ڪهاڻي آهي، پر ان جي هڪ وڏي خامي اها آهي ته پڙهندڙ جيئن ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪري ٿو، هن کي ڪلائميڪس جي خبر پئجي وڃي ٿي ته پڇاڙي ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي. ڪهاڻيءَ جو عنوان ”اڌ ۾ رهجي ويل چمي“ پنهنجي جاءِ تي خوبصورت آهي، پر اهو خود ڪهاڻيءَ جي انت ڏانهن اشارو ڪري ڇڏي ٿو. عنوان جي آڌار تي لکيل ڪهاڻيءَ جو ٻيو ڪو انت ٿي به نٿو سگهي. ان هوندي به ڪهاڻي پنهنجي جاءِ تي اثرائتي آهي.
هن مجموعي جي نالي واري ڪهاڻي”ٽيون نسل“ پڙهندي اهو اندازو لڳائن مشڪل آهي ته ان جو ڪلائميڪس ڪٿي دنگ ڪندو. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي پڙهندڙن جي توقع جي ابتڙ، ڀرپور ۽ فطري آهي. منهنجي خيال ۾ ”ٽيون نسل“ سنڌي ادب جي اهم ڪهاڻين ۾ ليکي سگهجي ٿي. جيتوڻيڪ پُٽ کي پيءُ جي ڪِرت تي شرمندگي واري موضوع تي اڳ ۾ به ڪجهه سٺيون ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، پر امداد رند جي ڪهاڻي انهن کان الڳ پنهنجي هڪ خاص انفراديت رکي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو جنريشن گئپ ڏيکاريو ويو آهي ان جا اصل ڪارڻ سماجي ۽ معاشي مسئلا آهن. سادگي ۽ زميني حقيقتن جي بنياد تي بيٺل سنڌي سماج ۾ هاڻي ڪوڙي ڏيکاءُ ۽ شوبازي کي وڌيڪ اهميت حاصل ٿي وئي آهي. پراڻي خانداني ڪِرت ۽ ڌنڌي کي عزت ۽ بيعزتيءَ جو پيمانو بنائي رد ڪيو پيو وڃي. احساس ڪمتري وچان انهن ڌنڌن سان لاڳاپيل ذاتين کي لڪائي ۽ بدلائي مانائتي سمجهي ويندڙ ذات اختيار ڪرڻ جون مصنوعي ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون. سماج جي ان سڄي لقاءُ کي امداد رند هن ڪهاڻيءَ ۾ پختي فنڪارانه انداز ۾ چٽيو آهي.
”ڇپيل ڀونڊو“ ڪهاڻيءَ ۾ پڻ شرمندگي ۽ بيعزتي جي احساسن کي بيان ڪيو ويو آهي، پر ان جو موضوع توڙي پسمنظر بلڪل الڳ آهي. ان ڪهاڻيءَ جي فطري وهڪري کي ”جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي“ وارو مثال ڌڪ رسائي ٿو. فقير واري ڳالهه زوريءَ آندل لڳي ٿي.
”ڳاڙهيون اکيون“ سنڌ جي سياسي غلامي بابت هڪ منفرد علامتي ڪھاڻي آهي. ڌرتيءَ کي شڪار گاهه بنائيندڙ قابض شڪارين تر جي اصلوڪن ماڻھن کي زير ڪري ڪتن جھڙو بنائي ڇڏيو آهي. اهي ان حد تائين بيغيرت ۽ پنھنجن جا ويري ٿي ويا آهن جو شڪاري جي اشاري تي هنن پنھنجن ئي معصومن ۽ گگدامن جا نسل تباهه ۽ ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آهن. امداد ان سڄي صوتحال کي علامتن ۽ استعارن وسيلي بيان ڪندي ٻڌايو آهي ته وڏيرا، رئيس، ڀوتار ۽ پير پنھنجن جا ته ويري آهن، پر ڌارين شڪارين جي لانگ بوٽن کي صاف ڪندي خوشامد وچان پڇ لوڏيندي، پيرن ۾ ليٿڙيون پائڻ تي فخر محسوس ڪن ٿا.
پاڻي سنڌ جي لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. امداد رند ان کي واٽر وار جو نالو ڏنو آهي. هيءَ ڪھاڻي سنڌ ۾ 2010ع ۾ آيل مھا ٻوڏ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ وطن دوست ڪردار آهن، جيڪي ماڻھن کي ٻڌائين ٿا ته ”هيءَ ٻوڏ نه آهي، آبي جنگ آهي جيڪا دشمن اسان تي اوچتو زوريءَ مڙهي آهي، جڏهن دشمن توبن ۽ ٽينڪن سان سنڌ فتح نه ڪري سگهيو، ته هاڻي پاڻيءَ کي هٿيار بنايو آهي.“ ان مھا ٻوڏ ۾ سنڌو درياءُ جي ٽوڙي بند کي ڪٽ هڻي ذري گھٽ سڄي سنڌ کي ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. هونءَ عام حالتن ۾ سنڌو درياءُ مان پاڻي زوريءَ کڻي سنڌ جي زمينن کي غيرآباد ۽ ويران بنايو ويندو آهي. پر جڏهن مٿين علائقن ۾ برفباري ۽ زوردار برساتن کان پوءِ درياءُ ۾ ٻوڏ اچي ويندي آهي، ته ان کي سنڌ ڏانھن موڪلي، بندن ۾ ڪٽ ڏئي گهارا هڻي، غريب مسڪين سنڌين جي ڳوٺن ۽ ٻنين ٻارن کي ٻوڙي، لکين ماڻهن کي بي گهر بنائي دربدر ڪيو ويندو آهي.
”پيرو“ پيري ڪتن بابت هڪ طنزيه ڪھاڻي آهي، ”مانيءَ جو ڀور“ درد وندي ديس جي بک ۽ بيحاليءَ جي دل ڌوڏيندڙ ڪھاڻي آهي. پنھنجو پاڻ کان وڃائجي ويل جھوني کي جڏهن وسري ويل ڳالھيون ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته هو چئي ٿو، ”ابا اسان ته سڀ ڪجھه وڃائي چڪا آهيون. ديس، درياءُ، ٻنيون، ٻولي، ڇاڇا ياد ڪريان بابل.“
”شوڪي“، ”خرچي“، ”گم ٿي ويل شام جي ڳولا“، ”ٽمندڙ نيڻ“ ۽ ٻين ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جي مختلف پھلوئن سان لاڳاپيل موضوعن کي چٽيو ويو آهي. امداد رند جي ڪھاڻين ۾ مون کي جيڪا خاص خوبي نظر آئي، سا اها آهي ته هو ڪٿي به اجائي ڊيگھه نٿو ڪري ۽ نه لفاظي کان ڪم وٺي ٿو. هن جي بيانيه ۾ توريل تڪيل لفظ ۽ جملا هوندا آهن. جيتري قدر سندس ڪھاڻين ۾ فن ۽ فڪر جو تعلق آهي، ته ان ۾ وقت گذرڻ سان گڏ اڃا وڌيڪ سوڀيا ۽ گھرائي پيدا ٿيندي ويندي، سندس هن مجموعي ۾ شامل ڪھاڻيون ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿيون.

شوڪت حسين شورو